سنڌ سان منهنجي محبت جو بنياد درد آهي: سجاد گهلو
هڪ سائنسي سماجواديءَ جي حيثيت ۾ مان ان خيال جو به آهيان ته هر ڪم ۽ هر عمل جو ڪو نه ڪو ڪارج هوندو آهي ۽ مان اهو به سمجهان ٿو ته اهو ادب ئي ڪهڙو جنهن ۾ عام ماڻهوءَ جي سمجهڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، اهو خيال ئي ڪهڙو جيڪو ذهن، ضمير ۽ غيرتن کي نه جاڳائي، اهو ساز ئي ڪهڙو جيڪو اندر کي نه جهومائي. منهنجو دماغ بار بار مونکي ان سواليه نقطي تي آڻي بيهاريندو آهي ته ڇا سنڌي ادب ۾ اڃا به اهڙن خيالن جي گنجائش هجڻ گهرجي جن کي پڙهڻ سان صرف مايوسي ۽ نااميدي جنم وٺي...!!!؟؟؟ ۽ پڙهندڙ تي اهو اثر پوي جو هو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي وجود کي ڪنڊائتو ڪري ڳوڙها ڳاڙي سڄي زندگي ميس ميس ڪندو رهي، رومانويت جهڙي ڇسي ۽ صرف خيال آرائيءَ جهڙي آفيمي اصطلاح ۾ ڦاسي مـُٺ تي سگريٽ ڇڪڻ کي اعليٰ عمل سمجهي، وڏا وار رکي ديوانو ۽ مستانو بڻجڻ جو ڍونگ ڪري ۽ يوٽوپيائي دنيا ۾ رهي ميڪ اپ مين/ميڪ اپ وومن بڻجي پنهنجي جادوئي، سحر انگيز ۽ پـُر اسرار شخصيت هجڻ جو رعب راڄن تي ڄمائي...!!!؟؟؟ منهنجي ذهن ۾ اهو خيال ور ور ايندو آهي ته جن حالتن مان سنڌ ۽ سنڌي سماج گذري رهيو آهي ڇا اهڙين حالتن ۾ لکجندڙ ادب جو ڪو به ڪارج نه هجڻ گهرجي...!!!؟؟؟ ڇا اسان کي صرف مسخرائپ ۽ ڇسي لفاظي وارن جملن واري ادب تي ئي گذارو ڪرڻ گهرجي يا اهڙو ادب جنهن کي پڙهڻ کانپوءِ وايون بتال ٿي وڃن ته لکندڙ لکيو ڇا آهي ۽ صفا اهڙي حالت جو لکي عيسو ته پڙهي موسو، يا وري صفا اهڙا ٻاراڻا خيال جو پڙهڻ کان پوءِ ائين ڀانئجي ڄڻ ڪن بازاري ڳالهين، خيالن ۽ جملن کي پني تي اتاري ليکڪ وڏو ڪو تـِيس مار خان وارو ڪم ڪري وڌو هجي...!!! نه ڪو خيال ۾ معيار ۽ نه ئي وري ڪردار ۾ ڪا بلندي، ڊائلاگ اهڙا جو پڙهندي لڄ ٿئي ۽ تڪنيڪي حوالي سان پلاٽ جو نه ڪو منڍ نه ڪو پڇ...!!!
گذريل ٻن اڍائي ڏهاڪن اندر سنڌ اندر پرنٽ ميڊيا کانپوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا به پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ اندر پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي دنيا ۾ پنهنجي چڱي خاصي جڳهه والاري آهي پر اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ آن ايئر ٿيندڙ ڊارمن ۽ ٻين پروگرامن تي هر باشعور ماڻهو نه صرف آڱر اٿاري ٿو پر انهن جي معياري هجڻ تي پڻ کوڙ سارا سوال ڪري ٿو. ائين به نه آهي ته سنڌ جي زمين بـُٺ بڻجي پئي آهي ۽ سنڌ ۾ معياري ادب يا معياري لکڻ وارن جي ڪا کوٽ آهي. ادب جي مامري ۾ ۽ خاص ڪري نظم ۽ نثر ۾ سنڌ نه صرف پاڪستان پر ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي اهميت، معيار ۽ حيثيت جو ڌاڪو ڄمائي چڪي آهي. پر هن وقت ۽ هن هلندڙ دور ۾ معياري ادب ۽ معياري لکڻين جو جهڙوڪر فقدان ۽ قحط پيدا ٿي پيو آهي. ويجهي ماضي ۾ نظم ۽ نثر (ڪهاڻيون ۽ ناول) جا جيڪي به ڪتاب مارڪيٽ مان خريد ڪيا آهن تن مان گهڻن ئي لکندڙن جي لکڻين جي معياري هجڻ جي حوالي سان مون وٽ پڻ هڪ وڏو سواليه نشان “؟” آهي. اسان وٽ ادب جي غير معياري هجڻ جا کڻي کوڙ سارا ڪارڻ هجن پر منهنجي نظر ۾ انهن مان هڪ وڏي ۾ وڏو ۽ اهم ڪارڻ اسان جو ليکڪ خود پاڻ آهي. اسان جو ليکڪ محنت ڪرڻ کان وئون وڃي ٿو، پنهنجين لکڻين تي پاڻ ئي گهربل محنت ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، پنهنجين لکڻين کي تنقيد جي آويءَ ۾ پچائي راس ڪرڻ کي پنهنجي بيعزتي سمجهي ٿو ۽ اهو سمجهي ٿو ته هن جيڪو ڪجهه لکيو آهي اهو ڪمال ۽ اتم آهي ۽ ان تي ٿيندڙ جائز تنقيد به سندس سان ناسهپ جي دائري ۾ اچي ٿي ۽ ان جي تخليق ڪيل اعليٰ ادب خلاف جهڙوڪر سازش آهي...
محمد ابراهيم جويي صاحب پليجي صاحب جي ڪتاب “سندي ذات هنجن” جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: “ٻولي قومن جو آبِ حيات آهي. انساني روح جو سدا تازو، ڀريو ڀاڳيو، پاڪ چشمو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي گڏ ڪن ٿا ۽ پنهنجي تمنائن جو، ڄاڻ جو، تجربي جو ۽ اڳ ويچار ۽ پروڙ جو عڪس ڏسن ٿا ۽ اهو سڄو ڪم سگهڙ، اديب ۽ شاعر ڪن ٿا...”
ان ڳالهه کان ڪوئي به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مهانتا ان جي تاريخ، تمدن، شاعري، نثر، لوڪ ادب ۽ لوڪ ورثي ۾ لڪل آهي. ٻوليءَ جي سگهه ايڏي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ان جوڪاٿو لڳائڻ به ناممڪن بڻجيو پوي ۽ سنڌي ٻولي جي يگانن ۽ سگهارن ڪهاڻيڪارن ۽ ناول نگارن: نسيم کرل، جمال ابڙو، شيخ اياز، رسول بخش پليجو م، آغا سليم، علي بابا، امر جليل، نورالهديٰ شاهه، شوڪت حسين شورو، ماڻڪ، رسول بخش درس ۽ ٻين ڪيترن ئي نثر نويثن جي شاهڪارن کي پڙهي مان به ايڪسيڊنٽلي نه پر شعوري طور تي لکڻ شروع ڪيو ، ۽ جڏهن لکڻ شروع ڪيو ته خبر پوءِ پئي ته استاد بخاريءَ بلڪل صحيح چيو آهي:
ليلا سان ڪيئي پيار او مجنون ته ڇا ٿي پيـو؟
لــفــظــن سـان رکــڻ چــاهـه ڏاڍو ڏکــيـــو آ،
مـُـردن ۾ وڌئي ساهه او عيسيٰ ته ڇا ٿي پيـو؟
لــفــظــن ۾ وجـهــڻ ســاهـه ڏاڍو ڏکــيـو آ...
رسول بخش پليجي صاحب عوامي ۽ انسان دوست ادب جي وضاحت هيئن ڪئي آهي: “اڄ جو انسانيت دوست ۽ عوام دوست مثالي ادب اهو ۽ فقط اهو ٿي سگهي ٿو جيڪو انساني سماج، انساني تاريخ ۽ اڄ جي دنيا جي مکيه ۽ بنيادي حقيقتن ۽ سچاين کي ڄاڻي، سمجهي، پروڙي، انهن جي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي عڪاسي، ترجماني ۽ وڪالت ڪري...”
مان اهو سمجهان ٿو ته جڏهن قومن جي مٿان ڏکيا وقت ايندا آهن، سماج جي گهڻائي سياسي، سماجي ۽ علمي بصيرت کان وانجهيل رهندي آهي ته اها ٻولي ئي هوندي آهي جيڪا سگهڙن، شاعرن ۽ اديبن جي قلم مان هڪ سگهاري طاقت بڻجي پنهنجي جمود ورتل سماج کي جهنجوڙي جاڳائيندي آهي ۽ اهڙي جذبي جو هڪڙو ٺاهوڪو مثال بخاري جي هن شعر مان پڻ ملي ٿو:
ڪـيـئــن بـه ڪـري پـــر آوازن کـــي جــاڳــايــــو،
مــاڻهـن سـان نـه تـه ڳـلـيـن سـان ئــي ڳـالهايـــو،
خـامـوشـيءَ جـي مـُـهِــر لـڳـي ڇــو مـحـفـل کـي،
نــغــمـا نـــاهــــن نــَـوحــا ئـــي پــــر ڳــارايــــو،
صـبــر مـٿـان ٿـي سـڪتـو پـئي ۽ سـڪتـو موت،
ڪـنـهـن بـه طـريـقـي سـاٿـي تـن کـي تــڙپـايــو،
تـحـريـڪون، نـه تـه تـدبـيـرون، نـه تـه تـجـويـزون،
ڪـجهــه تـه بــکـاريـن تــاريــخــن کـي کـارايــو،
شــعـلا شــعــلا شـــعــر وتــي ٿـــو ورڇــيــنــدو،
اونــــدهـــه آ اســـتــــاد بـــخـــــاري آڻــــايـــــو.
سنڌ تاريخ جي جنهن دور مان گذري رهي آهي اهو دور اسان لاءِ انتهائي سخت چٽاڀيٽي ۽ مقابلي وارو آهي، ڇو ته اسان دنيا کان تمام گهڻو پوئتي آهيون نه صرف سائنسي ۽ تڪنيڪي علم ۾ پر زرعي سماج هجڻ جي باوجود اسان زرعي ترقي ۽ زراعت سان وابسطه ٻين سمورن شعبن ۾ پڻ انتهائي پستيءَ واري حالت ۾ آهيون. سنڌ هونءَ ته سون ورني ۽ ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جا پيٽ سنڌ جي ڪمائيءَ مان ئي ڍاپجن پر باوجود ان جي سنڌين جي گهرن ۾ جهڙوڪر غربت ۽ بدحاليءَ جو راڪاس پيو رڙي، اسان جون زمينون ته ڀلوڙ پر فصل ڪمزور، مال مويشي ڏٻرا، ٻارن ٻچن جي جسم تي ڪپڙا ڪو نه ۽ سردي توڙي گرميءَ ۾ پيرين اگهاڙا، پنهنجن (غدارن، ويڪائو ۽ دشمنن جي ساٿارين) ۽ ڌارين طرفان هر پاسي کان هلان ۽ هڪلون سنڌ کي جهڙوڪر نپوڙي نيست ڪرڻ جي ڪم کي چهٽيون پيون آهن. اهڙي ئي ٻـُٽ اونداهيءَ وارين حالتن ۾ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو ۽ اهڙي عظيم ڪم ڪرڻ جي ذميواري سنڌ جي هر باشعور فرد ۽ خاص ڪري اديب، شاعر، سگهڙ ۽ سياست سان وابسطه هر فرد تي آهي. شروعات ڪٿان به ٿئي ۽ ڪهڙي به سطح تي ٿئي ان جي ڳڻ ڪرڻ کانسواءِ شروعات ضرور ڪجي جيئن استاد بخاري سمجهائي ٿو:
ڳاءِ ته ڳايون،
ڳـائـي جـيـڪـر ڪـيـن سـگهـو ٿـا ويـهه تـه ڳـالهـايـون،
چـپـي چـپـي اونـچـي ســچ جـو ســورج چــمــڪــايــون،
سـورج چـمـڪـي جـي نـه سـگهـي ٿـو ڏيـئـا ٽـمـڪايون...
مان جنهن گهر ۽ خاندان ۾ اک کولي ان گهر ۾ نالي ماتر ته پڙهيل لکيل ماڻهو موجود هيا پر ڪا به اهڙي شخصيت نه هئي جنهن کي علم، ادب يا سياست سان ڪو شوق هجي يا سماج کي اڏڻ جي فڪر کين ڪڏهن بيچين به ڪيو هجي. اهڙي اونداهي زندگيءَ ۾ ضيائي مارشلا جي دور جي شروعات ٿي ۽ منهنجي وڏي ڀاءُ زاهد گهلو رسول بخش پليجو جي شاگرد ونگ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شڪارپور ڪاليج کان سياست جي شروعات ڪئي. اسان پيار مان کيس لالا زاهد سڏيندا آهيون، هو ۽ سندس ساٿي شڪارپور ۾ ضيائي مارشلا جي ڪارندن لاءِ ڏاڍا ڏکيا ثابت ٿيا، انهن جي ويڙهه جا قصا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ٻــُرَن ٿا. لالا زاهد جو سياست ۾ داخل ٿيڻ ايئن هو ڄڻ اسان جي گهر جو سياست جي روپ ۾ شعور،علم، عقل ۽ ادب جي دنيا سان ناتو جڙڻ. لالا زاهد ۽ پارٽي جي ٻين دوستن جي چيچ پڪڙي ننڍڙي لاڪون سياسي گڏجاڻين ۾ شامل ٿيڻ، گيت ۽ بيت ياد ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ، ڳوٺ ڳوٺ وڃي ٻارن سان گڏجاڻيون ڪرڻ ته منهنجو ڄڻ روز جو معمول بڻجي پيو. لالا زاهد جي محبت، پيار، سکيا، وڏ پڻي، دوستي ۽ اعتبار منهنجي شعوري سکيا کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ٻئي طرف منهنجي امڙ مهرالنساء جيڪا پڙهيل ته پنج درجا به مس هئي پر ان کي شاهه لطيف تمام گهڻو ياد هوندو هو، قصه ۽ داستان گوئي ۾ ڪمال جي مهارت حاصل هوندي هيس ۽ اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينر هميشه ان جي هنج ۾ لطيف شناسي سان روشناس ٿيندا هئاسين، سندس آواز ايڏو مٺڙو هوندو هو جو مناجاتن کان وٺي، ڀڳت ڪنور رام، الڻ فقير ۽ جيجي زرينه جا گانا پڻ سندس سوز ڀري آواز ۾ ٻڌي، کـَنَ پـَـلَ ۾ ئي احساسن جي دنيا سان جڙي ويندا هئاسين، بلڪل احساسن جي دنيا، هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ ٻين جو درد پنهنجو محسوس ٿيندو هو. اهڙي پالنا مونکي منهنجي ذات جي فريم مان مڪتي ڏياري دنيا سان جڙڻ ۽ ٻين لاءِ جيئڻ سيکاريو. هن ڪتاب ۾ شامل سموريون ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار اهي ئي احساس آهن جن کي مان پــَل پــَل ڀوڳيو آهي. هڪ طرف مان پنهنجي ڪهاڻين جي انهن سمورن ڪردارن جي اڪيلائي، بيبسي، مايوسي، نااميدي، غربت، ڏک، شڪست، نفرت، ڌڪار ۽ بيوفائي جي هر هڪ لمحي جي اذيت کي نه صرف دل جي گهرائين سان محسوس ڪيو آهي پر ايئن پڻ ڀاسيندو آهيان ڄڻ اهو سڀ ڪجهه مون سان ٿيو هجي. وري ٻئي طرف پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن جي آس، اميد، انتظار، سک، فتح، پيار، محبت ۽ پاڻ قربان ٿيڻ جي سمورن لمحن جي ميخن کي پنهنجي سيني ۾ کپندي محسوس ڪيو ۽ ائين ڀانيو ڄڻ انساني روين ۽ سماجي اڻبرابريءَ اسان کي مدفون ڪري ڇڏيو هجي، پر اسان به هڪ ميڪسيڪن چوڻي ثابت ٿياسين: “هنن اسان کي دفن ڪري ڇڏيو، پر کين خبر ئي ڪو نه هئي ته اسان ٻج هئاسين...”
منهنجو اهو ايمان آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ سازشون اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ڀل مڻين مٽيءَ هيٺ دفن ڪري ڇڏن، پر جنهن ڏينهن سنڌي قوم جاڳرتا، شعور ۽ احساسن جو ريج وٺي ٻج وانگر ڦاٽ کائي ۽ نسري نروار ٿي ته سڀ حساب ڪتاب چـُڪتو ٿيندا ۽ اهو ڏينهن پري ناهي، ڇو ته مان اکين ڏسان پيو سنڌي قوم جا جوان هڪ نئين آس ۽ آشا سان ڪـَرُ کڻي نسرن ۽ اڀرن پيا، بس کوٽ آهي ته اجتماعي رهنمائي ۽ صحيح سياست جي. اميد ڪيان ٿو ته منهنجي هيءَ ننڍڙي محنت ستل ضميرن ۽ ذهنن لاءِ هڪ چهنڊڙي ضرور ثابت ٿيندي ۽ اجتماعي سوچ ۽ شعور واري ڌارا ۾ اضافي جو سبب پڻ بڻبي ۽ استاد بخاري چواڻي ڪو ڏيئو ضرور ٽمڪندو. جي سچ پچ ائين ٿيو ته مان ائين ڀائيندم ته منهنجي پورهئي ڄڻ سڦلتا ماڻي ورتي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جا جيڪي مون تي اڻ ڳڻيا احسان آهن تن جو تـِرَ جيترو فرض پوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ويم...
سجاد گهلو
ڪراچي –12 آڪٽوبر 2017