ارڙهون خط ــ ذوالفقار گاڏهي، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٨ مئي ٢٠٢٠ع
ذوالفقار سائين،
شال مُرڪن جو مينهن
تنهنجي چپن تي وسندو رهي
امڙ جِي هٿ هيٺ
پيار جِي پناهه
۽ وڻن جِي ڇانوَ ۾ هوندين
غزلن جِي گفتگو
نظمن جِي نگاهن
۽ شاعريءَ جِي شهر ۾
شانَ شوڪت سان رهندو هوندين.
ذلفي سائين!
مون اوهان ڏانهن خط لکندي لکندي دير ڪري ڇڏي آهي. ان جو سبب اهو ئي آهي ته لاڪ ڊائون دوران جيئن رمضان مهينو آيو ۽ جيئن ئي عيد جا ڏينهن ويجهو ٿيا ته ڀينرون عيد تي آيون ۽ ننڍڙي گهر ۾ ٻارن جي شور ۾ ۽ ٻيو سخت گرميءَ ۾ مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان ذهن لکڻ ۽ پڙهڻ ڏانهن مائل هجڻ بجاءِ کارُ جي خاردار تارن ۾ ڦاسندو پيو وڃي.
لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ
مڪمل طور
چوطرف
موت جهڙي ماٺ
هجڻ گهرجي.
هينئر رات جا ٽي ٿي رهيا آهن ۽ مان ننڊ مان اٿي اوهان ڏانهن خط لکي رهيو آهيان. توهان ڏانهن خط ان ڪري به لکڻ ضروري هيو، جو اوهان ئي اڪيلا اهڙا دوست آهيو، جنهن رحمت؛ کان پوءِ هر پل ۽ پهر سڏ ۾ سڏ ڏنو آهي.
پکين کي وڻن
پناهه ڏني آهي
مون کي دوستن
پناهه ڏني آهي.
اوهان ڏانهن خط لکڻ وقت مون وٽ هڪڙو اهڙو خيال هلي آيو آهي، جنهن جي ڳلي ۾ ڳوٺ جو لاڪيٽ پاتل آهي ۽ ان ڳوٺ جي منظر ۾ جيڪي ڪجهه ڏيکاريل آهي، اهو سڀ ڪجهه اکين کي جوت، ساوڪ، طَراوَتَ بخشي ٿو ڇڏي.
هيءُ خط ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ اهو ڏيکاريل آهي ته؛
”هڪڙو ڳوٺ هيو، جنهن جي هر هڪ ويڙهي ۾ پيار پلجي رهيو هو. ميٺُ، محبت سان ماڻهن جا مَن ۽ گُنديون اَن سان ڀريل هيون. هيءَ ان ڳوٺ جِي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڍنگرن جي لوڙهي ۾ اکيون چار ٿينديون هيون ۽ مِٺين جا مينهن وسندا هئا. هيءَ ان ڳوٺ جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ جتي ڪڏهن به ڏڪار جي ڪاري ڏانئڻ حملي آور ڪونه ٿي هئي ۽ هيءَ ان ڳوٺ جِي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ جڏهن سانوڻ جا مينهن وسندا هئا ته ”هُوءَ“ مينهن ۾ ڀِڄندي هئي، رقص ڪندي هئي، ڳائيندي هئي ۽ ڪاڇي جِي چيڪي مِٽيءَ مان رانديڪا ٺاهي هڪ جيڏين سان کيڏندي هئي.
هيءَ ان ڳوٺ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي ڀر ۾ لاڏائو قبيلو ڪجهه ڏينهن لاءِ پکڙا اڏي ويٺو هو ۽ انهن جي هڪڙي ڇوڪريءَ سان سندس سنگت ٿي هئي، جنهن سان گُڏين جي راند رهندي هئي ۽ جڏهن لاڏائو قبيلي پنهنجا پکڙا ويڙهي اَڄاتي منزل طرف راهي ٿيو هو ته ”هُوءَ“ ڪاري ڪاڙهي ۾ ڪاڇي تي وڏ ڦُڙو ٿي وسي هئي.
هوءَ؛ هيءُ سڀئي ڳالهيون ڪندي هينئر به اکيون آليون ڪري ويٺي آهي ۽ خاموشي سان کاڏيءَ تي هٿ رکي سوچ جي اونهي سمنڊ ۾ سڏڪن ۾ ٻڏي رهي آهي!“
مان اهو بدقسمت انسان آهيان، جنهن نه پيءُ جو پيار ماڻيو ۽ نه ئي وري ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ ننڍپڻ گذاريو آهي! ڳوٺاڻي زندگيءَ جو لطف ڪهڙو ۽ ڪيئن آهي؟ اها مون کي خبر ناهي؟ پر مون کي اها ضرور خبر آهي ته ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ فطرت جو فانُوس جيڪو ٻرندو رهندو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ سڀئي ساوڪَ جا رنگَ، پکي پکڻَ، وڻَ ٽڻَ ۽ ڍورَ ڍاڳا ڏاڍا سرها نظر ايندا آهن.
ذوالفقار سائين،
منهنجي تصور ۾ اهڙو ڳوٺ آباد آهي، جنهن جا گهرَ اوڏڪين ڀتن جا آهن، ۽ ڇت سَرن جي آهي. منهنجي تصور جي ڳوٺ ۾ هڪڙو اهڙو به کُوهه آهي، جنهن تان صبح ۽ شام هڪ جيڏيون قطار ۾ مٽيُون کڻي لاڏَ ڪوڏَ ۽ کِلَ ڀوڳَ جي بحر ۾ ترنديون پاڻياريون اينديون آهن ۽ پاڻيءَ ڀرڻ بهاني هڪ ٻئي سان پيارَ جون پچارون به ڪنديون آهن ته ڳيچ به ڳائينديون آهن. منهنجي تصور جي ڳوٺ ۾ هڪڙو اهڙو به وڻ آهي، جنهن جي هيٺان هر ڳوٺاڻو اچي ڪانَڀ ٻڌي ڪچهريءَ جِي ڪائنات جو ڪڙو کڙڪائيندو آهي ۽ ڳالهين جو ڳوٺ ٻڌندو آهي، انهن ڳالهين ۾ يوناني ڏاهن جيان ڏندين آڱريون ڏياريندڙ ڳالهيون ته ناهن هونديون پر انهن جي ڳالهين ۾ سادگيءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي، جنهن جِي هر ڇوليءَ ۾ هزارين موتي جرڪندا ڪناري تي اچي ڪرندا آهن.
مون کي اوهان جي ڳوٺ جي پپر جو وڻ ڪڏهن ڪڏهن ايترو شدت سان ياد ايندو آهي، جو دل چاهيندي آهي ته ان قديم پپر جي وڻ ۾ هڪڙو ننڍڙو آکيرو ٺاهي، پکين جو پاڙيسري ٿجي.
مون کي ڳوٺَ ان ڪري به وڻندا آهن، جو ڳوٺن ۾ وڻَ هوندا آهن ۽ وڻَ جيڪي انسانن جا اهڙا دوست آهن، جن وٽ انسانن لاءِ هر وقت هٿن ۾ صاف هوا آهي، ٿڌي ڇانوَ آهي، مِٺو ميوو آهي ۽ ٻارڻ لاءِ پاڻ ارپڻ به آهي.
مون کي وڻَ ان ڪري به وڻندا آهن، جو انهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ هونديون آهن ۽ جڏهن جڏهن به انهن کان ڌرتي ڇڏائي ويندي آهي، ته سندن ساهه جو سڳڙو به ڇڄي پوندو آهي ۽ ڪومائجي زمين تي ڪري پوندا آهن ۽ پوءِ سڪي بُنڊ ٿي ويندا آهن.
وڻن جِي واڍيءَ تي پکي ئي ماتم ڪندا آهن.
مون کي هڪڙو نظم ياد اچي رهيو آهي، پهريان اوهان کي اهو پڙهايان ۽ پوءِ ئي ٻي ڳالهه جِي ڳنڍ کوليان ٿو؛
وڻن جي واڍي....
پکين جي گڏجاڻي ۾
ڪجهه تجويزون آنديون ويون
۽ انهن مان هڪ تجويز
اِها هئي ته
هڪ ڏينهن اسان سڀ گڏجي
آسمان کي لڪائي ڇڏيون
۽ انسانن کي
اُسَ جو احساس ڏياريون
پوءِ هڪ پکيءَ تي اِها ذميواري رکي وئي ته هو
انهن مُلڪن جي سربراهن سان ملي
جتي وڻن جي واڍي ٿي رهي آهي
آخر ۾ اهو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته
جيڪڏهن هاڻي اسان جِي پناهه گاهن کي
ختم ڪيو ويو ته
اسان مزاحمت ڪنداسين
وڻن جي واڍي
اسان پکين جي احساسن جِي
واڍي آهي
اسان پکين جي ٻچن تي
ڄمڻ کان اڳ
موت جو ساٽو آهي.
”ماضي قريب ۾ جيڪا مها ٻوڏ آئي، ان نه رڳو ڳوٺ ٻوڙيا پر شهر به ٻوڙي ڇڏيا. ان سان ڇا ٿيو جو سنڌ جي ٻهراڙي، شهرن ڏانهن رُخ ڪيو. نتيجي ۾ سنڌ جي ٻهراڙي خالي ٿي وئي. هڪ طرف ڳوٺَ خالي ٿي ويا ته ٻي طرف شهر انساني آباديءَ سان سٿجي ويا. نتيجو ڏاڍو خراب نڪتو ۽ اُهو اِهو ته هڪ سنڌ کان ٻهراڙيءَ واري زندگي کسجي وئي ۽ ٻيو سنڌ جا شهرَ ڳتيل آباديءَ جي وَر چڙهي ويا.“
ذوالفقار سائين،
هن وقت جتي سڄي دنيا ترقي ڪندي سهولتون حاصل ڪري رهي آهي ۽ آئيندي بابت رٿابندي ڪري رهي آهي. اتي سنڌ اڄ به سڀني سهولتن کان محروم آهي ۽ ڪابه رٿابندي نه پئي ٿئي. ڪنهن کي به آئيندي جو اونو ڪونهي.
اسان 2020ع ۾ هلندي اڄوڪي سنڌ جِي صورتحال تي ماتم ٿا ڪيون پر پنج هزار سال پراڻي تهذيب تي فخر ٿا ڪيون. اسان جي ماڻهن جڏهن پنهنجي تباهيءَ جا پيرا کنيا ته پوءِ ئي ڪو هنن جِي اک کلندي.
مون کي اهو ڏسي حيرت ٿيندي آهي، اڄوڪي سنڌ جي ٻهراڙيءَ جِي حالت اها آهي، جو جيئڻ لاءِ پيئڻ جو پاڻي ڪونهي.
پاڻ جيڪو ڳوٺاڻي زندگيءَ بابت ننڍپڻ ۾ ٻڌو هيوسين، اها رڳو ڳالهين ۾ ئي ڳوٺاڻي زندگي خوبصورت ٿي لڳي. جڏهن ٻهراڙين ڏانهن وڃجي ٿو ته نه هاڻي اتي کير آهي نه ڏُڌ آهي ۽ نه ئي وري ڪچهرين جي ڪائنات ڪَر کنيو بيٺي آهي.
اوطاقون هڪ حوالي سان منهنجي نظر ۾ نه رڳو ڳوٺن ۾ پر شهرن ۾ به هئڻ ضروري آهن، جڏهن ته ڳوٺن ۾ ئي اوطاقون ڪونهن ته شهرن ۾ ڪٿي هونديون۔؟
مان سمجهان ٿو اوطاق به هڪ قسم جي اهڙي گڏجاڻيءَ واري جڳهه آهي، جتي ڳوٺاڻا شام جو اچي گڏ ٿين ٿا. هڪٻئي سان ميل جول ۾ رهن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح مسجد به هڪ حوالي سان گڏجاڻيءَ جِي جڳهه آهي، جتي اوڙي پاڙي وارا گڏ ٿين ٿا.... عبادت جو عبادت به ته هڪٻئي سان ميل جول جو موقعو به!
توهان؛ خوش نصيب آهيو، جو اوهان جو جنم ڳوٺ ۾ ٿيو، ننڍپڻ ڳوٺ ۾ گذريو ۽ هن وقت به اوهان جِي هر رات انهيءَ ڳوٺ ۾ ٿي گذري، جنهن ڳوٺ جِي گهٽين ۾ اوهان پهريون وکون کنيون هيون ۽ پهريان وڻَ ۽ ماڻهو ڏٺا هئا! توهان؛ ان ڪري به خوش نصيب آهيو جو، اوهان اڄ به ڪچي ڪوٺي ۾ رهو ٿا، جنهن ۾ رهندي گرميءَ جو احساس ڪونه ٿو ٿئي، جنهن ۾ رهندي مِٽيءَ جِي مِٺي خوشبوءِ کي هر وقت حاصل ٿو ڪري سگهجي.
پاڻ ته شهرن ۾ رهندي وڻن ۽ پکين کان پاسي تي آهيون، جهڙوڪ فطرت کان ڏور آهيون. خير بخش مري شهرن جي نالي چوندو هو ته ”سيمنٽ جا ٻيلا آهن!“ سو؛ يقين ڪريو ته انهي سيمنٽ واري ٻيلي ۾ رهندي.... مِٽيءَ جي احساس کان ئي جهڙوڪ ڪٽجي ويا آهيون
اهڙو گهر هجي، جنهن جي آڳر تي نِم جو وڏو وڻ هجي، جنهن جي هيٺان ويهي پکين جون ٻوليون ۽ لطيف جو راڳ ٻڌجي، جنهن جي هيٺان ويهي امان جون ڳالهيون ۽ ڳوٺاڻين عورتن جي ڳلي مان لوڪ ڳيچن کي ٻڌجي، جنهن جي هيٺان ويهي پاڻ کي ۽ ڪتابن کي پڙهجي ۽ جنهن جي هيٺان ويهي ”هُن“ ڏانهن هڪڙو طويل خط لکجي، جنهن خط ۾ هڪڙي اهڙي ناول جو باب لکجي، جيڪو ڳوٺاڻي زندگيءَ تي لکيل هجي، جنهن ۾ مالَ مڏيُون، نارَ ناريُون، ساوڪَ سُرهاڻ، پيار پناهن کي لکجي ۽ اهو به لکجي ته هيءُ اهڙو ناول آهي، جنهن ۾ ڪٿي به رت وهائيندي ڪنهن ڪردار کي ناهي ڏيکاريو ويو. هن ناول ۾ صرف ۽ صرف اُجرائي جو آڪاس چٽيو ويو آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پکي اڏندي ڏيکاريا ويا آهن.
ذوالفقار سائين،
چڱو موڪلاڻي ڪونهي!
جيئن ئي لاڪ ڊائون ختم ٿئي ۽ وبا جا ڏينهن پن ڇڻ رُت جو شڪار ٿين ته اوهان ڏانهن ايندس. توهان جي ڳوٺ کي ڳلي لائيندي، اوطاق تي ڪچهري ڪندي قديم پپر جي وڻ جي پوڄا ڪندس ۽ پوءِ پاڻ وري ڪاڇي طرف نڪري هلنداسين. رستي سان ڳوٺن کي اک مان ڪڍندا.... اڳتي هلنداسين ۽ ”شاعريءَ جهڙي ڇوڪريءَ“ جي ڳوٺ جِي مِٽي چُمي.... بچاءُ بند تي بيهي کيرٿر جبلن ۾ سج کي لهندي ڏسنداسين ته هاڻ موڪلايون وري ملڻ جي لاءِ....
تنهنجو پنهنجو
احمد شاڪر