مهاڳ: ضياءُ شاهه
جيڪڏهن الله لڳ چئجي ته راجندر سنگهه جي ڳالهه وزنائتي پئي لڳي ته سٺو ڪهاڻيڪار اهو آهي، جيڪو سوچيندو رهي. هونئن اهي ڄاڻايل ٻئي ڪهاڻيڪار ڪهاڻي لکڻ واري هنر جي ٻن مختلف مڪاتبِ فڪرن جي نمائندگي ڪن ٿا...
سعادت حسن منٽو وٽ ڪهاڻي طئه ٿيل تاڃيپيٽي ۾ جڪڙيل آهي. هن وٽ ڪهاڻي اهڙي مسافر جيان سفر ڪري ٿي، جيڪو سفر لاءِ گهربل شيون ۽ سامان کڻي پوءِ بوڇڻ ڪلهي تي رکندو آهي ۽ هو سوچيل سمجهيل ٿاڪ تان روانو ٿي، طئه ٿيل ماڳ تي لهندو آهي. اهڙي مسافر کي ڪا به اڻ تڻ ناهي هوندي، کيس جيڪڏهن ٿورو گهڻو فڪر هوندو به آهي ته منزل تي وقت سر پهچڻ جو. منٽو چوي ٿو ته هو پڙهندڙ کي ڪن ڪچري جي ڍير ڏانهن وٺي ويندو آهي، هاڻ گند کي ڦولڻ جو ڪم پڙهندڙ جو آهي. هن وٽ ڪهاڻي طئه ٿيل ڪلائيميڪس تي پهچي ختم ٿي پئي وڃي ۽ پوءِ ڪهاڻيڪار هٿ ڇنڊي ڦوڪي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيءَ ڏانهن وڌي ٿو...
پر بيديءَ جي خيال موجب، جيئن ته زندگي روان دوان آهي، تنهن ڪري ڪهاڻيءَ جي به پڄاڻي ناهي، ڇو ته ڪهاڻيءَ جي مکيه ڪردارن سان لاڳاپيل ٻيا ڪردار به موجود آهن ۽ مکيه ڪردارن جو قصو ٻڌائڻ ۽ ورجائڻ وارا پڻ زنده جاويد آهن. جيڪڏهن مکيه ڪردارن منجهان ڪنهن جو انت اچي ٿو، ان سان ڪو حادثو پيش اچي ٿو يا وري ڪو انوکو لقاءُ ٿئي ٿو ته پوءِ به جيون جي گاڏي هلندي رهي ٿي...
لاطيني آمريڪا جي ٻن ڪهاڻيڪار، “گارشيا مارڪيز” ۽ “بورخيس” جون ڪهاڻيون، اهڙي قسم جي ڪهاڻيءَ جو مثال آهن، جيڪي نياري انداز ۾ شروع ٿين ٿيون، پر انهن جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ ناهي، ڪهاڻين جي پڄاڻين تي پهچي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪهاڻي جاري ساري هجي...
انسان جي زندگي به ائين ئي روان دوان رهي ٿي ۽ انسان پنهنجو جيون رٿا موجب نه ٿو گهاري. ائين ٿو ڀاسڻ ۾ اچي ڄڻ ڪا اڻ ڏٺل قوت ڌڪيندي، نوان نوان رخ وٺائيندي ۽ موڙ مٽائيندي رهي هجي...!!! ڪو به انسان سوچيل سمجهيل منصوبي موجب زندگي نه ٿو گذاري، ان ڪري ئي آسڪر وائلڊ چيو آهي ته: “اصل ۾ زندگي اها هئي جيڪا اسان مرضيءَ موجب نه گهاري سگهياسين...”
فطري ڪهاڻي به اها آهي، جيڪا لکڻ شروع ڪجي ته ان جي پڄاڻي معلوم نه هجي، ٻئي صورت ۾ ڪهاڻيءَ ۾ ندرت نه رهندي ۽ اها ٺهيل ٺڪيل (ريڊي ميڊ) ٿي پوندي. ايئن ڪنهن فارمولا موجب ڪا ڪهاڻي لکبي ته اها کڻي ڪو فن پارو ڀلي هوندي پر پڪ سان شهپارو “Master piece” نه هوندي...
جيئن انسان جي زندگي منصوبي جي پابند ناهي، ائين ڪهاڻي به ڪنهن مقرر ٿيل تاڃيپيٽي جي محتاج ناهي. ان کان سواءِ سماج ۾ ٿيندڙ تخليقي تجربن سبب پڻ ڪهاڻي اوسر جا ڏاڪا ٽپي ٿي ۽ فني ۽ فڪري تبديلين منجهان گذري ٿي...
اهڙيءَ ريت هر دور جو ڪهاڻيڪار پنهنجا گهٽ گهيڙ ۽ اصول پاڻ طئه ڪري ٿو. تنهنڪري اسان ڪنهن ڪهاڻيڪار کي ڪنهن خاص اصلوب، ٽيڪنڪ يا ڏانءَ جو پابند نه ٿا ڪري سگهون. اسان کڻي ڪيترا به ڀاشڻ ڏيون ۽ ڪاغذ ڪارا ڪيون پر ڪهاڻي اڳتي وڌندي رهندي. اهڙيءَ ريت مختصر ڪهاڻي Short Story کان اڳتي وڌي، ننڍي مختصر ڪهاڻي Mini Story ۽ پوءِ ڇوٽي ڪهاڻي Micro Story چمڪي واري ڪهاڻي Flash Story به لکڻ ۾ ايندي ۽ اچي پئي. ڪهاڻي لکڻ واري هنر جي ڏس ۾ اهڙن تجربن اڳيان بند نه ٿو ٻڌي سگهجي...
آسڪر وائلڊ کي زندگي مرضيءَ موجب نه گهاري سگهڻ جو ارمان هو، پر اسان وٽ ڪو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر مرضيءَ مطابق لکي به نه ٿو سگهي. ائين ڪيترائي فن پارا ذهنن ۾ سرجن ٿا پر لکجڻ ۾ نه ٿا اچن ۽ جيڪڏهن لکجڻ ۾ اچن ٿا ته ڇپجن نه ٿا. ڇو ته اسان جو تخليقڪار ٻٽي جبر جو شڪار آهي، يعني هڪ طرف سماجي قدرن جو جبر، ته ٻئي پاسي سياسي ۽ رياستي جبر...!!! هڪ ٽيون جبر به آهي جيڪو اڻ لــَکو آهي. اهو آهي اسان جي اديبن ۽ عالمن پاران پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن جي فني قدرن ۽ هنري اصولن جو جبر...!!! اسان جا ليکڪ ۽ ادبي سيمينارن جا مقرر اديب ويهين صديءَ جي پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن جي فني قدرن ۽ هنري اصولن تي ٽڪ ٻڌي بيهي ٿا رهن ته ٻيلي جيڪڏهن ڪهاڻي لکڻي آهي ته جمال ابڙي، غلام رباني آگري، اياز قادري ۽ نجم عباسي واري انداز ۾ لکو، پر جيڪڏهن ڪو نيارو دڳ وٺڻو اٿــَوَ ته پوءِ کڻي نسيم کرل واري انداز ۾ ئي لکو...
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوئي شق ڪونهي ته ڄاڻايل ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون، پنهنجي دور جون مثالي ڪهاڻيون آهن ۽ اهي ڪاڻيڪار آئيندي لاءِ به روشنيءَ جا مينار آهن، پر اهي نه ته ڪامل ۽ مڪمل آهن ۽ نه ئي انهن کان پوءِ واريون ٽهيون سندن نقش قدم تي هلڻ لاءِ پابند آهن. ستر واري ڏهاڪي ۾ امر جليل جون ڪهاڻيون ڏکڻ جي هير وانگر گهليون ۽ هن “ڪپيل ٻانهن جو وارث” ۽ “سرد لاش جو سفر” جهڙيون انوکيون ڪهاڻيون لکيون. خود نسيم کرل “ڪافر” ڪهاڻي لکي نوان دڳ ۽ پيچرا ڏسيا...
انهن کان پوءِ جيڪڏهن گٺيل پيٺيل فني ۽ فڪري قدرن کي ٽوڙيو ته اهي هئا شوڪت شورو، مشتاق شورو، ماڻڪ ۽ نورالهديٰ شاهه. اهي دراصل جديديت Modernism واري ادبي ۽ فني تحريڪ جي اثر هيٺ هئا ۽ ان هلچل جا نمائندا سنڌي اديب پڻ...
جيئن اردو ڪهاڻيڪارا عصمت چغتائي “لحاف” ڪهاڻي لکي پڙهندڙن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو، ائين ئي نورالهديٰ شاهه “پاروٿو گوشت” ۽ “شريف زادي” لکي ٽاها مچايا هئا. ائين ئي منير احمد ماڻڪ جي ڪهاڻي “حويليءَ جا راز” نياري ڪهاڻي آهي. سنڌ جي پيرن ۽ سيدن جي گهريلو ۽ ذاتي زندگيءَ بابت ڪهاڻي لکڻ وڏو واقعو آهي، جنهن ڪري ان تي ٽيڪا ٽپڻي به اوس ٿيڻي هئي ۽ ٽيڪا ٽپڻي ڪندڙن به وسان ڪو نه گهٽايو...
منير احمد ماڻڪ جو ناولٽ “لڙهندڙ نسل” به نواڻ کڻي آيو هو. روڪ ٽوڪ واري ڏسا ڏانهن قدم وڌائڻ وڏي جرئت هئي. انهيءَ دور ۾ اهو اڻ ڇهيل موضوع هو، جنهن ڪري عام پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪجڻ سڀاويڪ هو. ائين ماڻڪ سنڌي نوجوانن جو پسنديده ليکڪ ٿي ويو...
سنڌ ۾ مئڪسم گورڪي واري انداز ۾ لکڻ واري واٽ کي تبديل ڪرڻ جي ڏس ۾ امر جليل جو وڏو ڪردار آهي. سندس ڪهاڻي “منهنجو ڏس آسمان کان پڇو” بهار رت ۾ گهلندڙ صبح جي هير وانگر آهي. ائين ڪهاڻي لکڻ واري فن ۾ نواڻ آڻڻ ۾ بدلجندڙ زماني جي موضوعن تي لکڻ سبب هو، جيڪو عام پڙهندڙن وٽ گهڻو مقبو ل ٿيو. امر جليل جو وڏو ڪارنامو دراصل رٺل سنڌي قاريءَ کي پرچائڻ آهي. هو سنڌي نوجوانن ۾ ائين مقبول آهي جيئن اردو شاعر احمد فراز نوجوانن ۾ مقبول رهيو آهي...
صاحبِ ڪتاب، سجاد گهلوءَ جو ڪهاڻيون سندن مشاهدي جي پيڙهه تي بيٺل آهن. سندس مشاهدي ۾ سنڌ جي شهري زندگيءَ سان گڏوگڏ ٻهراڙيءَ جو ماحول پڻ آيل آهي. هو ڄائو ۽ نپيو ته سنڌ جي ننڍي شهر ۾ آهي پر زمينداريءَ جون ذميواريون کيس وري وري ٻهراڙيءَ ڏانهن وٺي ويون آهن جتي زرعي سماج اندر ڏاڍ ڏهڪاءَ ۽ انياءَ کي هن لاڙي ماڻهن چواڻي “اکين ڏٺو آهي...” ۽ گهڻو ڪجهه ٻڌو سڌو به آهي...
ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي هندو سنڌين جو پڙهيل ڳڙهيل ڪامورڪو طبقو ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا استاد ۽ صحافي لڏي پلاڻي هليا ويا، اهو وڏو هاڃو هو، پر ان کان وڌيڪ نقصان سنڌي هندن جي واپاري طبقي جو هليو وڃڻ هو، جنهن ڪري سنڌي سماج جي اوثر سست ٿي وئي. ويهين صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي دوران ۽ پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين منجهان ننڍن ۽ وڏن شهرن ڏانهن لڏ پلاڻ جو سلسلو هلي پيو، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. جنهن ڪري ننڍن شهرن ۾ ٻهراڙيءَ جي ثقافت هاوي ٿي وئي آهي. سنڌ جي وڏن شهرن ۾ وري هندستان کان پلاڻي ايندڙ پناهگيرن جي ڪلچر پنهنجا رنگ ڇڏيا آهن. سجاد گهلو جي ڪهاڻين جا پيرا کڻبا ته ڳالهه وڃي انهيءَ منظر نامي تي دنگ ڪندي، ڇو ته هن جو لاشعور پڻ سنڌي قوم جي لاشعور جو ڀاڱو آهي...
سجاد گهلوءَ جون ڪهاڻيون پڙهي خبر پوي ٿي ته کيس سنڌي وڏيري تي وڏي ڪاوڙ اٿس، هو سياسي جلسن ۽ جلوسن ۾ نه صرف شريڪ رهيو آهي پر لانگ مارچن ۾ پير پٿون ڪندي اڳواڻن جي ويجهو پڻ رهيو آهي. سندس ذهن ۾ سياسي تقريرن جا پڙاڏا اڄ به گونجندا هوندا، تنهن ڪري سنڌ جي وڏيرن ۽ پيرن لاءِ سندس ڌڪار به قدرتي آهي. سنڌ جو وڏيرو روايتي سياست جي ڏڍ تي، پـِيرن جي ڀرجهلائيءَ جي آسري ۽ پوليس آفيسرن جي فرض شناسيءَ واري ڪوتاهيءَ مان فائدو وٺندي گهر جا ڪڪڙ به برابر ماريندو رهيو آهي. پر انهيءَ حقيقت جي پٺيان ڪي لڪل هٿ به آهن، ڪي سٽيل سازشون به آهن ته ڪي وري ڊگهي مدت وارا منصوبا پڻ آهن. تڏهن ئي مون لکيو آهي ته ڪيترا ئي فن پارا ذهنن ۾ ته سرجن ٿا پر لکڻ ۾ نه ٿا اچن ۽ جيڪڏهن لکجڻ ۾ اچن ٿا ته ڇپجن نه ٿا...
سجاد گهلوءَ وٽ ملان ۽ مولويءَ جو تصور پراڻي روايتي ملي وارو آهي، جيڪو مدرسي ۾ ڳوٺ يا پاڙي اوڙي جي گهرن جون مانيون ٽڪيون کائي جوان ٿيندو هو ۽ پوءِ باقي ڄمار بس مسيت ۾ پنج وقتي نماز پڙهائڻ، نڪاح جا رڪن ادا ڪرڻ ۽ جنازي نماز پڙهائڻ کان پوءِ تازو دفن ٿيل شخص جي ايثالِ ثواب لاءِ قرآن مجيد جي ختم کي پورو ڪرڻ ۾ لڳو رهندو هو. جڏهن ته اڄ جو ملان مولوي وڏي اثر رسوخ واري شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو مذهبي جماعتن منجهان ڪنهن به هڪ سان ضرور لاڳاپيل آهي، اهڙي ملان مولويءَ جي ته جهڙي تهڙي تي اک ئي نه ٿي ٻڏي ۽ هو قيمتي وڳو پهري ۽ عاليشان ڪارن ۽ موٽرن ۾ سوار ٿي گهمي ڦري ٿو. اڄوڪي ملان مولويءَ جي سڏ تي دڪانن جا شٽر ڪري ٿا پون ۽ اجتماعي جلوس پيا نڪرن. پر ڳالهه ان کان به اڳتي ٽپي هلي آهي ته اڄوڪو ملان ۽ مولوي پراسرار شخص ٿي پيو آهي، جنهن جا پري پري تائين لڳ لاڳاپا آهن، تنهن ڪري هو ڳوٺ جي وڏيري کي به نه ٿو ليکي، سو ڀلا هو ڪنهن جي ڪاڻ ڇو ڪڍي، جڏهن سندس مدرسي اندر لينڊ ڪروزر گاڏيون ٿيون اچن...!!!
سنڌ جي وڏيري لاءِ سياست مجبوري ٿي پئي آهي، سندس جياپي لاءِ ضروري آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن موقعي پرست سياسي جماعت يا گروهه سان لاڳاپيل هجي. اهڙي صورت ۾ هن لاءِ اهو پڻ ضروري آهي ته هن تي بادشاهه جا نــَوَ رَتــَن راضي هجن...!!! ڇو ته کيس ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته ٺاٺ باٺ ۽ ڏاڍ ڏمر واري سنگم جو دارومدار اصل ۾ نـَـوَ رَتــنَـن جي رضامنديءَ تي آهي...!!! ائين وڏيري ۽ ملان مولويءَ جو پتلي تماشو ڪرڻ وارا ڪي ٻيا آهن...
سجاد گهلوءَ جي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين منجهان ڪجهه ڪهاڻين تي بحث ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ڪهاڻيءَ جي ادبي گهرجن تي روشني وڌي وڃي ۽ افسانوي ادب جي هن حساس صنف جا ضروري ۽ لازمي عنصر بيان ڪيا وڃن. ائين ڪرڻ سان خبر پوندي ته ڪهاڻي شاهڪار تخليق جي درجي تي ڪيئن ٿي رسي ۽ پڙهندڙن وٽ مقبول ڇو پئي ٿئي...؟؟؟ اصل ۾ ڪهاڻي اهڙي هئڻ کپي، جنهن ۾ هيٺين ٽن لوازمات جو پورائو ٿيل هجي ۽ انهن عنصرن کي توازن ۾ پڻ رکيو ويو هجي...
(الف) ڄاڻ يا آگاهي
(ب) اچرج يا تحير
(ج) راحت
(د)ڪٿارسس
(الف) ڄاڻ يا آگاهي: علم و ادب جي سمورن صنفن منجهان اسان کي ڄاڻ پڪ سان ملي ٿي ۽ آگاهي ڏيڻ وارو شرط افسانوي ادب جي صنفن تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو، جن منجهان ڪهاڻي به هڪ آهي. ڪهاڻي پڙهڻ جي نتيجي ۾ اسان کي سڪارتي ۽ پرلطف زندگي گذارڻ جي ڪنهن فلسفي، سماجي ذميوارين، اخلاقي قدرن، انسان جي بنيادي گهرجن، سماجي انصاف يا ناانصافي، عام ماڻهوءَ جي ارمانن ۽ مجبورين، پورهيتن جي ڏکن ڏاکڙن، چالاڪ ماڻهن جي کيڏاڙن ۽ سگهارن ماڻهن يا ادارن جي ڏاڍ ڏهڪاءَ کانسواءِ انقلابن ۾ تاريخي واقعن بابت ڄاڻ پڻ ملي ٿي...
(ب) اچرج يا تحير: انسان جي ذهني ۽ تهذيبي اوثر ۾ اچرج يا تحير جو وڏو ڪردار رهيو آهي. ايتري قدر جو مذهبن ۽ سائنسي علمن پٺيان به اچرج ۽ حيرت اهم سبب بڻي آهي. اچرج انسان کي لڳاتار سوچڻ ۽ ڪنهن نتيجي تي رسڻ لاءِ اتساهيندڙ رهيو آهي. ڪهاڻيءَ کي شاهڪار جي درجي تي پهچائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي بيان ۽ ڪلائيميڪس کي اچرج جوڳو بڻائجي. خاص طور تي ڪلائيميڪس اچرج ۾ وجهندڙ هئڻ کپي. ائين نه فقط پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪبو، بلڪي کيس ڪهاڻي پڻ ياد رهجي ويندي...
(ج) راحت: افسانوي ادب جي حاصلات منجهان راحت بنيادي وٿ آهي. راحت جو مطلب رڳو خوشي، ڪلياڻ ۽ آنند ناهي پر انهن ڪيفيتن کان اڳتي مٺو درد ۽ ڏکارين گهڙين منجهان حوصلي، وقار ۽ بهادريءَ سان پار پوڻ کانپوءِ ملندڙ سڪون پڻ آهي. جيڪڏهن ڪهاڻيءَ ۾ بيان ٿيل ڪو واقعو، لقاءُ، ورتاءُ يا منظر دلي ۽ روحاني راحت جو سبب بڻجي ٿو ته پوءِ اها ڪهاڻي ڪامياب چئبي...
(د) ڪٿارسس: ڪٿارسس وارو خيال يوناني فيلسوف ارسطوءَ جو ڏنل آهي. ارسطوءَ جي استاد افلاطون ٽريجڊي ڊرامو لکندڙ شاعرن کي ننديو هو ۽ هن مورڳو شاعرن کي پنهنجي ڏسيل مثالي رياست مان ئي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، ڇو ته سندس چوڻ موجب ٽريجڊي ڊرامي ۾ ڏيکاريل ڏاڍ ڏهڪاءَ وارا ورتاءَ ۽ خوفناڪ منظر ڊرامي ڏسندڙن کي هڪ طرف جذباتي ڪن ٿا ۽ ٻئي پاسي سندن من اندر ڊپ ڊاءُ اڀارن ٿا. پر ارسطوءَ پنهنجي استاد سان اختلاف رکندي پنهنجي ڪتاب “بوطيقا” ۾لکيو ته “ٽريجڊي ڊرامي ۾ ڏيکاريا ويندڙ اهڙا ورتاءَ ۽ منظر ڏسندڙن جي دلين ۾ برابر جذباتي ڪيفيت ۽ خوف پيدا ڪن ٿا. پر پوءِ سندن جذبا ٿڪجي اميد ۽ همٿ جي صورت وٺن ٿا. جنهن عمل کي هن ڪيٿارسس سڏيو آهي...”
موجوده زماني ۾ ارسطوءَ جو ڏنل اصطلاح ڪيٿارسس وسيع معنيٰ ۾ ڪتب پيو اچي ۽ ان جو مطلب وشال ٿي ويو آهي. جنهن ۾ اميد ۽ همٿ کانسواءِ ڪنهن به تخليقي صنف جي اثر هيٺ انسانن ۽ جانورن لاءِ رحم جو جذبو، همدردي ۽ مدد ڪرڻ جو جذبو به اچي وڃن ٿا. ڪيٿارسس جو عمل اصل ۾ ڪهاڻي پڙهڻ کان هڪدم پوءِ شروع ۽ آهستي آهستي اهو عمل سگهارو ٿيندو وڃي ٿو...
سجاد گهلو جون ٽي ڪهاڻيون: “نيرولي”، “راکو” ۽ “اٺٽيهه ڳنڍيون” مهندار ڪهاڻيون آهن، جن ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ تــُز آهي، ڪهاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گهرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. جن منجهان ٻه ڪهاڻيون “اٺٽيهه ڳنڍيون” ۽ “راکو” فني لحاظ کان ايتريون ته پختيون آهن جو مشاهدي، ماحول، ٻوليءَ ۽ برجستگيءَ جي ڏس ۾ نسيم کرل جي شاهڪار ڪهاڻي “پهرين مراد” کان پوءِ ذڪر هيٺ اچي سگهن ٿيون. جيڪڏهن اهي ڪهاڻيون ويهين صديءَ جي ستر يا اسي واري ڏهاڪي دوران لکيون وڃن ٿا ته هوند سجاد گهلو نئون اڀرندڙ نسيم کرل ليکجڻ ۾ اچي ها...
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ علم سماجي محرڪن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا جي غلبي سبب افسانوي ادب پڙهڻ وارو لاڙو ڪافي گهٽيو آهي، جنهن ڪري نسيم کرل جي ڪهاڻين جا پڙاڏا به ماٺا ٿي ويا آهن، نه ته جيڪر سجاد گهلوءَ جون ڄاڻايل ڪهاڻيون پڙهندڙن کي بار بار نسيم کرل ياد ڏيارن ها، جيئن شينهن کي پنهنجي سگهه جو اندازو ناهي هوندو تيئن سجاد گهلوءَ کي به شايد اهو اندازو نه هجي...!!!
سجاد جي ڪهاڻي “نيرولي” جي ڪردارن جو درد محسوس ڪرڻ ته هنڌ رهيو، پر ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ به جگر کپي...!!! سچي ڳالهه اها آهي ته اها ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ راقم الحروف ٻه چار ڏينهن ٿڌا ساهه پئي کنيا...!!! الائي سجاد پاڻ ڪهڙي دل ڌاري اهڙي ڪهاڻي رقم ڪئي آهي...!!!؟؟؟ شڪارپور شهر جيڪو ورهاڱي اجاڙي ڇڏيو آهي تنهن ۾ پورهيت لاءِ روزي روٽي حاصل ڪرڻ به وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي. اها نه رڳو شڪارپور بلڪي سنڌ جي هر ننڍي شهر جي پورهيت جي ڪٿا آهي. هن ڪهاڻيءَ جي ثانوي ڪردار جهڙا ڪنيه لال ئي سکيا ستابا آهن ۽ ڪهاڻي جي مرڪزي ڪردار اِمــَنَ جهڙا ڪمي ڪاسبي توڙي هيٺين وچولي طبقي وارا سفيد پوش ماڻهو جيئڻ لاءِ وڏا وس پيا ڪن. ڪهاڻي “نيرولي” ترقي پسند افسانوي ادب جي زمري ۾ اچي ٿي ۽ ان منجهان پورهيت طبقي جي محرومين، مجبورين ۽ بيڪسيءَ جي آگاهي ملي ٿي ۽ مکيه ڪردار “اِمــَن نيرولي” ۽ سندس وني “بــَـکَـان” جي ارمانن ۽ حسرتن جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. انهن ڪردارن جي ڏکن ۾ شريڪ ٿيڻ جي نتيجي ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي انسانيت پرست سوچن جو احساس ٿيڻ واري راحت پلي پوي ٿي ۽ آخر ۾ ڪٿارسس واري ماڳ تي پڻ پهچجي ٿو...
هيءَ ڪهاڻي پڙهندڙن کي ترڪيءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار “قدرت جودت” جي مشهور ڪهاڻي “لنگهڻ جي ماني” ياد ڏياري ٿي. جنهن ۾ ننڍڙو ڀاءُ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي مرڻ تي ان ڪري خوش ٿئي ٿو ڇو ته ان جي موت جي نتيجي ۾ امير گهر مان سٺا سٺا طعام ايندا...
سجاد گهلوءَ جي ڪهاڻي “راکو” انتهائي درديلي ۽ دل کي ڌوڏي ڇڏيندڙ آهي. حساس دل رکندڙ ماڻهن لاءِ ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس دل کي جهٻائيندڙ ۽ اندر جي ڪائنات ۾ جهڙوڪ زلزلو آڻيندڙ آهي. سجاد جي تــُزُ ۽ برجستي ٻولي، موقعي ۽ مهل سان ٺهڪندڙ جملن ۽ اصطلاحن، ڪلائيميڪس واري واقعي کي وڌيڪ دک دائڪ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اهڙا سانحا ته ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿين پيا پر ڪهاڻيءَ جي اڻت ۾ ڪلائيميڪس تائين رسائيءَ واري هنر ڪهاڻيءَ ۾ اهڙو ته رنگ ڀريو آهي جو پڙهندڙ کي اهو سڀ ڪجهه انوکو ٿو لڳي، ڄڻ اهڙو ڏاڍ ۽ ڏمر اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هجي...
هيءَ ڪهاڻي پڙهي خبر پوي ٿي ته سنڌي وڏيري، ان جي ڪمدار، ڪارائي ۽ واٺن جي دل ڪيڏي نه ڪٺور ٿئي ٿي...!!! عام ماڻهو اهڙن ڪردارن جي ميسڻائپ ۽ لٻاڙ ۾ منافقيءَ واري ٻولي ڏسي ۽ ٻڌي ويساهه ڪري ٿو، پر ڪهاڻيڪار کيس سماج جي اهڙن ڪردارن جي اندر کان آگاهه ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾ اچرج جو عنصر به ڪمال جو آهي، ٻيو ته هن ڪهاڻيءَ مان اها به خبر پوي ٿي ته ٻين جي محنت تي پلجندڙ وڏيرو يا سرمائيدار ڪيڏو نه ظالم ۽ بي رحم هوندو آهي. ڪهاڻي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪٿارسس وارو عمل ٿيڻ سڀاويڪ آهي، جنهن جي نتيجي ڏاڍن ماڻهن سان منهن مقابلو ڪرڻ جي سگهه ملي ٿي...
ڪهاڻي “اٺٽيهه ڳنڍيون” هونءَ روايتي ڪهاڻي آهي پر پيشڪش جي انداز ۾ خوبصورت اصلوب سبب انوکي پئي ڀاسي. هيءَ به سنڌي سماج اندر انيائن منجهان هڪ شرمناڪ سانحي جي ڪـَٿـَا آهي جيڪا ڪهاڻيءَ جي مرڪزي ڪردارن “ڪپيچي خان” جي حوس ۽ “بشيري” جي بي رحمي کي وائکو ٿي ڪري. سنڌ ۾ جهالت ۽ جاگيردارنا سماج جي رهجي ويل بي رحمي واري سوچ ۽ خيالن جي نتيجي ۾ هن ڪهاڻيءَ جهڙا انياءَ ٿيندا رهن ٿا. هن ڪهاڻيءَ منجهان ڄاڻ ملي ٿي ته “ڪپيچي خان” ۽ “بشيري” جهڙا ڪردار ڪيئن نه ٻين جي غربت مان فائدو وٺندي ۽ مذهب جي سهاري شرمناڪ عمل ڪن ٿا...
ڪهاڻيءَ ۾ ڪتب آيل مزاحيه مڪالما ڪهاڻيءَ کي نيارو رنگ ڏين ٿا، ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته انتهائي ڪٺورتا وارو واقعو ڄڻ ته رواجي نموني ۽ کلندي کلندي ٿي ٿو وڃي...!!! ائين سڀ ڪجهه رواجي انداز ۾ ٿيندو رهي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جو اهڙو انداز پڙهندڙن کي اچرج ۾ وجهي ڪٿارسس واري ماڳ تي رسائي ٿو. سجاد گهلو ٻهراڙيءَ واري ماحول ۽ زرعي سماج واري زندگيءَ جي عڪاسي ڪندي، ڪن ڪهاڻين ۾ شهري زندگيءَ کي چٽيو آهي. اهڙين ڪهاڻين منجهان سندس ٽي ڪهاڻيون: “هل من ناصر ينصرنا”، “مونکي توتي فخر آهي” ۽ “هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي” مثالي ڪهاڻيون آهن. ڪهاڻي “هل من ناصر ينصرنا” تاريخ 12 مئي 2007 تي ڪراچي شهر ۾ ٿيندڙ واٽهڙن ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انهن ماڻهن جي ڪوس جي ڪهاڻي آهي جيڪي ايم ڪيو ايم جهڙي مافيا جي ٽارگيٽ تي هئا. سجاد هن ڪهاڻيءَ وسيلي اهڙي وحشي لساني تنظيم جي بي رحمي واري عمل کي پڌرو ڪيو آهي...
ڪهاڻي “هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي” هڪ درد جي ڪهاڻي آهي. جيڪو ورهاڱي جي نتيجي ۾ سنڌ مان لڏي پلاڻي ويندڙ سنڌي هندن جو پنهنجي ڌرتيءَ کان ڇڄي وڃڻ جو درد به آهي ته ساڳي وقت سنڌ جي اجڙڻ جو ڏک پڻ. هيءَ ڪهاڻي ڄڻ ته سنڌ ڌرتي ۽ ان جي وڇڙي ويل ٻچن جو نوحو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ سجاد شرنارٿي سنڌي هندن جي ارمانن، حسرتن ۽ جدائيءَ واري غم کي ڪمال انداز سان چٽيو آهي...
ڄاڻايل ٻئي ڪهاڻيون ڄڻ ته سنڌ جي تاريخ آهن جن منجهان خبر پوي ٿي ته هندستان جي صوبن، يوپي ۽ سي پي جي تهذيب ۽ حڪمراني واري جنون کي سنڌ جي وڏن شهرن ڏانهن آڻي، ڌرتي ڄاون جا ڪيئن نه تڏا پٽيا ويا ۽ امن ۽ شانتيءَ واري ڌرتيءَ تي ڪوس ڪرايا ويا...
سجاد گهلو پنهنجي پر ۾ پاڻ چڱو موکيو آهي. مجموعي طور سندس سڀئي ڪهاڻيون سچائيءَ سان ٽمٽار آهن ۽ انهن ۾ ڄاڻ، اچرج، راحت ۽ ڪٿارسس وارا عنصر بکن ٿا. سجاد جون اهي پهريون ڪهاڻيون آهن تنهن ڪري انهن ۾ ڪن ڪچاين جو هئڻ قدرتي ڳالهه آهي پر ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هو محنتي ۽ ڪميٽيڊ ڪهاڻيڪار آهي...
ضياءُ شاهه – شڪارپور
10 جنوري 2018