نائون خط ــ مقبول هاليپوٽي، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٠٤ مئي ٢٠٢٠ع
مقبول،
اميد ته خوش هوندين
ڳوٺاڻن جي چهرن جيئن ٻهڪندو هوندين
اوطاق تي سنگت سان ڪچهري ڪندي
مَڌُ ۾ پاڻ کي ٻوڙي ڇڏيندو هوندين
شاعريءَ جي شهر ۾ ڪالر ڇنڊي
ٽنڊي باگي جي گهٽين ۾ گهمندو هوندين
۽ شام جو لاڙ ۾ لهندڙ سج جِي
ڌرتيءَ کي آخري الوداعي چُمي
باگي واهه کان بيهي ڏسندو هوندين!
مقبول،
ڪڏهن ڪڏهن لفظ رُسي رڻ جا سراهي ٿي ويندا آهن ۽ ليکڪ / شاعر کي رولي ڇڏيندا آهن. پنجن ڏينهن کان سنڀري رهيو آهيان ته تو ڏانهن خط لکان ۽ جيئن ئي پين پنو هٿ ۾ کڻان ٿو ته ڪاڳر جي صحرا تي قلم مون کي ان مسافر جيان لڳي رهيو آهي، جيڪو اُڃ وگهي رُڃ ۾ هلي رهيو آهي، جنهن جو موت خُشڪيءَ جي نظر ٿي وڃي ٿو. بلڪل ساڳي ئي طرح منهنجي حالت آهي ۽ مان سوچ جي صحرا مان پاس ٿي سمنڊ جي سِپ بڻجي وڃان ٿو ته ڪنهن وقت بادل بڻجي بدين جي پٽن تي وسان ٿو ته ڪنهن وقت لاڙ ۾ سامونڊي هوائون بڻجي گهلان ٿو.
توکي ٻڌايان ته لاڙ تي سوچيندي منهنجي دل ۽ دماغ ۾ جيڪو خاڪو چٽجي ويندو آهي، اهو ايڏو ته حسين ۽ جميل هوندو آهي، جنهن کي ڪڏهن وان گاگ ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن مصور ڪئنواس تي چٽيو هوندو. لاڙ مون کي دودي سومري جي پٽڪي جو اهو ور لڳندو آهي، جنهن کي ورائي ڪُلهي تي رکبو آهي، لاڙ ايئن ئي سنڌ جي ڪلهي تي اجرڪ جيان آهي، جنهن جي هر ڦُلڙيءَ ۾ اتان جو هڪ هڪ ڳوٺ ڳيچ ڳائيندو رهي ٿو ۽ منظر / پسمنظر جا پردا چاڪ ڪندو فطرت جي ويجهو ٿو وٺي وڃي. لاڙ ڪنهن لاليءَ جي لبن تي اها لالي آهي، جنهن کي لڳائڻ سان عورت جي حُسن ۾ ٻه رتيون اضافو ٿي ويندو آهي ۽ لاڙ اهڙي ڪچهري آهي، جنهن ۾ هر هڪ ڪانڀ ٻڌي ويٺل آهي، جنهن ۾ سگهڙن جا پٽڪا پري کان ڦُٽين جي ڦُلڙين جيئن لڳي رهيا آهن ۽ جڏهن ڪن تي هٿ رکي ڏور پڙهڻ ٿا ته ماڻهو مرون، پکي پکڻ ۽ فطرت جا به ڪن کڙا ٿي وڃن ٿا.
هڪ وک اڳتي وڌندي:
لاڙ ان لوڪ گيت جيان آهي، جنهن ۾ هڪ حسين ڇوڪري روز تَڙ تي اچي اکين جا ڏيئا ٻاري اوسيئڙي جِي اُس ۾ ان وڻجاري لاءِ سڙي رهي آهي، جنهن جي من ۾ سڪ جو سمنڊ ڇوليون ڪونه ٿو هڻي، جنهن جي من ۾ محبت جي مڇي ڪونه ٿي ڦٿڪي ۽ هُو واپار جي ملڪ ۾ مجنون ٿي زر جي زنجير ڳچيءَ ۾ وجهي ڏيسارو ۾ گم ٿي ويو آهي! ڏيهه کي وساري ويٺو آهي! ان گيت ۾ ڇوڪريءَ جي زباني اهو به ٻڌايل آهي ته جڏهن اُتر لڳندو آهي ۽ سيارو سيءَ سان گڏ سڪ جون سرحدون کولي ڇڏيندو آهي، جنهن جي هر رات سيڪارن جِي سوڙ ويڙهي گذاربي آهي.
مقبول،
پنهنجو لاڙ جو سفر به ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون جي نظر ٿي ويو آهي. پاڻ کي گڏجي بَڙ جي ڍوري هلڻو هو، جتي ڏاڏي گنگا جتڻ جي مزار تي بيهي قُلن جي بدران لطيف جا بيت پڙهڻا هئا. لاڙ جي سير سفر دوران لطيف جا پيرا کڻندا ناٿي فقير جي اوطاق تائين به هلڻو هو. کانئس لطيف جي شاعري جو شاندار شهر گڏ جي گهمڻو هو.... کانئس ان عشق ۽ ڇوڪريءَ جا تفصيل معلوم ڪري ان کي ڪنهن شاهڪار ناول ۾ تبديل ڪرڻو هو.... جيڪو عشق هن لطيف سان ڪيو هو ۽ ان ڇوڪريءَ جي جاڙن ڀروئن جي ڪمان ۾ پنهنجي دل، دماغ ۽ ٻئي اکيون رکي آيو هو. پاڻ کي لاڙ جي سامونڊي پٽي به گڏجي گهمڻي هئي، جتان هوائون جهٽي شاعريءَ ۾ ڇڏڻيون هيون. پاڻ کي سير سفر دوران ديويءَ جِي ڇانوَ ۾ ويهي ٿڪ به ڀڃڻو هو ته سج لٿي کان پوءِ گلاسن ۾ ساهه به ڀرڻو هو ته شاعريءَ جو ڳوٺ به ٻڌڻو هو.
توکي اڄ دل جِي ڳالهه ٻڌايان ته مون کي لطيف لاڙ جي ماڻهن جي زباني گهڻو آسان لڳندو آهي ۽ لاڙ شايد پاڻ کي ان ڪري به وڌيڪ پيارو آهي جو لطيف سائين ايڏانهن گهڻا ڀيرا ڀڳا آهن. مقبول، مون کي لاڙ جي انهن جتن سان ملڻ جي ۽ ڏسڻ جي سيني ۾ سمنڊ جيڏي سڪ آهي، جيڪي ٻارن کي سُتيءَ ۾ لطيف جِي شاعري پياريندا آهن ۽ انهن جتن جي جهوپڙي ۾ ويهي ساڻن ڪچهري ڪري ماضيءَ جا پرت کولڻا آهن، جنهن سان سندن لطيفي رشتو ڳنڍيل آهي ۽ مون کي خانه بدوش بڻجي لاڙ جِي مڪمل سرحدي لڪير کي به اک مان ڪڍڻو آهي.
مقبول،
توسان مون کي اڪيچار ڳالهيون ٻيون به ڪرڻيون آهن. تون ڄاڻين ٿو ته پنهنجي دوستيءَ جي رشتي جِي رسيءَ جو هڪڙو ڇيڙو تنهنجي امان ۽ ٻيو ڇيڙو منهنجي امان جي هٿ ۾ آهي ۽ مون کي پڪ آهي ته جنهن دوستيءَ جو محور ماءُ جو پيار هجي ۽ ماءُ جو ذڪر هجي ته اها دوستي دنيا جي لازوال ۽ منفرد دوستي هوندي ۽ مون کي فخر آهي ته تون منهنجو اهڙو دوست آهين، جنهن سان مان امان جُون ڳالهيون ۽ پيارَ ايئن ونڊيندو آهيان، جيئن ايٿنس جي گهٽين ۾ سقراط سچ جو ٻج ڇٽيندو هيو، جيئن مولانا ابو الڪلام آزاد تقرير ۽ تحرير ۾ لفظن جا سرا کولي ڇڏيندو هو ۽ انهن جِي رفتار آسمان تان ڪرندڙ ستارن کان به تيز هوندي هئي.
توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌايان ته مون کي تون ڇا جي ڪري پيارو آهين۔؟ اهو ان ڪري جو تنهنجي چيچ ۾ امان جو هٿ ڪونهي ۽ مان هر ان شخص سان محبت ڪندو آهيان، جيڪو ماءُ جِي محبت کان محروم هوندو آهي.
مقبول!
ڪجهه مهينا پهرين منهنجو ڪتاب شايع ٿيو هو. امان ڪتاب ڏٺو
۽ پُڇائين ته
ڪتاب جو نالو ڇا آهي؟
مون چيو
"ھڪ نظر ھيڏانھن بہِ"
چيائين
منھنجون ته ٻئي نظرون تو ڏانھن ئي آھن.
توسان آخري ڳالهه ڪري پوءِ مان آرام ڪرڻ ٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته چئن ڏينهن کان مون ذري گهٽ نه صحيح ننڊ ڪئي آهي ۽ نه ئي وري چڱي طرح ماني کاڌي آهي، جي ننڊ نه آئي ته وري ڪتاب پڙهندس يا وري لکڻ ويهندس ۽ جي اهي ٻئي ڪم نه ٿيا ته گهران نڪري ٻنين تي ويندم جتي تازي ڪڻڪ لهڻ دوران ٿريشر لڳڻ ڪري جيڪا بُهه جِي ڦڪاڻ جِي چادر وڇايل آهي ۽ جڏهن ان تي مئي جِي تيز اُس پئي ٿي ته بُهه به سون جيان جرڪي ۽ مرڪي ٿو.
توسان موڪلائڻ جي جيئن ئي تياري ڪيان پيو ته لاڙ لفظن ۾ رل مل ٿي ويو آهي ۽ اکين اڳيان سينگارجي سنوارجي اچي بيهي ٿو ۽ مان ساڻس ڪچهري ڪري رهيو آهيان. هو هڪڙيءَ مُرڪ ۾ ئي مڪمل طرح سان پاڻ طرف ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ مان کيس کاڏيءَ تي هٿ رکي ڏسي ۽ ٻُڌي رهيو آهيان. هُن جي گفتگو شعرن جي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي ۽ اهي شعر به اهڙا جهڙا، مينهن وساڻا.
مقبول،
توکي خبر آهي ته مون کي لاڙ جي شاعرن جِي شاعري ڇو وڻندي آهي۔؟ اُها ان ڪري ئي وڻندي آهي ۽ پڙهندي يا ٻُڌندي ياد ٿي ويندي آهي، جو ان شاعريءَ ۾ عورت ڳالهائيندي آهي ۽ جڏهن ڪا عورت ڳالهائيندي آهي، اها به لاڙ جِي شاعريءَ ۾ ته تون ڇا ٿو سمجهين ته رڳو انسان جا ڪن ان طرف کڙا ٿي ويندا آهن، بلڪل به نه۔۔۔۔۔ نه رڳو انسان جا ڪن، دل ۽ دماغ پر فطرت جو ذرو ذرو ۽ وڻ ٽڻ پکي پکڻ به پنهنجي توجهه ان طرف ڪري ڇڏيندا آهن. لاڙ جي شاعرن جِي شاعريءَ ۾ عورت ايئن خوبصورت لڳندي آهي، جيئن گهر ۾ ماءُ خوبصورت لڳندي آهي ۽ جڏهن لاڙ جِي شاعري عورت جي زبان ۽ ماءُ جي لولي پاڻ ۾ گڏجي وينديون آهن ته ان مان لوڪ گيت جنم وٺندا آهن.
مان هڪڙو اهڙو ناول لکڻ ٿو چاهيان جنهن ۾ جدائيءَ جِي پنجين موسم ڏيکاريل هجي ۽ ڇهين موسم ۾ جڏهن ”هُن“ کي ”هُو“ وصل جي هر پلَ کي ”هُن“ اڳيان ”هُو“ لاڙي لهجي ۾ بيان ڪري ۽ جڏهن آخر ۾ ڳوڙهڻ جُون ڳنڍيون کولي”هُن“ اڳيان ”هُو“ روئي ويهي ته ”هُن“ کي ”هِن“ جِي محبت جو وسيع ميدان نظر اچي ۽ ان ميدان ۾ هڪڙو گهاٽو وڻ هُوءَ هجي، جنهن کي هُن جدائيءَ جي وقت اکين جو جَر ڏئي وڏو ڪيو هجي ۽ جڏهن هُوءَ.... هُن کي ڀاڪر ڀري پرچي پئي ته ان پٺيان سلهه جو سبب مان لاڙي لهجي کي قرار ڏيندس، جنهن سان هُن کيس ليلايو هو ۽ پرچايو هو.
ڳالهين مان ڳالهيون، رستن مان رستا نڪرندا ٿا وڃن. ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون قلم سان ڀاڪر پائڻ کان رهجي ويون آهن. ٻيو خط لکي توکي رهيل ڳالهيون ضرور لکندس ۽ اهي ڳالهيون ڪجهه وڌيڪ ئي آهن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ تون آهين۔ تنهنجي شاعري آهي. خط پڙهي، جواب ضرور لکجان. انتظار رهندو.
مقبول،
تنهنجي اک جي نديءَ ۾ اڇا پکي تري رهيا آهن
۽ اهي ئي منهنجا پيار سمجهه
جيڪي مون تو طرف اڏاري موڪليا آهن
چڱو موڪلاڻي ڪونهي
منور، اقبال، گلزار ۽ سڄي سنگت کي سلام چئجن.
مان تنهنجو پنهنجو
احمد شاڪر