چوٿون خط ــ جهانگير ڏاهري، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٤ اپريل ٢٠٢٠ع
جهانگير،
اميد ته خوش هوندين ۽
سُهائيءَ سان گڏ رقص ڪندو هوندين!
الائي ڇو توڏانهن خط لکندي لکندي دير ٿي وئي آهي. ان دير جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اها مون کي خبر ناهي. ممڪن آهي ته لڳاتار چار ڏينهن ۽ چار راتيون سخت پورهيي جي ڪري جيڪا جسماني ٿڪاوٽ ٿي آهي. ان جي ڪري لکڻ نه ٿو پڄي يا وري عالمي وبا کان پوءِ لاڪ ڊائون جي ڪري ”هُن“ سان نه ملڻ جي ڪري جيڪو ذهني ذري گهٽ نفسياتي مونجهاري ۾ ڦاسي پيو آهيان، جنهن سبب نه لکي سگهان ٿو نه پڙهي سگهان ٿو. پر ڇا به ٿئي مون کي خط ضرور لکڻو آهي.
تو ڪڏهن انهيءَ تي سوچيو آهي ته حيدرآباد کان اُتر طرف ٻه وسيع شاهراهون نڪرن ٿيون. هڪڙي دادو طرف ۽ ٻي مورو طرف ۽ اهي ٻه وسيع شاهراهون مون کي جهڙوڪ سنڌ جون ٻه ٻانهون لڳنديون آهن، جنهن جي هڪ ڪلهي کان سائين جي ايم سيد آهي ته ٻي ڪلهي کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي.
مان اصل ڳالهه تي اچڻ کان پهرين توسان هڪڙي ڳالهه هڪڙو خيال ونڊڻ چاهيان ٿو ۽ اها ڳالهه يا اهو خيال منهنجي ذهن جي زمين تي ان وقت اُسري آيو هو، جڏهن تون گذريل مهيني جي پهرين هفتي ڀٽ شاهه ڏانهن وٺي هليو هئين ۽ جيئن ئي پاڻ ڀٽ شاهه جي حدن ۾ داخل ٿيا هئاسين ته مون کي ايئن لڳو هو ته ڄڻ مان شاعريءَ جي شهر ۾ داخل ٿي رهيو آهيان. سج لهي رهيو هو. مرڪزي شهر جي هڪ ٿلهي تي وڏو مچ ٻري رهيو هو، سئو سوا ماڻهو ڪانڀ ٻڌي ويٺا هئا ۽ تنبوري جي تارَ مان جنم وٺندڙ تُون تُون تُون تي وجد جي انهي ڪيفيت ۾ اچي ٿي ويا، جنهن ڪيف ۾ مولانا رومي وجد ۾ اچي ڪونيا جي گهٽين ۾ رقص ڪندو هو.
”مان اهو منظر / محفل رُوبرو ڏسڻ ٿو چاهيان، جنهن ۾ خود لطيف سائين، فقيرن جي چوڪڙيءَ ۾ درگاهه واري وائي ڳائيندو هو ۽ ٻيا سڀ فقيرَ تنبوري جي تارن کي ڇيڙيندي آڱريون ڇلي وجهندا هئا، جن مان رت سيمو ڪري پئي وهندي هئي ۽ اهي بي سڌ پنهنجي ڌُن ۾ مگن هوندا هئا.
ڀٽ شاهه شاعريءَ جو شهر آهي.
بقول علي بابا: شاهه لطيف شاعريءَ جو الله آهي.
ڪڏهن ڪڏهن مون کي سنڌي ٻوليءَ جي اها چوڻي ڪوڙ لڳندي آهي ته هڪ ٻيلي ۾ ٻه شينهن نه ٿا رهي سگهن. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته ڀٽ شاهه جي ڳُتيل جهنگ ۾ ٻه شينهن نه رهن ها ۽ اهي شينهن اهڙا آهن، جيڪي هڪ ئي جهنگ ۾ رهن ٿا ۽ جڏهن گجن ٿا ته ٻنهين جي ٻولي (گجگوڙ) مختلف ۽ چٽي ٿي پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي.
اهي ٻئي ببر شينهن شاعر
شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز آهن.
لطيف: جيڪو سنڌي ٻوليءَ، سنڌي شاعريءَ ۽ سڄيءَ سنڌ جو شناختي ڪارڊ آهي.
اياز: جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ جو مُرڪندڙ، ٻهڪندڙ، چهڪندڙ مُک آهي.
جڏهن تنهنجي ننڍي ڀاءُ جي شادي تي ڳوٺ ڄام ڏاهري آيو هيس. اتان پوءِ ساجن راهوءَ سان سندس ڳوٺ ويو هئس. اتي رات موکيءَ جا جام مَٽ ذري گهٽ خالي ٿي ويا هئا ۽ اسُر اچي ٿيو ۽ سج ڪَر موڙڻ وارو هو ته ڪچهري کي اختتام جِي ڪنڌيءَ تي لڳائي مان حيدرآباد ڏي وڃڻ لاءِ گاڏيءَ ۾ ويٺس ۽ اوجاڳيل اکين سان لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ گُم سم هئس ته ڪلينر آواز ڏنو ڀٽ شاهه ..... ڀٽ شاهه گاڏي بريڪ هنئي ته مان به لهي پيس ۽ سڌو لطيف جي درگاهه تي حاضري ڀري جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته فقيرَ وائي ڳائي رهيا هئا. ”منهنجي آيل ماءُ“ ته منهنجي اڳيان ڀنڀور جو شهر اچي ويو ۽ سسئيءَ جا سڏڙا ۽ سُڏڪا سڄي سرشٽيءَ ۾ پڙاڏا بڻجي ويا هئا.
يار، مون کي معاف ڪجانءِ مان ان منظر کي نه ٿو چٽي سگهان!
توسان لطيف ۽ اياز جون ڳالهيون ان ڪري پيو ڪيان جو، تون لطيف ۽ اياز جو عاشق آهين ۽ عاشقن سان محبوبن جي ذڪر ڪرڻ وقت جيڪا سندن چهرن تي مُرڪ ۽ خوشي رقص ڪندي آهي، ان کي ڏسي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته هوبهو اهڙو ئي رقص سمبارا اسٽپوپا تي سج لٿي وقت ضرور ڪندي هوندي ۽ تارن جو به پنهنجي طرف توجهه ڇڪرائيندي هوندي.
مون کي خبر ناهي ته توکي آثارِ قديمه پاڻ کان به وڌيڪ ڇو پسند آهن۔؟ مون هي نظم سنڌي ڪهاڻي جي ڪاڪ جي راڻي، سنڌو دياهه ۽ سائين جي ايم سيد جي عاشق ۽ قديم سنڌ جي ڳولائو علي بابا لاءِ لکيو هو ۽ جڏهن هي خط تو ڏانهن لکي رهيو آهيان ته مون کي الائي ڇو ٿو لڳي ته هي نظم مون لکيو ئي تو لاءِ آهي.
ڪهاڻيڪار....
علي بابا!
تنهنجون آڱريُون
جيڪڏهن انجيل ڇُهن ها ته
هن دؤر جو عيسي' پيدا ٿي پئي سگهيو
تنهنجو ذهن
سنڌ جي سرزمين جي
اوائلي ڪردارن جي ڳولا لاءِ
مُسلسل گردش ۾ رهيو
نيڻ تنهنجا
سدائين
سنڌو جي پُراڻي ڪپَ کي
سنڌو جي اوج ۽ موج کي
۽ ڏاهر جي آزاد سنڌ کي
هميشه ڳوليندا رهيا
تنهنجي هر ڪهاڻيءَ جو ڪردار
رُوپو ۽ دودو آهي.
هنن لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ منهنجي دل جي در تي درد کوپو کوڙي ويهي رهيو آهي ۽ مان کيس پوري ڏيڍ مهيني کان هنيانوَ جي گوشت سان صبح، سانجهي مهماني جهلي رهيو آهيان ۽ اهو درد اسان جي ديس جي جهڙوڪ سڃاڻپ جي نشاني بڻجي ويو آهي. جيڪو هزارين سالن کان هر سنڌيءَ جي گهر ۾ لڏو لاهي ويهي رهيو آهي. درد جهڙوڪ اسان جي گهر جو ڀاتي هجي.
جهانگير،
توکي حيرت ٿيندي اهو ٻڌندي ته مون جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو آهي. اڳ ڪڏهن به ايڏو گهڻو لکيو ۽ نه ئي پڙهيو آهي، جيڏو لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران ڏيڍ مهيني ۾ لکيو ۽ پڙهيو آهي. اصل ۾ درد ۽ ڏات جون ڏاوڻيون مون هاڻي محسوس ڪيون آهن. قرنطينه ۾ رهڻ دوران ته آزاد هوا ڇا ٿيندي آهي.
قرنطينه ۾ رهڻ سان مون تي ڪيترن ئي رازن، ڳالهين ۽ ڳُجهن جا پردا چاڪ ٿيا آهن. انهن تي مان جدا ۽ تفصيل سان لکندس. هنن ڏينهن ۾ پنهنجو پاڻ سان ملڻ جو جيڪو تجربو ٿيو آهي، اهو سير سفر مان حاصل ٿيڻ کان سئو سيڪڙو مختلف آهي. حقيقت اها آهي، ته جيڪو مزو پنهنجو پاڻ سان ملڻ جو آهي، اهو مزو ذري گهٽ ماءُ سان ۽ محبوبا سان ملڻ جهڙو آهي. هن پئراگراف ۾ مون جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، جهڙوڪ رازن، ڳالهين ۽ ڳجهن جون پنهنجو پاڻ سان ملڻ جون اهي سڀئي ڳالهيون مون لاءِ هڪ وسيع ۽ منفرد ناول جو جهڙوڪ پلاٽ کڻي آيون آهن. جي ناول نه لکي سگهيس ته ڪو طويل مقالو مان انهن سڀني ڳالهين تي ضرور لکندس.
هينئر صبح جا اٺ ٿيا آهن ۽ مون کي هڪ ڪارخاني جي سيٺ کي کاتو فيئر ڪري ڏيڻو آهي ۽ بدلي ۾ اٽو وٺي گهر واپس اچڻو آهي ۽ رف ڪم کي فيئر به ڪرڻو آهي ۽ اُرون ڌتي راءِ جو تازو ناول ”بي انت خوشيءَ جي مملڪيت “ کي به پڙهڻو آهي، جيڪو ممڪن آهي ته اڄ رات پڙهي پورو ڪندس ۽ تنهن کان پوءِ گارشيا مارڪيز جو ناول ”وبا جي ڏينهن ۾ محبت“ پڙهندس.
ڳالهيون آهن ڳچ
موڪلاڻي ڪونهي
سهائي کي سڪ ڀريو سلام!
احمد شاڪر