پنجون خط ــ علي آڪاش، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٦ اپريل ٢٠٢٠ع
آڪاش سائين،
اميد ته خوش هوندا ۽
لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران
ڏات جي ڏيهه ۾ ڏيئا ٻاريندا هوندا!
علي سائين،
مون کي اها خبر ڪونهي ته ڄام شورو کي پٿرن جو شهر ڇا جي ڪري سڏيندا آهن، پر مون کي اها خبر ضرور آهي ته ڄام شورو پٿرن جو شهر سڏجڻ جي باوجود ان جو نانءُ اچارڻ سان ذهن ۾ اهڙي ته عالم جي عڪس بندي ٿيڻ لڳندي آهي، جنهن ۾ علم جون ڪيئي نديون تارئُون تار وهندي نظر اينديون آهن.
ڄام شورو هڪ استعارو چئجي۔؟
ڄام شورو قومي تحريڪ جي ڪُک چئجي۔؟
يا ڄام شورو درياهه جِي اُها پُل چئجي، جتي ڪيئي جوڙا دنيا جهان کي وساري جِيءَ سان جِيءُ ملائيندا آهن ۽ واعدن کان ويندي پيار جي پَرين پاسي وڃڻ چاهيندا آهن، جتي سُک جِي سيج وڇايل هوندي آهي ۽ گوڏي جا گاديلا وڇايل هوندا آهن ۽ انهن گوڏن تي ڪامڻين جون ٺوٺيون ۽ ڪنڌ رکيل هوندا آهن ۽ انهن جي ڪاڪُلن ۾ عاشقن جون آڱريون ڦرنديون ۽ گول ڇلا ٺاهينديون رهنديون آهن۔؟
آڪاش سائين،
اوهان کي اهو ٻُڌي حيرت ٿيندي ته مان ٽي ڀيرا سنڌ يونيورسٽيءَ جي چانئٺ چمندي به پڙهائيءَ جي پيچري تي پنهنجي وک وڌائي ناهيان سگهيو. ان جا ڪيترا ئي سبب ٿي سگهن ٿا پر ٻه سبب نمايان آهن. هڪ سياسي ۽ ٻيو معاشي!
خير، اهو وري هڪ الڳ باب آهي، پر اها ڳالهه ان ڪري به ڪئي جو مان سنڌ يونيورسٽيءَ طرف پڙهڻ لاءِ ڊگري وٺڻ کان وڌيڪ انهيءَ خيال سان وک وڌائي هئي ته مان ان ”رهجي ويل منظر“ کي مڪمل ڪرڻ پيو چاهيان، جيڪو سنجها ۽ پُنهونءَ جي وچ ۾ هو ۽ ان منظر کي مڪمل چٽڻ پيو چاهيان، جنهن ۾ آزاد وطن جو تصور ڏيکاريل هو.
مون کي اهو احساس ضرور آهي ته
ڄام شوري جو لفظ اُچارڻ سان
سنڌ جِي جوانيءَ جو ڌيان
ڇڪجڻ سان گڏ
ڇرڪ به نڪري ٿو وڃي
ته پوڙهائپ جي اکين جون پنبڻيُون به
پُسي ٿيون پون.
مان ڄام شوري جو وڌيڪ ذڪر ڪري ڪنهن جِي ڏکندڙ رڳ تي هٿ نه ٿو رکڻ چاهيان ۽ مان وڌيڪ اڳتي وک نه ٿو کڻان ڇاڪاڻ ته مون وٽ بدلي ۾ آٿت ڪونهي.
ڪهڙي آٿت توکي مان محبوب ڏيان،
منهنجو روح آ جيڪو مون ۾ روئي ٿو.
مون کي جيڪا اصل ڳالهه اوهان سان ونڊڻي آهي، اُها ڳالهه اِها آهي ته هن هيڏي ساري ميهڙ شهر ۾ منهنجو سواءِ رحمت؛ جي هڪ به اهڙو دوست ڪونهي، جنهن سان روز شام جو گڏجي چهل قدمي ڪجي، چانهه جي ڪوپ تي ادب، سياست ۽ هر انهيءَ ذري پُرزي تي بحث ڪجي، جيڪو به انساني زندگيءَ لاءِ اهم آهي.
اڄ اوهان سان اها به ڳالهه اڳيان رکڻ ٿو چاهيان ته مان شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر ۽ اهو به تمام گهڻو ڇو لکيو آهي ۽ اڃا به لکان پيو۔؟
ان جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو
جو مون ننڊ ۾ ۽ جاڳ ۾ به
لڳاتار لکڻ ۽ پڙهڻ کي
پاڻ کان به وڌيڪ وقت ڏنو آهي
اهو مان ڄاڻڻ ٿو چاهيان۔؟
۽ مان
اهو به ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته
ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن جو
جنهن جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪتاب آهي
جنهن جي دل ۽ دماغ ۾ سُهاني سوچ رقص ڪري ٿي
ان جي حصي ۾ آخرڪار
ڏُک جو ڏيهه ئي ڇو ٿو اچي۔؟
جڏهن به شاعريءَ جي وارن کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، جڏهن اها سنورجي ويندي آهي ۽ پوءِ ان کي پري کان بيهي ڏسندو آهيان ته ان جي سينڌ سڌي نڪتل ناهي هوندي ۽ پوءِ مان نثر لکي ان کي سونهن / سينگار بخشيندي سينڌ سڌي ڪري ڇڏيندو آهيان.
ڪتابن جي ڪائنات مان جڏهن جڏهن به سير سفر ڪري موٽندو آهيان يا وري جڏهن جڏهن به زندگيءَ جون ۽ روح کي رهڙي ڇڏيندڙ روين جون ڇوليون لڳڻ شروع ٿينديون آهن ۽ ان کان پوءِ جيڪو اندر ڀرجي ايندو آهي ته ان کي نثر جي ندي ۾ ڇوڙ ڪرائيندو آهيان. ڇاڪاڻ ته هتي اهڙو ڪوبه ڪونهي جنهن کي پنهنجو حال ۽ هنيانءُ هٿن تي ڪڍي ڏيکاري سگهجي.
مون محسوس ڪيو آهي ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي سزا نظر انداز ڪرڻ آهي پر مان ان کان به اڳيان پهرين نمبر تي هن سزا کي رکندس ته اوهان جو اندر ڀريل هجي ۽ اهڙو ڪوبه اوهان کي نه ملي جنهن سان اوهان پنهنجي اندر اور ڪري سگهو. پنهنجا سُور سلي سگهو.
مون وٽ هڪڙو اهڙو به الميو رهي پيو آهي، جو مون سان ڳوڙهن جي دوستي ناهي ٿي سگهي! مون گهڻو ئي هٿ وڌايو آهي، ته ڳوڙهن سان سنگت ٿي وڃي ته جيئن اندر جي غبار کي ڳوڙهن ۾ وهائي ڇڏجي ۽ اکرن کان پاند ڇڏائي سگهجي. اهو ان ڪري پيو چوان جو اکرن جي عظمت کي هميشه حُسناڪ ۽ اوچو رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته
پنهنجي شعرن جون سٽون به
ڏنگي وجهنديون آهن
جڏهن جڏهن به
انهن جي بر خلاف
ٿورو به ٿيو آهيان.
هتي ميهڙ ۾ پنهنجا هم خيال نوجوان ساٿي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان ۽ ان ۾ ڪجهه اڳڀرائي پڻ ٿي آهي، پر نظرياتي ۽ هم خيال دوست پيدا ڪرڻ ۾ ايترو وقت ضرور لڳي ٿو وڃي، جيترو اوڏڪي ڀت کڻڻ ۾ لڳي ويندو آهي ۽ ان کان به گهڻو ڪجهه وڌيڪ چئجي ته بهتر.
ڄام شورو کي ته پٿرن جو شهر سڏيو ٿو وڃي، پر ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ميهڙ پٿرن جو شهر لڳندو آهي، تڏهن، جڏهن دل جي دنيا جِي دري کولڻ تي ڪنهن اڳيان دل چاهيندي آهي، تڏهن، جڏهن ڪنهن سان ڪچهري ڪرڻ تي دل ڪندي آهي ۽ دل جي دنيا جِي دري مان جيڪو منظر ڏيکارڻو هوندو آهي، ان ۾ درد جو درياهه وهندي نظر ايندو آهي ۽ نيري نِڀ تي ننڍڙا ڏُک جا پکي اڏرندي ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ڪچهري اهڙي ڪرڻ تي دل ڪندي آهي، جنهن ۾ ڪائنات جو هر اهو موضوع موڙ ٻڌي اچي اڳيان ويهي جنهن جو تعلق آرٽ سان آهي.
علي سائين،
مون اڳيان ڳالهين جو ڳوٺ اچي ويو آهي، جنهن جو سير اوهان کي خط جِي ٻِي قسط ۾ ضرور ڪرائيندس. هينئر ٻه ڳالهيون ڪري خط کي کونر سان چنبڙائي اوهان ڏانهن موڪليان ٿو.
پهرين ڳالهه:
اوهان کي جيڪي سوالَ موڪليا هئا. انهن تي ڪم ڪيو پيا۔؟ اها منهنجي خواهش آهي، ته اوهان انهن سوالن جا جواب تُرت لکي ڇڏيو ۽ فائنل تيار ڪري رکي ڇڏيو ته جيئن ئي لاڪ ڊائون ختم ٿئي ۽ معمول مطابق دنيا جو چرخو چُرڻ لڳي ته انهي تاريخي ڳالهه ٻولهه کي ڪتابي صورت ۾ آڻجي. مان سمجهان ٿو ته سنڌي ادب جِي تاريخ ۾ هيءَ ڳالهه ٻولهه طويل به هوندي ۽ جديد سنڌي ادب جي اڏاوت ۾ پيڙهه جي پٿر رکڻ کان ويندي عاليشان عمارت جي تيار ٿيڻ تائين ڪردار ادا ڪندي.
ٻِي ڳالهه:
ابابيل جي پنجين ڪڙيءَ تي به آهستي آهستي ڪم ڪيان پيو. ان لاءِ اوهان کي مرزا غالب تي خاڪو لکڻ لاءِ عرض ڪيو هو. ان تي ڪم ڪيو آهي۔؟ جي ها ته اي ميل ڪري ڇڏجو، جي نه ته ضرور ان تي ڪم ڪجو. مون کي انتظار رهندو.
خط لکي ضرور آگاهه ڪندا.
علي سائين
موڪلاڻي ڪونهي
سُجاتا لاءِ سلام
وديا ۽ ڪبير لاءِ قُرب ڀريو ڀاڪُر!
احمد شاڪر