مختلف موضوع

پور وڇوٽ پاڇا

ھي ڪتاب احمد شاڪر پاران لاڪ ڊائون جي دور ۾ سنڌ جي اديبن ڏانھن لکيل خطن جو اھڙو مجموعو آھي جنھن ۾ شاعراڻي نثر جا رنگ سمايل آھن. خطن جي ھن مجموعي کي پڙھي ماڻھو لفظن جي سحر ۾ وڪوڙجي ٿو وڃي. احمد شاڪر لفظن جو جادوگر آھي، ھن وٽ جذبن جي اظھار جي سگهہ شدت سان موجود آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 56
  • 38
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • احمد شاڪر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پور وڇوٽ پاڇا

ويهون خط ــ جاويد جبار، ڏانهن

ويهون خط ــ جاويد جبار، ڏانهن



اشڪا جو گهر ميهڙ
١ جُون ٢٠٢٠ع

جاويد،
اميد ته خوش هوندين
ٽنڊو الهيار جي منَ ۾
مُکڙيءَ جيئن ٽڙندو هوندين
نظمن جِي نديءَ ۾
ناٶ لاهيندي سِڪَ سان سڙهه
ڇڪيندو هوندين
ڏات جِي ديوي
تنهنجي گهر جي جاري ۾
ڏيئو بڻجي ٻرندي هوندي
۽ تنهنجي آڱرين مان شاعريءَ جو
جنم ٿيندو هوندو.

جاويد،
لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ لکيل خطَ بظاهر ته مون کان لکجي ويا آهن ۽ پڙهندڙن وٽ قبول به پيا آهن پر سچ اهو آهي ته انهن خطن جي لکڻ پٺيان جيڪو مون درد جو درياهه پار ڪيو آهي، اها مون کي خبر آهي ۽ ان درياهه ۾ مان ڪيترا ئي ڀيرا ٻُڏيو ۽ تريو آهي. ڪٿي ڪٿي ته غوطا به کاڌا اٿم ۽ ساهه اچي سوڙهو به ٿيو هو، پر مون پڪو پهه ڪيو هو ته مان لکندس ۽ ضرور لکندس.

ڪنهن پل ”شاعريءَ جهڙي ڇوڪري“ منهنجي اڳيان رقص ڪري رهي آهي ته ڪنهن پل نثر جِي ندي منهنجي اکين اڳيان ڊيل جيان ٽلهي رهي آهي ۽ مان ڪنهن پل رقص مان ڇڻندڙ نظمَ جهٽي رهيو آهيان ته ڪنهن پل ڊيل جي لوڏ مان نثر جي موڪَ ڇڪي ٿو وٺان.

پيارا؛ تو ڏانهن خط لکڻ جهڙوڪ پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻي آهي ۽ پنهنجو پاڻ سان گفتگو ڪرڻ جو جيڪو لطف آهي اهو ڪٿان لڀي۔؟ مون چاهيو پئي ته مان توکي نظم بابت لکان ۽ اهڙو لکان جيڪو ڪنهن به تاريخي حوالي جي آڌار تي نه هجي. مون چاهيو پئي ته توکي مان نظم بابت پنهنجن خيالن کان آگاهه ڪيان ۽ نظم کي مون ڪيئن ڏٺو آهي ۽ ڪيئن سمجهيو آهي ۽ ڪيئن لکيو آهي. انهن سڀني ويچارن کي هن مختصر خط ۾ توکي لکان ۽ مان توکي اهو به لکان ته

”هيءَ صدي نظم جِي صدي طور سڃاتي ويندي!“

نظم اهڙي صنف آهي، جنهن جو پنهنجو جهان آهي، جنهن کي پنهنجا تارا آهن، جنهن کي پنهنجو سج ۽ چنڊ آهي، جنهن کي پنهنجا ٻيلا ۽ ٻنيون آهن، جنهن کي پنهنجون ڍنڍون ۽ ڍورا آهن، جنهن کي پنهنجا انگ ۽ ڍنگ آهن. اکر ۽ لفظ آهن، جنهن کي پنهنجون سرحدون ۽ سمنڊ آهن.
نظم لکڻ هڪ نئين ڪائنات دريافت ڪرڻ آهي.

”هن وقت سنڌي شاعريءَ جي سفر ۾ جيڪو نوجوان شاعرن جو لڏو شامل ٿيو آهي. سندن شاعري پڙهي ڪري، اهو چئي سگهجي ٿو ته اڄ جو نوجوان شاعر مستقبل ۾ سنڌي شاعريءَ جي باغ کي اهڙو ته سائو - چهچ بڻائي ڇڏيندو جو، اهو باغ ڪڏهن ڪنهن به صورت ۾ سُڪي ٺوٺ نه ٿيندو. سينيئر شاعرن کي سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن جي تربيت حاصل هئي ۽ جنهن دؤر ۾ هو اُسري رهيا هئا. انهن لاءِ ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻين جو مضبوط مورچو موجود هو. جتان هو پاس ٿي پئي آيا. هن وقت اهو الميو چئجي يا خوشيءَ جي ڳالهه چئجي ته اڄ جو نوجوان شاعر صرف ۽ صرف پنهنجي محنت سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ان جي اوسر ۾ ڪنهن به دستوري گڏجاڻيءَ جو هٿ ناهي. هو مسلسل ڌڪا، ٿاٻا کائيندو. پنهنجي منزل طرف دلبراڻيون وکون کڻي رهيو آهي. اها ڳالهه هٿ مٿي کڻي چئي سگهجي ٿي ته اڄ جي پيڙهيءَ جي شاعريءَ ۾ اها سگهه موجود آهي. ۽ ان جي تخليقي پورهيي سينئر ۽ جونيئر ٽهيءَ جي سَنڌي کي ٽوڙي برابريءَ جي بنياد تي آڻي بيهاريو آهي. منهنجي خيال ۾ اها سنڌي شاعريءَ جي خوش بختي آهي، جنهن جي حصي ۾ اڄ جي نئين پيڙهه جو مضبوط بنياد پئجي چڪو آهي.“

جاويد،
مون ويجهڙ ۾ علي آڪاش جو تازو ڇپجي آيل ڪتاب ”گلابي اڳتي ويندڙ راهه“ پڙهيو آهي ۽ ان تي پنهنجي راءِ مون الڳ سان لکي آهي. مون توکي فون ڪري چيو هو ته اهو ڪتاب ضرور پڙهجان. ان ڪتاب ۾ دنيا جي نامور شاعرن جي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽ انهن جا جڳ مشهور نظمَ ڏنل آهن ۽ انهن نظمن جا پسمنظر جڏهن پڙهجن ٿا ته ڇرڪ نڪري وڃن ٿا. محمود درويش؛ جو نظم ”شناختي ڪارڊ“ آهي، الائي ته فلسطين جو نقشو آهي. پڙهه ته حيرت جا جهان کلندي نظر ٿا اچن.

”گلابي اڳتي ويندڙ راهه“ ۾ ٽي ايس اِليَٽ؛ جي علي آڪاش؛ نظم بابت مختصر راءِ شامل ڪئي آهي ته؛
”پڙهندڙ کي نظم سمجهڻ لاءِ اهڙو خفو کڻڻ گهرجي، جهڙوڪ بئريسٽر هڪ پيچيدي ڪيس سمجهڻ دوران ڪندو آهي.“
بظاهر ته اهي ٻه سٽون آهن پر پنهنجي مفهوم ۾ ڪيڏو وسيع مواد رکن ٿيون پر سڀ کان اڳ اهو ڏسڻو پوندو ته جنهن شاعريءَ / نظم جِي اِليَٽ؛ ڳالهه ڪري ٿو ڇا اها شاعري / نظم شعري معراج / پد تي پهتل آهي؟

جاويد؛
شاعريءَ جو لهجو
اهڙو هئڻ گهرجي
جنهن لهجي ۾ ماءُ
پنهنجي ٻچي کي
لولي ڏيندي آهي.

”سنڌي نظم جو سفر نهايت ئي شاندار آهي. ان ۾ ڪٿي به ڪي جهول نظر نه ٿا اچن، جن کي ڳڻائجي. ٿي سگهي ٿو ته جميعت الشعراءِ جي شاعرن پهرين دؤر ۾ نظم جي مخالفت ڪئي هجي. ان کان سواءِ ايئن ٿيو آهي، جو نثري نظم کي جيتري مخالفت ۽ ان کي شاعريءَ جي شهر ۾ داخلا تي منع نه رڳو جميعت الشعراءِ جي شاعرن ڪئي هئي پر، ان سان گڏوگڏ جديد شاعرن به ڪئي. اها سنڌي ٻوليءَ جي ڪماليت ڪوٺي سگهجي ٿي جو، ان ترت ئي نثري نظم کي سنڌي شعري صنفن جي قطار ۾ ڌڪو ڏئي بيهاري ڇڏيو آهي.“

جاويد،
پاڻ ٿورو نثري نظم تي ڳالهايون ٿا.... جيئن دنيا اندر هن وقت ڪورونا وائرس ڦهلجي رهيو آهي ۽ ڪا خبر ڪونه ٿي پوي ته ڪير وائرس جو شڪار آهي ۽ بلڪل ايئن ئي فيس بُڪ تي به ويٺل ”عجيب مخلوق“ مان خبر نه ٿي پوي ته ڪير شاعر آهي ۽ اهو به وري نثري نظم جو! حالت اها آهي جو اسان جي پڙهندڙن جو ”عجيب مخلوق“ ذائقو اهڙو متاثر ڪري ڇڏيو آهي، جو هاڻي پڙهندڙن معياري مواد ڏانهن به توجهه ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. مان چوندو آهيان ته جيئن ڪنهن اداري کي ڪاميابيءَ / ترقيءَ طرف وٺي وڃڻ لاءِ پُڇا ڳاڇا جو شعبو هوندو آهي، بلڪل ايئن ئي ادب جي اندر به اهڙو ادارو هئڻ گهرجي، جيڪو ”عجيب مخلوق“ کان ويندي هر ليکاريءَ جي لکڻين ۽ ڪتابن کي چڪاسي.... ان سان گهٽ ۾ گهٽ معيار ته اڳيان اڀري ايندو. جاويد؛ جنهن ڏينهن ايئن ٿيندو ته ان ڏينهن پڙهندڙن جي هٿن ۾ معياري مواد هوندو ۽ ڪيترو ئي ڪاغذ، پئسو، وقت بچي پوندو جيڪو ”عجيب مخلوق“ جي ڪتابن تي خرچ ٿئي ٿو.

توسان؛ هڪ ٻه ٻيون به نظم بابت ڳالهيون ونڊڻيون آهن. انهن ڳالهين تي اچڻ کان پهرين پاڻ موجوده وقت جي حالتن جو جائزو وٺون ٿا. هن وقت انسان جي اندر ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ جيڪو خوف ۽ اڪيلائيءَ آکيرو اڏيو آهي. مان چاهيان ٿو ته ان خوف ۽ اڪيلائيءَ جي آکيري ۾ انهن خيالن جو جنم ٿيڻ گهرجي، جيڪي خيالَ لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ اچن ٿا. انهيءَ سان اهو ٿيندو ته اڄ جي ڊائري ايندڙ نسلن لاءِ ڄاڻ جي ڏيهه ڏانهن دري کوليندڙ هوندي.

مان آخري جيڪي توسان؛ ٻه ڳالهيون ونڊڻ ٿو چاهيان اهي هيءُ آهن ته نظمن ۾ ڪردار نگاري جِي اهميت ڪيتري آهي يا ناهي؟ مون محسوس ڪيو آهي ۽ اها منهنجي راءِ آهي ته نظمن ۾ ڪردار نگاري اسان وٽ ڪمزور آهي. اها ان ڪري جو اسان وٽ جيڪي به ڪردار نگاريءَ تي نظم لکيا ويا آهن. انهن ۾ هڪ مڪمل واضِحُ ۽ چٽي تصوير سان گڏ اسان جي شاعرن ان جِي ايڊريس به ڏني آهي، ايئن هئڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته منهنجي نظر ۾ جنهن به تخليق تي حاشيو ايندو آهي. اها تخليق محدود ٿي ويندي آهي، پوءِ ڀلي ان تخليق ۾ تخليقڪار ڇو نه تير لڳايو هجي.

نظمن ۾ ڪردار نگاري کي اظهاري سگهجي ٿو ۽ نظمن ۾ ئي اظهاري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته نظم جو ڪئنواس وسيع آهي، پر ايئن اظهارجي جيئن پڙهندڙ ان نظم کي جيڏانهن چاهي اوڏانهن وٺي وڃي. نظم جِي اهڙي پيشڪش لاءِ تمام گهڻي رياضت جِي ضروت آهي.

آخري ڳالهه ڪري مان خط لفافي ۾ بند ڪري تو ڏانهن پوسٽ ڪري ٿو ڇڏيان ۽ اُها آخري اِها ڳالهه آهي ته ”نظمن ۾ شهرن جو ذڪر“ هيءُ پاسو پڻ نظمن جي حوالي سان انتهائي اهم ۽ دلچسپ آهي پر اسان جڏهن سنڌي شاعريءَ کي کڻي ڏسون ٿا ته ان ۾ شهر نگاريءَ جي حوالي سان به ساڳي ئي جُٺ آهي، جيڪا ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان مون توکي پهريان ٻڌائي آهي. شهر نگاريءَ کي اسان وٽ ايئن ٿو بيان ڪيو وڃي، جهڙوڪ ان ۾ گهوراڙئي جا هوڪا هجن باقي تخليق جو تارو توهان کي ڪٿي به کڙيل نظر نه ايندو.

مان هتي ڪردار نگاري ۽ شهر نگاريءَ جي حوالي سان لطيف سائين؛ جو مثال ڏيندس هن؛ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. ڇا ته هن جو اظهار آهي. ڪردار نگاري ۽ شهر نگاري جي حوالي سان.... اهڙو اظهار ڪجي جنهن کي جنهن وقت ۽ جتي بيان ڪجي ته پورو پورو لهي اچي.

جاويد،
اصولي طور مون کي تو ڏانهن اچڻو هو ۽ روبرو ڪچهري ڪرڻي هئي پر لاڪ ڊائون جي ڪري گاڏيون بند آهن ۽ مان مسلسل ٽن مهينن کان ميهڙ ۾ ئي آهيان. ڪاڏي نڪرڻ ناهي ٿيو. انهيءَ ڪري ئي تو ڏانهن خط لکيو آهي ۽ پنهنجو پيار ونڊيو آهي. اها اميد آهي ته جلد معمول مطابق ڏينهن ايندا پوءِ ٽنڊي الهيار اچبو انبن جي باغن ۾ وڻن جِي ڇانوَ ۾ ويهي سُوم رس جي محفل مچائبي، جنهن ۾ نظمن جون نئيون وهنديون ۽ قرب جا ڪوٽ اڏجندا.

پيار جو ڳولائو
احمد شاڪر