سترهون خط ــ عرفان لُنڊ، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٦ مئي ٢٠٢٠ع
عرفان،
مون کي خبر ناهي ته
هن وقت تون
ڪٿي ۽ ڪيئن هوندين
پر مون کي
اها خبر ضرور آهي ته
تنهنجي ذهن جِي زمين تي
تازو شعري سَلو
نڪرندو هوندو
۽ تنهنجا هٿَ
مزدوريءَ ۾ مشغول هوندا.
عرفان،
مون گهڻو ئي چاهيو پئي ته تو ڏانهن هڪ طويل خط نثري نظم جي صورت ۾ لکان جنهن ۾ انساني ارتقا کان ويندي پٿر جي دؤر تائين باهه جي ايجاد کان ڀالن جي ايجاد تائين مڪمل طور انهيءَ سڄي ارتقائي سفر ۾ عورت جي ڪردارَ تي لکان ها ۽ مان ان نثري نظم ۾ اهو به ضرور لکان ها ته اها عورت ئي آهي، جنهن جي دم سان خوبصورتيءَ جون سڀئي شڪليون جڙيون پيون آهن ۽ مون انهيءَ طريقي سان خط لکيو.... بار بار لکيو ۽ ڦاڙيندو رهيس ان جو اهو ئي سبب هيو ته نثري نظم طوالت ۾ پنهنجي انفراديت وڃائيندو پيو وڃي، تنهن ڪري مون هڪ ڀيرو ٻيهر هي خط تو ڏانهن لکي رهيو آهيان.
سڄي دنيا اندر ڪورونا وائرس جي ڪري خوف جا ڪارا ڪڪرَ هر وقت آڪاس تي وڇايا پيا آهن ۽ اهڙي وقت ۾ مون لاءِ هيءَ خبر ايئن آهي، جيئن مٿيان ڪڪرَ منهنجي مٿان وڏَ ڦُڙو ٿي وسيا آهن ۽ اها خبر هيءَ آهي ته:
”ترڪيءَ جي مشهور انقلابي بينڊ گروپ يوروم جي ميمبر هيلن بوليڪ، جيڪا مرڻ گهڙيءَ تائين بُک هڙتال تي ويٺل هئي. ڪجهه هفتا اڳ بُک هڙتال جي 288 ڏينهن تي سندس ساهه جو پکيئڙو اُڀ ڏانهن اڏامي ويو! هو گروپ يوروم تي لڳل پابنديءَ ۽ ان گروپ جي ميمبرن جي مسلسل گرفتارين خلاف بُک هڙتال تي ويٺل هئي!“
دنيا جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ عورت مٿان ڪابه تڪليف ايندي آهي يا ڪهاڙيءَ جو پاڇو ايندو آهي ته مون کي ايئن لڳندو آهي، جهڙوڪ اهو قهر جو ڪڪر منهنجي ماءُ ۽ ڀيڻن مٿان وسيو هجي.
عرفان،
ان ڏينهن ”هُن“ واٽس اپ تي وائيس ميسيج ۾ هڪ ڳالهه ٻڌائيندي به رهي ته روئيندي به رهي. مون هر روز ”هُن“ جا ٽهڪ ٻڌا هئا ۽ جڏهن مون پهريون ڀيرو ”هُن“ جي روئڻ جو آواز ٻڌو هو ته مون تي مزارن جيان ماٺ ڇائنجي وئي هئي. جنهن ڳالهه ”هُن“ کي تڪليف جي طوفان جي منهن ۾ ڏنو هو سا ڳالهه اها هئي ته ”هُن“ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ ويڊيو ڏٺي هئي، جيڪا ويڊيو افغانستان جي علائقي جلال آباد جي ڳوٺ جي هئي، جنهن ۾ هڪ کڏو کوٽيل آهي ۽ ان ۾ کيرَ جهڙي اڇي ڇوڪريءَ کي اڇلائي ڪري هڪ هجوم پٿرن جو مينهن وسائي ٿو، جن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف آهن ۽ الله هُو اڪبر.... جا به آواز بلند نعرا هڻي رهيا هوندا آهن. عرفي؛ جڏهن مون اها ويڊيو ڏٺي ته ڏڪي ويس ۽ مون کي ايئن لڳي رهيو هو ته اهي انساني شڪلين ۾ خون خوار ڀيڙيا هجن. جن کي آسان شڪار هٿ لڳي ويو هجي، جنهن تي هو خوشيءَ مان اُکيون هڻي رهيا هيا ۽ جڏهن هو ان ڇوڪريءَ تي پٿرَ اڇلائي رهيا هئا ته مون کي ايئن لڳي رهيو هو ته اهي پٿرَ ان ڇوڪريءَ تي نه پر ڪائنات جي چهري تي اڇلائي رهيا آهن ۽ جڏهن هن ڇوڪريءَ جون رڙيون ٻڌڻ ۾ آيون هيون ته مان سُڏڪن جي سمنڊ ۾ ٻڏي ٿي ويس.
عرفي،
توسان اڄ هڪ ڳالهه جي ڳنڍ کوليان ٿو ۽ ڳالهه، اِها آهي ته مون نه رڳو محسوس ڪيو آهي پر اکين سان به ڏٺو آهي ۽ مان توکي؛ ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون ڏيکاري سگهان ٿو، جيڪي اذيت جي اوٿرن ۾ رهندي به جيئڻ جا جتن ڪنديون رهنديون آهن ۽ مُحب؛ جي ملڻ جي اوسيئڙي ۾ مٿو اڇو ڪري ڇڏينديون آهن. ان ڳالهه کي اڳتي هلي چٽو ڪيان ٿو پر پهريان توکي مان ان عورت تي لکيل نظم ٿو پڙهايان.
نظم آهي:
خاموش سمنڊ جي سپَ....
زلزلن جهڙا ڌوڄندڙ طعنا
هر دفعي
هن جي
حصي ۾ اچن ٿا
هوءَ ڇوڪري
جنهن کي
تهمتن جي تخت تي ويهاريو ويو آهي
ان جي اندر ئي اندر ۾
دردن جي دريائن جا دورا
مشڪلاتن جا سڀئي مرحلا
معمول مطابق جاري آهن
هوءَ ان جي باوجود به
ٻڙڪ ٻاهر نه ٿي ڪڍي.
عرفي،
اها ڇوڪري اڄ به منهنجي اکين جي اڳيان آهي. مان جڏهن جڏهن به هن کي ڏسندو آهيان ته هوءَ؛ بخار جي مچ ۾ ٻرندي رهندي آهي! مون کانئس هڪ ڀيري پڇيو هيو ته ان جو ڪهڙو سبب آهي، جو توکي هر ڀيري بخار ٿو رهي۔؟ هن اهڙو جواب ڏنو هو جو مون ٻيهر ان کان ڪڏهن به ڪو سوال ڪونه ڪيو آهي. هن جواب ڏنو هو ته هڪ جوانيءَ جو جذبو آهي، جيڪو جنسي دؤرن جي دنيا ۾ داخل ڪري ڇڏيندو آهي، جنهن کي هر ڪو جنات جي سائي ۾ اڇلائي منهنجي جوڀن تي ٺٺول ڪندو آهي ۽ ٻي هن جِي جدائيءَ جي جيءُ جلائيندڙ جهوري آهي، جيڪا هر وقت جُون مهيني جا گرم جهولا وجود ۾ گهلائي ٿي ۽ مون کي ٻرندڙ آڙاهه ۾ اڇالي ڇڏي ٿي!“
ان سُٽ کي ڪير سُلجهائيندو ته آخر، اها اهڙي ڪهڙي قوت آهي، جيڪا عورت ۾ آهي، جنهن جي دم سان هوءَ دنيا جو هر ڏک برداشت ته ڪري ٿي وڃي پر لوڪ کي به لکا پوڻ نه ٿي ڏئي.
مون ڪجهه سالَ اڳ امرتا پريتم؛ جو ناول ”پنجر“ پڙهيو هو. جيڪو ورهاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هيءُ اهڙو ناول آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ مون کي ناول جو مرڪزي ڪردار ”پاروءِ“ ننڊ مان جاڳائي ڇڏيندي هئي. هوءَ؛ هر رات جو منهنجي سيرانديءَ کان اچي ويهندي هئي ۽ منهنجي ڪُلهي کي لوڏيندي هئي ته مون تي جاڳ جو در کُلي پوندو هو ۽ مان ڇرڪي پوندو هئس ۽ مسلسل ڏڪندو رهندو هئس. هن جون ڏرا ڏنل اکيون مون تي خوف تاري ڪري ڇڏينديون هيون ۽ اهو سلسلو ڪيترائي هفتا هلندو رهيو ۽ مان خوف وچان امان؛ سان گڏ سمهڻ لڳندو هئس. هڪ ڀيري رات جو دير سان گهر آيس ۽ ٿڪل ٽٽل هئس. مان جيئن ئي گهر جي چائنٺ ٽپي پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيس ته ”پاروءِ“ لکڻ، پڙهڻ واري ميز جي اڳيان رکيل ڪرسيءَ تي ويٺل هئي. ميزَ تي پنا ۽ پاروءِ جا وارَ وکريل هئا ۽ هن جي هٿ ۾ هڪڙو اڇو پنو هيو. هوءَ پنو منهنجي هٿ ۾ ڏئي ڪمري مان نڪري هلي وئي. پني تي لکيل هيو ته منهنجي حصي جو جيڪو درد امرتا پريتم؛ کان لکڻ وسري ويو آهي. اهو توکي لکڻو آهي ۽ مون کي انصاف ڏيارڻو آهي!“
عرفي؛ مون کي اها رات ڏنگڻ لڳي هئي ۽ مون کان هڪڙو نظم لکجي ويو هو. اهو نظم پڙهه
عورت....
مان مُسلسل اضطراب جي
اُونهيءَ غار ۾ ڪري رهي آهيان
ڪوبه اهڙو ڪونهي
جيڪو مون کي
سُڪون جي ڪناري تي
پهچائي
آئون فاتح سڏجڻ لڳي آهيان
ڇاڪاڻ ته
مون ڪربَ جو قلعو فتح ڪيو آهي
اِها ڪنهن کي به خبر ناهي ته
آئون لڳاتار ڀُري رهي آهيان
جڏهن کان
منهنجو وجود
مِٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي
ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو
جيڪو منهنجي هٿ ۾ جهليل بينر تي لکيل آهي، ۽
اهو سوال ته
”مون کي برابري گهرجي!“
انصاف جي اُگهاڙي تلوارَ
ميُوزم جي ڪٻٽَ ۾
اُڀي ڪري رکي وئي آهي
انصاف جِي ديويءَ جون
ٻئي اکيون ٻڌي
چوراهي تي
رکيو ويو آهي
کيس هٿ ۾ تارازي ڏني وئي آهي
جنهن جا ٻئي پُڙَ
هيٺ مٿي آهن.
مون کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي آهي، منهنجي مٿي تي هٿَ اچي ويندا آهن ۽ منهنجي وجود تي ڳڙو وسڻ شروع ٿي ويندو آهي جڏهن جڏهن به مان ڪنهن جي واتان عورت کي ڪهاڙين جي ڪاري ڪڪر هيٺان ايندي ٻڌندو آهيان!
توکي؛ هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته منهنجي ڏاڏي؛ بلڪل اهڙو ئي جاندار ۽ شاندار ڪردار آهي، جهڙو اڪبر جسڪاڻيءَ جي بتين واري نانيءَ جو آهي. هُوءَ؛ هميشه پنَ جي ٻيڙيءَ جي دونهين مان ڇلا ٺاهيندي هئي، جنهن ۾ ڪيترائي ڪهاڻيءَ جا ڪردارَ رقص ڪندا هوا ۾ گم ٿي ويندا هئا. جيڪڏهن گارشيا مارڪيز؛ منهنجي ڏاڏيءَ کي ڏسي ها ته هُو ضرور هن تي هڪڙو ڀرپُور پُراسرار ناول لکي ها.
هوءَ؛ هڪ ڀيري امان کي پنهنجي ڳوٺ جي ان عورت جي ڪهاڻي ٻڌائي رهي هئي، جيڪا عورت پيٽ جي عيوضي ۾ سندس پاڙي ۾ پرڻيل هئي. بُک ۽ ڏُک جي ڏيهه جِي پينٽنگ بڻيل هئي! ڏاڏيءَ.... امان؛ کي وڌيڪ اهو به ٻڌايو هو ته هن جي ڪنهن سان دل اٿيل هئي پر ڏاڍ جي زور تي هن کي پيٽ جي عيوض ننڍڙي عمر ۾ اڌڙوٽ عمر جي ڪاڪي سان شادي ڪرائي وئي، جنهن رات هن جي شادي ٿي رهي هئي، ان رات ڇوڪريءَ جي ماءُ ڪارو پٿر پِيتو هو ۽ سندس پورهيت پيءُ سُور پِي ويو هو ۽ ڇوڪريءَ کي چاچن پرڻائي ڇڏيو هو ۽ پيٽ جو عيوضو ڀرڻو ڇوڪريءَ جي چاچن کي هو پر ڏاڍ جي زور تي هنن پنهنجي ڀائٽي جو عيوضو ڀريو هو.
هن ڀريل ڳلي سان ڳالهه اڳتي ٻڌائيندي چيو ته هوءَ جڏهن جنڊ ۾ اَن ڏاريندي هئي ته هن کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهبو هو ته هوءَ جنڊ ۾ اَن کي پيهڻ بجاءِ پاڻ کي پيهي رهي هئي ۽ هوءَ جنڊ کي ايتري ته تيزي وٺرائيندي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن ته جنڊ جا پُڙا به جدا ٿي ويندا هئا.
ڏاڏيءَ؛ اهاڳالهه ڪري ٻيڙيءَ جو ڊگهو ڪش لڳايو ۽ خاموشيءَ جي کنڊ ۾ داخل ٿي وئي.
عرفان،
اسان جي سماج ۾ اڄ به عورت جهيڙيندڙ ڌرين جي بندوقن جو کاڄ بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن جڏهن به ڪنهن جرڳي ۾ ڇوڪرين جي سڱ چٽيءَ جي باري ۾ خبر پوندي آهي ته منهنجون ڏهه ئي آڱريون جهڙوڪ ڪُتر واري مشين ۾ اچي وينديون آهن ۽ ايتري تڪليف ٿيندي آهي، جهڙوڪ منهنجو وجود اگهاڙو ڪري انگاس تي ٽنگي ڳجهين حوالي ڪيو ويو هجي.
پاڻ ته هميشه گڏ آهيون ۽ هڪ ٻئي جو سڏ آهيون.
پنهنجو خيال رکجانءِ.... امرتا، گيت، سڀيتا ۽ تازي ٽڙيل گُل حماد کي تمام گهڻو پيار ڏجانءِ!
چڱو وري ٻئي خط تائين
گهڙي کن لاءِ اجازت گهرندس.
احمد شاڪر