يارهون خط ــ ساگر مشتاق، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
١٠ مئي ٢٠٢٠ع
ساگر،
سونهن ۽ ڪوتا نگر جا راڻا
اميد ته تنهنجي چهري تي
مُرڪ جو محل
جرڪي رهيو هوندو
۽ خوشيءَ جو گرهه
تنهنجي چوڦير ڦيرا پائي رهيو هوندو.
ساگر،
مون توکي ٻڌايو هو ته تو ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي، فيئر ڪري تُرت موڪلي ڇڏيندم خط موڪلڻ ۾ دير جو سبب خبر اٿئي، ته ڪهڙو آهي۔؟ جي تو ۾ ٻُڌڻ جِي سگهه آهي ته مان توکي ٻڌايان۔؟ جي توکي به نه ٻڌايان ته پوءِ ڀلا ڪنهن کي ٻڌائيندس؟ اوه.....يار! ڏس مون کان ئي سوال ٿا لکجندا وڃن، مان خط ۾ اهي سڀ تصويرون تو اڳيان ڳوڙهن سان ڌوئي اکين جِي رول مان ڪڍي رکڻ ٿو چاهيان، جيڪي مون ڪورونا وائرس کان پوءِ لاڪ ڊائون دوران هتان (ميهڙ) جون ڇڪيون آهن.
شايد اڄ لاڪ ڊائون کي پنجيتاليهون ڏينهن آهي ۽ مان ميهڙ شهر ۾ ئي آهيان. گهر ۾ ئي ڏينهن رات گهاري رهيو آهيان ۽ لکندي، پڙهندي پاڻ کي جيئاري رهيو آهيان. لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران شاعري ۽ خطَ لکندي لکندي مون سان لفظن خوب نڀايو آهي ۽ مون به انهن کي اکين جي ماڻڪين ۾ موتيءَ جيان پوئي ڇڏيو آهي.
ساگر،
اڄ ڇنڇر جو ڏينهن آهي. سج لٿي جي ازان اچي رهي آهي ۽ امان روزو کولي رهي آهي. مان ماني جا ٻه گرهه کائي گهر کان نڪري گهٽي کان ٿيندو سڌو روڊ تي چڙهان ٿو ۽ آهستي آهستي شهر طرف وڃان ٿو. مون کي ايئن لڳي رهيو آهي ته مان ڪنهن اُجڙيل ديار مان گذري رهيو آهيان نه ڪو ماڻهو آهي ۽ نه ئي وري ڪا چُرپُر مان وک وک کڻندو انهن دڪانن تي نظرون اڇلي رهيو آهيان جن تي رش لڳي پئي هوندي هئي ۽ ماڻهو کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪندا هئا. مان جڏهن گهنٽا گهر تي پهچان ٿو ته مون کي ايئن لڳي رهيو آهي ته مان بلئڪ هول ۾ پهتو آهيان نه ڪنهن ٿنڀي تي بلب ٻري رهيو آهي ۽ نه ئي وري ڪو دڪان کليل آهي ۽ نه ئي وري ڪو ماڻهو آهي.
هيءُ اهو ئي گهنٽا گهر چونڪ آهي، جنهن جي بلڪل سامهون شهيد سميع الله ڪلهوڙي جو گهر آهي. هي اهو ئي گهنٽا گهر چونڪ آهي، جتي جواهر لعل نهرو کان ويندي سائين جي ايم سيد عوامي جلسن کي خطاب ڪيو هو نه ڄاڻ ته ڪيترن ئي ٻين سياستدانن هن گهنٽا گهر چونڪ تي سياسي ڪارڪنن جي سينن ۾ جوش ۽ جذبي جو سمنڊ ڇلڪائي ڇڏيو آهي. هتي ئي ٻه بازارون آهن، هڪڙي اناج بازار ۽ ٻِي سبزي بازار جيڪي ڪنهن وقت ڪاٺ جي خوبصورت ڍڪن سان سينگاريل ۽ اُس کان محفوظ ۽ ٿڌيري نِم جِي ڇانوَ ڏيندڙ هيون ۽ هاڻي انهيءَ جي اجڙڻ تي اناج بازار ۾ ڪرياني جي دڪان تي دوست اي ڊي ڀٽو هر ايندڙ ويندڙ گِراهڪُ سان بازار جي خوبصورتي کي بيان ڪندي اُداس ٿي وڃي ٿو. اڄ گهٽنا گهر چونڪ تي لاڪ ڊائون جي ڪري ڪاريءَ وارا ڪک آهن ۽ مون کي اڄ منهنجو هي گهنٽا گهر چونڪ شامِ غريبان جي پينٽگ جهڙوڪ لڳي رهيو آهي.
ساگر،
گهنٽا گهر چونڪ تي ٻه هوٽل آهن. هڪ سنڌو ۽ ٻيو العباس نالي انهن هوٽلن مان پهريان سنڌو پوءِ العباس هوٽل تي هتان جا سياسي، سماجي ۽ ادبي دوستَ چانهه جي ڪوپ تي ڪچهريون ڪندا هئا، سياسي بحث مباحثا ۽ ادبي پروگرام ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. هوٽل جي ننڍڙي حال ۾ مون نشتر ناٿن شاهي جي صدارت ۾ پهريون ڀيرو مشاعرو پڙهيو هو ۽ هن ئي هوٽل تي سنڌ جي ڪيترن ئي قومي اڳواڻن، اديبن ۽ شاعرن کي پهريون ڀيرو ڏٺو ۽ ٻڌو آهي. هيءُ اهو ئي هوٽل آهي، جنهن جي ڪرسين تي ويهي چانهه جي اڌ ڪوپ تي ڪيتريون ئي ياد گار ڪچهريون ۽ مشاعرن جون محفلون دوستن سان ڪيون آهن. اڄ اهو هوٽل لاڪ ڊائون دوران مون کي ويرانيءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، جتي موت جهڙي ماٺ رهي پئي آهي.
مان ڀريل اکين سان ڳورا قدم کڻندو واپس وران ٿو.
شهر جي اهڙي حالت ڏسي مون تي غم جي ڪاري چادر ويڙهجي وڃي ٿي ۽ منهنجي چپن جون تاڪيون ٽوڙي ڪري شهرِ آشوب جُون سٽون پڙاڏا بڻجي سڄي سرشٽيءَ ۾ پکڙجي وڃن ٿيون.
ڪنهن ڪنوار جي جسم تي جيڪڏهن ڳاڙهي شراري جي جڳهه تي ڪارو وڳو پهرائجي ته ڪيڏو نه ڪرب ڀريو منظر هوندو جنهن کي مُرڪ جي موت جِي تشيبهه ڏئي سگهجي ٿي ۽ مون کي اڄ ميهڙ شهر مُرڪ جو موت لڳي رهيو آهي.
ساگر،
شهر کان گهر موٽڻ لاءِ مون ڪڪول واهه جو رستو ورتو آهي. هي اهو ڪڪول واهه آهي، جيڪو شايد انگريزن جي دؤر کان وچ شهر مان وهي رهيو آهي، مون هينئر تائين ڪڪول واهه کي ڪڏهن به چوٽ وهندي ڪونهي ڏٺو! سنڌو درياهه ۾ ئي پاڻي ڪونهي ته ڪڪول واهه ۾ ڪٿان ايندو۔!؟ هي ڪڪول واهه شهر جي وچان نڪتل سڌي سينڌ جيان آهي ۽ اها وچين سينڌ جيڪا هڪ عورت جي هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هي ڪڪول واهه مون کي شهر جي ڪلهي تي رکيل اجرڪ جيان به لڳندو آهي. مان ڪڪول واهه جي ڪَڙ وٺي ريشم ڳليءَ ڏانهن رخ رکان ٿو. رات جا ست لڳي ويهه منٽ ٿيا آهن ۽ مان ريشم ڳليءَ مان هلي رهيو آهيان.
هيءَ اها گهٽي آهي، جيڪا لاڪ ڊائون جي ڪري اڄ اونداهيءَ غار ۾ تبديلي ٿي چڪي آهي، جڏهن لاڪ ڊائون نه هيو ته هر هڪ دڪان تي عورتن جي اچ وڃ جاري هوندي هئي ۽ هن ڳليءَ ۾ چوڙين جي موسيقي به ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ته خوشبوءِ جا لشڪارا ساهن جون سرحدون کولي ڇڏيندا هيا.
ساگر،
هن ئي ريشم ڳليءَ سان گڏوگڏ سونارڪي بازار آهي، جنهن جي مُهڙ ۾ سيٺ ليلا رام جِي حويلي آهي، چون ٿا ته اها حويلي انتهائي خوبصورت ۽ ميهڙ شهر جي مرڪز واري حصي تي آهي، مون کي هڪ بزرگ دوست ٻڌايو هو ته ان حويلي کي هڪ سرنگهه هوندي هئي، جنهن مان حويليءَ جون عورتون ڪجهه مفاصلي تائين تلائن تي وينديون هيون.
ريشم ڳليءِ جي وچ ۾ ئي سنت ٿانور داس مندر آهي، هن مندر جو مرڪزي دروازو جن هٿن ٺاهيو آهي، اهي هٿ ايڏا ئي مقدس آهن، جيڏا انسان تخليق ڪندڙ..... ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ضروري ڪم سان ڪيڏو به تڪڙو گذر ٿيندو آهي، ته مندر جي مين دروازي تي پهچڻ وقت پيرن کي ونگ لڳي ويندا آهن.
مان جڏهن جڏهن به مندر وٽان مٽيو آهيان ته سيني تائين ٻئي ٻانهون جوڙي امر شهيد ڀڳت ڪنور رام جيان اکيون ٻوٽي نمستي چئي اڳتي وڌي ويندو آهيان.
ساگر،
هيءَ اها گهٽي آهي، جنهن ۾ اڄ به ميهڙ جا اصل رهواسي رهن ٿا. اڄ اهي شيخ آهن، ڪڏهن اهي هندو هوندا هئا پر اڳي ۽ اڄ آهن ساڳيا ئي سيٺيون! مون کي چٽو ياد آهي ته اڄ کان ڏهه سال اڳ هن گهٽيءَ جي ٻنهين پاسن کان مندر واري حصي ۾ نهايت ئي خوبصورت بُت تراشي ٿيل هوندي هئي، جنهن کي ڏسي ان وقت مان اهو سوچيندو هئس ته هڪ انسان ساهه کڻدڙ آهي ته هڪ بي ساهه هيءُ بُت آهن.
اهڙي بُت تراشي ٿيل هوندي هئي جهڙي هن وقت فقيرو ميگهواڙ ڪري رهيو آهي، ريشم ڳليءَ ۾ لڳل اهي اگهاڙا بُت هن وقت ڪٿي پوريل آهن. اها مون کي خبر ناهي پر مون کي اها ضرور خبر آهي ته انهن جو قاتل اسان مسلمانن جو ڪمزور ايمان آهي، جيڪو اڌ اگهاڙا بُت ڏسي بي ايمان ٿي ويندو هو.
ساگر،
مون کي ان ڏينهن اهو ٻڌي حيرت ٿي ته ڏينهن جو شهر ايئن ئي کليل آهي، جيئن عام ڏينهن ۾ کليل هوندو آهي نه لاڪ ڊائون تي عمل آهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪورونا وائرس کان خوف خطرو آهي. اسان جو عام ماڻهو وائرس کان وڌيڪ بُک کي ٿو بڇڙو سمجهي، جنهن جي ڪري هُو زندگيءَ کي زهر ته بڻائي سگهي ٿو پر پيٽ جِي بُک کي هڪ ويلي کان وڌيڪ بُک تي نه ٿو رکي سگهي.
هر انسان بُک اڳيان هٿيار ڦٽا ٿو ڪري ڇڏي.
مان ٻليءَ پير ريشم ڳليءَ مان نڪري روڊ تي پهچان ٿو ته منهنجي نظر انهن دڪانن تي پئي ٿي، جتي اڄ کان اٺ سالَ اڳ ٽڪنڊي بلڊنگ ٺهيل هوندي هئي. ساگر، تو ٽڪنڊي بلڊنگ ڪونه ڏٺي هوندي؟ تون ڪڏهن منهنجي اکين جي اونهائيءَ ۾ ان بلڊنگ کي ڏسي سگهين ٿو، جنهن جي چو ڦير لڳل چبوترن ۾ ۽ هر هڪ دريءَ ۾ گُلابن جي گُل جهڙي ۽ موتيي جي مُرڪ جهڙي مُورت ناسي رنگ جي ڪپڙن ۾ نظر ايندي. جيڪا پکين کي پاڻي ڏيندي، ان چُڳائيندي ۽ گيت ڳائيندي نظر ايندي.
ڇا ته عاليشان ڪاٺ جي بلڊنگ هئي. مان ٽڪنڊي بلڊنگ جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، ته منهنجي اکين جي تارن ۾ ٽڪنڊي بلڊنگ تري رهي آهي. اهڙي شاندار بلڊنگ مون حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به ڪونه ڏٺي آهي. اڄ ڏينهن تائين واڻڪي دؤر جِي.
ساگر،
جيڪڏهن
ٽڪنڊي بلڊنگ جو مان
تو اڳيان نقشو چٽيندس ته
هيءُ خط
تحقيقي مقالي ۾
تبديل ٿي ويندو.
گهر پهچي هٿ منهن ڌوئي چانهه جو ڪوپ پيئندي. رحمت کان آندل گارشيا مارڪيز جو ناول ”وبا جي ڏينهن ۾ محبت“ جا آخري پنا پڙهي رکيو آهي. ساگر، هن ناول بابت توکي مان هڪ الڳ خط لکندس. هڪ ٻه سٽ لکي ڪري گارشيا جي ناول جي توهين نه ٿو ڪرڻ چاهيان. مون کي لاڪ ڊائون دوران هڪ ٻيو به ناول پڙهڻو آهي. جيڪو اڃا تائين هٿ ٿي ناهي سگهيو. البرٽ ڪاميو جو ”دَ پليگ“ هيءُ ناول به وبا تي ئي لکيل آهي. هاڻي مون وٽ نون ڪتابن جو ذخيرو ختم ٿي ويو آهي. ڪلهه هڪ سياسي ڪارڪن اسٽيفن زويگ جو ڪتاب ”فڪر جِي آزادي“ ڏئي ويو آهي، جنهن جو ترجمو ابراهيم جويو ڪيو آهي. اهو ڪتاب اڄ رات پڙهڻ شروع ڪندس.
ساگر،
وبائن جي ڏينهن دوران جيڪو ادب لکجي ٿو يقينن اهو انهن ڏينهن جو تاريخي دستاويز ضرور آهي. مون کي ان کان اڳ جيلن ۾ لکيل ادب ۽ ٽارچر سيلن جون ڊائريون پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق رهيو آهي. منهنجي ڪُتب خاني ۾ سياسي ادب ۽ ٻي نمبر تي فڪشن جي موضوع تي تمام گهڻا ڪتاب آهن ۽ هاڻي مان اهو ادب شوق سان پڙهڻ جي خواهش رکان ٿو. جيڪو وبائن جي ڏينهن دوران لکيو ويو آهي.
چڱو موڪلاڻي ڪونهي،
پنهنجو ۽ گهر وارن جو خيال رکجان
وڌيڪ خط لکي سڄو احوال ڏجان.
محبتن ۾ گڏ
احمد شاڪر