عاشق
عاشق جيڪو شينڪ وٽ بُرش ڪري رهيو هو تنھن راشد جي ان جملي تي اختلاف رکندي پنهنجي منهن ٿوري ڀُڻ ڀُڻ ڪئي ۽ حيدرآباد جي واٽرسپلاءِ واري ميري پاڻيءَ سان وات صاف ڪندي ٻاهر آيو ۽ راشد کي چيائين: “ڇو سهڻا سائين خير ته آهي نه لڳي ٿو توکان انقلابن جي تاريخ وسري وئي آ...”
هو راشد جي آڏو اچي ويهي رهيو ۽ کيس سمجهائيندي چوڻ لڳو: “راشد ميان بُک ئي انقلاب آڻيندي آهي. ياد نه ٿي حضرت محمد ﷺجن بکايل پيٽ تي پٿر ٻڌي وقت گذاريندا هئا.حضرت حسين عه ته ٽن ڏينهن جي بُک ۽ اُڃَ تي يزيد جي لشڪر سان وڙهيو هو.اڙي يار ڪامريڊ مارڪس وسري ويئي جيڪو بُک تي مري ويل پنهنجن ٻچن کي اخبارن ۾ ويڙهي دفنائي ايندو هو. ياد ڪر انهن ڪامريڊن جا ڪارناما جن جي قصن تي پاڻ ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جون راتيون ڳالهايو آ. ڪيئن وسري ويئي ويٽنام جا اهي گوريلا جن کي پنهنجي محبوبا جي هنج کان وڌيڪ آمريڪين سان وڙهندي موت قبول هوندو هو. چين جو لانگ مارچ جنهن ۾ هزارين ماڻهن پنهنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي ساري چيني آفيمي قوم کي انقلابي بڻائي ڇڏيو. وسري ويئي انهن لکين رُوسينجو ڪـَـرُ کڻي اُٿڻ ۽ زار شاهيءَ کي پاتال ۾ دفن ڪرڻ...!!! پنهنجا جنگجو ڪردار ته اهي شاگرد به آهن جن انگولا، منگولا، اتر ڪوريا، ڪيوبا ۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ پنهنجين پنهنجين قومن کي جاڳائڻ، پڙهائڻ ۽ حق جي جنگ وڙهڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو هو...!!! اڙي يار جڏهن انقلاب لاءِ وڙهبو آ نهته پوءِ سڀ وهم، وسوسا، اميدون، خوشيون ۽ خواب ترڪ ڪري ڇڏبا آهن. ڏِسُ پنھنجي سنڌ تاريخ جي جنھن بدترين دؤر مان گذري پئي ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ جي ذميواري ھر ان شخص تي لاڳو ٿئي ٿي جنھن ھن ڌرتيءَ جو پاڻي پيتو آ، ھن ڌرتيءَ جي ڪُک مان پيدا ٿيل اَنَ سان پنھجي پيٽ جي باھه کي اُجھايو آ ۽ منھنجا سھڻا ڇو ٿو وسارين ته جيستائين سنڌ جو جھـَر جھنگ نجات جي انھيءَ ويڙھه ۾ شامل نه ٿيندو تيستائين ھن ڌرتيءَ تان ڏُکن ۽ ڏولاون جا بادل ڪٿون ھٽندا. استاد بخاريءَ سنڌ جي انھن ئي حالتن تي ٽيڪا ٽُپڻي ڪندي سنڌ کي تبديل ڪرڻ جو ڪيڏو نه سٺو خواب ڏٺو آ:
جھر جھنگ ۾ روشنيون اڀري پون،بر پٽن ۾ زنـدگـيـون اسـري پـون،
ماڻن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون،سنڌ تنھنجا ڳوٺ جي سڌري پون...
ھيءَ ته شاگرد سياست آھي سُھڻا پر اسانکي ته اڳتي ھلي عملي زندگيءَ ۾ به انھيءَ ويڙھه کي قائم رکڻو آ ڇو ته اهي قومون جن جا دشمن لاتعداد ۽ گهڻ طرفا هجن انهن جي جوانن لاءِ ننڊون حرام آهن جيئن ڀٽائي چيو آ:
اِيءُ ڪـَـم ڪـَمِـيـڻـَن جِـيـئـَن سـُمـهـَن پـَيـر ڊِگهـَا ڪـَرَي...
مڃون ٿا ته سنڌ ۽ سنڌين تي مختلف حُربا استعمال ڪندي وڏيرن، پيرن، ميرن، جاگيردارن، سردارن، شهري غنڊن، ڌارين ۽ ٻاهرين جي توسط سان قبضو ڪيو ويو آهي ۽ اهو به مڃئون ٿا ته سنڌ اندر تبديلي ايڏي سولي نه ايندي پر راشد پاڻ انهن ماڻهن منجهان آهيون جن سنڌ جي مادرِ علمي جي هنج ۾ ويهي ھڪ سُٺي شاگرد سياست جي شروعات ڪئي آ ۽ مان پڪ سان چوان ٿو ته اسانجي انهيءَ عمل سان گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجن شاگردن کان وٺي پنهنجي سماج جي ٻين باشعور ماڻهن تائين ٻيو ڪجھه نه ته به اهو احساس ته پڄائي سگهون ٿا ته شاگرد سياست بدمعاشي،ٺڳي ۽ گورک ڌنڌو ناهي پر ھڪ اهڙو چڱو عمل آهي جنهن سان سنڌ جهڙين مظلوم قومن جا نوجوان پنهنجي جواني، رت ۽ ست جو ٻليدان ڏئي هڪ نئين تاريخ لکي سگهڻ جي صلاحيت رکن ٿا۽ ھا هڪ ڏينهن پنھنجون ھي بُکون ضرور رنگ لائينديون...”
عاشق جي اکين ۾ هڪ عجيب چمق هئي ۽جڏھن هن پنھنجي ڳالھه پوري ڪئي ته هو اٿي بيهي رهيو ۽ پوءِ راشد کي چيائين: “اٿ جلدي تيار ٿيءُ ته يونيورسٽيءَ لاءِ نڪرون جي پوائنٽ بسون نڪري ويون ته ڏاڍا ڏکيا ٿينداسين...”
پوءِ ھوٻئي جلدي جلدي تيار ٿي نسيم نگر جي واڌو واهه واري اسٽاپ تي بيٺل سنڌ يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ بس تي چڙهيا. عاشق دنيا جي تاريخ، فلسفي، مذهب، اخلاقيات، ثقافت، ادب ۽ ٻين کوڙ سارن مضمونن سان گڏ تمام گهڻي شاعري به پڙهي ۽ ياد ڪئي هئي. ڀٽائيءَ کي ته هو پنهنجو مُرشد مڃيندو هو ۽ ڀٽائي جو رسالو ته جهڙوڪر رَٽَي ڇڏيو هيائين.پوائنٽ بس ۾ هن راشد کي عوامي ۽ قومي تبديليءَ سان گڏوگڏ انقلاب بابت ڀٽائيءَ جا کوڙ سارا شعر ٻڌايا ۽ کيس سمجهائيندي چيو: “ڏس راشد دنيا جي مـُـک تبديلين ۽ انقلابن ۾ نوجوانن ۽ شاگردن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جا نوجوان ۽ شاگرد به دنيا جي انهن عظيم شاگردن جي جدوجهدن وانگر پنهنجو پاڻ کي تيار ڪن ۽ علم، عقل، شعور ۽ ڏاهپ ذريعي هڪ مستقل ۽ ڊگهي جدوجهد واري صحيح رُخ ۾ اختيار ڪيل صحيح سياست لاءِ تيار ٿين ته پوءِپڪ ڄاڻجانءِ ته هڪ ڏينهن سنڌ ۾ انقلاب ضرور ايندو ۽ پنھنجي ھيءَ ويڙھه انھيءَ سلسلي جي ھڪ اھم ڪڙي آھي. پاڻ سنڌ اندر صحيح شاگرد سياست جا بنياد وجھڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين ۽ اھا ڪاميابي پسوپيش سنڌ جي ڪاميابي ھوندي. پاڻ کي ھڪ ڳالھه ٻئي به سمجھڻ گھرجي ته سنڌ ۽ سنڌي سماج جا مسئلا هڪ وڏي سازشي تاريخ جي مضبوط پاڙن ۾ کُتل آهن ۽ اسانکي سنڌ اندر علمي انقلاب لاءِ گهڻ رُخي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سو ائين ڀائنجانءِ ته اڄ اسان پنهنجي ڪاوشن ذريعي انقلاب جا جيڪي ٻج ڇٽي رهيا آهيون جي اُن جو فصل اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ نه لُڻي سگهياسين ته پڪ ئي پڪ اسانجون ايندڙ نسلون ان انقلاب جو مٺو ڦَل ضرور چکنديون...” ۽ پوءِ ھن جي چپن تي عابده پروين جي ڳايل گيت جا ٻول رقص ڪرڻ لڳا:
اَسـَــان جـَـي مـُـئَـاسِــين سـَـفَـر ۾ اَو سـَـاٿِــي،
تـَه مـَـاڻِـيـنـدا مـَنـزِل پـَنـهِـنـجـَا ڍول ڍَاٽـِي..!!
يونيورسٽي پهچڻ تائين عاشق ۽ راشد شعروشاعري جي محفل سجائي عظيم انقلابي خيالن کي پنهنجيءَ بـُـکَ تي حاوي ڪري پنهنجو پاڻ کي هشاش بشاش ڪري ڇڏيو.يونيورسٽيءَ ۾ امتحان هلي رهيا هئا ۽ ان ڏينهن ٽئين سال جي شاگردن جو پيپر هو، جنهن سبب يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي حاضري معمول کان گهٽ هئي. فيبروريءَ جي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ صبح جو پوائنٽ بس جڏهن آرٽس فئڪلٽي آڏو پهتي ته عاشق راشد کي چيو: “پاڻ ٺيڪ ٻارنهن بجي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ مون واري ڪلاس وٽ ملنداسين...”
جڏهن کان عاشق سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي هئي تڏهن کان هن پنهنجن دوستن جو هڪ حلقو ٺاهيو هو ۽ صحيح ۽ مثبت شاگرد سياست ڪرڻ شروع ڪئي هئي ڇوته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اڪثريتي طور تيوڏي منظم طريقي سان شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گردي ۽ داداگيريءَ جو راڄ قائم هو. جيڪو شاگرد ان ڪلفي ڪاٽن واري سياست جي ور چڙهندو هو اهو ٻيو ڪجهه ٿئي نه ٿئي پر ڀتي خور، چور ۽ لوفر ضرور بڻبو هو. انهيءَ ڪوڙي شاگرد سياست سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. مهينن جا مهينا يونيورسٽي بند، ڪلاسن ۽ امتحانن جا بائڪاٽ، پوائنٽ بسن کي باهيون، عام، غريب ۽ مسڪين شاگردن سان اُرَهه زورايون ۽ ايستائين جو استادن سان به جُٺيون ۽ ڪو به ٽرڙو نام نهاد شاگرد جڏهن چاهي تڏهن ڪنهن به استاد جي سرِعام بيعزتي ڪرڻ ۾ دير نه ڪري.
اهڙي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ عاشق جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتو هوته هن جي ذھن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي واري يونيورسٽيءَ جا تصور هئا. هن کي شيخ اياز جي اھا خواھش به ياد ھئي ته ھن سنڌ يونيورسٽيءَ کي رابندرناٿ ٽئگور واري شانتي نڪيتن يونيورسٽي پئي بڻائڻ چاهيو. پر عاشق جڏھن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پير پاتو ھو ته ھن جا اهي سمورا تصور جلد ئي ٽٽي پيا هُئا ڇوته سنڌ يونيورسٽي اها علامه آءِ آءِ قاضي ۽ شيخ اياز واري سنڌ يونيورسٽي نه هئي پر هيءَ يونيورسٽي ته شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گردي ڪندڙ چند دھشتگرد گروهن جي ذاتي جاگير پئي لڳي جتي تعليم جي حصول کي ته ڄڻ مذاق بڻايو ويو هو ۽ شاگرد سياست جهڙي مقدس فرض کي غنڊه گردي...!!! استادن ۽ انتظام سنڀاليندڙن جي يونين بازي هڪڙي طرف ته وري استادن جي ترقين، وڏن انتظامي عهدن ماڻڻ ۽ پڙهائيءَ بهاني ٻاهران گهمي اچڻ لاءِ هڪٻئي جا ترا ڪڍڻ واري استاد گردي ٻئي طرف...!!! هر سطح تي سَرِعام داداگيريون پيون ٿينديون هيون پر انتظاميه سڀ ڪجهه ڄاڻندي به خاموش بلڪه انهن دهشتگرد عناصرن جي ساٿاري...!!! پوليس ۽ رينجرز جام، قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ نه پر صرف تماشا ڏسڻ لاءِ...!!! ائين پيو ڀائنبو هو ڄڻ سنڌ يوينورسٽي چند لوفرن کي سنڌ جي تعليم جي تباھيءَ لاءِ تحفو ڪري ڏني ويئي ھجي...!!!
عاشق ۽ ان جي ساٿين سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جي اهڙي تباهيءَ تي “تعليم بچايو- سنڌ بچايو” جي نعري سان هڪ جاڳرتا مهم هلائي هئي ۽ هو پنهنجن ساٿين سان مسلسل سنڌ جي تعليم جي بحالي واري انھيءَ جدوجهد ۾ رُڌل هو. هنن سنڌ جي سڀني شهرن ۾ “تعليم بچايو- سنڌ بچايو” سيمينار ڪرايا هئا جن ۾ سنڌ جي گهڻ گهرن آڏو اهو بحث ڇيڙيو هوته آخر سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪيستائين شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گرديءَ جو راڄ هلندو...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين سنڌ جا تعليمي ادارا پنهنجي غير معياري ڪارڪردگيءَ سبب سنڌ جي نئين اڀرندڙ شعور کي فيضياب ڪرڻ ۾ ناڪام ويندا...!!!؟؟؟ انهن سيمينارن سان گڏ هنن مظاهرن، بک هڙتالن ۽ پريس ڪانفرنسن جو سلسلو به شروع ڪيو هو ۽ ان سان گڏ پمفليٽ، ليف ليٽ ۽ ننڍڙا ڪتابچا لکي سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪندڙ هڙني ڌرين کي بي نقاب ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جو هڪ ڀرپور ڪيس وڙهيو هو ۽ سنڌ جي هر اديب، شاعر، دانشور،انجنيئر، ڊاڪٽر، استاد، پروفيسر، وڪيل، سياسي ۽ سماجي شعور رکندڙ هرفرد ۽ اهلِ علم ماڻهن کي انهيءَ تعليمي تباهيءَ کان باخبر ڪيو هو ۽ اها عاشق ۽ سندس ساٿين جي وڏي ڪاميابي ئي هئي جو انهن سنڌ جي لاءِ لڇندڙ هر باشعور ذهن کي اهو بـَـانـوَر ڪرايو هوته هيءَ بازار پنهنجي پئي لٽجي. ان سموري هلچل سبب اخبارن ۽ رسالن اندر لکندڙن جو هڪ بحث ڇڙي پيو هو ۽ هڪ راءِ عامه جڙي پئي هئي ته سنڌ جي تعليمي ادارن جو عوامي احتساب ٿيڻ گهرجي ۽ عوامي سطح تيتعليم جي تباهيءَ ۾ مُلوث سمورين ڌرين سان حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي...
سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ تعليم جي تباهيءَ لاءِ اڳ ڪنهن به ايڏو مؤثر آواز نه اٿاريو هو ۽ نه ئي وري ڪڏهن شاگردن طرفان اهڙي منظم جدوجهد ڪئي وئي هئي. عاشق ۽ سندس ساٿين جي اهڙين ڪوششن سنڌ جي ماڻهن جون اکيون ته کولي وڌيون پر تعليمي ادارن جي تباهيءَ ۾ شامل ڌرين جي به ڄڻ ننڊ ڦٽي پئي هئي. اخبارن ۽ رسالن ۾ ٿيل بحث مباحثن سبب انهن ڌرين خلاف سنڌ ۾ هڪ گهڻ طرفي راءِ عامه جڙي هئي ۽ نتيجي ۾ عاشق ۽ ان جي ساٿين لاءِ ھڪ منظم رٿابنديءَ تحت خطرناڪ ماحول پڻ جڙي چڪو هو. عاشق ۽ سندس ساٿي انهن سمورن هٿڪنڊن کان واقف هئا پر تڪليف ڪيڏي به وڏي ڇونه هجي، حالتون ڀل ڪيڏيون به بگڙيل ڇونه هجن عاشق جي منهن تي سدائين خوبصورت مسڪراهٽن سان جوڀن جو جهلڪو سڀني جي دل وڏي ڪري ڇڏيندو هو ۽ هر مشڪل مهل ۾ ھو هميشه ائين چوندو هو: ”اڙي يار خير آ... مهلون مڙسن تي ئي اينديون آهن ۽ ڏک ۽ تڪليفون ته اسان انقلابين جو ڏيج هوندا آهن. ڏس مرشد لطيف به چئي ويو آ نه ته هروقت اندر ۾ منزل حاصل ڪرڻ جي تڙپ هجي:
“نَــوَ نِــيـئـَـر، ڏَهَـــه ڏَاوِڻِـــيـُــون، پـَــنــدِرَنـهـن پـَـئــڊَ پـَـيـَـاس،
بَــگهَــاڙِيـُــون بـَـغــلـَـــن ۾، لـَـکـــِيـن لَــوهَــه لـَــڳِــــيــَاس،
جـَـڏَهـن سـَڄـَڻ يـَادِ پِـيَـاس، تـَه ڇِــرِڪَ ڇِــنَـائِـيـن هَـيـڪِـڙي...”
فيبروري جي اها صُبح عاشق لاءِ سقراط وارو زهر جو پيالو کنيو بيٺي هئي. عاشق جيئن ئي پيپر ڏئي ڪلاس مان ٻاهر نڪتو ته ساڻس شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گردي ڪندڙن جو هڪ وڏو ٽولو هٿن ۾ پسٽل، زنجير ۽ لٺيون کنيون بيٺو هو. انهن مان هڪ ڄڻي پسٽل عاشق جي سيني تي رکي چيو: “اڄ ته تنهنجي زندگيءَ جو انت اسانجي هٿان ئي ٿيندو...!!!”
عاشق بغير ڪنهن گهٻراهٽ جي هڪدم هن جي پسٽل کي ڌڪ هڻي هيٺ ڪيريو جيڪو ڪاريڊور ۾ رڙهندو ويو ۽ پوءِ عاشق ڊڪندي اهو پسٽل کنيو، انھن غنڊن مان ڪنھن رَڙِ ڪندي چيو: “اڙي نه ويندو وٺوس...!!! هڻوس سڌيون گوليون...!!!”
فضا ۾ گولين جي هلڻ جا آواز اٿيا، جنهن مان هڪ گولي عاشق کي ڪلهي وٽان زخمي ڪري وئي ۽ پوءِ ھو تڙ تڪڙ ۾ آرٽس فئڪلٽي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هيٺ لٿو.گولين جي آواز جي ڪري سڄي فئڪلٽي ۾ افراتفري مچي وئي ۽ فئڪلٽي جي مختلف ڪاريڊورز ۾ پيپر ڏئي ويٺل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ رَڙِيون پئجي ويون...!!! ڪلاسن ۾ پيپر ڏيندڙ شاگرد ۽ استاد پريشانيءَ وچان ٻاهر نڪري آيا...!!! اوچتو ئي اوچتو ٽھڪن سان گونجندڙ يونيورسٽيءَ ۾ ڄڻ دهشت جو راڪاس رقص ڪرڻ لڳو...!!! عاشق زخمي حالت ۾ فئڪلٽي واري ٻاهرين روڊ وٽ اچي بيهي رهيو ۽ شاگردن جي روپ ۾ بيٺل داداگيرن کي ھڪل ڪندي چيائين: “جي مونڏي وڌيا آهيو ته پوءِ جي اکيون ٻوٽي به گولي هلايم ته توهان مان هڪ نه هڪ ضرور مرندو...!!!”
عاشق جي اهڙيءَھڪل تي سڀ ڊڄي پٺتي ٿي بيهي رهيا. عاشق ڪجهه دير آرٽس فئڪلٽي جي مـُـک روڊ تي بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪجهه سوچڻ کانپوءِ ٻيهر فئڪلٽيءَ ۾ داخل ٿيو. گولين هلڻ سبب فئڪلٽيءَ ۾ اڳ ئي پريشانيءَ ۽ گهٻراهٽ وارو ماحول لڳو پيو هو مٿانوري عاشق جي ڪلهي مان وهندڙ رت کي ڏسي شاگرد وڌيڪ پريشان ٿي ويا...!!! فئڪلٽيءَ جي مـُـک دروازي وٽ ئي عاشق کي راشد جو ڪلاس فيلو صادق مليو. عاشق کائنس راشد جي باري ۾ پڇيس جنهن تي صادق کيس پريشانيءَ وچان دلجاءِ ڏيندي چيس: “عاشق بلڪل صحيح ۽ محفوظ آهي بس تون ڪيئن به ڪري هتان نڪر ۽ پنهنجو پاڻ کي بچاءِ...!!!”
ايتري ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ غنڊه گردي ڪندڙن جو ٽولو نعره هڻندو عاشق جي پويان فئڪلٽي ۾ ڪاھيپيو. عاشق گرائونڊ فلور تي ميڊم ممتاز جي آفيس ۾ گهڙيو. ان ڏينهن ميڊم جو جنم ڏينهن هو ۽ ان جي آفيس ۾ اڳ ئي يونيورسٽيءَ جون ڪجهه سينيئر ٽيچرز ويٺل هيون جيڪي کيس گُل آڇي جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏيڻ آيون هيون. عاشق جو زخمي حالت ۾ ميڊم جي آفيس ۾ گهريو ته اهي سموريون سينيئر ٽيچرز گهٻرائجي ويون ۽ پريشانيءَ واري حالت ۾ کيس ڏسڻ لڳيون. عاشق نهايت بهادرانه ۽ بردباريءَ واري لهجي ۾ کين چيو: “معاف ڪجو شايد مان اوهانکي تڪليف ڏني پر مونکي گولي لڳل آهي ۽ ڪجهه غنڊه مونکي مارڻ چاهين ٿا. مان به انهن کان پسٽل کسيو آهي ۽ مان به گوليون هلائي سگهان ٿو پر مان ايترو ڪِرِيل نه آهيان جو مادرِ علمي ۾ لاش ڪيرايان سو پليز مونکي اوهانجي مدد گهرجي...”
ميڊم ممتاز انتهائي پريشاني واري انداز ۾ کيس چيس: “ٺيڪ آهي پٽ تون هيڏون صوفي تي ٿي ويهه ته اسان ڪجهه نه ڪجهه ڪري ٿا وٺون...!!!”
ان کان اڳ جو ميڊم پوليس يا انتظاميه ڏي فون ڪري ايتري ۾ داداگيرن جو هڪ وڏو جٿو نعره هڻندو ميڊم جي آفيس ۾ گهڙڻ لڳو پر هڪدم ميڊم ٻين استادن سان گڏ در وٽ انهن کي روڪيندي چيو: “توهان اسانجي ٻچن وانگر آهيو اسان توهانکي هٿ ٿا ٻڌون مهرباني ڪري جهيڙو نه ڪريو...!!!”
ان جٿي جي اڳواڻي ڪندڙ کين انتهائي بدتميزي واري انداز ۾ چين: “هي اسان جو مسئلو آ ۽ اسانکي اڄ هن سان سمورا حساب چُڪتو ڪرڻا آهن، ان ڪري توهان شرافت سان ٻاهر نڪرو نه ته...!!!”
ميڊم ممتاز ۽ ٻين استادن کين ٻيهر التجا ڪندي چين: “اسان به سنڌ جون ڄايون آهيون ٻيلي اسان جي پوتين کي ڏسو...!!!” انهن سمورين قابلِ احترام استادياڻين پنهنجون پوتيون لاهي هٿن ۾ ڪري سندن آڏو جهليون. پر هڪ ٻئي داداگير ڪامريڊ دڙڪي واري انداز ۾چتاءُ ڏيندي چين: “اڙي هي ائين نه مڙنديون، وجهونِ چوٽين ۾ هٿ ۽ ڇڪي ڪڍونِ ٻاهر...”
عاشق استاد جھڙي اھڙي عظيم رشتي جي بي حرمتي ٿيندي نه ڏسي سگھيو ۽ صوفي تان اٿي آيو ۽ پنھنجي يونيورسٽيءَ جي سينيئر استادن کي چيائين: “توهان ٻاهر وڃو ۽ ڇڏيو هنن کي ته منهنجي سنڌ سان محبت واري ڏوهه ۾ مونسان حساب چُڪتو ڪن...!!!”
صادق جيڪو اھا سموري ماجرا ڏسي رھيو ھو سو ان وقت سامهون فئڪلٽي ۾ بيٺل پوليس ۽ رينجرز جي عملدارن ڏانهن ڊوڙيو پر انهن کيس اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته: “اسانکي مٿان ڪوبه حڪم ناهي مليل تنهنڪري اسان ڪجهه ڪونه ٿا ڪري سگهون...!!!”
ان ويلي ئي هڪٻئي پٺيان گولين جا لڳاتار آواز ٻڌڻ ۾ آيا ۽ سنڌ جو هڪ ڳڀرو جوان سچ جي راهه ۾ ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن جي تقدس کي بچائڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ جي عظيم شهيدن جي تاريخي تسلسل کي قائم رکندي پنهنجو ريٽو رَتُ ڏيئي مُرڪندڙ چهري سان پٽ تي ڪريو ۽ شاگردي چوغن ۾ لڪل دهشتگردن ان جي ٿڌي ٿيل وجود تي الائي ڪيتري دير تائين لٺين ۽ لتن جا وسڪارا ڪيا...!!! ان ويل ائين پئي ڀاسيو ڄڻ سنڌ جو اهو عاشق سنڌ ڌرتيءَ تي حملي آور ڌارين جي ور چڙهي ويو هجي...!!!
ڪافي دير کانپوءِ جڏهن انھن پنھنجي طئه ڪيل ڪارروائي وڏي ڪاميابيءَ سان پوري ڪئي ته پوءِ انھن جا فتح جي خوشيءَ ۾ اُڀ ڏاريندڙ نعرن جا آواز سنڌ يونيورسٽي جي فضائن ۾ گونجي رهيا هئا.ميڊم ممتاز جي آفيس ۾ پوليس، رينجرز، استاد، شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هجوم جمع ٿي ويو ۽ ان وقت سنڌ جي مٽيءَ جي خمير مان پيدا ٿيل هڪ اڻڄاڻ سندر ۽ معصوم ناريءَ ميڊم جي ٽيبل تان سندس سالگره لاءِ آندل گلاب جي گلن جو گلدستو کنيو ۽ وهندڙ لڙڪن سان عاشق جي سيني تي رکيو ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هڪ سينيئر استاد ڀٽائيءَ جو بيت چيو:
“ڪَــانــڌَ مـُـنـهـَن ۾ ڌَڪِــڙَا، مـُـون سـَـيڪِـيـنـدي سـُـونـهـَـان،
تـَــه پـِـــڻ لـَـڄَ مـَــرَان، جــَـي هـُـــونــــدَ هـُـــئـَـڙَسِ پـُــٺِ ۾...”
06 فيبروري 2005
سکر
____________________
* ڪهاڻيءَ جو پسِ منظر
هيءَ ڪهاڻي 06 فيبروري 1999 ۾ سنڌ يونيورسٽي اندر انتهائي دهشتناڪ طريقي سان امتحانن دوران قتل ٿيندڙ هڪ نوجوان ۽ سياسي ڪارڪن ”عاشق جوڻيجو“ جي واقعي کان متاثر ٿي لکي وئي آهي...