ڪهاڻين جو نيرولي سجاد گهلو: راشد دائودپوٽو
سجاد گهلو سان منهنجي محبت ۽ انسيت جا ڌاڳا ڏاڍا گهرا ۽ پيچيدهه جڙيل آهن ۽ سجاد گهلو سان منهنجي دوستيءَ جي عمر لڳ ڀڳ ٻاويهه سال آهي. اسان جي پهرين ملاقات عوامي تحريڪ ۾ هجڻ ڪري، سنڌ يونيورسٽي جي داخلا جي پهرين سال ۾ ٿي. ان وقت پاڻ عوامي تحريڪ جي ٻارن جي محاذ سجاڳ ٻار تحريڪ جا مرڪزي صدر هئا ۽ سوشل ورڪ شعبي ۾ پهرين سال جا شاگرد هئا ۽ آئون فسلفي جي شعبي ۾ پهرين سال جو شاگرد هئس.سجاد سان ملاقاتن جو سلسلو جيئن جڙيو ته ڪڏهن به نه ٽُٽو. سجاد ۽ ٻين دوستن سان گڏ يونيورسٽي جي پڙهائي وارن سالن دوران ڪيترين ئي مشڪل صورتحالن جو مقابلو ڪيوسين ۽ هميشه گڏ رهياسين ۽ ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته اسان زندگي ۽ موت جي ٻواٽي تي به گڏ مڙس ماڻهن وانگر اڏول ٿي بيٺاسين. ڪڏهن ڪڏهن ته صورتحال اهڙي هوندي هئي، جو اڄ بچياسين ته ڄڻ نوان ڄاياسين. هر مشڪل صورتحال ۾ به زندگي جهڙي مرڪ چپن تي قائم رکندي پنهنجي موقف تي ڄميل رهياسين. حالتون چاهي ڪيڏيون به خطرناڪ ڇو نه هجن پر اسان خوف جي ان هر صورتحال ۾ ڪڏهن به ايئن محسوس ڪرڻ يا ڪرائڻ نه ڏنو ته اسين ڪي ڊنل به آهيون. اسان جي تربيت ئي اهڙي ٿيل هئي. سجاد گهلو ۽ ٻين دوستن سان اهڙين حالتن ۾ گهاريل سمورا پل منهنجي زندگي جا سونهري پل آهن، جن تي هميشه فخر رهيو آهي...
مون سجاد گهلو جو ڪتاب جڏهن پڙهڻ لاءِ کوليو ته عنوان تي نظر پئي، عنوان هو “نيرولي”. سوچيم، عنوان ته منفرد رکيو اٿائين ۽ نيرولي جو ڪم آهي رنگ ڀرڻ. ڏسون ته سجاد پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪهڙا رنگ ڀريا آهن. پر جي ڪهاڻين ۾ رنگ نظر نه آيا ته عنوان سان انصاف نه ٿيندو. مون ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪيو، سڀ کان پهرين سندس لکيل ڪهاڻين جا سمورا موضوع مون کي تجس ڏياريندڙ محسوس ٿيا، جن مان نه صرف سماج جي مختلف مسئلن جي نشاندهي جي خوشبو پئي آئي پر ان سان گڏوگڏ جڏهن هڪ هڪ ڪري سندس لکيل ڪهاڻيون پڙهي پوريون ڪيم ته ان نتيجي تي پهتم ته سجاد سچ پچ به ڪمال انداز سان نه صرف سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ سياسي مسئلن جي چير ڦاڙ ڪئي آهي پر پنهنجين ڪهاڻين اندر انهن مسئلن جي حل لاءِ زوارائتا ۽ ڪارائتا حل پڻ تجويز ڪري ٿو جيڪي پڙهندڙن جي دلين تي نه صرف اثرانداز ٿين ٿا پر انهن جي من ۾ عملي انسان ٿيڻ جا اتساهه پڻ پيدا ڪن ٿا. سجاد وٽ لکڻ جي اهڙي ته ڏات آهي جو هو پنهنجن ڪردارن کي ڄڻ لفظن ذريعي ڪتاب جي ڪاغذن ۾ جيئرو ڪري اسان جي آڏو ڪنهن فلم وانگر هلائي ٿو ۽ هر ڪهاڻيءَ اندر ايڏو تجسس سمايل آهي جو ان کي انجام تائين پهچائڻ کان اڳ دل ۽ دماغ ان ڪهاڻيءَ کي هٿ مان ڪڍڻ تي راضي ئي نه ٿو ٿئي. سجاد گهلو جي لکڻين مان ٻئي وڏي ڳالهه جيڪا مونکي محسوس ٿي سا آهي سندس سنڌ سان محبت جيڪا سندس هر ڪهاڻي جي جوڙ جڪ ۾ ڏاڍي نرالي انداز سان سمايل آهي...
هر هڪ ڪهاڻي پڙهندي اهو شدت سان محسوس ٿيو ته سجاد نه صرف هڪ سياسي ۽ سماجي ڪارڪن آهي جنهن جو چٽو عڪس سندس ڪهاڻين ۾ ملي ٿو پر ان سان گڏوگڏ سندس دل عام جي درد سان پڻ ڀريل آهي. سندس ڪهاڻين جو محور سنڌ آهي، ڪٿي “هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي” جهڙي ڪهاڻيءَ ۾ لڏپلاڻ جي درد جهڙي تلخ احساس جو اظهار پنهنجي ڪهاڻي ۾ ڪري ٿو ته ڪٿي “اٺٽيهه ڳنڍيون - راکو –خانو چچڙ – ٿــُڪَ ۽ رابيل” جهڙين ڪهاڻين جي صورت ۾ ٻهراڙي جي منظر نگاري ڪندي اتي موجود وڏيرن ۽ سماج جي ٻين منفي ڪردارن کي شاندار انداز سان وائکو ڪري ٿو ته ڪٿي وري لَلُو پَجُو جي ڪردار ۾ سماج جي نظرانداز ڪيل، ڌڪاريل ڪردار کي پيش ڪندي ان جو حسن بيان ڪندي ڄڻ ته ادب جو حق ادا ڪري ٿو. ڪٿي 12 مئي جو ذڪر پنهنجي ڪهاڻي ۾ “هــَل مـِـن نـَاصِــُر يَنـصـُرنـَا ” جو فلڪ شگاف نعرو هڻندي بلند ڪري ٿو ته ڪٿي وري “نيرولي” جي صورت ۾ غربت جي تصوير پنهنجي ڪهاڻي ۾ چٽي هڪ خوددار مزدور جي چهري تي مرڻ گهڙيءَ تائين مرڪ کي سجائي رکڻ جو ڪمال ڪري ٿو ته وري ڪٿي هو “مونکي توتي فخر آهي– عاشق ۽ مورڙو” جهڙين ڪهاڻين ذريعي اسانجن اعليٰ تعليمي ادارن اندر موجود انتهائي حساس مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو. سندس ڪهاڻين جا ڪردار عوامي آهن ۽ گهڻي قدر اسان جي سماج جي غريب، ڏتڙيل ۽ بي بس انسانن جي زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن...
سندس لکيل سمورين ڪهاڻين کي پڙهندي مون پنهنجي پاڻ کي هر ڪهاڻي ۾ گم ٿيندي محسوس ڪيو، ۽ ڪنهن به بهترين ڪهاڻي جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته اها پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري، ان ڪهاڻيءَ جو حصو بڻائي ڇڏي ۽ پڙهندڙ هر لمحي اهو محسوس ڪري ته اهو سڀ ڪجهه جهڙوڪر ان جي زندگيءَ سان ٿي رهيو آهي. ڪتاب جي سڀ کان پهرين ڪهاڻي “هــَل مـِـن نـَاصِــُر يَنـصـُرنـَا” لِڱَ ڪانڊاريندڙ ڪهاڻي آهي. هن ڪهاڻي ۾ 12 مئي 2007 جي واقعي جي اهڙي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي، جنهن جو مثال سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ورلي ملي ٿو، ان ڏينهن ڪراچي شهر ۾ ڇا پئي ٿيو، امن امان ڪرائيندڙ ادارا ڇا ڪري رهيا هئا ۽ جيڪي واقعا ان ڏينهن ٿيا تن جي اهڙي ته تصوير چٽيل آهي، ڄڻ اهو سڀ ڪجهه اسان جي اکين آڏو ٿيندو هجي. سجاد پنهنجي ان ڪهاڻي ۾ هڪ جڳهـ تي لکي ٿو:
“ مريم جي حواسن تي وچ روڊ تي پيل لاشن ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ڳڀروئن جا دُرڙِيون ھڻندڙ وجود حاوي ھئا ۽ ھوءَ سڪتي واري حالت ۾ انتھائي مضبوطيءَ سان پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ جھلي ويٺي ھئي... ھن کان ته پنھنجي ماءُ به وسري وئي ھئي جيڪا ھن جي ڪنڌ تي نيم بيھوشيءَ واري حالت ۾ ڪِنجِھي رھي ھئي. ھن جون اکيون معمول جي ابتڙ گھڻيون ئي پٽيل ھيون. پٺاڻ ھڪ دفعو ٻيھر چيس: “باجي مان اوهان سان پيو ڳالهيان، مونکي پنهنجا ٻچا پيارا آهن ۽ انهن جو مونکان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي، مهرباني ڪري اوهان منهنجي رِڪشه تان لهو...!!!”
سجاد ڪهاڻي جي هڪ موڙ تي ڪهاڻي جي مـُکُ ڪردار مريم کي تبديل ٿيندي ڏيکاري ٿو:
“ھاڻ ھوءَ اھا مريم نه آھي جيڪا گھمندي ڦرندي پنھنجي رئي جو پَلَئـُه به ھر ھر سنڀاليندي ھئي. ھن کي محسوس ٿيو ته ذميواريءَ جو احساس ڪنھن به ڪمزور ترين ماڻھوءَ کي ڪيترو نه طاقتور بڻائي سگھي ٿو...”
سجاد ساڳئي ڪهاڻيءَ ۾ ٻئي جاءِ تي امن قائم ڪندڙ ادارن جي مجرماڻي بيوسيءَ کي هيئن بيان ڪري ٿو:
ميجر چيس: “ھا ڇوڪري واقعي مصيبت ۾ ھئي پر ڇا ڪيون سخت حڪم مليل آھن ته اسان کي پبلڪ جي ڪا به مدد ناھي ڪرڻي ۽ وڏي سرڪار جي ڪارندن جي ڪنھن به ڪم ۾ مداخلت ناھي ڪرڻي. حڪومت انھن جي ئي آھي ۽ جيڪڏھن انھن جي مرضي ملڪ کي اونڌي ڪرڻ جي آ ته پوءِ اسان ڪجھه نه ٿا ڪري سگھون چاھي پوءِ اسان جي اکين آڏو ئي ڇو نه.....” ميجر جي چپن تي جملو اچي اچي رڪجي ويو...
هن ڪهاڻيءَ جو اختتام شاندار جملن تي ٿئي ٿو جنهن سان ستل ضمير به جاڳي پون ۽ سنڌ پنهنجي پيرن تي جيڪر اٿي بيهي:
شام ڌاري هڪ طرف اسلام آباد ۾ ان وقت جي جنرل پنهنجي پاليل پٺوئن جي ڪوٺايل جلسي اندر هوا ۾ هٿ لوڏي خطاب ڪندي چيو: “اوهان ڪراچي ۾ اسان جي طاقت ڏٺي.....” ته وري ٻئي طرف ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ ھڪ اڌڙوٽ عمر جي ماءُ ۽ ڪپڙن ڦاٽل مريم جا لاش ايڌي جي ويڙھيل ڪفن ۾ پيل ھئا جن جي مٿان اجاڙ سنڌ جي اڄ جو معصوم لطيف لڙڪن ڀريل اکڙين سان ائين خاموش بيٺل ھو جيئن ٻرندڙ جبل خاموش ھوندا آھن...”
هن ڪتاب ۾ هڪ ٻي ڪهاڻي “راکو” آهي. هن ڪهاڻي ۾ سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندي، وڏيري جي هاري ۽ غريب دشمن نفسيات جي بهتر انداز ۾ نشاندهي ڪئي ويئي آهي. “خانو چچڙ” ڪهاڻي جو پلاٽ ۽ نتيجو هڪ نئين انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ان ڪهاڻي جا ڪردار ماستر دين محمد، اياز ، اڪبر بلڪل نوان ۽ نرالا آهن، ان ڪهاڻي جي ڪردارن جي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ انتهائي جذباتي حادثن جي نتيجي ۾ جيڪي رويا آهن اهي اسان جي سماج ۾ بلڪل به غير روايتي ۽ نرالا آهن. ان ڪهاڻيءَ جا مـُکُ ڪردرا انتهائي جذباتي صورتحال ۾ به هوش حواسن کان ڪم وٺندي، مسئلن کي عقلي بنيادن تي منهن ڏين ٿا ۽ پنهنجي روشن خيالي، وسيع علمي ۽ انقلابي سوچ ذريعي سنڌ جي جوانن کي جيئڻ ۽ وڙهڻ جا نوان رستا پيا ڏين. ان ڪهاڻي جو انت ڪجهـ هن طرح ٿئي ٿو:
“انسان جي زندگي ڀـَلُ ڪيترين ئي تلخ حقيقتن سان ڀريل ڇونه هجي پر سچي محبت انهن تلخ يادن کي زندگيءَ مان ايئن مٽائي ڇڏيندي آهي جيئن صُبح جو سج پنهنجيءَ جوت سان رات جي ٻـُٽَ اونداهيءَ کي.انقلابي سوچن اڪبر کي انسانيت جي عظمتن جا پيچرا ڏيکاريا هئا ۽ هن به مُومل سان پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات صُبح جي ٿڌيءَ هير جي جھونڪي وانگر ڪئي جنهن ۾ زندگيءَ جهڙي ڀرپور تازگي سمايل هوندي آهي. ھن مُومل سان پنھنجي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ وقت کيس اکين ۾ اکيون ملائي چيو: “مُومل ھڪ ڳالھه ھميشه لاءِ سمجھي ڇڏ، ماضي ۾ جيڪو به توسان ٿيو ان ۾ تنھنجو ڪوئي به قصور نه ھو. تون منھنجي لاءِ اڄ به ائين ئي آھين جيئن ڪالھه بلڪه اڄ مونکي چوڻ ڏي ته تنھنجي مون وٽ حيثيت اڳ کان به وڌيڪ آھي ڇو ته منھنجي محبت جو بنياد ڪنھن جوشيلي يا ڀڙڪيل جذبي تي ناھي بيٺل پر اھو زندگيءَ جي اٽل حقيقتن ۽ رشتن جي سنجيدگيءَ تي بيٺل آھي...”
آخر ۾ صرف ايترو ئي چوندم ته سجاد گهلو پنهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل “نيرولي” سان ڀرپور نباهه ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهن، ذاتي ۽ سماجي زندگي سان گڏ احساسن کي اهڙي طرح ته چٽيو آهي جو ان جا سمورا رنگ پڙهندڙن جي دماغن تي گهڻي وقت تائين پنهنجي حسناڪي قائم رکندا. پڙهندڙ ن کي هي ڪتاب ضرور پسند ايندو ۽ اهي هن ڪتاب ۾ هڪ نواڻ ۽ تازگي کي پڻ محسوس ڪندا. مون هن ڪتاب جي هر هڪ ڪهاڻي کي پڙهندي اهو شدت سان محسوس ڪيو آهي ته سجاد گهلو جيڪڏهن مسلسل لکندو رهي ته ان ۾ نه صرف هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار بلڪي هڪ شاندار ناول نگار ٿيڻ جون پڻ ڀرپور صلاحيتون موجود آهن...
راشد دائودپوٽو
12 نومبر 2017 - نصرپور