اٺـٽـيـهـه ڳـنـڍيـون
بشيرو ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ ڳالهين جو ڳــَـهـِيـر هوندو هو، هڻندو به پاڻ هو ته کڻندو به پاڻ هو. هڪ بشيرو لکن جي مـَٽ هو، سندس گفتا اهڙا توريل تڪيل جو ٻڌندڙ ويٺو دليل پچائي. سندس جند جو ڳوٺ چار ڪوهه پري هوس پر شل نه ڳوٺ لکا ڏنو پياري جي هڪڙي ئي هوٽل يعني يعقوب جي هوٽل تي اچي ويهي، سندس گفتا ٻڌڻ لاءِ جام ماڻهو جمع ٿي ويندا هئا. کيس هٿ ۾ سامسنگ جو نئون موبائيل هوس، جيڪو ڪراچي ۾ رهندڙ سندس پٽ وٺي ڏنو هيس. هن اڳ ئي موبائيل تي هلڪي آواز ۾ جلال چانڊيو جو گانو “اکيون اکين ۾ پائي ڀاڪر، دلڙي يار ڏبي آ – محبت هيئن ڪبي آ...” هلائي ڇڏيو هو. بشيري هٿ ۾ جهليل موبائيل کي لوڏائيندي پنهنجي ڪٽيل ڳالهه کي جاري ڪندي چيو: “واه ڙي انگريز واه ٻيلي سلام آ توکي، ڇا ته دماغ اٿن، هاڻ وري هي ٺاهي اٿئون موبائيل، معنيٰ هر شيءِ هن ۾. چون ٿا هن ننڍڙي شيءِ جي ڪري سڄي دنيا ننڍڙو ڳوٺ ٿي وئي آ، مطلب ته سڄي دنيا ۾ جتي توهان جي ياري باشي هجي يا واسطو وڙو هجي، ڪهڙي به وقت تي بس سائين ڇڙو ان يار جو نمبر ملايو ۽ پوءِ ويٺا ان سان قرب ڪچهريون ڪريو. پر هاڻ ته چون ٿا ته آواز سان گڏ تصوير به اچي ٿي معنيٰ روبرو ڳالهايو. واهه ڙي انگريز تنهنجا ڪمال. سائين سلام آ انهن کي، واهه واهه...”
بشيري جون ڳالهيون هليون ئي پئي ته هڪ مڙسالو اچي هوٽل تي پهتو ۽ کيس نياپو ڏيندي چيائينس: “بشيرا ڪپيچي خان توکي پنهنجي اوطاق تي ضروري صلاح مصلحت لاءِ سڏايو آ، سگهو هل تنهنجو انتظار پيو ڪري. چيائين پئي ته کنڀي کڻي اچيس...”
بشيري کيس موٽ ۾ چيس: “هائو ابا تون هل ۽ چوينس ته مان سگهو ٿو پهچان...”
بشيري وري پنهنجي رڪيل ڳالهه کي جاري رکندي چيو: “ها ته مان ڇا پئي چيو، سائين سلام انگريز کي. پر هڪڙي ڳالهه ٻي به اَٿــَوَ، انگريز کڻي ڪجهه به هجي پر اسان مسلمانن کان مٿي ناهي، ڇو ته اسان امت ته مٺڙي محمدﷺ جي آهيون نه... تنهنڪري سچ ٿا چون وڏا ته پنهنجين ماين سان محبت جام ڪيو ۽ جهجها ٻار پيدا ڪيو، ٻار وڏو ٿي ڪلمو پڙهندا ته محمد ﷺ جي امت وڌندي ۽ ثواب به جهجهو ملندو...”
بشيري ڳالهه پوري ڪندي پنهنجين ڄنگهن ۽ چيلهه تي ٻڌل ڪانڀ ڇوڙي، بوڇڻ ڇنڊي ڪلهي تي رکي ڪپيچي خان جي اوطاق ڏانهن روانو ٿيو. ڪپيچو خان بشيري جو ننڍي لاءِ جو يار هو ۽ هو جڏهن به ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسندو هو ته هميشه بشيري جي صلاح ئي کيس پار پهچائيندي هيس. ڪپيچو خان پنهنجي ڳوٺ جي چڱن چوکن ماڻهن منجهان هڪ هو. هو نه صرف پنهنجي تـَرَ جي انتهائي شيطان ۽ لالچي ماڻهن منجهان هو پر ڏسڻ ۾ به صفا بڇڙو هو. قد جو بندرو، ڪـُٻ ائين نڪتل جيئن اٺ جو ٿــُوهـَو ۽ منهن سڄو ماتا جي سينورن سان ڀريل. بشيرو ۽ ڪپيچو خان جهڙوڪر هڪ سـَنَ جي ئي پيداوار هئا. ڪپيچو بظاهر ته پوڙهو پئي لڳو پر سندس دماغ جوانيءَ وارين ڏنگاين کان به ڏهوڻ تي ڏاڪا ٻڌي بيٺو هوس. شل نه ڪو شيطاني خيال ڪپيچي جي دماغ ۾ اچي ويهي پوءِ راڄ ويهي ڏسندا ته ڪيئن اڻ ٿيڻيون به ٿي وينديون. ڪنهن کي فـَلَڪ ئي نه پوندي ته جيڪو باهه جو ڀـَڀـَـڙ متو ۽ ان ۾ جيڪي سڙي راک ٿي ويا ان جي پٺيان چڻنگ ڪنهن جي دکايل هئي. بشيرو جيئن ئي ڪپيچي خان جي اوطاق تي پهتو ته کيس سلام ڪندي چيائينس: “خير ته آهي ڪپيچا خان صفا اصل چڙهي گهوڙي گهرايو ٿي...!!!؟؟؟”
ڪپيچو خان جيڪو اڳ ئي پنهنجي خيالن ۾ گم هو تنهن بشيري کي ڏسندي کلي کيڪاريو ۽ خير آفيت پڇڻ کانپوءِ کيس چيو: “بس ڙي بشيرا، خبر به اٿي ته ڇڙو ڇانڊ ماڻهو ڪيڏانهن وڃان...!!!؟؟؟ هوندي هئي تو واري جنتڻ ڀاڄائي ته ان کي ڏسي ٺرندو هيم، هاڻ ته يار گهر به کائڻ ٿو اچي. باقي مون واري اولاد سا ته جهڙي هن دنيا ۾ آهي تهڙي ناهي، ويا اهي دور جڏهن وڏن جو قدر هوندو هو...!!!”
بشيرو مڙڻ وارن مان ڪٿي هو ۽ هو ته ڪپيچي جي بڻ بنياد مان واقف هو، تنهن به ٽونڪ هڻندي چيس: “ڇڏ ڙي ڪپيچا خان اهي حوال وڃي انهن سان ڪر جيڪي توکي نه سڃاڻندا هجن، مان تنهنجي جڻ ٻچي کان واقف آهيان ۽ توکي ائين سڃاڻان جيئن اوڏ سڃاڻي گڏهه کي، سو تون وري مونسان ٿو اهڙيون خبرون ڪرين. ڀاڄائي مرحيات توکي ڏٺي نه وڻندي هئي، توسڄي زندگي ان ويچاريءَ کي ڏنڊن سان مارون ڏنيون ۽ آخر ۾ ويچاريءَ کي چيلهه ۾ اهڙو ڏنڊو وهائي ڪڍيئي جو هوءَ ان سـُور ۾ رڙي رڙي مري وئي. جيستائين رهيو وڏن جو قدر ڪرڻ ته جي نه مونکان ڪوئي پڇي ته دنيا ۾ پيءُ ماءُ جو وڏي ۾ وڏو نافرمان پٽ ڪير آهي ته مان تنهنجو نالو وٺندي اصل ويـرَم ئي نه ڪيان، ڇو ته تو جهڙو نافرمان ۽ منافق پٽ مان پنهنجي پوريءَ وهيءَ ۾ ناهي ڏٺو...!!!”
ڪپيچي کي بشيري جي لفظن جا ڪِلا ته ڪوپر ۾ واهه جا لڳا پر گهٽ ته هو به نه هو ۽ هن به کيس وَرَ کـُنجي ٺـَههَ پـَههَ جواب ڏنس: “تون وري ڪهڙو چڱو مڙس آهين، تنهنجن افعالن جي ڄڻ مونکي خبر ئي ناهي، مان جيڪڏهن سـَيـرُ آهيان ته تون وري منهنجي مٿان سـَوَا سـَيـرُ آن، نه تنهنجا پير سڌا نه وري افعال چڱا. خير ڇڏ هاڻ ان بحث کي جنهن ڪم لاءِ گهرايو ٿي مانءِ سو ته سڌو ڪري ڏي. خدا بخش اچي ٿو، شيشي ۾ لاٿو ٿي مانس بس ڇڙو ڳالهه اينگهائي ٿو، تنهنجو هٿڙو لڳندس ته صفا سڌو ٿي بيهندو. ٻيلي جيئن سڄي زندگي ياري نڀائيندي ڏکيءَ مان پار ڪڍيو ٿي، هاڻ به مڙسي ڪر ۽ ٻيڙو تاري ڏي...”
ڳالهه ڪندي ڪپيچي خان جو انداز بلڪل ان ڪتي وانگر هو جيڪو ڪاسائي جي دڪان سامهون بيٺي بيٺي ڀلي تازي گوشت جي ٽڪڙي کي تاڙي وات مان گـِگهـَه ڳاڙيندو آهي. بشيري مٿس چـِٿـَر ڪندي پڇيس: “اڙي نڀاڳا ڪنهن جاءِ جا هيءَ به ڪا عمر اٿئي جو شاديءَ جهڙو ڦندو ٿو ڳچيءَ وجهين...!!!؟؟؟ پاڻ کي ڏٺو ٿي قبر ۾ پير لٽڪايون ويٺو آ ته به نه ٿو مڙين...!!!”
تنهن تي ڪپيچي لڄي ٿيڻ بجاءِ منهن ۾ گهنجهه وجهندي چيس: “اڙي يار صدقو وڃان محمد ﷺ مٺڙي جي نانءَ تان ان جي سنت پيو پاڙيان، هاڻ ان تي به اعتراض...!!!”
بشيري به ٺـَهَه وراڻيس: “اڙي نڀاڳا محمد ﷺ مٺڙي جي سنت به توکي صرف اها ئي ٿي نظر اچي...!!!؟؟؟”
ڪپيچي پنهنجي منهن تي وڌيڪ شوخي آندي ۽ منهن کي ڀيڪوڙي، ڪلهن کي پاڻ ڇڏيندي، ڪاڪڙي تي زور ڏيندي وڏي خوشيءَ مان چيو: “اڙي نه بابا منهنجي چوڻ جو مطلب اهو ناهي، صدقو وڃان محمد ﷺ مٺڙي جي نانءَ تان ان جون سڀ سنتون ڀليون پر يار ٻيلي هن سنت ۾ مزو ڏاڍو آ...” ڳالهه ڪندي ڪپيچي جون واڇون ٽڙي وڃي ڪنن سان لڳيون ۽ سندس وات مان ڄڻ گـِڦَ پئي ڳڙيس...
بشيرو سندس من ۾ گهر ڪري ويٺل ڪمينائپ کان ڀلي ڀت واقف هو، تنهن وڌيڪ بحث ڪرڻ بجاءِ ڪنڌ کي هاڪار ۾ لوڏيندي ۽ مڇن کي تاءُ ڏيندي پڇيس: “ڀلا خدا بخش شيشي ۾ ڪيترو لٿو آ...؟؟؟”
ڪپيچي ٺـَههَ پـَههَ وراڻيس: “پنج ايڪڙ زمين ۽ ٻه لک روڪ تي راضپو ظاهر ڪيو اٿائين، باقي اڃان کـُلي ڪري هام نه ٿو ڀري ۽ ڳالهه مڙئي اينگهائي ٿو، شايد مٽن مائٽن ۽ سيڻن جي ڪري في الحال لنوائي ٿو. پر يار هاڻ ٻيلي مونکان جهليو نه ٿو ٿئي...”
بشيري ڪجهه ڳنڀير انداز ۾ سوچيندي چيس: “ٺيڪ آ اچڻ ڏينس ته اڄ تو وارو ڪم سڌو ٿا ڪيون. تون اصل فڪر ئي نه ڪر، بشيرو باقي ڇاجي لاءِ ويٺو آ...” بشيري جي جواب تي ڪپيچي جون واڇون اچي ڪنن سان لڳيون ۽ هو ته جهڙو ڪر گـَد گـَد ٿي ويو...
خدا بخش ڪپيچي جي اوطاق تي جيئن ئي آيو ته سندس چاپلوسيءَ ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ گهڻو ڪجهه اچي ويو. حالي احوالي ٿيڻ کانپوءِ بشيري حسبِ عادت ڏاڙهيءَ کي ڪياڙي وٽان کنندي چيس: “ابا خدا بخش جڏهن فصل کي حد کان وڌيڪ ڀاڻ ڏبو آ ته پوءِ فصل ڀــَـلُ ڪري ويندو آ ۽ نسريل سنگ به ڀريل اَنَ سميت اچي پـَـٽِ پوندا آهن، معنيٰ هـَـڙُ ڪئي ڪمائي چـَٽُ. دنيادار ماڻهو آ، سمجهين ٿو نه ته مان ڇا ٿو چوان...؟؟؟”
بشيري خدا بخش کي ڌَڪُ وهائي ڪڍڻ کانپوءِ ڳالهه کي وري ڳنڍيندي چيو: “ابا جوانيءَ تي ڀروسو ناهي، ٽي – وي، ڪيبل ۽ موبائيل عام جام ٿي پئي آ، سو ڪنهن کي ڪٿان ۽ ڪڏهن به اچي ڪوسو واءُ لڳي تنهن جي خبر ئي نه ٿي پئي. خواهه مخواهه ماڻهو اڇي ڏاڙهيءَ ۾ پوءِ ويٺو خواريون کڻي، تنهن کان ڀلو آهي ته وقت سـِـر ڳالهه کي نبيري ڇڏجي ۽ جي ڪپيچي جهڙو سخي مڙس تو واريءَ ڇوريءَ کي ملي پيو ته پوءِ تون ته هونءَ ئي اڏجي ويندين، پر تو واري ڇوري ته پوءِ سمجهه سڄي ساري گيهه ۾...”
ڪپيچو خان بشيري جي ڪاپاري جملن جي اثر کي خدا بخش جي چهري تي ڳولهي رهيو هو ۽ لڳو پئي ته ان تي بشيري جي گفتن جو اثر ٿيو پئي. بشيري به خدا بخش جي چهري جي تاثرن کي جانچي کيس وري هڪ ٻيو جملو چيس: “اڙي خدا بخش نياڻي جوان ٿي اٿئي ان کي وهيءَ ۾ ئي پرڻائي ڇڏ. آڌي رات جو جڏهن ڪتو به ڀوڪندو آهي نه ته پوءِ ان عمر جي ڇورين کي اهو خيال ذهن ۾ ايندو آ ته هل مون تي ڀونڪڻ لاءِ ڪو ڪتو به ڪونهي...!!! ان کان اڳ جو نياڻي جي ٻار تي ڪوئي ڪتو اچي ڀونڪي، چڱو اٿئي ته پنهنجي هٿن سان ئي ڪپيچي کي پرڻائي ڏي. باقي زماني جي پرواهه ڪنهن کي آ...!!!”
بشيري جي آخري جملي خدا بخش کي ڄڻ صفا ڪـُهي ڇڏيو. خدا بخش هائو ڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي بشيري کي چيو: “بشيرا چئين ته سچ ٿو، پر هڪ پاسي ڪپيچو ۽ ٻئي پاسي منهنجي سورنهن سالن جي ڌيءَ، ٻيلي دنيا ڇا چوندي...!!!؟؟؟ مان ته منهن کڻڻ جهڙو ئي نه رهندم، مٽ، مائٽ، سيڻ ته منهنجو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيندا ۽ مونکي وري رهڻو به ته اتي ئي آهي نه...!!!”
بشيري کي خبر هئي ته خدا بخش اهڙي ڳالهه ضرور ڪندو پر هن سان دليلن ۾ پڄي به ته ڪير پڄي. بشيري چيس: “اهو ئي ته مسئلو آهي توهان جهڙن جاهلن جو، اڙي جي ٻه اکر پڙهيل هجو ها ته اها خبر هجيو ها ته اسلام ۾ عمر جي پابندي ناهي ۽ شريعت به اهو ئي ٿي سمجهائي. ٻيو ته اسلام ۾ اهو واجب قرار ڏنو ويو آ ته اولاد جيئن ئي جوان ٿئي ته پرڻائي ڇڏيو ۽ اسلام ۾ شادي لاءِ مرد عورت جي عمر جي ڪا قيد ناهي. مسلمان آهين ته مسلمان ٿي به ڏيکار ۽ محمد ﷺ جي امتي هجڻ جو ثبوت ڏي. جي منهنجي ڳالهه تي يقين نه اچئي ته پوءِ ڪنهن وڏي ملان مولويءَ کان پڪ ڪرايانءِ...!!!؟؟؟توکي ته خبر آهي نه ته بشيرو جيڪا به ڳالهه ڪندو اها سورنهن آنا سچ ڪندو آ. باقي ڳوٺ وارن جي اصل پرواهه ئي نه ڪر، ڪنهن جي مجال جو منهنجي هوندي توسان يا ڪپيچي خان سان اچي دليل پچائي. تون اصل فڪر ئي نه ڪر، حقي واجبي نڪاح ۾ ڏيندين ته پوءِ جي ڪنهن وات کوليو ته ڏند ئي ڀڃي ڇڏيندو مانس...!!! باقي لوڪن ۽ موڪن جو منهن ڪير بند ڪندو، جيڪي بڪواس ڪن ٿا ڪرڻ ڏين، سامهون ٿيا ته پڄي پونداسين...”
خدا بخش کي جو ايمان جي ڳالهه مٿي ۾ اچي لڳي ته هوش ئي ڇڏائجي ويس ۽ بشيري کي چيائين: “ابا جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ منهنجي ڪهڙي مجال جو مان مٺڙي محمد ﷺ جي شريعت کي پٺي ڏيان. بس جيڪو ڏينهن نڪاح جو رکو. مان راضي آهيان...”
تنهن تي بشيري کلندي چيس: “اتي اچ نه، اها ڪئي ٿي مڙسن واري ڳالهه...”
خدا بخش وري ڪپيچي ڏانهن ڏسندي چيو: “ڪپيچا خان باقي جيڪي قول اقرار ڪيا ٿي ٻيلي انهن جي پارت ٿي...”
تنهن تي ڪپيچي چيس: “جان وڃي پر مڙس جي زبان نه وڃي، جيڪو قول ڪيو آهي اهو پاڙڻ منهنجو ڪم ۽ هونءَ به ابا سـُکَ ته تو واري ڇوريءَ کي ئي ملندا ۽ مان پنهنجي جيئري ئي پنهنجن ٻچن کي الڳ ڪري ڇڏيو آ، سو مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي اهو ته اڳي پوءِ آهي به تنهنجي ڌيءَ جو...”
ٻن ڏينهن اندر چئن شاهدن ۽ ملان جي موجودگيءَ ۾ خدا بخش پنهنجي جوان ڌيءَ ڪپيچي خان کي نڪاح ۾ پرڻائي ڏني ۽ بدلي ۾ ٻه لک رپيا روڪ ۽ لکت ۾ پنج ايڪڙ زمين جو کاتو پنهنجي نانءُ لکرائي ورتو. ڄائو پاري ۾ سياري جي اڌ رات ڌاري ڪپيچي خان جي گهر مان زندگيءَ جي آخري دُرڙِين سان گڏ سورنهن سالن جي معصوم ڇوڪريءَ جي نڙيءَ مان جيڪي دانهون نڪتيون سي ڪنهن به نه ٻڌيون پر عرش ضرور لرزجي ويو... رات جي انهيءَ پـَهـَر چار ڪوهَه پري بشيري جي سامسنگ موبائيل تي جلال چانڊئي جي آواز ۾ رنگ ٽون وڳي. بشيري اک کولي ڪال موصول ڪئي: “اڙي ڪپيچا خير ته آهي، رات جي هن پـَهَر فون ڪئي ٿي...!!!؟؟؟”
ٻئي طرف ڪپيچي جو آواز آيو: “اڙي يار ڇوري ڏاڍي ڇتي هئي، اصل وٺ ئي نه ڏي، ٻه ڪلاڪ ته سمجهايو مانس پر ويجهو اچڻ ڏئي ڇا. بس پوءِ ته اچي مان به ورتو مانس.....”
ڪپيچي پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ئي روڪي ڇڏي. تنهن تي بشيري چيس: “اڙي ته پوءِ اها ڳالهه ٻڌائڻ لاءِ آڌيءَ ڌاري جاڳايو ٿي...!!!”
ٻئي پاسي ڪپيچي جو آواز آيو: “نه نه ڳالهه صرف ايتري ناهي، ڇوريءَ جو لاش منهنجي سامهون پيو آ...”
ڪپيچو وري پنهنجي ڳالهه پوري نه ڪري سگهيو. بشيري جو اها ڳالهه ٻڌي ته هڪ دم رڙ ڪندي چيائينس: “اڙي نڀاڳا چئين ڇا پيو، هوش ۾ ته آهين نه...!!!؟؟؟”
تنهن تي ڪپيچي وراڻيس: “ها مان هوش ۾ ئي آهيان. نڀاڳي الائي جي ڪٿان اچي ڳچي پئجي وئي. اڙي يار مان گهڻو ئي سمجهايومانس ته مان تنهنجو نڪاح ٻڌو مڙس آهيان. پر هوءَ چئي ته نه تون منهنجي ابي به نه پر ڏاڏي جيڏو آهين. بس پوءِ ويجهو ويو مانس ته چنبا وهائي ڪڍيائين ۽ ايڏيون ننهنڊون پاتائين جو منهنجو مـُنهن ئي ڇـِلجي پيو. مونکي به آئي ڪاوڙ جو اچي دسيومانس ۽ خوب ڏنڊا هنيامانس ۽ جيئن ئي هڪ ڪوپر ۾ لڳس ته بيهوش ٿي وئي. نڀاڳيءَ سٿڻ ۾ پوريون ساريون اٺٽيهه ڳنڍيون ٻڌيون هيون...”
ڪپيچو ڳالهه ڪندي رڪجي ويو. بشيري پڇيس: “پوءِ ڇا ٿيو...!!!؟؟؟”
ڪپيچي جو آواز آيو: “بس پوءِ مونکي جيڪو ڪرڻو سو هو ڪيو، آخر منهنجي نڪاح ٻڌي زال هئي ۽ پڻس کي پنج ايڪڙ ۽ ٻه لک روڪ به ڏنا هئا. پر يار وري جڏهن هوش آيس ته اٿڻ سان ئي منهنجي ويجهو آئي ۽ منهنجي منهن ۾ ٿــُڪَ هڻي مونکي گهروڙي ڀونڊو ڏنائين. پوءِ ڀلا تون ئي ٻڌاءِ مان جهڙو مڙس ماڻهو اڃا به خاموش رهي. وڃي وڌم رَوهي لٿل چلڪندڙ ڪهاڙيءَ ۾ هٿ ۽ ڪيومانس ڳڀا ڳڀا. بس يار هاڻ ٻيلي پارت ٿي، ڪاري ڪري ته مان ماريو مانس باقي ڳالهه کي ڳنڍ تون ڏجانءِ، باقي جيڪو تنهنجو حڪم مان سڀ ڪجهه ائين ئي ڪندم...”
چئن ڏينهن کانپوءِ سياري جي اس جي گرماهٽ جو مزو وٺندي ۽ يعقوب جي هوٽل تي گرم گرم چانهه جون چُسڪيون ڀريندي پيالو خالي ڪري بشيري پـَـٽَ تي رکيو ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جي وارن کي ڪياڙي وٽان کنندي چيو: ”اڙي ابا بيغيرت جو مٿو خراب ٿيو هو، هاڻ مائي مارڻ به ڪا غيرت آ...!!! اهي دور ويا جڏهن اهڙيون اُرَههَ زورايون ڦٻي وينديون هيون، ٻارو ڀڄي ٻاري ۾ ئي پوندو هو ۽ گهر جي چلهه جو دونهو بغل واري ڀت به نه ٽپندو هو. هاڻ شل نه ڪٿي ڪنهن رَنَ جي دانهن ٿئي، الائي ڪيئن ٿي ملڪ کي ٻاٻـُورَ پئجيو وڃي ۽ الائي ڪٿان ڪٿان اهي ٽي وي وارا ڪئمرائون کڻي پڄي وڃن ٿا ۽ ڦوٽا ڪڍي سڄي دنيا کي ٿا ڏيکارين. اڙي ابا ڪپيچي کي به اچي کـُٽيءَ کنيو هو جو هن عمر ۾ ڌيءَ جيڏيءَ سان شادي ڪيائين ۽ مٿان وري ان اپيپاپ ڇوڪريءَ کي ڪهاڙين سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڪاريءَ جو لقب ڏئي غيرت پئي ڏيکاريائين ته مان وڏو مڙس ماڻهو آهيان. هاڻ جيل ۾ ويٺي ويٺي باقي بچل زندگي چڪي پيهين ته پويس خبر...”
بشيري ڪپيچي خان طرفان ڪاري ڪري ماريل ڇوڪريءَ جي ڳڀا ڳڀا ٿيل لاش تي تبصرو ڪندي پٽ تي هڪ زوردار ٿــُڪَ ڦٽي ڪئي ۽ يعقوب جي هوٽل تي سياري جي اس جي گرماهٽ جو مزو وٺڻ لڳو...
12 آڪتوبر2015
ڪراچي