مختلف موضوع

پور وڇوٽ پاڇا

ھي ڪتاب احمد شاڪر پاران لاڪ ڊائون جي دور ۾ سنڌ جي اديبن ڏانھن لکيل خطن جو اھڙو مجموعو آھي جنھن ۾ شاعراڻي نثر جا رنگ سمايل آھن. خطن جي ھن مجموعي کي پڙھي ماڻھو لفظن جي سحر ۾ وڪوڙجي ٿو وڃي. احمد شاڪر لفظن جو جادوگر آھي، ھن وٽ جذبن جي اظھار جي سگهہ شدت سان موجود آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 50
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • احمد شاڪر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پور وڇوٽ پاڇا

اڻويهون خط ــ منور ملاح، ڏانهن

اڻويهون خط ــ منور ملاح، ڏانهن



اشڪا جو گهر ميهڙ
٣٠ مئي ٢٠٢٠ع

منور،
تنهنجي من ۾
هر وقت شاعريءَ جون مڇيون
ڦٿڪنديون هونديون
تنهنجي آڱرين مان
غزلن جا گونچَ
ڦُٽي نڪرندا هوندا
تنهنجي حصي ۾
اهي سڀئي خيال ايندا هوندا
جن خيالن ۾ خوبصورتيءَ جا کيتَ
کلندا هوندا
۽ تون شاعريءَ جِي پناهه ۾
ساهه کڻندو هوندين.

منور،
خطَ لکندي لکندي اهو احساس ٿيو ته ڇو نه هڪ ٻه اهڙا به خط لکجن جيڪي شعري صنفن بابت هجن ۽ انهن تي پنهنجا ويچار ونڊجن. مون انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي تو ڏانهن خط لکي رهيو آهيان، جنهن ۾ مختصر غزلَ بابت گفتگو ڪندس. هي خط پوين خطن کان گهڻو ئي مختلف آهي، جنهن ۾ نه ڪا ڪهاڻي آهي ۽ نه ئي ڪي منظرَ آهن.... ها پر هن خط ۾ غزل تي گفتگو ضرور آهي ۽ غزل تي ڳالهائڻ جهڙوڪ شاعريءَ تي ڳالهائڻو آهي ۽ شاعريءَ تي ڳالهائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ئي ناهي.

سنڌ ۾ غزل ڪڏهن کان لکڻ شروع ٿيو مون کي ان سان ڪابه دلچسپي ناهي. مون کي دلچسپي ان سان آهي ته سنڌ ۾ غزل جي شروعات ٿيڻ کي مان ايئن ٿو سمجهان ته جهڙوڪ شاعريءَ کي زبان ملڻ آهي. هيءَ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جو معراج ۽ شاعر جِي اڏارَ کي ڏسي ڪٿ ڪري سگهجي ٿي ته ها؛ هيءَ ئي شاعري.
غزل شاعريءَ جِي زبان آهي.
غزل ”شاعريءَ جهڙي ڇوڪري“ آهي.
غزل اها گلابي گهٽي آهي، جنهن ۾ شاعري رهي ٿي ۽ غزل اها صنف آهي، جنهن ۾ جانان سان به گفتگو ڪري سگهجي ٿي ته ان سان ڳل ڳراٽي به پائي سگهجي ٿي.

”غزل جنهن جو بنياد گفتگوءِ جانان جي جوهر مان جنم ورتو ۽ حالتن ان ۾ سياسي، سماجي خيالن جي خزانن جو ڇوڙ ڪيو ۽ اڄ غزل اوهان کي گهڻ موضوعاتي ملندو. عرب کان ايران تائين غزل جو سفر جماليات جي جوت سان اڳتي ڏيئن جيان ٻرندو وڌندو ويو ۽ جڏهن دهليءَ ۽ لکنوءَ جي بازارن تائين پهتو ته هن کي اوچي اڏار جا پَرَ لڳي ويا. حقيقت هيءَ آهي ته غزل ڏاڍي نازڪ صنف آهي. اهڙي تهڙي شاعر جي وس جي ڳالهه ئي ناهي جو هو غزل کي شهه ڏي غزل جو سنڌ ۾ سفر مان سمجهان ٿو ته ڪامياب سفر آهي. غزل جي ٻولي ان وقت گرفت ۾ آڻيندي آهي جڏهن ان ۾ احساسن ۽ جذبن جي ڪائنات جو ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. غزل رڳو قافيي ۽ رديف - مطلع ۽ مقطع جي گردان جو نالو نه آهي. غزل ته حسين ۽ جميل گفتگو ۽ جوش جنون جو نالو آهي.“
منور،
غزل عربستان ۾ امراءُ القيس جي آڱرين مان ڦُٽي نڪتو، جنهن جي غزل اهڙي ته گلدستي جِي شڪل اختيار ڪري ورتي، جنهن ۾ جنسي جماليات جا گُل سجايا پيا آهن ۽ انهن جِي خوشبوءِ سوين سالن پڄاڻا اڄ به الڳ ٿلڳ آهي. امراءُ القيس؛ اهڙو شاعر آهي، جنهن جِي شاعريءَ کي پڙهندي جسم جو روم روم چُرپُر ڪرڻ شروع ڪرڻ لڳي ٿو ۽ اها هن؛ جي شعري تخيل جي ڪماليت آهي، جنهن ۾ اڄ به ٿڙڪندڙ جسم ۽ ڌڙڪندڙ دل آهي.

غزل فارس ۾ جڏهن عبدالله جعفر رودڪي جي هٿن تائين پهتو ته ان ۾ جماليات جو ڏيئو ٻرڻ شروع ٿي ويو. عربستان کان فارس تائين غزل جي سفر کي جڏهن ڏسجي ٿو ته ان ۾ تمام وڏو فرق ڏسڻ ۾ ٿو اچي. عربستان ۾ جڏهن غزل لکيو ٿي ويو ته ان ۾ مختصر ئي خيال پيش ٿي ڪيا ويا ۽ آخر ۾ قصيدي تائين پر جڏهن فارس تائين غزل پهتو ته ان ۾ گُلِ بُلبل کان ويندي شراب تائين نوان نوان خيال پيش ٿيڻ لڳا ۽ فارس ۾ غزل جِي ڊگهي ڳچيءَ ۾ جيڪا سونهن سينگار جِي مالها پارائي انهن شاعرن ۾ رودڪي سڀني کان اڳيان بيٺو آهي.

غزل هندستان ۾ مرزا غالب جِي گهٽيءَ ۾ جڏهن پير رکيو ته ان وقت هن جي حصي ۾ ڪيترن ئي موضوعن جي داخلا ٿي چڪي هئي. هندستان ۾ غزل امير خسرو کان مير تقي مير تائين ۽ مير تقي مير کان مرزا غالب تائين ۽ غالب کان پوءِ هڪ تمام وڏي فهرست آهي شاعرن جِي جن غزل کي نوان زاويا ڏنا پر مون کي جيڪو هندستان ۾ غزل وڻيو اهو غالب جو آهي. سندس غزل ۾ جيڪو انساني زندگيءَ جو بيانيو آهي، اهو ڪمال جو آهي. توهان هن جو غزل پڙهندي ۽ معمول مطابق ئي ويٺا رهيا ته پوءِ اوهان پنهنجي احساسن تي شڪ ڪيو. هو؛ اهڙو شاعر ضرور آهي جيڪو ”چري کي سياڻو ۽ سياڻي کي چريو“ ڪري سگهي ٿو.
غالب؛ سڀ تي غالب آهي.

غزل سنڌ ۾ پهچندي پهچندي تمام گهڻو مختلف ٿو ٿي وڃي. جيڪا هن جي بنيادي وصف آهي، عورتن سان گفتگو ڪرڻ اها گهڻو مٽجي سياسي، سماجي پاسن ۾ ورهائجي ٿي وڃي. هتي غزل جي نديءَ ۾ سياسي، سماجي ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن جِي داخلا ڀرپور رهي. سنڌ ۾ اڄ به جيڪو غزل لکيو ٿو وڃي. ان کي پڙهي ڏسو ته ان ۾ اوهان کي غزل جي اصل صورت مشڪل سان ملندي. اسان وٽ ته غزل جي گهاڙيٽي ۾ ڪافيون ۽ نظم به لکيا ويا آهن. غزل جو گهاڙيٽو ٻين سڀني شعري صنفن کان بظاهر ته سادو لڳندو آهي پر جڏهن ان ۾ خيالن کي پروئبو آهي ته ان وقت سڀئي صلاحتيون خرچ ڪرڻيون پونديون آهن.

غزل جِي اوسر 661ع کان پئي ٻڌائي وڃي پر سنڌي غزل جِي اوسر ڪهڙي سن ۾ شروع ٿي آهي، اها مون کي به خبر ڪونهي. منهنجي آڏو ڪڏهن ڊاڪٽر اياز قادري جِي پي ايڇ ڊي ٿيسز ”سنڌي غزل جِي اوسر“ ڪونهي گذري ۽ نه ئي وري مون کي اها خبر آهي ته سنڌي غزل جِي اوسر کي جديد سنڌي غزل تائين پهچندي پهچندي ڪيتريون مشڪلاتون ۽ مرحلا طئي ڪرڻا پيا آهن، پر مون کي اها ضرور خبر آهي ته سنڌي غزل مير عبدالحسين سانگي کان ٿيندو نارائڻ شيام ۽ وفا ناٿن شاهي کان ٿيندو اياز گل تائين جڏهن پهچي ٿو ته اهو پر ڪڍي ٿو ۽ اُڀ ڏانهن اوچي اڏام ڪري ٿو.

منور،
شيخ اياز ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته ”اهو ئي سبب آهي ته گل کانسواءِ سانگيءَ ۽ گدا کان ابراهيم خليل ۽ رشيد احمد لاشاريءَ تائين سنڌ جا غزل گو شاعر چار شعر به چڱا چئي نه سگهيا آهن.“ اها اياز جِي راءِ آهي پر مان ان راءِ کان هٽي ڪري اهو چوڻ پسند ڪندس ته اِهي ئي اُهي شاعرَ هئا جن سنڌي غزل جِي اوسر ۾ کڄندڙ پناهه جِي ڀت جِي پاڙ ۾ پاڻ ارپيو ۽ جديد سنڌي غزل جِي پناهه جي ڀت ۾ انهن سميت ڪيترائي ان دؤر جا شاعر سِرن جي صورت ۾ سٿجي انهي ڀت کي اوچو ۽ مضبوط بڻايو.

غزل ۾ پهريون ڀيرو تخلص فارس جي شاعرن استعمال ڪيو ۽ مان سمجهان ٿو ته غزل ئي اهڙي شعري صنف آهي، جنهن تي هر شاعر شروعاتي وکون کڻي ٿو ۽ پنهنجو اڳتي سفر ڪري ٿو. مان ته اهو به سمجهان ٿو ته ڪنهن به ڪامياب شاعر جِي سڃاڻپ به ان جي غزل مان ئي ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته غزل اهڙي شعري صنف ضرور آهي، جنهن ۾ شعري لوازمات کان ويندي موسيقيت ۽ خيالن کي پوئڻ تائين اهي سڀئي طور طريقا جڏهن گڏجن ٿا ته هڪ غزل جُڙي ٿو ۽ اهڙو غزل جيڪو جوڙي ٿو. اهو ئي شاندار شاعر آهي.

منور،
اڙدو غزل جي عمر ست سئو سال چئي ٿي وڃي ۽ اڙدو جو پهريون غزل امير خسرو؛ جو ٻڌايو ٿو وڃي، جنهن ۾ فارسي ۽ سنسڪريت ٻولين کي گڏائي ڪري غزل لکيو آهي. امير خسرو؛ جو اهو غزل جڏهن ترجمي جِي صورت ۾ پڙهجي ٿو ته ڪيتريون ئي ڪائناتون کُلندي نظر ٿيون اچن، جن ۾ پيڙاءُ، جدائي، تڪليف ۽ نه ڄاڻ ته ڇا ڇا بيان ڪيو آهي. يار؛ جِي ڏوريءَ بعد جنهن تڪليف جو جنم ٿيو آهي، ان کي اظهاريو / ڏيکاريو ويو آهي. منور؛ مان اهو غزل توکي هتي مڪمل پڙهايان ها پر طوالت کان بچندي مان توکي ان غزل جو مطلع ۽ ان جو ترجمو پڙهائي رهيو آهيان.

زحالِ مسکیں مکن تغافل دُرائے نیناں بنائے بتیاں،
کہ تابِ ہجراں ندارم اے جان نہ لے ہو کاہے لگائے چھتیاں.
ترجمہ:
اس غریب کے حال سے تغافل نہ برت، آنکھیں پھیر کر، باتیں بنا کر،
اب جدائی کی تاب نہیں مری جان، مجھے اپنے سینے سے کیوں نہیں لگا لیتے.

”جديد سنڌي غزل جنهن مقام تي هينئر بيٺو آهي ۽ اهو جڏهن پڙهجي ٿو ته اها راءِ جڙي ٿي ته اڄوڪو غزل نه رڳو سنڌي موسيقيءَ کي زنده رکڻ جيتري سگهه رکي ٿو پر اهو سنڌي شاعريءَ جي معيار ۽ فني اهميت کي به اجاگر ڪري ٿو. جتي هر ٻيو شاعر فنَ کان ڏور بيٺو آهي. اتي ڪجهه اهڙا نوجوان شاعر به آهن. جيڪي غزل جا گلدستا ٺاهي سنڌي شاعريءَ جي شهرَ ۾ خوشبو ڦهلائي رهيا آهن. جن جديد سنڌي غزل جي پهراڻ تي غزلَ ستارن جي صورت ۾ ٽاڪيا آهن.“

منور، موڪلاڻي ڪونهي.
پاڻ گڏ آهيون. جلد لاڪ ڊائون جا ڏينهن هڪ ڏينهن غفائن ۾ گم ٿي فنا ٿي ويندا ۽ زندگي معمول مطابق چُرپُر ڪندي ۽ هر چهري تي مُرڪ جهولندي جهومندي رهندي ۽ پوءِ پاڻ لاڙ جِي ٿڌي شام ۾ ملنداسين. اوستائين تون شاعريءَ جي شهر مان نه نڪرجان ۽ غزلن جا گلدستا ٺاهيندو رهجان.

محبتن جو متلاشي
احمد شاڪر