چوڏهون خط ــ امداد سولنگي، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
١٩ مئي٢٠٢٠ع
امداد،
اميد ته
موري جِي
مِٽيءَ جي هڳاءُ سان
هينئون ٺاريندي
لاڪ ڊائون جي ڏينهن کي
لکڻ، پڙهڻ ۽ پيار ڪرڻ ۾
تبديل ڪري
مطالعي جِي ميز تان
نثر ۽ نظم جُون
ننڍڙيون ننڍڙيون نديون
ٺاهيندو هوندين.
امداد،
هن خط ذريعي مان توسان ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهيان، جيڪي بظاهر ته عام آهن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪٿي ڪٿي حيرت جو عجائب گهر ضرور ٿي سگهن ٿيون. هڪ ته هيءَ مڪمل ڪائنات هڪ وسيع گهر آهي، جنهن ۾ هر جيو کان ويندي سڄي دنيا جون شيون رهن ٿيون. اهڙيءَ ئي طرح هڪ ڪُٽنب لاءِ گهر هوندو آهي، جنهن ۾ پيءُ ماءُ، ڀاءُ ڀيڻ، گهر واري ٻارڙا رهن ٿا ۽ اهڙيءَ ئي طرح سان انساني جسم به هڪ گهر آهي، جنهن ۾ روح رهي ٿو ۽ نه ڄاڻ ته ڇا ڇا...
جيڪي توسان ڳالهيون ڪرڻيون آهن، اهي ڪرڻ کان پهرين مان توکي هڪڙي مختصر ڪهاڻي ٿو ٻڌايان ڇاڪاڻ ته تون انهيءَ ڪهاڻيءَ کي چڱي طرح ٻڌي، پڙهي ۽ سمجهي سگهين ٿو.
ڪهاڻي اها آهي جو:
”هڪ نوجوان ڇوڪرو هوندو آهي، جيڪو صبح جو سوير اسڪول ويندو آهي، اسڪول مان موٽي ماني کائي پاڙي جي دڪان تي ڪم لاءِ هليو ويندو آهي. سانجهيءَ ٽاڻي گهر ورندي. وِهِنجي سِهِنجي ماني ٽڪي کائي لالٽين جي روشني ۾ دُعا نِما هٿن ۾ ڪتاب جهلي پڙهندو آهي. ان ڪتاب ۾ اهو لکيل هوندو آهي ته هڪڙي ڪُتب خاني ۾ ڇوڪري ڪتاب پڙهي رهي آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته دُن کان ٿورو مٿي بُک کان جڏهن ڪنڌ نه ٿو ڪڍرائي سگهجي ته دُن کان ٿورو هيٺ بُک کان ڪَن لاٽار ڇو ٿي ڪئي وڃي۔؟
هُو اهي سٽون پڙهندي ئي ڪتاب بند ڪري پنهنجي ماءُ کان پڇندو آهي ته؛
امان!
ڇا چنڊ کي به اسان جيان بُک لڳندي آهي۔؟“
امداد،
هيءَ دنيا هڪ اهڙو گهر آهي، جنهن ۾ هر هڪ ملڪ ڪمرو آهي. هيءَ دنيا هڪ اهڙو گهر آهي، جنهن ۾ هر هڪ ماڻهو هڪٻئي جي گهر جو ڀاتي آهي ۽ هيءَ دنيا هڪ اهڙو گهر آهي، جنهن ۾ هر هڪ ساهوارو ان گهر جو وارث آهي. امداد؛ منهنجو جنم ته سعودي عرب (مڪي) ۾ ٿيو هو، پر جڏهن مون اک کولي ته سڀ کان پهرين امان ارباب؛ جِي صُورت کي ڏٺو هو، اهڙي صُورت جنهن لاءِ مون کي هينئر تائين ڪائنات ۾ ڪٿي به تشبيهه نظر ناهي آئي، نه ڪتابن ۾، نه محبوبائن ۾ ۽ نه ئي وري سوچ جي سفر ۾ مون کي نظر آئي ۽ اهو سوچ جو سفر جاڳ ۾ به جاري هوندو آهي ته ننڊ ۾ به ان سان نينهن نڀائيندو آهيان.
مان ننڍڙو هئس (هينئر به ننڍو ئي آهيان پر بقول امان جي ته ´توجا دوست ڪُراڙا، توجي اُٿڻي ويهڻيءَ نُون وندي شوق به ڪُراڙان وارا) ته هڪ ڪرياني جي دُڪان تي بيٺل هوندو هئس. ان دڪان تي مون زندگيءَ جا پُورا تيرنهن سالَ ڪم ڪيو ۽ انهن تيرنهن سالن جِي محنت مان مون ڪڏهن به هڪ روپيو نه ڏٺو. اهي سڀئي پئسا مون قرض ۾ لاٿا ۽ اهو قرض منهنجي امان ۽ مان گڏجي کڻي ننڍڙو گهر ٺهرايو هيو. جنهن سيٺ جي دڪان تي مان ڪم ڪندو هئس. اهو تبليغ جماعت جو هيو ۽ هڪ ڀيري هو گهر وارن کي اهو چئي ويو ته مان چاليهه ڏينهن تبليغ تي ٿو وڃان ۽ پورا ست مهينا تبليغ ڪري موٽيو. هڪ ڀيري مون کائنس پڇيو ته سيٺ؛ توهان ڪيڏانهن ويا هئا تبليغ لاءِ۔؟ چيو هيائين؛ مون سميت ست ڄڻا ميهڙ شهر جا ۽ مجموعي طور سنڌ مان ويهارو کن سائوٿ افريڪا ويا هئاسين. مون چيو ته اتي ڪهڙي تبليغ ڪئي؟
امداد،
توکي حيرت ٿيندي ته هن حيرت ۾ وجهندڙ جواب ڏنو. جيڪڏهن مون کي وقت مليو ته مان ان کان وڌيڪ معلومات وٺي توکي ٻڌائيندس. هن چيو ٿي ته؛ افريڪا جي جنهن علائقي ۾ اسان وياسين ۽ تبليغ ڪرڻ لڳاسين ۽ اتان جي ماڻهن کي جنت جون، حُورن جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳاسين ته اتان جا گهڻا ماڻهو اسان جِي ڳالهين تي کلڻ لڳا. هڪ ڀيري ڪنهن ڳوٺ ۾ هياسين. ان ڳوٺ جو هڪ استاد اسان سڀني کي هڪڙي جهنگ ۾ وٺي ويو ۽ هُن اهو سڄو ڏينهن اسان کي گهمايو ڦيرايو. ڇا ڏسون ته هر اهو ميوو هيو ۽ مختلف عام ميون کان جنهن جو جنت جي ميوي سان ڀيٽايل آهي. ڊگها ڊگها جهرڻا جن جِي موسيقي ٻڌي ڪري سڪون جون سرحدون کلي ٿي ويون. ننڍڙا ننڍڙا وهندڙ واههَ جن جو پاڻي اڇو اڇو کير جهڙو ۽ ذائقي ۾ مِٺي ماکيءَ جهڙو. وڌيڪ تڏهن حيرت ٿي جڏهن هڪ ڳوٺ ۾ هُو اسان کي وٺي هليو ته اتان جي عورتن کي ڏسي ڪري اسان جا حواس باخته ٿي ويا. بلڪل فطرت جا اهي سڀئي رنگ ويجهي کان ڏٺا، جيڪي اسان کي تصوراتي جنت جا ٻڌايا ويا هئا.
سو؛ هيءَ دنيا اهڙو گهر آهي، جنهن ۾ اهي سڀئي شيون وڌيڪ خوبصورت ۽ حقيقي طور موجود آهن، جيڪي جنت جي قصي ۾ ٻڌايل آهن. هيءَ دنيا اهڙو گهر آهي، جنهن ۾ اهي سڀئي رنگينون وجود رکندڙ آهن، جن کي ڏسي، ڇُهي روح کي راحت ڏئي ٿي سگهجي. هيءَ دنيا سڀني جنتن کان کربين ڀيرا وڌيڪ خوبصورت آهي، جن جو ڪوئي وجود ڪونهي. جيڪڏهن انسان برابريءَ جي بنياد تي هڪ ٻئي سان هلڻ لڳي، جيڪڏهن انسان پيار، محبت جون هڪٻئي لاءِ مٽيون ڀري ته هيءَ دنيا جيڪا اڳي ئي جنت آهي، سا ويتر ئي انڊلٺ جي رنگن جيان وڻندڙ لڳندي.
امداد،
جيئن دنيا هڪڙو گهر آهي، بلڪل هڪڙو اهڙو به گهر آهي، جنهن ۾ اسان انسان رهون ٿا. پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، زال، اولاد سڀئي گڏجي ڪري زندگيءَ ۾ رنگَ ڀريون ٿا ۽ کلندي کلندي، روئندي روئندي گذاريون ٿا. امداد؛ اسان جو ڪُٽنب سعودي عرب مان 2000ع ۾ سنڌ آيو ۽ ميهڙ ۾ بابا پنهنجي دوست عاشق جويو جي گهر ۾ اچي رهيو. جتي ئي بابا جي تُرت وفات ٿي ۽ ان ئي گهر ۾ مون کان سال وڏي ڀيڻ ”زهرا“ چئن سالن جِي عمر ۾ معمولي ناچاڪيءَ ۽ لاوارثي ۾ گذاري وئي. هيءُ اهو گهر هو، جتي مون اک کولي ۽ هيءُ ئي اهو گهر هو، جتي مون امان، ڏاڏي، ڀينرون پهريون ڀيرو ڏٺيون.
ان گهر ۾ اسان جو ڪُٽنب چار، پنج سال رهيو. ان گهر جِي پُٺ ۾ اسان جي عزيز جو گهر هيو، جيڪو ڏاڏي مينهن کپائي ستر هزار ۾ خريديو هو (جنهن ۾ هينئر مان، امان ۽ ننڍي ڀيڻ بشيران رهون پيا) جيڪڏهن ڪير ستر لکَ ڏئي ته به نه ڏيان. امداد؛ جنهن گهر جي پڌر تي آڌيءَ رات جو ويهي مان توڏانهن هي خط لکي رهيو آهيان. اهو گهر جڏهن ڏاڏي ورتو هو. تڏهن هيءُ گهر بنگلي نما هيو، جنهن ۾ هڪڙو وڏو ڪمرو هو، جنهن جو منهن حيدرآباد طرف هوندو هو، جنهن جي کاٻي پاسي کان ڏاڪڻ هوندي هئي، جنهن ۾ ٻن کٽن جو آڳر هوندو هيو. هيءُ اهو ئي گهر هيو، جنهن ۾ مان، منهنجون ڀينرون وڏيون ٿيون ۽ ڏُکن جي ڏاج سان گهر جِي چائنٺ اُڪري پلوء ۾ امان جو پيار کڻي ويون.
امداد،
جيڪڏهن مان ان گهر کي اڳيان رکي ڪري، پنهنجي ڏاڏي، امان ۽ ڀينرن کي ڪردار طور پيش ڪيان ته مان ان دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته هڪڙو زبردست ناول لکي ٿو سگهان، جنهن ۾ اهڙيون ڳالهيون به هونديون جن کي پڙهي ڪري اکيون پٿرائجي به سگهن ٿيون ته هينيانءُ هٿ ۾ به اچي سگهي ٿو! ويجهر ۾ ئي اهو گهر جُهري پيو هو. اصل ۾ ان گهر جِي ڀتين کي ان ڏينهن ڏار پئجي ويا هئا، جنهن ڏينهن امان ڪُراڙيءَ (ڏاڏيءَ) جو جنازو کڏيو هو! جڳهه جُهرندي وئي، جڏهن جڏهن به مينهن وسندا هئا ته مينهن جو سڄو پاڻي ڪمري ۾ ڪاهي پوندو هو ۽ کٽ جي پائي تائين پهچي ويندو هو. سڀني پاڙي وارن گڏجي ڪري دٻاءُ وڌو ته جڳهه ڪهڙي به وقت ڪري سگهي ٿي ۽ گهڻو نقصان ڏئي سگهي ٿي. اسان ايتري تڪليف ۾ اچي وياسين جو، آخرڪار مان ۽ امان پاڙي وارن کي اهو چيو ته اسان وٽ ايتري وسيعت ئي ناهي جو جڳهه ڊهرائي ڪري نئين ٺهرايون.... امداد؛ مون کي معاف ڪجانءِ، مان ان ڪرب کي اڳتي اظهاري نه ٿو سگهان.
مان ڪرياني جي دڪان تي ئي بيٺل هئس سو مون قرض کنيو. امان پنهنجا ڳهه ڳٽا کپايا ۽ اسان ڇهه سئو فٽن تي ننڍڙو گهر ٺهرايو، جنهن ۾ هن وقت رهون ٿا. هن گهر ۾ نه ورانڊو آهي، نه بورچي خانو آهي، نه ڏاڪڻ آهي ۽ نه ئي وري ڪو ٻن کٽن کان وڌيڪ اڱڻ آهي. جڏهن جڏهن به هُو گهر ياد ايندو آهي ته ٿڌو ساهه کڄي ويندو آهي ۽ هلڪڙيون اکيون آليون ٿي وينديون آهن. ننڍڙي گهر ۾ رهڻ ڪري سيارو سخت ستائيندو آهي. ٿڌ اڌو اڌ ڪري ڇڏيندي آهي! وري گرمي جيڪا حالت ڪندي آهي، جنهن کي ڪنهن به لفظن ۾ اظهاري نه ٿو سگهجي. مون گذريل سال جُون جي مهيني ۾ منجهند جو هن ئي گهر جي ڪمري ۾ ويٺي هڪڙو نثري نظم لکيو هو. ان نظم جي زمين، هيءُ گهر آهي ۽ اهو نثري نظم هي آهي؛
ٽارچر سيل....
چار ديوارون ڪاريون
جهيڻي نارنگي روشني ڏيندڙ بلب
سانت جي سلطنت
رکي رکي ڇرڪ ڀرائي ٿي
ڳورو مٿو
ڏڪندڙ هٿَ
ڌڙڪندڙ دل
ٽنگن جي وچان وهندڙ رت
کڙڪندڙ در
ڪن ڦاڙ آوازَ
گارين جي ريل ڇُٽي پئي ٿي
نِيم بيهوشي طاري ٿئي ٿي
اک کُلي ٿي ۽ ڪاري قبر ۾
پاڻ کي قيد ڏسان ٿو
ڇرڪي پوان ٿو!
ان کان وڌيڪ مان توکي ڪهڙي ڳالهه ٻڌايان جيڪا رهي ٿي۔.!؟
امداد،
خط طوالت ٿو اختيار ڪندو وڃي ۽ مان ان طوالت کي ڏسندي سڀني ڳالهين جو اڳ ٿو جهليان. توسان؛ هڪ ٻه ڳالهيون ونڊي وري مان شاعريءَ ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿو، جيڪا هار سينگار ڪري ڪمري ۾ رکيل ٽيبل تي ڪتابن سان ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ منهنجو انتظار ڪري رهي آهي ۽ جڏهن مان ان سان ملندس ته ڪيترن ئي غزلن ۽ نظمن جو جنم ٿيندو، جن غزلن ۽ نظمن ۾ شاعريءَ جهڙي پري پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي نچندي. ان کان سواءِ مون کي اهڙا به ڪجهه ڏينهن کان خيال اچي رهيا آهن، جن ۾ وبا جي ڏينهن جون ڀيانڪ شڪليون به آهن ته اڪيلائي جون پٿرايل اکيون به آهن ۽ خوف جون کوڻيون به آهن.
مون خط جي شروعات ۾ انساني جسم کي به گهر سڏيو آهي. اهو ان ڪري جو، انساني جسم ۾ رڳو رت ۽ گوشت ناهي. ان ۾ ته هڪ مڪمل ۽ پوري ڪائنات ويٺي آهي. مون کان وڌيڪ ان تي علمِ طبع جوعالم ئي ڳالهائي سگهي ٿو ۽ اهو ئي ان تي ڳالهائي ته بهتر آهي. مون ته انساني جسم کي ان ڪري گهر سڏيو آهي جو، ان گهر ۾ پيءُ ماءُ جو پيار رهي ٿو ۽ پلجي ٿو. ڀينرن ڀائرن لاءِ ڀائپي ۽ انسانن لاءِ اُنس اُسري ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ ”محبوبا“ لاءِ محبت جو درياهه موجون هڻندو رهي ٿو.
امداد،
لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران منهنجي اڳيان جيڪي به نڪور تخليقون گذريون آهن، انهن ۾ تنهنجون تحريرون انتهائي وقتائتيون لڳيون آهن. جيڪڏهن سڀئي لکندڙ روز جي بنياد تي هڪ صفحو لکن ته تون ڇا ٿو سمجهين ڪيڏو نه لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران سرجيل ادب اسان اڳيان اچي ويندو ۽ تاريخ جو حصو ٿي ويندو. مون کي اها اميد ضرور آهي ته سنڌ جا اديب، شاعر، سياسي، سماجي ۽ قومي ڪارڪن روزاني جي بنياد تي هڪڙو صفحو لکندا هوندا.
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.
هي خط جهڙوڪ تو ڏانهن اڌ آهي، پڙهي جواب ڏجان ته جيئن هن خط جو ايندڙ حصو توکي ٻي قسط ۾ لکي سگهان.
ڀاڄائي فائزه، انيسا ۽ علي مهديءَ لاءِ ميهڙ جي مِٺي مائي جهڙي محبت ۽ نيڪ تمنائون.
شال ڪُٽنب سان خوشحال ۽ زنده آباد هوندين.
تمام گهڻي سڪ، اڪير ۽ پيار مان
احمد شاڪر