ڇهون خط ــ حاجي ساند، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٨ اپريل ٢٠٢٠ع
حاجي!
سدا سُکيو رهين ۽
روحل واءُ مٿان کڙيل چنڊ کي
پُراڻي نِم جي وڻ وچان ڏسندو رهين
۽ سوچ جي اُونهي سمنڊ مان
غزلن ۽ نظمن جا موتي
ميڙيندو رهين.
اڄ لاڪ ڊائون کي ايڪٽيهون ڏينهن آهي ۽ مان مسلسل اکرن جي عالم ۾ ايئن گهمي رهيو آهيان، جيئن ڌرتيءَ جو گولو گهمي رهيو آهي. لاڪ ڊائون جا ڏينهن جتي ڏُهاڳَ بڻجي ڏيهه مٿان ڏائڻ جيان حملي آور ٿيا آهن ته اتي هن ڪيترين ئي تبديلين جا طوفان آندا آهن. انهي دوران تخليقڪار اڪيلائي سان چوويهه ڪلاڪ هم ڪلام آهي.
“اڪيلائي جيڪا تخليق جي ماءُ آهي.”
انهي اڪيلائيءَ جو فائدو کڻندي مون ڪيترو ئي پڙهيو ۽ لکيو آهي. هن وبا جي اچڻ سان هر مذهبَ جو در بند ٿي ويو آهي ۽ جيڪڏهن در بند ناهي ٿيو ته اهو سائنس جو آهي. اڄ سڄي دنيا جي هر فرد اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڪو به در اهڙو ناهي جيڪو هن وبا کان ڇوٽڪاري جي جهنڊي جهولائيندو سواءِ ليبارٽري جي ۽ سڄي دنيا جي هر فرد جون اکيون ليبارٽريءَ جي در تي وڇايون پيون آهن ته اجهو ٿو ڪورونا وائرس جي اعلاج جِي دريافت جو جهنڊو سائنسدان هٿ ۾ کڻي نڪري.
حاجي،
توکي اڄ مان هڪڙي اهڙي ڳالهه ٿو ٻڌايان جنهن جو پسمنظر تنهنجو گيت آهي.
”مان ڏسي رهيو هئس ته سج پهاڙن پويان آهستي آهستي لهي رهيو هو ۽ آڪاس تي آهستي آهستي چنڊ چڙهي رهيو هو. ان سمي من جي مندر جي ڏاڪڻ جي پهرين ڏاڪي تي هڪ ڊگهي قداور ڇوڪري هٿ تري تي ٻرندڙ ڏيئو کڻي اچي رهي آهي ۽ انهي منظر جي پسمنظر ۾ هڪ ڊگهو قديمي نِم جو وڻ آهي، جنهن جي مٿان چنڊ چونڪي ڏئي رهيو آهي ۽ هڪڙو شاعر شاعري لکي رهيو آهي.”
انهي منظر کي جڏهن مون ڏٺو ته مون کي تنهنجي خواهش جي پوري ٿيڻ جي خوشخبري ملي ته تنهنجي من جي مندر ۾ ”هُوءَ“ ڏيئا ٻارڻ آئي آهي، جنهن خواهش کي تو ”پُوڄارڻ“ گيت جو گهاڙيٽو ڏنو هو.
حاجي،
تو ڏانهن خط لکندي جڏهن مان هي سٽون لکي رهيو آهيان ته پني تي سُرخ سڏ ڏيندڙ شاعر نماڻو سنڌي سهڻي سنڌي ويس ۾ اڀري اچي اڳيان آيو آهي ۽ توکي سلام ڏئي رهيو آهي.
هڪ شاعر ٻي شاعر تي هڪ يار ٻي يار تي ايئن ئي لکي ٿو سگهي جيئن تو نماڻي سنڌي جي ورسيءَ تي لکيو هو.
تُون ان ديس جي اڀ تي
انڊلٺ ٿي اڀريو آهين
جتان جا ماڻهو انڌا آهن
حاجي،
اهو پيار ئي آهي، جيڪو پنهنجي هئڻ جو احساس ٿو پيدا ڪري. اهو پيار ئي آهي جيڪو پيءُ، ماءُ جي عظمت جا اُوچا مينار ٿو ڏيکاري ۽ اهو پيار ئي آهي، جنهن ميهڙ ۽ مُهراڻي جي ماڻهوءَ کي ايترو ويجهو ڪري ڇڏيو آهي، جيترو هڪ چهري تي ٻن اکين جو هئڻ ۽ انهن اکين جي وچ ۾ ٻن انچن جو فاصلو به مشڪل سان هوندو آهي.
”مون توسان اھڙي محبت ڪئي آهي
جھڙي محبت غلام قومن جا باغي
پنهنجي ڌرتي سان ڪندا آهن.”
مون کي روحل واءُ انهي ڪري به وڻندو آهي، جو اتي اڄ به سيد جو اصحابي ماما جمن دربدر جي صورت ۾ ساهه کڻي رهيو آهي، جنهن وطن جي آزاديءَ ۽ آسودگيءَ جا اکين ۾ خواب کڻي سنڌ جي ڳوٺن ۾ اهي ڇٽيا آهن.
مون کي روحل واءُ انهي ڪري به وڻندو آهي، جو اتي اڄ به باغي ۽ ان جي شاعري ساهه کڻي رهي آهي، جنهن شاعري قومي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي دلين جي ديس تائين هڪ ڪريون وکون کنيون آهن.
مون کي روحل واءُ انهيءَ ڪري به وڻندو آهي، جو اتي اڄ به قداوار شخص حاجي رهندو آهي، جنهن جو سنڌي شاعريءَ ۾ قد ڪاٺ ايئن پري کان نظر ٿو اچي، جيئن ميهڙ مان بيٺي سانجهيءَ ٽاڻي ڪارو جبل ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
مون کي روحل واءُ انهيءَ ڪري به وڻندو آهي، جو هن ڳوٺ جي ٽنهين شاعرن جي شاعري مون کي ڪالر کان ڇڪي جهلي بيهندي آهي ۽ پاڻ طرف توجهه ڇڪرائي چڪرائي ڇڏيندي آهي.
مون سان هڪڙي عجيب ٽريجڊي جڙي وئي آهي ته جنهن کي ٿورو به پنهنجو سمجهندو آهيان، ان سان اندر اوري ڇڏيندو آهيان، باقي لوڪ کي طاقت ئي ڪونهي ته منهنجي درد جي دنيا دريافت ڪري سگهي.
هر انسان
پنهنجي حصي جي تڪليف
پاڻ ئي پيدا ڪندو آهي.
جيئن راهه ويندي، ڪنهن بزرگ کان اڳ ڪونهي ڪڍبو،اهڙيءَ ئي طرح ان تحرير کان اڳ ڪڍڻ / اڳتي لکڻ کي مان گستاخي ٿو سمجهان.جنهن تحريرَ ۾ وطن وڏ ڦُڙي جيئن وسندو آهي. جنهن تحريرَ ۾ عورت جي عظمت اکيون کولي ڇڏيندي آهي.جنهن تحريرَ ۾شاعري جي ديوي رقص ڪندي آهي ۽ سڄي سرشٽيءَ کي ڪيف جي ڪائنات ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي.
حاجي،
ڪڏهن ڪڏهن ”هُن“ جي جدائي ايتري تڪليف ڏيندي آهي ۽ ان وقت لطيف جي هن بيت: مون کي چاڙهي چينءَ.... جو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويندو آهي.
مون کي ان وقت ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن، جو اسان وٽ هاڻي هڪ ٻئي لاءِ آٿت به ناهي رهي. انهيءَ کان وڌيڪ ٻي به ڪا حيرت ٿي سگهي ٿي!؟
مون جڏهن اياز صاحب کي پڙهيو ۽ ان پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ٿر جي پسمنظر ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ پنهنجي نثر ۾ ته سڄي ٿر کي کڻي رکي ڇڏيو اٿائين. هتي مان سندس ڪنهن به نظم ۽ نثر جو حوالو ڏئي خط کي طوالت کان بچائيندي، اصل ڳالهه ڏانهن اچان ٿو ۽ اُها ڳالهه اِها آهي ته اياز صاحب کي جڏهن پڙهندي جيڪو ٿر جو خاڪو منهنجي ذهن ۾ جُڙيو هو ۽ ٿر ته اڳي به الائي ڪيترا ئي ڀيرا ويو هئس پر جڏهن مون ويجهر ۾ وَس کان پوءِ جيڪو ٿر ڏٺو آهي ته مون تي حيرتن جا جهان کلي پيا آهن جو ستن ئي جنتن کي ٿر جي ساين ڀٽن جي ڀر ۾ ڪنڌ جهڪايل ڏٺو آهي.
حاجي،
مان هڪ ڀيرو ٻيهر ٿر توسان گڏجي گهمڻ ٿو چاهيان ۽ اهو به ڏڪار جي موسم ۾ ۽ ڪاري ڪاڙهي ۾ ٿر کي گهمڻ ۽ ڏسڻ ٿو چاهيان. انهي ڏڪار جي موسم ۾ ۽ ڪاري ڪاڙهي ۾ جيڪڏهن تون مون سان هم سفر ٿيڻ لاءِ تيار نه هوندين ته مان اڪيلو ئي نڪري پوندس ۽ جيڪڏهن انهي سير سفر ۾ مان ڪنهن ڀٽ جي ڀر ۾ يا ڏهر ۾ يا ڪنهن سُڪل ٺوٺ کُوهه کان ۽ ترائيءَ جي تري ۾ اُڃ وگهي مري به ويس ته اهو مون کي پورو پورو يقين آهي ته جڏهن جڏهن به پوءِ ٿر ۾ مينهن وسندا ۽ گاهه ڦُٽندا ته مينهن جي ڦُڙي ڦُڙيءَ ۾ گاهه جي گونچ گونچ ۾ منهنجو وجود ڪَر موڙي اُٿندو ۽ ٿر تي ”ٿڌو چنڊ“ کڙي پوندو.
ڳالهين مان ڳالهيون
ايئن نڪري رهيون آهن
جيئن وَس کان پوءِ
جبلن جو سخت سينو چيري نئيون
نڪري اينديون آهن.
حاجي،
جيئن ئي وبا جي وئڪسين تيار ٿيندي ۽ تنهن کان پوءِ جيڪا هر مُک تي مُرڪ جِي مُکڙي ٽڙندي ۽ ان مُرڪ مان جيڪو سُرخ گُلاب ڦُٽندو ته ان گُلاب جو پهريون پهريون تحفو ڪومل ۽ امرتا کي ڏيڻ حيدرآباد ويندس ۽ تنهن کان پوءِ تو ڏانهن ايندي ميرپُور ۾ ”ڪنهن“ جي چپن تي چُميءَ جو چنڊ چٽي تو وٽ ايندس ۽ روحل واءُ جي نِم هيٺان ويهي چنڊ، تون ۽ مان ڏات جي ڏيهه جي دري کولينداسين ۽ ڪانڀ ٻڌي ڪچهري ڪنداسين.
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.
مير حسن، اشرف، سائينداد کي سلام چئجانءِ ۽ غالب کي منهنجي طرفان هڪڙو ڀاڪر ضرور پائجانءِ.
تنهنجي سنگ جو ساٿي
احمد شاڪر