مختلف موضوع

پور وڇوٽ پاڇا

ھي ڪتاب احمد شاڪر پاران لاڪ ڊائون جي دور ۾ سنڌ جي اديبن ڏانھن لکيل خطن جو اھڙو مجموعو آھي جنھن ۾ شاعراڻي نثر جا رنگ سمايل آھن. خطن جي ھن مجموعي کي پڙھي ماڻھو لفظن جي سحر ۾ وڪوڙجي ٿو وڃي. احمد شاڪر لفظن جو جادوگر آھي، ھن وٽ جذبن جي اظھار جي سگهہ شدت سان موجود آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 56
  • 38
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • احمد شاڪر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پور وڇوٽ پاڇا

پنڌرهون خط فواد ڪلوڙ ڏانهن

پنڌرهون خط فواد ڪلوڙ ڏانهن


اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٢ مئي ٢٠٢٠ع

فواد،
اميد ته خوش هوندين
امان جِي پيرن تي هٿَ
ڀائو بشير کي سلام ۽ طاهر لاءِ ان تحرير جيڏو پيار
جنهن ۾ محبت جو وسيع ميدان ڏيکاريل هجي ۽
طرحين طرحين خوشبودار گُل گفتگو ڪندا هجن.

فواد،
تو ڏانهن خط لکندي لکندي ڏاڍي دير ٿي وئي آهي، ان جو سبب اهو آهي، جو لاڪ ڊائون جي ڪري مسلسل گهر ۾ رهڻ دوران ۽ لکڻ، پڙهڻ جي ڪري ڪجهه گهڙيون فطرت جي ويجهو وڃڻ ۽ سُڪون جو سمنڊ حاصل ڪرڻ تي دل چاهي پئي ته اوچتو دوستن سهيل چانڊيو، ماجد، عزيز ۽ منور کوسو پروگرام جوڙيو جيڪو ڪاڇي طرف هو. هيءُ سفر هڪ کليل جپاني جيپ تي ۽ ذري گهٽ ڊگهو پڻ هو.
جيپ تي سفر دوران منهنجو ڌيان بار بار پنهنجي ان پُراڻي خواهش ڏانهن ڇڪجندو پئي ويو ۽ اُها خواهش اِها هئي ته مان ”هُن“ سان هڪ ڊگهو ريل جو سفر ڪيان جيڪا اڃا پوري ٿي ناهي سگهي. توکي خبر آهي، ته منهنجي ذهن ۾ خيالن جا ست کنڊ آهن، جيڪي ريل جي سفر دوران مان دريافت ڪرڻ ٿو چاهيان.
فواد،
توکي اهو ٻُڌي حيرت ٿيندي ته مون اڄ ڏينهن تائين ريل جو سفر ڪونهي ڪيو. ريل شڪل رکندڙ ۽ چُرپُر ڪندڙ سواري هئڻ باوجود به مون کي الائي ڇو هڪ ادبي استعارو پڻ لڳندي آهي. ريل ڪڏهن ڪنهن ڪئلينڊر ۾ اُڀ مان ڪرندڙ برف، گهاٽي جهنگ کي چيريندي، آسمان ڏانهن دونهين جا بادل موڪليندي نظر ايندي آهي ته.... ڪڏهن ڪنهن ناول يا فلم ۾ ٻن دلين جي دنيا ۾ تباهيءَ (جدائيءَ) جو طوفان ۽ محشر جو ميدان برپا ڪندي هٿ ڇڏائيندي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.... يار! مون کي معاف ڪجانءِ مان مٿيون سٽون لکندي الائي ڇو اڳتي نه ٿو لکي سگهان. شايد منظر ئي اهڙو چٽجي ويو آهي، انهيءَ ڪري۔!؟

مان فلمون ڏسڻ جو تمام گهڻو شوقين آهيان، پر هينئر تائين جيڪي ڏٺيون هونديون ته اٺ يا ڏهه ئي ڏٺيون هونديون. ان جو سبب اهو آهي، جو مون وٽ هن جديد دؤر ۾ به اهڙي ڪا سهولت موجود ڪونهي، جنهن سان فلمون ڏسي سگهان. ان کان علاوه نئين دؤر کي ويجهو کان ڏسجي. ليڪچرَ ٻڌجن، ڊاڪيومينٽريون ڏسجن. مون ويجهر ۾ آرٽ مووي ”اجازت“ ڏٺي هئي. جيڪا گهڻي ڀاڱي ريلوي پليٽ فارم جي هڪ ڪمري ۾ فلمايل آهي. ان فلم کي ڏسڻ دوران جڏهن گلزار جو نظم آشا جي آواز ۾ جيئن ئي هلڻ لڳو ته منهنجي ذهن ۽ جسم تي تيز رفتار سان ريل ڊوڙڻ لڳي ۽ اهو نظم هي هيو:

میرا کچھ سامان تمہارے پاس پڑا ہے
ساون کے کچھ بھیگے بھیگے دن رکھے ہیں
اور میری اک خط میں لپٹی رات پڑی ہے
وہ رات بجھادو
میرا وہ سامان لوٹا دو!

فواد،
هڪ ننڍڙي ڪهاڻي نما ڳالهه آهي، ماڻهن جي جهنگ ۾ هڪڙو شخص رهي ٿو، جنهن جو محبوب جِي جدائيءَ ۾ ”جيئري جِيءُ جلي ويو آهي“ سندس اکين مان لڳاتار ڳوڙها ڳڙي رهيا آهن ۽ سُڏڪن جي سُرن سان سيني تي هٿ هڻي رهيو آهي، سندس چپن تي ميان محمد بخش جو ڪلام چُرپُر ڪري رهيو آهي:

ہجر تیرا جے پانی منگے تے میں کھوہ نیناں دے گیڑاں،
جی کردا تینوں کول بیٹھا کے میں درد پرانے چھیڑاں!

جڏهن جڏهن به هو اُڀ ڏانهن نگاهه ڪندي ڪنهن پکيءَ کي ڏسندو هو ته سندس وات جي پڃري مان چپن جو دروازو ٽوڙي هيءُ لفظَ پکي بڻجي اڏري ويندا هئا:

یار بنا میرا جیون کوڑھ اے تے اندر درد ہزاراں،
یار فریدا میں انج کرلاواں جیویں وچھڑیاں کونج قطاراں!

هڪ لڱا هن جي هينئين ۾ هُڳاءُ ڀريو احساس اڀريو ۽ وهنجي سهنجي تيل ڦليل ڪري خوشبو لڳائي ٻاهر نڪتو هو. ڇاڪاڻ ته اڄ ئي سندس عيد هئي. اڄ ئي خوشيءَ سان مُکا ميل ٿيڻو هئس ۽ اڄ ئي سندس يار ملڻو هئس، جنهن کي ڏسڻ سان سندس پڪ هئي ته سور سڌا ڪري پٽا ڏئي ڀڄي ويندا.

هن پنهنجي اکين ۾ اهو سُرمو پاتو، جيڪا پير پڻي محبوب کان جدائيءَ جي وڃڻ وقت سندءِ پيرن جِي کنئين هئي. هو گهر جي در جي چانئٺ ٽپندي ئي آوارا بادل جيان لُڏندو لمندو سڌو شهر جِي ريلوي اسٽيشن تي پهتو. سندس سيني ۾ سِڪ جو سمنڊ تيز ڇوليون هڻي رهيو هئس ۽ هن پنهنجي ٻنهي ٻانهن کي هوا ۾ کولي ڇڏيو هو، جيئن ئي ريل بيٺي ته هِن جِي نظر هُن تي پئي ۽ آجيان ۾ سندس اکين مان آب وهي رهيو هو ۽ تيز تيز چپن مان آواز ٿي نڪتس ته:

گڈی آ گئی ٹیشن تے،
پراں ہٹ وے بابو، سانوں ماہیا ویکھن دے!


فواد،
مون کي اها خبر ضرور آهي ته تون حيدرآباد کان ميرپُور ماٿيلي تائين ريل ذريعي سفر ڪندو آهي، پر مون کي اها خبر ڪونهي ته تون سفر دوران ڪتاب به پڙهندو آهين الائي نه، مون کي اها خبر ڪونهي ته تون سفر دوران سگريٽ پيئندو آهين الائي نه، مون کي اها خبر ڪونهي ته تون سفر دوران موسيقي ٻڌندو آهين الائي نه ۽ مون کي اها به خبر ڪونهي ته تون رُڪ جِي ريلوي اسٽيشن تي لهي ان جڳهه تي ڳاڙهن ڳوڙهن جا گل نڇاور ڪندو آهين الائي نه جتي امر شهيد ڀڳت ڪنور رام آخري هڏڪي ڀري هئي.

(امر شهيد ڀڳت ڪنور رام دنگي فساد آڏو اهنسا جي آرتي اُتاريندڙ محبت جو مجسمو، ڌڻيءَ جا ۽ ڌرتيءَ جا گيت ڳليءَ ڳليءَ ۽ گام گام ايڏي ته پُرسوز آواز ۾ ڳائيندو هو جو گگن به اهنسا ۽ محبت منجهه گونجي اٿندو هو. سچ ته مون جڏهن به ڀڳت ڪنور رام جي مورتي يا تصوير ڏٺي آهي ته مون کي هن جي چهري منجهان سنڌ جي سونهن ۽ سڀيتا جا سونهري سهڻا ۽ سٺا نقشا نظر آيا آهن. رڳو رُڪَ جي ريلوي اسٽيشن ان ڏينهن اڌوري ۽ اڪيلي ڪونه ٿي وئي هئي پر ان ڏينهن ته سموري سنڌ اڌوري ۽ اڪيلي ٿي وئي هئي، جڏهن انتها پسند جي گولي ڪنور جي ڪُک ۾ کُپي هئي. اڄ شهيد مهاراجا ڏاهر ۽ امر شهيد ڀڳت ڪنور رام ياد اچي رهيا آهن. سچ ته اهي ناهن تڏهن ئي ته پنهنجو وطن غلام آهي نه تلوار ذريعي مزاحمت آهي ۽ نه ئي وري ڪَلا جي جوهر ۾ اهنسا جي آڌار تي آزاديءَ جي جدوجهد آهي.)

فواد،
ڪورونا وائرس جي ڪري سڄي دنيا بند آهي ۽ انسانَ پنهنجي هٿن سان ٺهرايل گهرن جي پڃرن ۾ قيد ٿي ويو آهي ۽ جهنگ جا جانورَ شهرن ۾ گهمي رهيا آهن. جتي دنيا جون سُپر مارڪيٽون بند آهن، جن مان ڊگهن ڳچهين، قداور ۽ ڀريل جسمن سان حسين عورتون سونهن سينگار جو سامان وٺنديون هيون، جتي دنيا جا چونڪ چوراها بند آهن، جتي گاڏين جي اچ وڃ ايئن جاري هوندي هئي، جيئن جسم جي رڳن ۾ رت جو وهڪرو جاري آهي، جتي دنيا جا پارڪ بند آهن، جن ۾ صبح ۽ شام ڪُٽنبن جا ڪُٽنب چهل قدمي ڪندا هئا ۽ منجهند جو پکي پنهنجو پيار ٻولي اظهاريندا هئا، انهن پارڪن ۾ پکي انسانن کان جدائيءَ جو گيت چئي رهيا آهن. جتي دنيا جون درسگاهون ٻارڙن جي ٻاتن ٻولن سان ٻهه ٻهه ٻهڪنديون ۽ ٻُرنديون هيون.

اتي اهي ريلوي اسٽيشنون به اداسيءَ جي ور چڙهي ويون آهن، جتي ماڻهو هڪ شهر کان ٻي شهر تائين ۽ هڪ دل کان ٻِي دل تائين ريل ذريعي سفر ڪندا هئا. انهن ريلوي اسٽيشنن تي بيٺل ريلن جي دٻن ۾ لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران گُلن گونچ ڪڍيا آهن ۽ جڏهن اهي گُلَ مُکڙي جهليندي ٽڙي پوندا ته لاڪ ڊائون جا ڏينهن ختم ٿي ويندا.
منهنجي هڪ ٻِي به خواهش آهي ته ريل جي سفر دوران مان هڪڙو اهڙو نظم لکان، جنهن ۾ اهي سڀئي منظرَ مصور بڻجي چٽيان، جيڪي به سفر دوران اک جي آرسيءَ ۾ ايندا وڃن.

فواد،
توکي هڪڙي ٻي ڳالهه ٻڌايان، خبر اٿئي ته اها ڳالهه ڪهڙي آهي۔؟ مون کي سال ياد ڪونهي پر ڳالهه ياد آهي. اها ڳالهه هي آهي، جنهن ۾ اسان جي ڪُٽنب ۾ هڪڙي اهڙي واقعي ڪارو واسينگ بڻجي گهر جي سڀني ڀاتين کي ڏنگيو، جنهن جو زهر هاڻي اسان جي رڳن ۾ اڄ به روان دوان آهي ۽ لوڪ جِي ٽوڪ جِي تلوار ڪڏهن ڪڏهن ته ٻه اڌ ڪري وجهندي آهي. ان واقعي تي مون پنهنجي ايندڙ خاڪن جي ڪتاب ۾ ڀيڻ ”لطيفان“ تي لکيل خاڪي ۾ تفصيل سان لکيو آهي. ڳالهه اها هئي، جيڪا توکي ٻڌائڻي هئي ته ان واقعي جي ٻي ڏينهن تي امان مون کي گهران وٺي سڌو وين اسٽاپ تي هلي. وين ۾ ويٺاسين ۽ ڪوٽڙيءَ وڃي لٿاسين نه ڄاڻ سُڃاڻ اچي سج لهڻ وارو هو ۽ اسان جيلاني ريسٽورنٽ جي اڳيان روڊ جي ڪُنڊ وٺي ويٺا هئاسين. ڪلاڪ ٻه گذريو ته هڪڙو نوجوان اسان کي گهوري ڏسڻ لڳو، جنهن جا ڪپڙا ميرا ۽ وار وکريل هئا. شايد مزدوري تان موٽيو هيو. هو آيو ۽ امان سان کيرٿري لهجي ۾ مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته ”ماسي اقبال آهين نه۔؟“ امان! جون اکيون ڀريل ۽ سڄيل هيون ڪاري برقي ۾ جهڙوڪ پاڻ کي لوڪ کان لڪائي رهي هئي. (اسان جي سماج جو مرد عورت کي ستن پردن مان به سڃاڻي وٺندو آهي، ان جي پويان ڪهڙا سبب آهن؟ اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو.) نوجوان جي پُڇا تي امان ها ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ امان کيس سڃاتو. اهو نوجوان بابا جِي ڀاڻج جو پُٽ منظور هيو. جيڪو پنهنجي اڪيلي ماءُ سان ريلوي ڪواٽر ۾ رهندو هيو.

اسان کي بگي ڪرائي تي ڪري پنهنجي گهر وٺي هليو. سندس گهر وارو علائقو جهڙوڪ عجائب گهر هيو. قديم بَڙَ جا وڻَ جن جا وار جهڙوڪ فطرت جِي ديوي وهنجڻ کان پوءِ پنهنجا ڪاڪُلَ سُڪائڻ لاءِ کولي ڇڏيا هجن. پُراڻا انگريزن جي دؤر جا ريلوي ڪواٽر جن ۾ پُراسرايت جي پردن جا تاڪيا کلندا پئي ويا. جتي اسان رهيل هئاسين اتي اهو نوجوان جيڪو اسان کي وٺي آيو هو اهو ۽ ٻي ان جِي امڙ رهندي هئي ۽ بس.

جڏهن شام ٿيندي هئي ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ مان پاس ٿي هوا ريلوي ڪالونيءَ ۾ پهچندي هئي ته لنڱن تي هٿڙا رکندي ويندي هئي ۽ سُڪون جون سُرڪيون پياريندي ويندي هئي ۽ جڏهن رات ٿيندي هئي ته ڪواٽر جي ورانڊي ۾ لڳل جافريءَ جُون دريون ۽ انهن مان بلب جِي ڦڪي روشني ڪيترن ئي ڪهاڻين کي جنم ڏيندي هئي ۽ جافري جي هر سوراخ مان هڪ ڪرادار ڏيکارڻ ۾ ايندو هو. جڏهن رات ٿيندي هئي ته چنڊ چٿرون ڪندو هو ۽ تارا ڪروڌ مان تڪيندا هئا ۽ رکي رکي ڪا ريل ڪُوڪندي ويندي هئي ته مان ۽ امان هڪ ٻئي ۾ لڪي ويندا هئاسين ۽ ڇرڪ جو ڇڪو اسان ٻنهي تي ڪري پوندو هو.

اتي رهڻ دوران اسان اَن جي بدران درد کائيندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته اسان برادريءَ کان ايئن ڪٽجي ويا هئاسين جيئن ڪنهن مسافر کان ريل ڇڏائجي ويندي آهي. هي سٽون لکندي منهنجا هٿ ڏڪي رهيا آهن ۽ اکين جي ڳوڙهن سان آڱرين جون ميڻ بتيون وسامي رهيون آهن.
خط جون آخري سٽون لکي رهيو آهيان ۽ پاڙي جِي مسجد مان موذن روزي رکڻ جي وقت ختم ٿيڻ جو اعلان ڪري ازان ڏيڻ بعد پُر سوز آواز ۾ ڪافي چئي رهيو آهي، جنهن جا ٻولَ ٻڌڻ بعد اڳتي هڪڙو به اکر نه ٿو لکي سگهان. ڪافي جا شروعات لفظ هي آهن:

وقت وڃئي ٿو ويل (مسافر) ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي،
ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي، ڪانهي ويل ويهڻ جي!
هلن ٽڪيٽون ڪرڪا سجاڳي،
ڪيئي وطن تي ويا ويراڳي،
اوجاڳا ڪر تون جانب جاڳي،
راهي ٿي ويندئي ريل مسافر!
ڪر ڪا ڪار ڪتڻ جي!

چڱو موڪلاڻي ڪونهي،
شال هميشه امان ۽ شاعريءَ جي ڇانوَ ۾ هوندين.

احمد شاڪر