ڪھاڻيون

نيرولي

سجاد گهلوءَ جون ڪھاڻيون پنھنجي پاڻ ۾ مڪمل ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جي صنف سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ فڪري شعور بہ آهي تہ فني توازن پڻ. سجاد گهلوءَ جي ڪھاڻين ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ سادي آهي، ڪھاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گَھرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻھو آهي، تنھن ڪري سنڌ لاءِ بہ هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو. جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس ڪھاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سجاد گهلو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيرولي

کيسي ۾ پيل پرينءَ جي آخري خط جي احساس جهڙو سجاد: نثار ٻانڀڻ

هڪ ڀلوڙ ليکڪ لاءِ سندس جي مقام ۽ مسند موجب لفظن کي سوري اچڻ هڪ عام فهم رکندڙ فرد لاءِ ٿورڙو ڏکيو ڪم هوندو آهي پر مون اُن ڏکيائيءَ کي پاڻ تي حاوي ڪو نه ڪيو آهي ڇو ته جنهن فرد تي مان هي ٻه اکر لکان پيو تنهن جي دوستيءَ جي ڇانءَ ۾ مونکي هميشه محبتن جي ماکي ملي آهي، گهور وڃڻ جا سڀئي گهڙا ڀريل مليا آهن، جنهن وٽ دوستيءَ ۾ قربان ٿي وڃڻ جو فلسفو اندر ۾ روح ٿي رهيل هجي تنهن جي لاءِ ڪاڳر ڀرڻ سولو هجي ٿو. هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جن ڏينهن ۾ مائرون پنهنجن پـُـٽــَنِ جي سگريٽن سان سڙيل کيسن مان ڪو خوشبوءَ ۾ وهنتل خط ڪڍي منهن تي فاتح سالار جيان مسڪراهٽ آڻي وري اُن خط کي سندس جي ئي ڪنهن ڪتاب ۾ سنڀالي رکڻ جي رواج جون امين هونديون هيون. انهن ڏينهن ۾ منهنجو دوست سجاد گهلو ڪنهن پرينءَ جي خط کي حفظ ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي سورن جون سمفنيون حفظ ڪري پنهنجي امڙ سان اوريندو هو، ائين لڳندو هو ڄڻ سموري بارود کي گـُلن ۾ Convert ڪري ماءُ جي پيرن ۾ آڻي رکندو هجي، ته جيئن کيس بهتر کان بهتر ٿيڻ لاءِ مناسب گس ۽ پيچرو ملي پويس، ڇو ته جنهن ماءُ جي پيرن کي چمندي هو وڏو ٿيو هو سا به وڏي نظر، وڏي دل ۽ وڏي جگر واري غريب پرست ۽ سنڌ پرست عورت هئي. سندس اها ڪرت ڏسي ڪري مونکي يقين ٿي ويو هو ته هي سنڌ جي اُن مٽيءَ مان جُڙيل نرم دل رکندڙ فرد آهي جيڪو زندگيءَ جي اجاڙ شامن کي نه رڳو رنگ ارپي سگهي ٿو پر انهن جي خاموشين جي وٿين ۾ دردن جي آوازن جا احساس سُکن جي روپ ۾ سهيڙي رکڻ جو ساهس پڻ ساري سگهي ٿو. سجاد اها خوشبو به سُڃاڻي ويندو آهي جنهن وٽ ڪو به رنگ ناهي هوندو، هن وٽ اها اک به آهي جيڪا اگهاڙي چنڊ جي رهجي ويل چانڊوڪي ۾ پنهنجي انهن مسڪين ماڻهن جي اهنجن لاءِ لفظ ڳولهي وٺندي آهي، هو جيڪو آوازن جون ڳنڍيون فردن جي ڪنن ۾ جوڳيءَ جي والن جيان پهرائڻ جي سگهه رکندڙ آهي، جنهن وٽ لفظن جا پاڇا هڪ ڊگهي درد ۽ سوڳوارين جي قافلن جيان رهن ٿا، جنهن وٽ هجر ۽ وصال جي تند هڪ ئي سانچي مان نڪري پهتي آهي، جنهن سنڌ جي بي پهچ ۽ نظرانداز ٿيل ماڻهن جي اندر جي مٽيءَ مان ڦُٽندڙ سڳنڌ کي لاڏائو ڪيفيت ڪري کنيو ۽ انهن کي ٿانائڪي سگهه بڻائي واپس ڪيو آهي، جنهن وٽ اڪيلائي واريءَ جو ويس ويڙهي سندس خوابن تي ڇانيل رهي آهي...
سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻهو آهي، تنهن ڪري سنڌ لاءِ به هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس جون ڪهاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون، نه رڳو عڪاسي پر انهن کي ختم ٿيڻ جا پها به ڏين ٿيون، هو سنڌ جي انهن ٿورڙن انقلابي ڪارڪنن مان هڪ آهي، جن سماج جي تبديلي واري عملي جاکوڙ سان گڏ پنهنجي تحريرن ۾ به رت کي ولوڙيو آهي ته جيئن سنڌ جا سڀئي فرد سُک ماڻي سگهن ۽ پڻ اُن سُک کي صدين تائين سنڀالي رکڻ جو حوصلو ماڻين. اهڙي اعليٰ ذهني سوچ کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي، اهو ذمو انهن جو آهي جن وٽ وسيلا آهن مان اها ڳالهه اُن ڪري به ڪري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته پنهنجي سماج ۾ صحيح معنيٰ ۾ ادارا ٺاهيا ئي ناهن ويا، جي ادارا آهن به ته اُهي مخصوص شخصيتن جي سوڙهين سوچن جي رحم ڪرم تي آهن. سجاد گهلو جهڙا ليکڪ سماجي حقيقت نگاري جي بنياد تي پنهنجي ڪهاڻين ۽ انهن جي ڪردارن کي سرجي پنهنجو فرض پورو ڪن ٿا پوءِ جو ڪم وري انهن ادارن جو آهي...
سجاد گهلو هڪ انقلابي ليکڪ آهي مونکي سندس لکڻين مان ٽالسٽاءِ جي لکڻين جي خوشبو پڻ ايندي آهي. سجاد جي ڪهاڻين کي اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جا اُهي مسئلا ملڪي ۽ عالمي سطح تي زير بحث آندا وڃن. جيتري قدر مان کيس سمجهيو آهي ته هو جنهن به شعبي ۾ هٿ وجهندو آهي اُن ۾ تحرڪ پيدا ڪندو آهي اهو ڏانءُ ۽ ڏات کيس الله جي طرفان تحفي ۾ مليل محسوس ٿيندي آهي. سجاد پنهنجين لکڻين وسيلي سنڌي سماج ۾ تحرڪ پيدا ڪيو آهي جيڪو انهن حلقن ۾ ڏسجي پيو جتي سجاد جون لکڻيون يا سندس جا ليڪچر ۽ ڏنل تربيت جون ويهڪون رهنديون آيون آهن. سجاد جي تربيت شروع کان ئي ترقي پسند سوچ جي ڇانءَ ۾ ٿي آهي تنهن جي ڪري هن ترقي پسند ليکڪ طور سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام ماڻيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته گهڻن سوڙهين سوچن وارن کي اها ڳالهه وات ۾ لوڻ ٿي لڳندي آهي. مونکي ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته سجادگهلو آسڪر وائيلڊ جيان هن ماٿري ۾ خيال آرائي مان عمل پيدا ڪندو رهيو آهي. سجاد گهلو کي جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ ورهائجي ته هو ترقي پسندي ۽ مزاحمت جو مجموعو بڻجندو. مونکي ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪا به جهجهڪ محسوس نه پئي ٿئي ته سياسي ادب ۾ رسول بخش پليجو، ابراهيم جويو ۽ سراج ميمڻ جي ڪڙي سان ملندڙ هڪ ننڍڙي ڪڙي سجاد گهلو به آهي، سجاد اڄ جي تاريخ جو هڪ ارڏو ۽ دلير ڪهاڻيڪار آهي. اها منهنجي هڪ دعويٰ به آهي ڇو ته هن جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته هو پنهنجو علم يا ڄاڻ ڪنهن تي مسلط نه ڪندو آهي، هو جيتوڻيڪ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ناهي پر پوءِ به مان کيس عقيدت پرستيءَ کان پرڀرو ڏٺو آهي. سجاد وٽ جمود کي ٽوڙڻ ۽ ماحول ٺاهڻ جو ڪمال جو ڏانءُ آهي. مان ته ايترو چوندس ته اڄ جي جديد دور ۾ ڪهاڻي واري صنف ۾ سنڌي ادب اندر سجاد گهلو جون ڪهاڻيون هڪ مائيل اسٽون جي حيثيت رکي چڪيون آهن، هو هڪ اهڙي لڪير آهي جنهن تي نوان ذهن سولائيءَ سان پنهنجو پنڌ ڪندي ڏسجن ٿا ڇو ته سندس ڪهاڻين جا نوان تصور ۽ انهن جي جدت ڀريل ڪردارن کي جڏهن پڙهجي ٿو ته انهن ۾ مزاحمت جي عنصر سان گڏوڏو تخليقي معيار پڻ محسوس ٿئي ٿو. سجاد جيڪي ڪردار تخليق ڪيا آهن انهن ۾ نعري بازي نظر نه ايندي پر سبق آموز پهلو نمايان نظر ايندا، ايئن ڀاسندو آهي ته سندس ڪردار تحرڪ پيدا ڪندڙ آهن ۽ جيڪي پنهنجي اعليٰ ظرف ۽ ڪردارنگاريءَ ذريعي سماج اندر هڪ مثبت تبديليءَ واري تحريڪ جو ڏَسُ ڏين ٿا...
جڏهن سجاد گهلو جون ڪهاڻيون پڙهبيون ته سوين سوال سامهون ايندا ته هن پرڳڻي جي ماڻهن جي زندگي الائي ڪهڙي موڙ تي اچي رسي آهي کين خبر ئي ناهي ته انهن جي منزل ڪٿي آهي ۽ اها به خبر ناهي ته هو ڪهڙي راهه جا مسافر بڻيل آهن، انهن جي اکين مان ننڊون ڇو رسي چڪيون آهن، هو اهو سمجهن پيا ته هنن جي رهبرن هُنن جو ساٿ ڇڏي ڏنو آهي، هو وسندين ۾ هوندي به رڻ پٽن جا راهي ڇو ٿيندا پيا وڃن، اهي رڻ جيڪي سفرن جي لائق ئي ناهن، انهن عام ۽ وسري ويل ماڻهن موت جا هزارين منظر پنهنجي اکين جي آرسي ۾ پيوند ڪري ڇڏيا آهن. سجاد گهلو جون ڪهاڻيون اها آرسي ڏيکارين ٿيون، هن ديس جي مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن پنهنجي معصوم ٻچڙن جي تـَـنَ تي بنا ڪپڙن جي ڪاڙهن کي ڪڙِيل زّخم ناسور ٿيندي ڏٺا آهن. اُنهن جون همٿون ۽ حوصلا پست ٿي چڪا آهن، پر هو آڻ مڃڻ وارا ناهن. هو جيڪي تنهائين جي سفرن جا نڪتل هئا سي هاڻي اڌ راهه رلي وڃڻ وساري چڪا آهن ۽ هاڻ هو منزلن جي ويجهو آهن، هو پنهجون منزلون وڃائي ويٺا هئا پر هاڻ ماڻڻ جي آخري پنڌ تي آهن. اکين جو نور هوندي به پاڻ کي انڌا محسوس ڪندڙ ڏکويل ماڻهو هاڻ دنيا جي هُن پار ڏسي سگهن ٿا. ڪنن جي پڙلاءُ هوندي به ڪنن کان ٻوڙا ٿي ويل هاڻي سنهي سُس پُس به ٻڌي سگهن ٿا. هُنن کي اهو سمجهه ۾ اچڻ شروع ٿي ويو آهي ته هو ڇا ڪن ۽ ڪهڙي پاسي بيهي پنهنجي بقا جي ويڙهه وڙهن...
اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي، هر ڪو اها ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون پر هڪ ڪهاڻيڪار جيڪو سماج جي نبض تي هٿ رکڻ ڄاڻي ٿو، اهو اُن جي برعڪس اهو ٻڌائي ٿو ته اسين انهن ڏکين ڏينهن کي پنهنجي سگهه بڻائي چڪا آهيون، اسين اندر ۾ وڌيا ويجها آهيون، جيتوڻيڪ اسان جي چؤطرف تمام گهڻا مسئلا ۽ مونجهارا آهن پر انهن جا حل به اسان جي هٿ لڪيرن کان نڪري روڊن ۽ رستن تي آيا آهن. وڌندڙ دهشتگردي، ماراماري، ڦـرُلـُٽَ، ڌاڙا، ڪارو ڪاري، بم حملا، قبائلي جهيڙا، وڏيرڪي سوچ جون نرسريون، غيرت جي نالي ۾ ڪسجندڙ معصوم نياڻيون ۽ نوجوان، هر طرف غربت جو هجڻ اسان جو اصل ٻارڻ آهن جيڪي اسان کي مزاحمت لاءِ تيار ڪندا رهن ٿا، ته ٻئي طرف بيروزگاري آهي جيڪا تعليم جي بهتري طرف وٺي وڃي ٿي. تعليم هجي يا تجارت، ملازمت هجي يا سياست، زندگيءَ جو هر هڪ شعبو مفلوج ٿي رهيو آهي، پر ڪهاڻيڪار جي اک مستقبل ڏانهن ڏسندي چوي ٿي ته اهو سڀ هڪ ٻاڦ بڻجي ختم ٿي ويندو، هڪ ڀيرو وري هي ديس امن، پيار ۽ محبت جو پرڳڻو بڻجي دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيندو. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ ڏک وڌندا پيا وڃن جيڪي فردن کي ميڙي مـُٺ پيا ڪن. هي ارڏو ڪهاڻيڪار سڌو ڏسي ٿو ته جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو ۽ اُن درد کي هن قوم پنهنجو هٿيار بڻايو. جيتوڻيڪ سجاد گهلو اهو پڻ چوندو رهيو آهي ته: “هن ديس ۾ هر ڪو پنهنجو ڪتاب پاڻ کڻي آيو آهي پر عمل کان صديون پوئتي ئي رهيو آهي. هاڻي مڊل ڪلاس ۽ ڏتڙيل ڪلا س ئي مسند سنڀاليندو، هتي هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو پر انهن کان مسڪين ماڻهو وسري ويو آهي پر اُهو ئي نظريو شعور جي مڙني وسيلن کي ماڻڻ جو گس ضرور رهيو آهي...” سجاد جا ڪردار ويڙهه واري پوزيشن ۾ اچي اهو درس ڏين ٿا ته هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان ڇوٽڪارو ملي، مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي، هر ڪو ماڻهو ايئن سوچي ۽ ايئن لوچي جيئن سڌريل معاشرا سوچيندا آهن...
سجاد گهلو جون انيڪ ڪهاڻيون منهنجي سوچ واري اڱڻ تي شام جي کَٽُن جيان رکيل آهن، انهن تي سندس ڪهاڻين جا مختلف ڪردار ڪچهرين ۾ ويٺل هجن ٿا، هوڏانهن وچ اڱڻ جي منڍ تي رکيل کـَٽَ تي ڪانڀ ڪڍيو ويٺل نيرولي آهي جنهن جي مٿي تي انگوڇو ٻڌل آهي ۽ چيلھه ۽ ڄنگهن سان وري پراڻو اجرڪ ويڙهيل اٿس جيڪو کيس ڪانڀ ڪڍڻ ۾ مدد ٿو ڏئيس. سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ تي لڳل ڌاڙن جي ڪري سنڌ جي سون ورني زمين کي ٺوٺ بڻائي ٻهراڙي جي ماڻهن جي خوشحاليءَ کي برباديءَ جي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪرڻ سبب، سندس اکين ۾ سوين صدما نم جي گهاٽي وڻ جيان ڪـَرُ کڻي بيٺل آهن، ڇو ته سنڌ جي زرعي بربادي سبب سندس ڌنڌو ٺـُپ ۽ گهر ۾ بـُـکَ جو راڪاس پيو رڙي، پر سندس چهري تي هڪ الڳ اعتماد ڏسجي ٿو. سندس ڳالهه ۾ صدين جي ڪـرب ۽ پيڙا سان گڏ قهر جي گهرائي آهي ائين ٿو لڳي ته هو اٿندو ۽ پنهنجي غريبي ۽ مفلسي کي پنهنجي ڪمزوري بڻائڻ بجاءِ پنهنجي جرئت، همت ۽ خودداري سان سست، نٻل ۽ مايوسي جي چادر اوڙهي ستل سماج جي منهن تي غيرت جي چماٽ هڻي ان کي جاڳائيندو. هوڏانهن حاڪم راکو به پنهنجي وحشي جبلتن جي جلال جي اوج تان لهڻ کانپوءِ به ۽ پوڙهائپ ۾ منڊڪائي هلڻ جي باوجود به وڏيري جي ڏنل بيساکي جي زور تي غريب هارين تي ڪنڌ ڌوڻي روهي لٿل تيز ۽ تکي ڪهاڙي ڏيکاريندي منافقانا مرڪ مرڪي پيو. ڪمداري ۾ چاپلوسي جا عالمي ريڪارڊ ٺاهيندڙ خانو چچُڙ هجي يا جانٺو جوان سهڻو سيبتو عامر جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم دشمن سوچن سان سينو ساهي بيٺو آهي، اهڙا سمورا ڪردار سنڌ کي سوچيندي ڏسجن ٿا. سڀئي ڪردار پنهنجي پنهنجي حصي جو درد سهي، پنهنجو ڪردار نڀائڻ جي لاءِ ساهس سهائين پيا. مونکي ڊاڪٽر ولي ۽ عاشق جي ڪردار ۾ ٻه مختلف نظريا رکندڙ پر هڪ مقصد جي مسجد ۾ ويهندڙ زاهد لڳي رهيا آهن. اها خوبي سجاد گهلوءَ جي ڪردارن ۾ ئي نظر ايندي ۽ ان جو عڪس پڻ جيڪا سجاد جي شخصيت ۽ ان جي ڏانءَ ۾ جابجا نظر ايندو. سجاد اهڙي انداز جا ڪردار جنم ڏنا آهن جن تي هن معاشري جون انيڪ مهربانيون آهن ۽ سجاد انهن مهربانين کي پنهنجي ذهني صلاحيتين ۽ معيار موجب شدت سان پڻ ظاهر ڪيو آهي. عاشق هڪ تاريخ جيان هڪ پڙاڏي جيان منهنجي ذهن تي ڇانيل رهيو آهي ڇو ته جنهن انداز ۾ سجاد اُن جي حقيقي ڪردار کي ظاهر ڪيو آهي اهڙو ڏانءُ گهٽ لکندڙن ۾ هجي ٿو...
اسان ليکڪن جي ڪميونٽي وٽ هڪ روايت اها به رهي آهي جو اسان پنهنجن خيالن جي رِليءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اوپرا ٽوپا جدت جي نالي ۾ پڻ پوئي ڇڏيندا آهيون جنهن سان اسان جي خيالن جي رِليءَ جي سونهن متاثر ٿيندي آهي ۽ رِلي پنهنجي اصل افاديت به وڃائي ويهندي آهي، پر سجاد انهن ليکڪن مان آهي جيڪو پنهنجي خيالن جي رليءَ ۾ سندي مزاج ، ثقافتي محسوسات سان گڏ تهذيب ۽ تمدن جا ٽوپا هڻي ڪري هڪ سهڻي رِلي ٺاهي پڙهندڙن جي لاءِ وڇائي ٿو، هو چوندو آهي ته هڪ ڪهاڻيءَ جو پلاٽ اُن رليءَ جي هئيت هوندي آهي اُن ۾ لڳل مختلف رنگن جي ڪپڙن جون اڳڙيون سماج ۽ ڪردارن جي اندر جي عڪاسي هجي ٿي جڏهن ته انهن ۾ لڳل ٽوپا ڪهاڻيڪار جي فني اُڏام سان گڏ اُن جي ڪهاڻي جي ڪلچر تي جيڪا گرفت هجي ٿي اُن کي ظاهر ڪن ٿا ۽ سجاد جي خيالن جون رليون اوهان جي آڏو وڇايل آهن اوهان ڏسو هر پاسي اوهان کي سنڌ ۽ اُن جي پوري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي آسمان ۽ زمين جا اهڃاڻ ملندا جڏهن ته بين الاقوامي نظرن جي ڇَنَ جون ڪامون پڻ سجاد جي ڪهاڻين ۾ کوڙيل ملنديون. سجاد جي لکڻين مان اهو پڻ محسوس ٿئي ٿو ته زندگيءَ جون انيڪ راتيون ڪيئن سرنگهن مان گذرن ٿيون، مٽيءَ مان رستو ڪڍي ٿانون جو روپ وٺڻ به سجاد جي لکڻين ۾ موجود آهي، اُس جون چهنڊيون پائڻ ۽ ڇانو جا ٿڌڙا ڪڍڻ به سندس لکڻين ۾ ملندا، حوصلن جا جبل ۽ پڇتائن جا پُرڻ به مون اُن جي ڪهاڻين جي ڪردارن جي ڪچهرين مان لڌا آهن، سندن اڪثر ڪردارن ۾ آثار قديمه ائين وڇايل آهي جيئن زمين تي ڪڻڪ وڇايل هجي يا غريب جي قسمت ۾ بُکَ، سماج جي اُنهن اهڃاڻن کي به سجاد پنهنجي لکڻين ۾ آندو آهي جن سان سماج ۾ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو، جن سان هڪ تحريڪ جُڙي ٿي ۽ مقصدن جا سنگِ ميل لڳن ٿا. مون ڪڏهن به هُن جي ڪهاڻين جي ڪردارن کي نا اُميدين جي اونده ۾ ويڙهجي جستجو ڪندي ناهي ڏٺو، سندس جا ڪردار وڙهن ٿا، وراڪو ڏين ٿا پنڌ جا سڀ ٿَڪَ ويڙهي ڪلهن تي رکي منزل جا ڪلا هڻن ٿا ۽ اهو ئي هن وقت هن نسل کي گهرجي جيڪو سجاد پنهنجي لکڻين ۾ ڏئي ٿو، مان سمجهان ٿو ته منهنجي هيءَ هڪ ننڍڙي سِٽَ گهڻن ليکارين کي هيانو ۾ سئيءَ جيان ٿي لڳندي ته “سجاد اڄ ۽ سڀاڻ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار آهي جيڪو سماج کي دڳن سان گڏ منزلن جا ڏس به ڏئي ٿو...”

نثار ٻانڀڻ
ڪراچي – 10 آڪٽوبر 2017