ستون خط ــ امر اقبال، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٣٠ اپريل ٢٠٢٠ع
امر ،
شال سرهو هوندين
خيرپُور جي
کجين جيان اُوچي ڪَر سان
بيٺو هوندين
ڏات جي ڏيهه ڏانهن
ويندڙ واٽ کي نهاريندي
نظم جا ننڍڙا پکي
پني تي لاهيندو هوندين!
امر،
هن خط وسيلي مان توتي ڪيترن ئي خيالن جي خزانن جا در کوليندس ۽ خاص ڪري هن خط ۾ خيرپُور ۽ خيرپُور جون کجيون، بالي ۽ مير علي نواز ناز ٽالپر جي سارَ جِي عاليشان عمارت جوڙي راس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ توسان پيار ونڊيندس.
توکي حيرت ٿيندي اهو ٻڌائيندي ته منهنجن ستن ڀينرن ۽ منهنجي ڄاڻ ۾ امان جو نالو ”اقبال“ جي نالي سان هيو ۽ جڏهن منهنجي جنم ڏينهن تي هن سال ٥ فيبروري ٢٠٢٠ع تي سائين علي دوست عاجز فيس بُڪ تي پوسٽ رکي هئي. مان چاهيان ٿو ته پهريان اها پوسٽ توکي پڙهايان:
”هن جي ڄمڻ کان پوءِ، پڻس رڳو ايترو وقت هيو، جيستائين هن اکيون مس کوليون، تنهن ڪري پڻس هن کي ته ڏٺو، پر هي پيءُ کي پوري طرح ڏسي ڪونه سگهيو، جنهن کي ڊائلاسز پِي وئي!
ماڻس مريم ڪونه هئي، جنهن عيسيٰ کي جنم ڏنو هو، پر هن لاء ربُ ھئي، جنهن ماءُ کي ڇھ نياڻيون ۽ ھڪ صغير پُٽ هجي، تنهن کي ربُ ٿيڻو ئي پوندو آھي!
ارباب کي ڏسي، قرآن جي ان آيت جو مفهوم ڪنهن قدر سمجھ ۾ اچيو وڃي، ته: ”اسان انسان کي ڏک ۾ پوڻ لا خلقيو آھي!“ جنهن جي هڪ ننڍڙي نياڻي جي وفات جو سبب به ڇڙو ننڌڻڪائي ئي هئي!
هي شعر و ادب جي دنيا ۾ ايئن داخل ٿيو، جيئن هرڻي جو ٻچو شينهن جي شڪار گاھ ۾ وڃي نڪرندو آھي. مون هن کي هيسائي، دل شڪستو ڪرڻ نه ٿي چاهيو. رڳو هڪ ڏينهن ايترو سو، چيو مانس: ”شينهن ته رڳو بُک ۾ شڪار ڪندا آھن، پر هن پاسي هاتار ٿئي، ايڏانھن ڀُلجي به نه وڃجانءِ!“
زندگي ڇاهي، اهو هن کي ٻيو ڪير ڇا ڏسيندو، اها ته هن کي پاڻ روز اکيون پئي ڏيکاريندي آھي!
تن ڏينھين هي اڃا مڪي پاڪ ۾ ئي هئا، مون خط يا ڪيسٽ ۾ ماڻس کان احوال وٺندي، هن سُوڌو ٻين ٻارن جو پُڇيو هو. تڏھن هن ڏُک ڪندي، امان کي چيو هو: ”ادي کي ته منهنجي هڪڙي پُٽ جو نالو به صحي ياد ناهي!“ اڄ الاءِ ڪيترن سالن کان پوءِ، جڏھن هن جي پُٽ جو ادبي حوالي سان ٻيو جنم به ٿي چُڪو آھي، تڏھن آنءُ ساڻس مخاطب ٿيندي، سندس پُٽ جو صحي نالو کڻندي، چوان ٿو ته:
”ارباب!
توکي احمد شاڪر جي جنم ڏينهن جون واڌايون هجن!“
اِن ڳالهه ڪرڻ جو خبر اٿئي ته سبب ڇا آهي۔؟ سبب اِهو آهي، جو مون کي ان ڏينهن اها خبر پئي ته امان جو نالو ”ارباب“ آهي ۽ ان کان اڳ اسان جي ڄاڻ ۾ امان جو نالو ”اقبال“ هيو. مون جيئن ئي تو ڏانهن خط لکڻ شروع ڪيو ۽ جيئن ئي تنهنجو نالو اقبال لکيو ته امان جو خُوبصُورت چهرو اکين جي تلاءُ ۾ ترڻ لڳو.
امر،
توکي هڪ ٻِي به ڳالهه ٿو ٻڌائيندو هلان ته هي جيڪي مان لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران خطَ لکي رهيو آهيان. انهن جي لکڻ جي پويان تنهنجو ئي هٿ آهي ۽ مان تنهنجو شڪر گذار آهيان، جو تون مون وٽ هڪ ننڍڙو سوال کڻي آئين ۽ مان ان کي هڪ نه پر ڪيترا ئي خطَ لکي جواب ڏئي رهيو آهيان ۽ اهي خطَ جڏهن جڏهن به پڙهيا ويندا ته انهن مان خيرپُور ميرس جي مِٺي امر اقبال جِي شڪر گذاريءَ سان شروعات ٿيندي.
خيرپُور جيڪو ڪيترن ئي حوالن سان هر هينئين ۾ هُري رهيو آهي. هيءُ اهو شهر آهي، جنهن ۾ اڄ به فيض محل اُوچائيءَ سان اُڀ ڏانهن اکيون ڪري بيٺو آهي، جهڙوڪ چنڊ کي چُمي ڏئي رهيو آهي.
خيرپُور جيڪو کجين جي ڊگهن ۽ مضبوط سپاهين جي ڪَڙي ۾ محفوظ آهي ۽ انهن سپاهين جي هٿن ۾ ڦرها آهن، جيڪي مون کي ڪڏهن ڪڏهن ته شهيد راجا ڏاهر ۽ شهيد هوشو شيديءَ جي تلوار جيان لڳندا آهن.
خيرپُور جيڪو
باليءَ جي ٻانهن ۾ موتيي جو ڪڱڻ آهي.
خيرپُور جيڪو
مير علي نواز ناز جي پڳ ۾ لڳل ڪوههِ نُور جو تجلا ڇڏيندڙ موتي آهي.
خيرپُور جيڪو
آڪاس تي اڀريل انڊلٺ آهي، جنهن ڏانهن هر اک کڄي ٿي وڃي.
خيرپُور جيڪو
سنڌي ڪلاسيڪل صنف ڪافي آهي، جنهن کي سينگار علي سليم ڳائي رهيو آهي.
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
آسان به آ دشوار به آ
تنهنجي واعدي تي اعتبار ڪهڙو
اقرار به آ انڪار به آ
امر،
هي سٽون لکندي لکندي منهنجي اڳيان هڪڙو اهڙو محل اچي ويو آهي، جنهن ۾ درٻاري فيصلن جي پاران مشاعرو ٿي رهيو آهي ۽ جنهن ۾ سوين شاعرَ شاعري پڙهي رهيا آهن. ڪنهن مهل شمعِ محفل ڪنهن ڏانهن ته ڪنهن مهل ڪنهن ڏانهن ڦري رهي آهي ۽ جڏهن شمعِ محفل مشاعري جي صدارت ڪندڙ وٽ پهچي ٿي ته ان جي جهيڻي نارنگي روشنيءَ ۾ مير علي نواز ناز جو چهرو چٽو ٿو نظر اچي ۽ هو ترنم ۾ ڪافي پڙهي رهيو آهي.
مون کي منهنجي وطن جون کجون، تُلسي داس جِي ڪويتا کان مختلف لڳنديون آهن. اُهي مون کي ڏوڏي ۽ ڪتل جي صورت ۾ مٺو ميوو به ڏينديون آهن ته ڇانوَ به ڏينديون آهن.
تلسی ایسی پریت نہ کریو جیسی لمبی کھجور،
دھوپ لگے تو چھائوں نہیں بوکھ لگے تو پھل دور.
هڪڙي بالي هئي.
هڪڙو مير علي نواز ناز هيو.
هڪڙو عشق هيو / آهي.
هڪڙو خيرپُور آهي، جنهن ۾ اڄ به باليءَ جو عاشق ۽ شاعر.... آغا شاعر قزلباش دهلويءَ جو شاگرد مير علي نواز ناز پنهنجي جڳ مشهور ڪافي سوز و سُرور سان ترنم ۾ چئي رهيو آهي ۽ رات جامد ٿي وئي آهي. وڻن جا پنَ ڇڻي رهيا آهن ۽ تڪليف جو اوٿر گهلي رهيو آهي. ان ڪافي جو آواز آهستي آهستي چٽو ٿو ٻڌڻ ۾ اچي ۽ هنيانءُ هڪ دم هٿن ۾ ٿو اچي وڃي.
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان جان جو جانان نه رهيو،
بزم خلوت نه رهي عيش جو سامان نه رهيو.
مون کي اها خبر ڪونهي ته تو هيءَ سٽ ”ڇا رکيو آهي، امر اقبال ۾“ ڇو، ڇا لاءِ، ڪيئن ۽ ڪهڙي منظر / پسمنظر ۾ لکي آهي، بهتر تون ئي ڄاڻي ۽ سمجهي سگهين ٿو.
مان توکي ٻڌايان ته ڇا رکيو آهي، امر اقبال ۾۔؟
امر اقبال ۾ شاعري آهي، شاعري به اهڙي، جنهن ۾ غزلَ گفتگو ڪري رهيا آهن ۽ نظمَ نيري رنگ مائل آسمان جي نديءَ ۾ تري رهيا آهن.
ڪيڏا ڪشاده رستا آهن ۽ انهن جي ٻنهين ڪنڌين کان کجين جا باغ آهن، جيڪي کجيون پورهيتن جي پگهر تي وڏيون ٿيون آهن، الائي جي ته جَر تي. اها مون کي خبر ڪونهي، پر مون کي اها خبر ضرور آهي ته انهن کجين ۾ جڏهن ميوو پچي راس ٿيندو آهي ته پهريان انهن پورهيتن جي هٿن مان پاس ٿي ايندو آهي، پوءِ هر هٿ ۽ وات تائين پهچندو آهي.
پورهيت
جيڪو مِٽيءَ جو مشتاق آهي
مِٽي
جيڪا پهريان ماءُ آهي
مِٽي
جيڪا پوءِ محبوب آهي
مِٽي
جيڪا وري ماءُ آهي
۽ پورهيت
جيڪو ان جو مشتاق آهي.
امر،
هن وقت مان تو ڏانهن خط لکي رهيو آهيان
امان پنجون روزو خارڪُونءَ سان کولي رهي آهي
نيرو آڪاس پُراسرار ٿي رهيو آهي
چنڊ چٽو ٿو وڃي ٿيندو ۽
تارا کُڙکٻيتن جيان ٽمڪي رهيا آهن.
مون کي اها خبر ڪونهي ته هنن وبا جي ڏينهن دوران تنهنجو وقت ڪيئن پيو گذري؟
ڇا لکين ۽ پڙهين پيو؟
خط جي جواب ۾ ضرور ٻڌائجان.
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.
منهنجا جاني
احمد شاڪر