ٽيون خط ــ امرتا، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٢ اپريل ٢٠٢٠ع
پياري امرتا،
اميد ته خوش هوندينءَ،
حيدرآباد جي هوائن سان کيڏندي هوندينءَ.
جيڪا ڳالهه توسان ڪرڻي آهي. انهي ڳالهه تي اچڻ کان پهرين مان چاهيان ٿو ته توسان تنهنجي ئي شهر جون ڳالهيون ڪريان ۽ انهيءَ منگهن واري شهر جي خوبصورت عمارتن، چيلهه جئن سنهڙين گهٽين جي يادن کي ورائڻ ٿو چاهيان ۽ تنهنجي گهر ڏانهن ايندڙ سنڌ ميوزم واري روڊ جو ذڪر ڪرڻ ٿو چاهيان. ان جي ٿورو اڳيان پونم پيٽرول پمپ جي انهيءَ چوراهي کي اکين جي فريم ۾ قيد ڪرڻ ٿو چاهيان، جتي آخري ساهه جي هڏڪي حسن درس کنئين هئي ۽ انهيءَ کان ٿورو اڳتي قاسم چونڪ کان سڌو المنظر تائين مان پکي بڻجي چوطرف حيدرآباد جو طواف ڪرڻ ٿو چاهيان.
حيدرآباد، جيڪو پاڻ لاءِ ماءُ جِي ٻاجهه جهڙو شهر آهي، حيدرآباد جيڪو حسين عورت جي ٻانهُن جئن آهي، جنين تي مان هفتي جا ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر اچي ٿڪ ڀڃندو آهيان ۽ تسڪين جي تلاءُ ۾ تَڙ ڪندو آهيان. سندءِ وارن جو ۽ حيدرآباد جي هوائن، گلن جو واس وٺي ميهڙ ايندو آهيان ۽ باقي هفتي جا پويان پنج ڏينهن امان جي اکين آڏو هوندو آهيان. ڪتابن جي ڪائنات جي سفر تي نڪري ويندو آهيان ۽ قلم جي قط سان نثر ۽ نظم کي ڪاڳر تي رقص ڪرائيندو آهيان، رقص به اهڙو جهڙو اسٽوپا تي سمبارا ڪندي هجي، رقص به اهڙو جهڙو ڪونيا جي گهٽين ۾ رومي ڪندو هجي ۽ رقص به اهڙو جنهن ۾ ڪائنات جو هر ذرو رقص ڪري رهيو هجي.
”جيئن علي بابا سنڌو درياهه ڏانهن ناڙي ڇوڙ ڪونه ڪندو هو، ايئن مان وري حيدرآباد ڏانهن پير ڪري ناهيان سمهندو.“
امرتا،
توکي خبر آهي، ته ذري گهٽ اچي مهينو پورو ٿيو آهي ۽ مون ميهڙ کان سواءِ ٻيو ڪوبه شهر ناهي ڏٺو ۽ مون وٽ جيڪا تات ۽ تڙپ رهي پئي آهي، حيدرآباد ڏانهن اچڻ جي انهيءَ تڪليف کي اظهارڻ لاءِ مون کي ٽن هفتن کان ڪا تشبيهه ئي نه ٿي ملي. حيدرآباد شهر جيڪو منهنجي شاعري آهي، حيدرآباد جيڪو منهنجو اُتساهه آهي ۽ حيدرآباد شهر جيڪو قلم قبيلي جو، قومي ڪارڪنن جو، پيار وارن ۽ پڙهندڙن جي هڪ گڏيل پناهه گاهه آهي.
الائي ڪنهن جِي فيس بُڪ تي ڪجهه وقت اڳ پوسٽ پڙهي هئي ته
”حيدرآباد سنڌ جو ريسٽ هائوس آهي.“
امرتا،
مان اصل ڳالهه تي اچڻ چاهيان ٿو ۽ اُها ڳالهه اِها آهي جو، تو ان ڏينهن ٽيڪسٽ مئسيج ۾ لکيو آهي ته هتي (حيدرآباد) وبا جي ڏينهن ۾ به ادارن مان ملازمن کي فارغ پيو ڪيو وڃي، جن جي گهرن جي چُلهه سندن ڪم ڪار سان ٻرندي آهي ۽ گهر ڀاتين لاءِ ماني پچندي آهي.
”مون اڳيان ان وقت ڏُک جو ڏيهه اچي ويندو آهي، جنهن وقت هڪ مزدور جڏهن صبح جو سوير مزدوري تي ويندو آهي، ۽ شهر جي مُک چونڪ تي وڃي ويهندو آهي، پر کيس ڪوبه ڪم ڪونهي ملندو ۽ خالي هٿين واپس گهر ورندو آهي!“
امرتا،
مون کي ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇو ايئن محسوس ٿيندو آهي ته لهندڙ سج جي ڳاڙهاڻ مون کي سج جا ڳوڙها لڳندا آهن ۽ اهي ڳوڙها انهن مزدورن جي همدردي لاءِ هوندا آهن، جيڪي سڄو ڏينهن اُس تي تغاريون کڻن ٿا، بَٺن تي سِرون ڪاهن ٿا ۽ ملن ۾ مزدوري ڪن ٿا.
”هر ڪنهن سان پيار نه ٿو ونڊي سگهجي ۽
نه ئي هر ڪنهن سان دل جي ڳالهه ٿي ڪري سگهجي!“
مان توکي هڪ مختصر قصو ٿو ٻڌايان.
اڪثر ڪري ڇنڇر ۽ آچر حيدرآباد ۾ رهڻ دوران صبح صبح جو ساجهر اُٿي واڪ تي نڪري ويندو آهيان. هڪ ڀيري واڪ ڪندو. پڪوڙا چونڪ تي پهتس ته اڏاوتي مزدورَ هڪ ڊگهي قطار ٺاهي ويٺا هئا ۽ ڪم ڪار جي انتظار ۾ پنهنجون ٻئي اکيون روڊن تي وڇايون ويٺا هئا. مان به ساڳيءَ ئي قطار ۾ ويهندي اخبار پڙهڻ لڳس ته هڪڙو مزدور مون ڏانهن سُري اچي ويٺو ۽ پڇيائين ته ڇا اٽو سستو ٿيو آهي، ڪجهه مهنگائي گهٽي آهي، ڇا پيو وهي واپري ملڪ ۽ دنيا ۾ هن ڪيئي تڪڙا تڪڙا سوال ڪيا ۽ مان کيس ڪو به مثبت جواب نه ڏئي سگهيس. ايتري ۾ هڪ ڪار آڏو اچي بيٺي ۽ سڀئي مزدور ان ڪار ڏانهن ڊوڙيا هو به انهن سان گڏ ڊوڙيو ۽ مان اتان اٿي سڌو جڳهه تي هليو آيس.
مون کي حيرت ان وقت ٿيندي آهي
جڏهن ان اُپائيندڙ جي گهر ۾
بُک جو فصل اُسريل ڏسندو آهيان
مون کي ان وقت حيرت ٿيندي آهي
جڏهن ڪپڙو اُڻيندڙ جو
اڌ اگهاڙو انگ ڏسندو آهيان
مون کي ان وقت
ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن
جڏهن عمارتون ٺاهيندڙ کي
ڪکائين جُهوپڙي ۾ رهندي ڏسندو آهيان!
امرتا،
توکي هن خط ۾ پنهنجو اهو نظم پڙهايان ٿو، جيڪو مون ڪوٽڙي شهر ۾ هڪ هفتو نيم روپوشيءَ وارين حالتن ۾ رهندي لکيو هو. جتي مان رهيل هيس ان علائقي ۾ رهندا ئي مِل جا مزدورَ هئا ۽ هڪ شام جو پاڙي واري گهر مان هڪ آهه اُٿي...... مون کي معاف ڪجانءِ مان انهي درد کي اظهارڻ جي سگهه ئي نه ٿو ساري سگهان.
بس! تون هيءُ نظم پڙهي اندازو لڳائي سگهين ٿي ته اهو واقعو هڪ گهر لاءِ ڪربلا جي واقعي کان گهٽ نه هو.
مِل جو مزدور
هڪ گهر هڪ شهر هڪ مُلڪ
هڪ مزدور جي اک آڏو
هڪ مشيني مِل هوندي آهي
هڪ ويلو کائڻ وقت
گرهه گرهه ۾
بُک جو گرهه
گردش ڪندو رهندو آهي
صبح کان شام تائين
ڪربَ جي قبيلن مان گذرندو رهي ٿو
هڪ مزدور
سج جي کنڀجي وڃڻ کان پوءِ
تارا، چنڊ جي اڳواڻيءَ ۾
آڪاس تي احتجاج لاءِ نڪري ايندا آهن
۽ ٻارَ بک وگهي روئي پوندا آهن
مِل جو مزدور
ٻارن جي روئڻ کي مشين جو آواز سمجهي
ننڊ جي نگريءَ طرف نڪري وڃي ٿو
وري ڪين واپس وري ٿو!
هنن وبائن جي ڏينهن ۾ جڏهن سڄي دنيا درد جي دياهه جِي ڪنڌيءَ تي پکڙو اڏي ويٺل آهي ۽ ڏُک جا ننڍڙا پکي اُڀَ هيٺان اڏري رهيا آهن ۽ بُک جِي بڇڙي بلا هر گهر جي در تي ڊگهن نهن سان رانڀوٽا ڏئي رهي آهي. انهي وقت منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آهن ۽ مان تو ڏانهن هي خط لکي رهيو آهيان.
خط جي وصوليءَ وقت تصديق لاءِ مختصر ميسيج ضرور ڪجانءِ. تنهنجي جواب جو انتظار ايئن رهندو جيئن رات کان پوءِ سج اڀرڻ جو رهندو آهي ۽ مزدوري تي وڃڻ جو، ڪجهه پئسا ڪمائي اچڻ جو امان ۽ بشيران لاءِ انهن پئسن مان اٽي ۽ ڀاڄي وٺي اچڻ جو انتظار رهندو آهي.
تنهنجو پنهنجو
احمد شاڪر