نيرولي
اڌڙوٽ وهيءَ کي پڳل سندس پيءُ اِمـَن پنهنجي مُٺ جيتري ڏاڙهيءَ ۾ آڱريون وجهندي چيس: “ڇو پٽ تعزين ڏسڻ جو شوق ٿيو آ ڇا...؟؟؟”
“نه بابا محرم جو مهينو ته اسان لاءِ عيد جو مهينو هوندو آهي نه اوهان کوڙ سارا پئسا ڪمائيندا آهيو ۽ پوءِ مان کوڙ ساريون شيون وٺندو آهيان ۽ اسان گهڻا گهڻا ڏينهن بُک تي به ناهيون ويهندا...”
هن پٽ کي سمجهائيندي چيو: “نه پُٽ ائين ناهي چئبو ۽ محرم جو مهينو عيد جو مهينو ٿوروئي هوندو آ. ان مهيني ۾ ته يزيد امامن کي بي رحميءَ سان شهيد ڪيو هو تنهن ڪري پٽ اهو مهينو ڏک جو مهينو هوندو آ...”
اويس سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو: “بابا اهو يزيد ڪير هو ۽ امام ڇا ٿيندا آهن...!!!؟؟؟”
هن پنهنجي ڀر ۾ ستل پٽ کي چمي ڏيندي چيو: “پٽ جڏهن تون وڏو ٿيندين ته هر شيءِ جي خبر پئجي ويندئي هاڻ سُمهي پـَئـهُ عَصُر جو اٿي روزو به رکڻو آ...”
هن پنھنجي پيءُ جي نصيحت کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وري ھڪ دفعو ٻيھر معصوم لهجي ۾ سوال ڪيو: “بابا روزي ۾ بُک تي ڇو ويهبو آ...!!!؟؟؟”
هُو پنهنجي معصوم پٽ جي سوالن تي بيزار ته نه ٿيندو هو پر هُن کي خبر هئي ته سندس پٽ جي اهڙن سوالن جو ڇَيهُه هن جي اکڙين جي بندن کي ٽوڙي آيل ڳوڙهن تي ئي ٿيندو. هن کيس وري سمجهائيندي چيو: “ان ڪري پُٽ ته روزا الله سائينءَ کي ڏاڍا وڻندا آهن ۽ هو انهن روزن رکڻ جي بدلي ماڻهن کي کوڙ سارو ثواب ڏيندو آ...”
سندس پُٽ خوش ٿيندي چيس: “ها بابا پوءِ اسان ته روزانو روزا رکندا آهيون ۽ اڪثر بُک تي ويهندا آهيون ته پوءِ ڇا الله سائين اسان کي کوڙ سارا ثواب ڏيندو...!!!؟؟؟”
اِمـَن سندس اھڙين ڳالھين تي ھميشه خاموش ٿي ويندو ھو پر اويس روئڻھارڪو منھن ڪري چيس: “بابا مونکي ثواب نه کپن ماني کپي بُکَ لڳي آ...!!!”
پُٽ جي اهڙين ئي ڳالھين تي هن جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهندا هُئا. هُن جا گهر ڀاتي ٻن ڏينهن کان بُک تي هُئا ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ هن جي گهر ۾ ٻارنهن مهينا ئي روزا رهندا هجن. هن جيئن تيئن ڪري پُٽ کي سمهاري ڇڏيو ۽ صبح جو سوير ئي روزگار تي هليو ويو. هو نيرولي هو ۽ شڪارپور جي پراڻي اَنَ منڊيءَ ڀرسان ڳوٺاڻن جي ڪپڙن کي رنگ ڏيندو هو. اَنَ منڊيءَ ۾ ونگ جي ڀرسان سرڪاري پڙين جي وچ واري خالي ٽُڪر تي کليل آسمان هيٺ هڪ وڏو پٿر جو ڪُونر، هڪ چلهو، ٽي ٽين، ٻه وڏا ديڳڙا ۽ هڪ وڏي پر نهايت ئي پراڻي ڪاٺ جي صندوق هُن جي دُڪان جي ڪُل ملڪيت هُئا. رنگ ڪرڻ جي ڪري هن جا هٿ به رڱجي ڪارا ٿي ويا هُئا. جنهن جاءِ تي هُو پنهنجا ٽين ٽپڙ رکي ڪم ڪار ڪندو هو ان جي سامهون سيٺ ڪنعيا لال جو شاندار پسارڪو دڪان به هو جيڪو لکن روپين جي مال سان سـَـٿـِيـَو پيو هوندو هو. ان کان علاوه وٽس ٻه وڏا گودام به هئا جنهن ۾ هو هرقسم جو اَنُ ذخيرو ڪري رکندو هو ۽ مارڪيٽ ۾ اَنَ جي کوٽ ٿيڻ تي ٻيڻو يا ٽيڻو ڪري وڪڻندو هو. ان کان علاوه سيٺ ڳاٽي ٽوڙ وياج تي ماڻهن جي زيورن، ملڪيتن ۽ ٻنين جو مالڪ پڻ بڻجي پيو هو ۽ اِمــَـنَ شهر ۽ ٻهراڙين جي الائي ڪيترن چڱن مڙسن کي ڳرن وياجن جي چٽين عيوض هـَـڙَ هٿان وڃائي بوڇڻ ڇنڊيندي سيٺ ڪنعيا لال جي دڪان تان ويندي ڏٺو هو. اڪثر ڪري سيٺ پـَيسـَن جون دستيون پنهنجي هٿن ۾ کڻي طنزيه انداز سان اِمـَن نيروليءَ کان پڇندو هو: “ڏي خبر نيرولي ڌنڌو ڪيئن ٿو هلي...؟؟؟”
هُو صرف موٽ ۾ مُرڪي وراڻيندو هوس: “سيٺ الله جو شڪر آ...”
۽ پوءِ سيٺ نوٽن جون دستيون ٽجوڙيءَ ۾ رکندي چوندو هوس: “هائو ڀائو مالڪ جي ڪِرپـَا مڙئي اسان تي به آهي...”
ملڪ ۾ روزگار اڻلڀ، مھانگائي چوٽ چڙھيل ۽ مٿان وري درياءَ بادشاهه جي پاڻيءَ تي بندشن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي چهرن تان مرڪون ائين گُم ڪري ڇڏيون هيون جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ گم ٿي ويا هُئا. سنڌو درياءُ تار وهندو هوته سنڌ جون زمينون پنهنجيءَ ڪُکِ مان سونا سنگ ڄڻينديون هيون. پر گذريل ڪافي وقت کان جڏهن سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڊئم ٻڌي ۽ ڪئنال ڪڍي زبردستي ڏينهن ڏٺي ڌاڙا هنيا وياھئا، تڏهن کان سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي اهڙي ته اُڻاٺ رهڻ لڳي هئي جو ماڻهن جا ڀريا تريا فصل به سڙي پئي ويا. اِمـَن پنهنجي دُڪان ۾ پٿر واري سليب تي ويٺي مٽيءَ جي ٺاهيل چلهه ۾ سڪل ڪاٺين کي باهه جي انتظار ۾ ڏسي دل ئي دل ۾ سوچيو: “ڪاش جي ڪجهه گراهڪ اچي پون ته هن چلهه جي باهه به ٻري ۽ منهنجي ٻچن جي پيٽ جي باهه به ڪجهه هلڪي ٿئي...”
آس ۽ اوسيئڙا ڳوڙهن جي روپ ۾ هن جي اکين مان ٽمي پٽ تي ڪريا ۽ سنڌ جي اڃايل ڀونءِ به هن جي ڳوڙهن کي پنهنجي اندر ۾ جهٽ پلڪ ۾ ائين جذب ڪري ڇڏيو ڄڻ ان جي ڪـُـکِ به هن جي ٻچن جي ڪـُـکِ وانگر خالي ۽ اڃايل هجي. مٽيءَ ۾ پنهنجي ڳوڙهن کي دفن ٿيندو ڏسي هن جي ذهن ۾ وري ڪنهن خيال وراڪو ڏنو: “ڪاش جي هيل درياءَ ۾ پاڻي جهجهو اچي هاته هيءَ ڌرتي به ايڏي اڃايل نه هجي ها ۽ جهرجهنگ آباد ٿئي ها، ماڻهن جي گهرن جون گُنديون ڀرجن ها، هر ڪنهن جي چهري تي مُرڪون هجن ها، سنڌ جون سٻاجهڙيون ناريون گهونگهٽ اوڍين ها ته وري ڪي جوڌا جوان موڙون ٻڌن ها...”
هُو تصورن ۾ پنهنجي ذهن ۾ جمالا، هـُمرچا، مـَورا، ڳـِيچ ۽ سـَهرن جا لـُڀائيندڙ آواز محسوس ڪري رهيو هو. هن جي چهري تي هڪ وڻندڙ مسڪراهٽ اڀري آئي ۽ هو سوچڻ لڳو: “ ڳوٺاڻا ڪپڙن جون ڀريون ٻڌي هن وٽ کڻي اچن ھا ۽ پوءِ هو سندن پسند مطابق نيرا، ڳاڙها، هيڊا مطلب ته هرقسم جا انڊلٺي خوبصورت رنگ انهن جي ڪپڙن کي ڏئي ھا ۽ جهجها پئسا ڪمائي کلندو کلندو پنهنجي گهر موٽي ھا ۽ هن جي گهر جي چـُـلهه به هن جي دڪان جي چـُلهه وانگر ڪڏهن به وساميل نه رهي ھا...”
هن ٻن ڏينهن جي بکايل مزدور جا خوبصورت تصور ريشمي تار وانگر ان وقت ٽــُـٽـَا جڏهن سيٺ ڪنعيا لال نوڪرن کي وڏي واڪي دڪان بند ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏئي رهيو هو. سيٺ هليو ويو ۽ هن آسمان ڏانهن ڏٺو ته سج لهڻ وارو هو ۽ سڄي ڏينهن ۾ هن وٽ ڪو به گراهڪ ڪپڙا رڱائڻ نه آيو. هن ٻه ٽي گهڙيون آسمان ڏانهن ٽِڪَ ٻڌي نهاريو ڄڻ خدا سان همڪلام هجي پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائين ڄڻ هن جي دهشت جي آڏو سجدو ڪندو هجي. ڪجهه دير کانپوءِ هو پٿر جي سليب تان اٿيو جنهن تي هو رڱائي کانپوءِ ڪپڙن کي سٽيندو هو. هن پنهنجو سامان ديڳڙا وغيره کڻي پٿر جي سليب جي ڀرسان پيل پراڻي ڪاٺ جي صندوق ۾ رکي ان کي تالو ڏنو ۽ پنهنجي ٽٽل وجود، ٿڪل قدمن ۽ آنڌمانڌ متل سوچن سان اهي دليل پچائيندي گھر ڏانھن موٽيو ته هو پنهنجن بکايل ٻچن کي اڄ وري ڪهڙو جواب ڏيندو...!!!
رستي ۾ هن سان سيٺ ڪنعيا لال مليو جيڪو پنهنجن ٽن نوڪرن سان گهر وڃي رهيو هو. سندس نوڪرن کي هٿن ۾ فروٽ، ڀاڄين ۽ ٻين کوڙسارين شين سان ڀريل ڳوٿريون هيون. اِمـَن جون نظرون پهريون کائڻ پيئڻ جي شين ۽ پوءِ سيٺ جي مسڪرائيندڙ چهري تي پيون. هن کي پنهنجا ٻچا ياد اچي ويا جيڪي ٻن ڏينهن جي بـُـکَ جي ڪري در ۾ اکيون اٽڪائي هن جو اوسيئڙو ڪري رهيا هُئا. پر هن جا هٿ ته خالي هُئا...!!! رستي تي هلندڙ ماڻهن منجهان ڄڻ هو پنهنجي بي جان بُت کي گهلي رهيو هو. هر ڪو روزي کولڻ جي تياريءَ ۾ لڳو پيو هو. انب، فروٽ، پڪوڙا ۽ کائڻ پيئڻ جي ٻين کوڙ سارين شين سان سٿيل ڳوٿريون کڻي هرڪو تڪڙو تڪڙو پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي رهيو هو. هن جي آڏو هن جي ڌيئرن قبريٰ، مريم، فاطمه، پُٽ اويس، ڇهن مهينن جي کير پياڪ اسد ۽ سندس زال بَکَان جو بُکن ماريل چهرو بار بار اچي رهيو هو. بُڇڙيءَ بک هن کي به ڏاڍو تنگ ڪيو هو پر هوته خودڪشي به نه پئي ڪري سگهيو ڇوته ان ايڏي وڏي عَيال جو هن هيڏيءَ ڀريءَ دنيا ۾ هن کانسواءِ ڪو ڪونه هو. هو جيئن ئي گهر ۾ گهڙيو ته اويس خوشيءَ وچان رڙيون ڪندو سندس ڄنگهن سان چنبڙي پيو ۽ جذباتي ٿي چوڻ لڳو: “بابا اچي ويو... بابا اچي ويو...”
پر جڏهن هن پنهنجي پيءُ جا هٿ خالي ڏٺا ته هن جي معصوم چهري تان خوشيءَ ۽ اميدن جا سمورا رنگ لهندڙ سج جي سوجهري وانگر گم ٿي ويا ۽ هن روئڻ واري لهجي ۾ پنهنجي پيءُ سان احتجاج ڪندي چيو: “بابا تون اڄ به هٿين خالي آيو آ ڇو...!!!؟؟؟”
هو اهڙو ڪُڇي جهڙي ڀت، اکين ۾ ڳوڙها ھيس پر چپن تي ناڪام مُرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ ان کان اڳ جو هو نـِـڙيءَ ۾ اٽڪيل اکرن کي پڙاڏن جي صورت ۾ ڪا جان ڏيئي سگهي اويس روئندي چَيُس: “تون اسان جو ڪنو بابا آن. ٻين جا بابا سڀن کي صبح جو روزو رکرائڻ وقت به ماني کارائيندا آهن ۽ شام جو روزو ڇوڙائڻ وقت به کوڙ ساري ماني کارائيندا آهن ۽ تون اسان کي صرف روزا رکرائين ٿو ماني نه ٿو کارائين ڇو...!!!؟؟؟”
اويس جي جملن تي گھر جي سمورن ڀاتين جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ سندس ماءُ بـَـکَان جيڪا معصوم اسد کي پکو هڻي رهي هئي تنهن کيس ڇڙٻ ڏيندي چيس: “اويس پيءُ سان ائين ناهي ڳالهائبو پُٽ...”
۽ پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته ننڍڙي اويس جو سارو وجود سڏڪن ۾ ڏڪي رهيو هو. سندس وڏيءَ ڀيڻ قبريٰ ڊڪندي اچي ڀاڪي پاتس ۽ ڪهاڻي ٻڌائڻ جي بهاني ڪمري ۾ وٺي ويس. اِمـَن پاڻ به ٽن ڏينهن کان بکيو هو ۽ پيٽ وڃي پُٺ سان لڳو هوس پر الائي ڇو ان ويلي هن کي پنهنجو وجود تمام گهڻو ڳرو محسوس ٿيڻ لڳو شايد درد هن جي بت جي وزن کي ڏهوڻو ڪري ڇڏيو هو. هو ٿاٻڙجندو اچي پنهنجي گهر واري بـَـکَان جي ڀرسان ويٺو ۽ هن جي هنج ۾ پيل نهايت ئي ڪمزور معصوم اسد کي چمي ڏيندي چيائين: “ڇو ڀلا پاڻ وارو اسد ته ڪادانهن ڪُوڪ ئي نه ٿو ڪري...!!!؟؟؟”
هن جي اکين مان بيوسيءَ جا ڳوڙها ڇلڪي پيا ۽ سندس زال به ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيس ۽ سڏڪندي چيائينس: “منهنجي ڇاتين ۾ کير ئي ڪونهي ۽ هي به ٻن ڏينهن کان بُک تي آ پر عجب رمز آ سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته ٻن ڏينهن کان هن به ڪا دانهن ڪُوڪ ناهي ڪئي شايد هن کي به اسانجن بکن ۾ پـَـاهَه ٿيل پيٽن ۽ منهنجي سُڪل ڇاتيءَ جي خبر پئجي وئي آ جو بُک جو احساس ئي نه ٿو ڏياري. قبريٰ جا پيءُ آخر گهڻا ڏينهن بکن تي رهنداسين، تون ڀلا ڪو ٻيو بِلو ڇو نه ٿو ڪرين...!!!؟؟؟”
اِمــَن مونن ۾منهن وجهي سڏڪڻ لڳو: “ڇا ڪيان...!!! هاڻ ته ڇاتيءَ جي سُور به اهڙو اچي ورايو آ جو سـَاهُه کڻڻ به ڏکيو ٿي پيو آ مزدوري ڪرڻ کان به لاچار آهيان. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ هن مهنگائيءَ واري دور ۾ ڇا ڪيان...!!!؟؟؟ الله سائين ڪا ٻاجهه ڪري ۽ پنهنجا ڏنل ساهه کسي وٺي ته هوند هن چنڊال دنيا مان جند ئي ڇٽي پئي...!!!”
سندس گهرواريءَ وات تي هٿ رکندي چيس: “قبريٰ جا پيءُ اهڙي وائي ته واتان نه ڪڍ، توکانسواءِ هن ڀري دنيا ۾ اسانجو ڀلا ٻيو ڪير آ...!!!؟؟؟”
وري هڪ ٻئي رات درد بڻجي اِمـَن جي گهر ۾ پنهنجا پرڙا پکيڙڻ لڳي. اڄ ته اويس به ڪاوڙ ۾ هن کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ هو احتجاجاً پنهنجيءَ وڏيءَ ڀيڻ سان ستو هو. هن کي عادت هئي اويس کي پنهنجي سيني تي سمهارڻ جي ۽ پنهنجي آڱرين کي ڦڻي بڻائي هن جي وارن ۾ گهمائڻ جي، پر اڄ ته اويس ھن کان ناراض ھو ۽ ھن ائين پئي ڀانيو ڄڻ سڄي ڪائنات ھن کان ناراض ھئي ڇو ته اڄ سندس پٽ کائنس جدا هو. هن کي اها ڳالهه بار بار شدت سان محسوس ٿي رهي هئي ته بڇڙيءَ بک ان جا ٻچا به ان کان پري ڪري ڇڏيا هُئا ان گهڙيءَ هو پنهنجو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان بدنصيب پيءُ سمجهي رهيو هو...
هن جو ڪچو گهر صفا ننڍڙو هو. هڪڙو ڪمرو، ننڍو ورانڊو ۽ ٽن کٽن جيترو پڌر. بس اها هئي هن جي گهر جي ڪُل ڪائنات. وقت هوريان هوريان پنهنجا پير چوري آڌيءَ رات ۾ تبديل ٿي چُڪو هو. هن جي گهر جي ورانڊي ۾ لڳل بلب پنهنجا پويان پساهه کڻندي تمام هلڪي روشنيءَ سان رات جي اونداهيءَ سان ائين جهيڙي رهيو هو جيئن ان گهر جا ڀاتي بُک سان جهيڙي رهيا هُئا. اويس جي ناراضگيءَ اِمـَن کي اڌمئو ڪري ڇڏيو هو ۽ هو مسلسل بيقراريءَ مان پاسا بدلائي رهيو هو. هُو اويس کي ڪمري مان کڻڻ لاءِ کٽ تان اٿيو ۽ جيئن ئي ڪمري جي در وٽ پڳو ته سندس وڏي ڌيءَ قبريٰ جي سڏڪن جا آواز هن جي ڪنن تي پيا. هُو پنهنجي جوان ڌيءَ جي سڏڪن ۾ ڄڻ دردن جا نَوحا ٻڌي رهيو هو. هو در تي ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيو ۽ پنهنجي اندر ۾ پنهنجي بي وسيءَ تي ماتم ڪرڻ لڳو. اوچتو هن جي ڪنن تي سڏڪن ۾ گهٽيل آوازن جا پڙاڏا پيا. سندس ڌيءَ کٽ جي پائي کي مـُڪون هڻي وڏي درد ۾ سڏڪندي ڀڻڪي رهي هئي: “الله سائين ههڙي جيئڻ کان موت ڇو نه ٿو ڏئين...!!! ڇو نه ٿو اسانجا ساهه واپس وٺين...!!!؟؟؟”
هُو سرد لاش بڻجي پيو ۽ خاموشيءَ سان پاڻ کڻي اچي کٽ تي ليٽي پيو. سموري رات آسمان تي ٽنگيل ستارن سان عجيب و غريب ڳالهيون ڪندو رهيو. اڄ هن جي گهر ۾ ڪنهن کي به آرام ڪونه هو. بک جي باهه سڀني جي پيٽ ۾ اهڙو ته مـَمـَڻ مچايو هو جو ننڊ جي سٻاجهڙي ديوي به هنن جي مفلسيءَ کان ڏڪي هنن کان ڪوهين ڏور ڀڄي ويئي هئي.آسمان تي صبح جي اڇاڻ ڇائنجڻ لڳي ۽ ٽِم ٽِم ڪندڙ ستارا ائين گُم ٿيڻ لڳا ڄڻ خوف هجين ته متان سج جي روشني کين ساڙي ڀسم نه ڪري ڇڏين. اِمـَن جي اکين جي آڏو هاڻ بلڪل صاف شفاف آسمان هو، نِيرو نِيرو جنهن تي تيزيءَ سان جُون جي سج جا ڪرڻا ڪنهن ٻرندڙ بٺيءَ جهڙي تپش ڦهلائي رهيا هُئا. پر جيڪا بک جي باهه هن جي پيٽ کان ٿيندي هن جي ذهن ۽ جسم کي جلائي رهي هئي تنهن سڄي رات هن کي هڪ پل لاءِ به سمهڻ ڪو نه ڏنو هو. هن لاءِ ته هر نئون سج نوان سُور پئي کڻي آيو. گذريل ڏينهن جي ٿڪ ۽ رات جي اوجاڳي سبب هن جي اکين مان سُور جون سٽون اڀري رهيون هيون. هن سُور جي شدت کان جيئن ئي اکيون بند ڪيون ته سندس ڀريل اکين ۾ انتظار ۾ ويٺل ڳوڙها لارون ڪري وهي ڇڙيا. هو سوچي رهيو هو ته جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن هو پنهنجي ٻارن جي بک جو ڪو بندوبست نه ڪري سگهيو ته پوءِ يقيناً اڄوڪو ڏينهن هن جي گهر وارن لاءِ قيام جو ڏهاڙو هوندو. هن جي ذهن ۾ خيالن جي جنگ جاري ئي هئي ته سندس گهر واري بــَکَان جو سڏڪندڙ آواز هن جي ڪنن تي پيو جيڪا ننڍڙي اسد جي سيني تي پريشانيءَ وچان ڌڪ هڻي رهي هئي: “اسد... او پٽ اسد... اکيون ته کول ٻچا...!!!”
اِمـَن اکيون پٽي پنهنجي پريشان گهر واريءَ کي ڏٺو. ان به کيس ڏسندي چيو: “قبريٰ جا پيءُ پاڻ وارو اسد...!!! ڏس نه ڪجهه ڪڇي ئي نه ٿو...!!!”
هو سـَٽ ڏئي کٽ تان اٿيو ۽ گهر واريءَ جي هٿن ۾ جهليل اَبهم ۽ ٽن ڏينهن جي بکايل اسد کي پنهنجي هٿن ۾ کڻي جهنجهوڙي سڏڻ لڳو: “اسد...!!! ٻچڙا اکيون ته کول...!!!”
هن پريشان ٿي پنهنجي اشهد آڱر کڻي سندس ننڍڙين ناسن هيٺان رکي، پر زندگيءَ جي ڪابه حرارت ڪونه...!!! هن سندس ننڍڙي پيٽ تي هٿ رکيو ساڳئي نااميدي...!!! ۽ نيٺ هن پنهنجو ڪن سندس ننڍڙي سيني تي رکيو پر سندس دل جو ڌَڌَڪو به بغير ڪنهن کـرُِڙِي هڻڻ جي بند ٿي ويو هو...!!! گهر جا سڀ ڀاتي اٿيا ۽ گلن جهڙي معصوم اسد جي لاش مٿان چپ چاپ ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا. سڀني هَانءَ ڦاڙي ۽ رڙيون ڪري روئڻ پئي گهريو پر سڏڪا ڪنهن جا به ٻاهر نه نڪتا ۽ سڀني جي سينن اندر موجود وشال قبرستان ۾ ائين مدفون ٿي ويا جيئن ڪنهن وڏي ۽ خطرناڪ زلزلي کانپوءِ زندهه انسان زمين بوس ٿي ويندا آهن...
بـَـکَان اکين مان نـِيـرَ وهائيندي معصوم ۽ بي جان بکايل اسد کي آخري دفعو وهنجاري هڪڙيءَ پراڻي چادر ۾ ويڙهي کوڙ سارا ڀاڪر پائي ۽ چميون ڏيندي پنهنجي مُڙس حوالي ڪيو. اِمـَن ڪجهه پاڙي وارن سان رَلجي پنهنجي معصوم پٽ کي سنڌ جي ڀٽاري ڀُونءِ حوالي ڪري آيو. موٽ تي هو جيئن ئي گهر وٽ پڳو ته پاڙي جون ٻه ٽي زائفون هن جي گهر مان نڪتيون، هن ڄاڻي ورتو ته سندس گهر واريءَ سان ڏک ونڊڻ آيون هونديون. انهن عورتن جي ويندي ئي هو جيئن ئي گهر ۾ گهريو ته سندس زال سان پاڙي ۾ رهندڙ ايس.ايڇ.او جاويد اڪبر جي گهر واري ويٺي هئي. هن جون ٻئي ٻانهون وڏين سونين ڪنگڻين سان ڀريل هيون، ڳچيءَ ۾ ست لڙو سونو هار ۽ ڪنن ۾ لڙڪندڙ وڏا واڏا جهومڪ سندس شان ۽ وڏائيءَ کي ظاهر ڪري رهيا هئا. هن اِمـَن کي ڏسي کيڪاريندي چيو: “چاچا اوهان جي ننڍڙي جو ٻڌي ڏاڍو ڏُک ٿيو پر ڇا ٿو ڪري سگهجي الله جي شيءِ هئي الله ڏي وئي. الله اوهان کي صبر عطا ڪندو...!!!”
هُو خاموش رهيو ۽ ڪجهه ڪين ڪڇيو. ايس.ايڇ.او جاويد اڪبر جي گهر واري اٿي ۽ پنهنجيءَ پرس مان سئو روپيه ڪڍيا ۽ اِمـَن جي گهر واريءَ کي ڏنائين ۽ موڪلائي هلي وئي. مريم، فاطمه ۽ اويس ڊُڪ پائي پئسن ڏي ڊوڙيا. پر اويس سڀن کان اڳ ڊوڙي وڃي پئسا هٿ ۾ کنيا ۽ خوشيءَ مان نچڻ لڳو ڄڻ کيس ڪو قارون جو خزانو هٿ لڳو هجيس. خوشيءَ مان ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپيو ۽ ڪـُـڏَ ڏيئي واري وٽيءَ سان سڀني ڀينرن کان پڇي رهيو هو: “مريم ڇا کائيندي...؟؟؟ فاطمه ڇا کائيندي...؟؟؟ آپي قبريٰ ڇا کائيندي...؟؟؟”
گهڻن ڏينهن کانپوءِ هن جي معصوم چهري تي ايڏي وڏي خوشي ڏسي سڀني جي چهرن تي مسڪراهٽ اچي ويئي ۽ ڪنهن کي ياد ئي نه رهيو ته ڪو هن ئي گهر مان ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ ملڪ الموت پنهنجا پرڙا پکيڙي ڇهن مهينن جي معصوم اسد جي روح کي قبض ڪري ويو هو ۽ سندس پيءُ جيڪو پڻ ان خوشيءَ ۾ شريڪ هو سو پنهنجي معصوم پٽ کي لتڙ ڏيئي دفن ڪري ڪجهه ڙيون اڳ ئي گهر موٽيو هو. واقعي بُک ڏاڍي بڇڙي بلا آ جو ماڻهن کان رشتا ئي وساريوڇڏي...!!! ان کان اڳ جو گهر جو ڪو ڀاتي انهن سئو روپين جي صحيح استعمال جو ڪو فيصلو ڪري ٻاهر کان هڪ ريڙهي واري جو آواز آيو: “سُڪل ماني، لوهه پراڻا، ٽين ڀڳل، لَيلُون جا چپل کڻي اچو...”
اِمـَن هڪدم هڪل ڪندي اويس کي سڏ ڪيو ۽ سمجهائيندي چيائينس: “وڃ ريڙهيءَ واري کان سئو روپين جي چونڊي چونڊي سٺي سُڪل ماني وٺي آ...”
اويس ڊوڙندو ٻاهر ويو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ سُڪل مانيءَ سان ڀريل هڪ وڏي پلاسٽڪ جي ڳوٿري چنگهندو چنگهندو گھر کڻي آيو ۽ پوءِ ان ڏينهن قبريٰ سُڪل مانيءَ کي صاف ڪري پاڻيءَ ۾ ڀڄائي تئي تي سيڪيو ۽ گهر جي سڀني ڀاتين پاڻيءَ ۾ لوڻ مرچ ملائي ان سان خوب پيٽ ڀري ماني کاڌي ۽ ٻه ٽي ڏينهن اهو سلسلو ائين ئي هلندو رهيو. هاڻ ته رمضان واري عيد به ويجهو اچي وئي هئي ۽ اِمـَن جي دُڪان جي چُلهه به دُکڻ شروع ڪيو هو ۽ هو روز ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي گهر ڏي آڻيندو هو ۽ هاڻ هُن جي گهر ۾ ڪوئي به روزا نه رکندو هو...
عيد کان هڪ ڏينهن اڳ اِمـَن سج لٿي کانپوءِ به ڪافي دير تائين ڪپڙا پئي رڱيا. اڄ هو ڏاڍو خوش هو ڇو ته هن کوڙ سارن ڳوٺاڻن جي ڪپڙن کي رنگ ڏئي جهجها پئسا ڪمايا هُئا. دُڪان بند ڪرڻ کان اڳ جڏهن هن پنهنجيءَ اَڄوڪي محنت جا پئسا ڳڻيا ته خوشيءَ ۾ ڄڻ ڪُڏيو پئي پُورا ساڍا ٻاويهه سئو. ان مان هن اڳ ۾ ئي ٻه سئو رُوپيه الله جي نالي جي خيرات جا ڪڍيا. بعد ۾ هن گهر وارن لاءِ کوڙ سارو سيڌو سامان خرد ڪيو. جنهن ۾ اٽو، چانور، گيهه، لوڻ، مرچ، ڀاڄيون، ڪجهه فروٽ، قبريٰ، فاطمه ۽ مريم لاءِ چوڙيون، چپل ۽ لاليون ۽ ڪجهه پئسا بچائي کيسي ۾ رکيائين ته جيئن اويس کي سندس پسند مطابق عيد لاءِ جوڙو ۽ بوٽ وٺي ڏئي...
هن سمورو سامان هڪ ٻاچڪي ۾ بند ڪيو ۽ ڪلهي تي کڻي گهر ڏي روانو ٿيو. عيد جي وچ ۾ هڪ ڏينهن هجڻ ڪري بازار ۾ وڏي چهل پهل ۽ رونق لڳي پئي هئي. هر ماڻهوءَ جو چهرو عيد جي خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. پر اِمـَن جي اندر عيد کان به وڏي خوشيءَ ۾ جهومي رهيو هو ڇو ته ڪافي ڏينهن کانپوءِ هو پنهنجي گهر وارن لاءِ ڍير ساريون خوشيون ٻاچڪي جي صورت ۾ پنهنجي ڪلهي تي کڻي گهر ڏانهن وڃي رهيو هو. اڄ گهڻن گهڻن ڏينهن کانپوءِ اِمـَن نيروليءَ جو چهرو خوشيءَ ۾ ٻهڪيو پئي ۽ ٻاچڪي جو وزن هن لاءِ ڄڻ گلن جي ٽوڪري بڻجي پيو هو. ڍڪ بازار لتاڙي، اسٽوئرٽ گنج کان ٿيندو هو جيئن ئي وڏن ڪاسائين جي پاڙي مان گذري پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته بجلي بند ٿي وئي، اوندهه اهڙي جو هٿ هٿ کي نه ڏسي...!!! هن جا پير ازخود بريڪ هڻي بيهي رهيا...!!! هو سنڀالي سنڀالي هلڻ لڳو...!!! هُو اڃان ٿورو اڳتي چـُريو ئي مـَسَ ته ٻن مڙسن اچي ورايُس ۽ لٺيون اڀيون ڪري ٻاچڪو کسڻ لڳس. هن جي ته ٻاچڪي منجهه جان هئي سو هن مزاحمت ڪرڻ شروع ڪئي. ڇـَڏ ڇـَڏاءَ ۾ ٻاچڪو هن جي ڪلهي تان ڪري اچي پـَٽِ پيو ۽ هو به ٻاچڪي کي ڀاڪر پائي ان جي مٿان سمهي پيو. ايتري ۾ هن مٿان لٺين جو زوردار وسڪارو ٿيڻ لڳو. هن جي مٿي جي هڏيءَ جي ڀڄڻ جو آواز آيو، رَتُ ھن جي مٿي مان ٺـِيـنـڊِيـُون ڏيئي ٻاهر نڪرڻ لڳو ۽ ٻاڄڪي جو رنگ اڇي بجاءِ ريٽو لال ٿيڻ لڳو...!!! ڪجهه ئي لمحن ۾ ھن جو بت بي جان ٿي پيو ۽ هن جي هٿ ۾ صرف پنهنجي نياڻين لاءِ خريد ڪيل چوڙيون ئي بچيون، پر اھي به ڀڳل ۽ ٽٽل حالت ۾...!!!
ٻئي ڏينهن اِمـَن نيروليءَ جي گهر ۾ سڀن گهر ڀاتين هَانءَ ڦاڙي رڙيون ۽ ماتم ڪيو ۽ ھن کي سندس ئي کيسي مان الله جي نالي جي خيرات لاءِ بچائي رکيل ٻه سئو روپين مان ڪفن ڏنو ويو. اِمـَنَ جو رت هاڻو چهرو ان وقت به انهيءَ ساڳيءَ خوشيءَ سان ٻهڪي رهيو هو جنهن خوشيءَ سان هن پنهنجي محنت واري ڪمائيءَ مان پنهنجن ٻچن لاءِ بازار مان کوڙ ساريون خوشيون خريد ڪيون هيون...
06 سيپٽمبر2006
شڪارپور
________
* نـِيـرَولـِـي - ڪپڙا رڱيندڙ
“نيرولي” لفظ “نير” مان ورتل آهي. “نير” هڪ ٻوٽو آهي جيڪو ڪنهن وقت ۾ سموري سنڌ اندر عام جام ٿيندو هو جنهن ۾ نيرا گل ٿيندا هئا جن کي سڪائي، پينهي “نير – گلي يا نيرو رنگ” حاصل ڪبو هو. اهو رنگ سنڌ مان ٻاهرين ملڪن ۾ موڪلڻ سان گڏ سنڌ اندر ان رنگ جو گهڻو استعمال اجرڪ ٺاهڻ ۽ ڪپڙن رڱڻ لاءِ پڻ ٿيندو هو. “نير” جي ٻوٽي يا “نير” جي رنگ کي انگريزي ۾ Indigo چئبو آهي ۽ عربي ۾ “نير” جي ٻوٽي کي “ازرڪ” چئبو آهي. ڪن محققن جو اهو پڻ خيال آهي ته عربي ٻولي جي لفظ “ازرڪ” جو بگاڙ “اجرڪ” آهي، جيڪو سنڌ اندر چادر جي صورت ۾ اوڍڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ اجرڪ کي قومي ۽ عام سطح تي تمام گهڻي عزت ۽ اهميت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو...
اڄ به هند ۽ سنڌ جي ريگستاني علائقن ۾ “رودالي” نالي قبيلا موجود آهن جيڪي گهري نيري رنگ جا ڪپڙا پائيندا آهن، اهو گهرو نيرو رنگ ڏک جي علامت آهي ۽ ان رنگ کي نير جي ٻوٽي مان ئي حاصل ڪري، ڪپڙن کي رڱيو ويندو آهي. سنڌ جي هڪ ڀلوڙ شاعر حليم باغي جو هڪ جڳ مشهور شعر آهي:
هـاءِ هـٺـيـلا هوڏي پــريــتــم،
مـنـد مـلـهـاري تون ريسارو...
تـو جـي ڳاڙهـا جـوڙا پـاتـا، نـنـگر شـهر ۾ نـــيــرو مهانگو،
سـيـنـڌ سـُڪو سِـندور او ساجن، ، چوٽيءَ جو ٿيو ملهه اڀاڳو،
هـاءِ اڃــارا سـپـنـا مـنـهـنـجـا، هـاءِ پـيـا جـو پـنـڌ اڻـانـگـو،
تنهنجون شاهد سنڌوءَ لهرون، منهنجو شاهد هي وسڪارو...