ٿــُـڪ
پاسا ورائي ورائي ۽ ليٽي پيٽي هو بيزار ٿي چڪو هو ۽ سندس نڙي خشڪ ٿي چڪي هئي. هو کٽ تان اٿيو ۽ ورانڊي ۾ گهڙانجيءَ تي پيل دلي مان پتل جي ڊگهي گلاس ۾ پاڻي اوتي يڪساهي پي ويو، هن جي نڙي اڃان به خشڪ هئي ۽ اها خشڪي ٿر جي صحرا ۾ اڃايل ۽ سڪي ويل ڪانڊيري جيان نڙيءَ ۾ اٽڪيل هيس. ان وري دلي کي اونڌو ڪري گلاس ۾ پاڻي اوتيو ۽ وري يڪساهي گلاس خالي ڪري ڇڏيائين.هن ڀرسان واري کٽ تي ستل پنهنجي گهرواري ۽ پنجن سالن جي ڌيءَ سونهن تي هڪ پيار ڀري نظر وڌي ۽ واپس اچي باهڻ جي ڪاٺيءَ مان ٺهيل ڪشموري کٽ تي ليٽي پيو. هن کي سنڌ جي ثقافت سان تمام گهڻو پيار هو ان ڪري هن جو گهر چوطرف سنڌ جي ثقافتي شين سان سينگاريل هو ۽ ائين پئي لڳندو هو ڄڻ سموري سنڌ جا رنگ هڪ خوبصورت گلدستي وانگر هن پنهنجي گهر ۾ جمع ڪري رکيا هجن...
جيئن تيئن ڪري سڄي رات گذري وئي پر ڪجهه ته هو جيڪو وليءَ جي من کي اندر ئي اندر نپوڙي رهيو هو، ڪجهه ته هو جيڪو هن جي من ۾ وراڪو ڏئي سندس چين ۽ آرام کي هڪ چيڀٽ ۾ تبديل ڪري رهيو هو. ولي جو تعلق وچولي طبقي جي هڪ خاندان سان هو ۽ پيشي جي لحاظ کان هو هڪ ڊاڪٽر هو. صبح جي سج جي شفق تي ڦهليل لالاڻ سان ولي ڪشموري کٽ جي هنج مان اٿيو، ناشتو ڪيائين ۽ پنهنجي ماءُ، گهر واري ۽ ڌيءَ سُونهن کي پيار ڪري ۽ گهروارن کان موڪلائي سرڪاري اسپتال هليو آيو جتي هو ٻن سالن کان نوڪري ڪري رهيو هو. پنهنجي ڪمري ۾ ويهي ڪجهه دير هن پنهنجي ٽيبل تي پيل چارٽ تي نظر وڌي جن ۾ ڪالهوڪن آيل مريضن جا نالا درج هئا، ان فهرست جي آخر ۾ ٻه ٻيا نالا به درج هئا جن جي ڪالهه اسپتال پهچڻ کانپوءِ هن سڄي رات لـُڇي گذاريو هو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو، مسيحائي علامت وارو اڇو جـُبـَو پنهنجي وجود تي اوڍيائين ۽ اسٽيٿسڪوپ ڳچي ۾ وجهي سڌو مرده خاني جي سرد ڪمري ۾ آيو ۽ مرده خاني جي انچارج کي حڪم ڏنائين ته هو ڪالهه ٻن نوجوان ڇوڪرين جي آيل لاشن کي پوسٽ مارٽم واري ڪمري ۾ موڪلي ڏي...
هو پاڻ سان گڏ چئن جونئر ڊاڪٽرن سان گڏ پوسٽ مارٽم واري ڪمري ۾ آيو ۽ ٻنهي ڀينرن جي گولين سان پروڻ ٿيل سرد جسمن جو انتظار ڪرڻ لڳو جن جا لاش پوليس طرفان گذريل رات دير سان پوسٽ مارٽم لاءِ جمع ڪرايا ويا هئا. انهن ٻنهي ڇوڪرين جي باري ۾ صرف ايترو ئي اطلاع هو ته اهي تــَــرَ جي هڪ بااثر شخصيت جون ڌيئرون هيون، ان کان علاوه اهي چوٻول پڻ ماڻهن جي وات تي هئا ته انهن ٻنهي ڀينرن پنهنجي جيل نُما حويلي واري گهر جي چائنٺ ٽپي پنهنجي مرضيءَ سان شادي واري حق کي استعمال ڪرڻ جي بغاوت ڪئي هئي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سندن پيءُ پنهنجي ٻن پٽن ۽ وَاٺـَن جي فوج سميت وچ شهر ۾ رڪشا اندر سندن وجودن کي گولين سان پروڻ ڪري ڇڏيو هو ۽ آخر ۾ سندس پيءُ سندس مرده وجودن تي ڪهاڙين جا وار ڪري سندن ڪارين هجڻ جو اعلان ڪيو هو. ڪيتري ئي دير تائين سندن لاشا روڊ تي پيل رهيا هئا ۽ ڳپل وقت گذرڻ کانپوءِ پوليس اهي لاشا پنهنجي تحويل ۾ وٺي شهر جي اسپتال جي سرد خاني ۾ جمع ڪرايا هئا...
جڏهن اسٽريچر جي ڦيٿن جو کڙڪو ٿيو ته ڊاڪٽر ولي هوش سنڀاليو، سرد خاني جا ٻه ملازم اسٽريچرز کي ڌڪي ڪمري ۾ داخل ٿيا. اسٽريچر تي پيل ٻنهي لاشن کي اڇا ڪفن اوڍيل هئا جيڪي رت ۾ ريٽا لال ٿي چڪا هئا. هڪ لاش کي ڳاڙهو ته ٻئي کي اڇو جوڙو پهريل هو، ائين پئي لڳو ڄڻ بغاوت سان گڏ امن جا به لاشا ڪيرايا ويا هجن. انهن لاشن کي ڏسڻ کانپوءِ مرداڻي سماج جي وحشت، مهذب دماغ کي سُن ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي پر جنهن سماج جي پرورش صرف حقيقت پسندي تي واهه واهه ڪري ۽ حقيقت بياني کي گلا چوي ۽ جرئت ڪري غلط کي غلط چوڻ ۽ ان غلط ڪم خلاف بغاوت ڪرڻ کي چريائپ چوي ان سماج ۾ اهڙن واقعن سان شايد ئي ڪنهن تي ڪو اثر پوي...
ڊاڪٽر ولي پنهنجي ٽيم سان گڏ انهن ٻنهي ڀينرن جي سرد ٿيل لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو. پوسٽ مارٽم دوران ڊاڪٽر ولي جي من ۾ آنڌ مانڌ متل هئي ۽ سندس جسماني ۽ ذهني حالت مان ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ سندس روح انهن ٻن معصوم نياڻين جي لاشن تي ماتم ڪري رهيو هجيس. بغاوت سندس خون ۾ گردش ڪري رهي هيس. پوسٽ مارٽم ختم ٿيڻ کانپوءِ رپورٽ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ هو پنهنجي آفيس ۾ ڪرسي تي اچي ويٺو ۽ پين هٿ ۾ کڻي جيئن ئي ڪجهه لکڻ لڳو ته سندس هٿ ڏڪڻ لڳا. سڄي رات جي لُڇ پُڇ جي ڪري سندس اکيون سُڄي سُرخ ٿي چڪيون هيس. هن گهڙي پـَـلَ لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪيون پر ان ويلي ئي سندس اکين ۾ ڀريل ڳوڙها ٻاهر نڪري آيس. هن پين ٽيبل تي رکي ڇڏي ۽ ڪجهه ويل ائين ئي ويٺو رهيو ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪيو: “ڇو اسان ايڏو غيرمهذب، لاچار، ڪمزور ۽ جڏا بڻجي چڪا آهيون جو ڪنهن ظالم کي سيکت به نه ٿا ڏئي سگهون، جي سيکت نه ٿا ڏئي سگهون ته ان ظلم خلاف ڪجهه ڪڇي ته سگهون ٿا...”
هن هم ڪلامي جي عالم مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پنهنجي ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي پٺتي ٿي ويٺو پر سندس اندر جو ضمير کيس جهنجهوڙي رهيو هو ۽ هو وري پنهنجي منهن ٻيهر ڀڻڪيو: “ڪاش مان هڪ ڊاڪٽر نه پر پوليس وارو هجان ها ته اهڙن ظالمن کي عين وقت تي پهچي ائين ئي گوليون هڻي سندن لاشن کي عبرت جو نشانو بڻايان ها، جيئن انهن معصوم نياڻين کي...”
هن سوچن جي سلسلي کي ٽوڙيو ۽ پنهنجي وجود ۾ ويٺل باغي انسان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو ۽ سندس ضمير کيس ٽٽل سوچن جي ڪڙين کي ٻيهر جوڙيو، هو وري پنهنجي منهن ڀڻڪيو: “ڪاش مان هڪ ڊاڪٽر بجاءِ هڪ جج هجان ها ته کين ڦاهيءَ جي تختي تي تيستائين لٽڪندو ڏسان ها جيستائين سندن ناپاڪ وجود مان ساهه جي آخري دُرڙي جهٽڪو ڏئي نه نڪري ها...”
سندس سوچن جو سلسلو وري ٽٽي پيو ۽ هن ٽيبل تي پيل دٻي مان ٽشو پيپر ڪڍيو ۽ پنهنجي آلين اکين کي صاف ڪيو، هڪ دفعو ٻيهر سندس ضمير ڀڙڪو کاڌو ۽ هو پنهنجي منهن ڀڻڪيو: “ڪاش مان هڪ اهڙو مذهبي ماڻهو هجان ها جيڪو نياڻين کي سندن پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ جو مذهبي، شرعي، انساني ۽ قانوني حق ڏياريان ها ۽ پادري سينٽ ويلنٽائن جيان بادشاهه ڪلائيڊس جي حڪم کي ٿڏي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيان ها ۽ سماج ۾ اهڙن ناسورن خلاف جهاد جو اَلَم بلند ڪيان ها جيڪي انسان کي ۽ خاص ڪري اسانجي سماج ۾ عورتن کي انهن جا جائز حق ڏيڻ واري سوچ کي به غلط سمجهندا آهن...”
هو پنهنجي ڪرسي تي زور سان اڳيان پٺيان ٿيڻ لڳو ۽ سندس سوچن جي سلسلي وري وارڪو کاڌو: “ڪاش مان هڪ هيڻي ۽ بزدل ڊاڪٽر بجاءِ هڪ عام بهادر ماڻهو هجان ها جيڪو انهن معصوم نياڻين جي زندگين کي بچائيندي انهن جي بندوقن جون سموريون گوليون پنهنجي سيني تي سهي ها... پر مان ڇا ڪيان...!!!؟؟؟ مان ته صرف بيمار وجودن کي راحت پهچائيندڙ اهو نام نهاد مسيحا آهيان جنهن وٽ ناسور ورتل سماج جا ڪي به علاج نه آهن...!!! ڇا واقعي منهنجو ڪم صرف اهو ئي آهي ته مان هن ناسور ۽ ڪوڙهه ورتل سماج ۾ ساهه کڻندڙ بيمار وجودن جو علاج ڪيان ۽ پنهنجي سموري سماج جي بيمارين کي نظرانداز ڪندي پنهنجي سماج ۽ پنهنجي سنڌ کي ائين ئي سسڪندو، تڙپندو ۽ آهستي آهستي ختم ٿيندي ڏسندو رهان. ميڊيڪل سائنس وٽ روڳ ورتل جسمن جا ته علاج موجود آهن پر دقيانوسي رسمن ۾ ڦاٿل ذهنن جا علاج ڇو ناهن...!!!؟؟؟ڇا مان پاڻ به هڪ ڏينهن انهيءَ سماجي روڳ جو شڪار بڻجي پنهنجي نياڻيءَ کي به پنهنجن هٿن سان...!!!”
هن هڪدم رڙ ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي چيائين: “نه ڪڏهن به نه مان ائين نه ٿيندم ۽ نه ئي...”
هو پنهنجي سوچن ۾ گم ئي هو ته پٽيوالو ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ چيائين: “ڊاڪٽر صاحب ٻاهر ايس ايڇ او صاحب پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ لاشن کي پنهنجي حراست ۾ وٺڻ آيو آهي ته جيئن انهن کي مالڪن حوالي ڪجي...”
ڊاڪٽر ولي پاڻ سنڀاليندي پٽيوالي کي چيو: “ها ٺيڪ آ ايس ايڇ او صاحب کي اندر وٺي آ...”
حد جو ايس ايڇ او ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ سلام دعا ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ولي کي چيائين: “ڊاڪٽر صاحب اميد ته اوهان پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪري ورتي هوندي مان اها پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ آيو آهيان...”
ڊاڪٽر ولي سوال ڀريل نظرن سان ايس ايڇ او کي ڏٺو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ ان ڏانهن سِرڪائي ڇڏي. هن ايس ايڇ او کان پڇيو: “هنن نياڻين جي لاشن جو ڪوئي والي وارث به ٿيندو يا نه...!!!؟؟؟”
ايس ايڇ او ڊاڪٽر ولي کي انتهائي پرسڪون انداز ۾ جواب ڏنو: “جي ها انهن جو پيءُ ۽ ڀائر ٻاهر پريشاني واري حالت ۾ بيٺا آهن۽ توهان کي ته خبر آهي ته وڏن ماڻهن جون دشمنيون به وڏيون، سو دشمنن جا انهن جي گريبان تائين هٿ نه پهتا ته انهن ويچارين نياڻين مان ئي باهه ڪڍيائون...”
ڊاڪٽر ولي ايس ايڇ او جا جملا ٻڌي هڪ طنزيه مـُرڪ مـُرڪيو، ڇو ته قانون جو رکوالو کليو ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو ۽ انهن ٻنهي ڀينرن جا قاتل ڪير هئا سا خبر ته شهر جي ٻچي ٻچي کي هئي. ايس ايڇ او پوسٽ مارٽم رپورٽ کڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. ايس ايڇ او جا چيل جملا ڊاڪٽر ولي جي دماغ ۾ ڄڻ ڪنهن مترڪي وانگر پئي لڳا. هو پنهنجي ڪرسي تان اٿيو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪتو. اسپتال جي وڏي حال ۾ ئي سامهون ايس ايڇ او تـَـرَ جي وڏي ماڻهو کي پوسٽ مارٽم رپورٽ هٿ ۾ ڏئي رهيو هو. ڊاڪٽر ولي پنهنجي غصي تي قابو پاتو ۽ هڪ وڏو ساهه ڀري، پنهنجي سموري ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي گڏ ڪري ان شخص ڏانهن وڌيو جيڪو پنهنجي پٽن سان گڏ پنهنجين ڌيئرن جا لاش کڻڻ آيو هو. ڊاڪٽر ولي تــَــرَ جي ان چڱي مڙس جي ڀرسان آيو ۽ سندس ڪروڌ ڀريل اکيون ان چڱي مڙس سان مُکاميل ٿيون، جن ۾ هڪ احتجاج پنهنجي سموري ڪاوڙ سان ڀريل هو. ڊاڪٽر ولي ان جي سامهون بيهي پنهنجي سموري ڪروڌ سان ان آڏو ٿُڪ ڦٽي ڪئي ۽ اکين ئي اکين ۾ کيس پيغام ڏنو: “اهي ٻئي تنهنجون ڌيئرون نه منهنجون ڀينرون هيون، مان ڪمزور آهيان جو توسان وڙهي نه ٿو سگهان پر مان بيمار پيل هن سماج جو هڪ اهو غيرتمند پٽ ضرور آهيان جيڪو تنهنجي منهن ۾ نه ئي سهي پر تنهنجي غرور ۽ طاقت کي ٿُڪ هڻڻ جي همت ضرور رکي ٿو...”
20 جـُون 2015
ڪراچي