خـَانـُو چِـچـُـڙ
اڃا ديسي عطر جي شيشي کولي هڻڻ واروئي هيو ته سندس زال رڙ ڪندي چيس: “اڙي او خانو...!!! حق تي ماڻهو چِچِڙُ چوندا ٿئي نه، اڙي جنهن جاءِ تي بيهين ٿو ته چُـرَڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺين، ڪارا دانگ...!!! اڌ ڪلاڪ کان شيشي جي پـَچـَر ئي نه ٿو ڇڏين. اڙي پاڙن پٽيا آخر ڪرين ڇاٿو...!!!؟؟؟”
خـَانوءَ جو پنهنجيءَ جوءِ جو دل ڏاريندڙ طعنو ٻڌو ته سندس خوشيءَ مان ڦوڪيل منهن ائين سـُسِـي ويـُس جيئن پنڪچر ٿيڻ کان پوءِ ٽائر مان هوا نڪري ويندي آ. پر خـَانُو به مڙڻ وارن مان ٿوروئي هو، نيٺ به هُو وڏيري قمرالدين خان جو لاڏلو ڪمدار هو. خـَانُو هڪدم پنهنجي ڪاري ٻوٿ کي پائوڊر لپ هڻي، ناسون ڦونڊاري وڏا وڏا ساهه کنيا ۽ ٻيهر ڦوڪجڻ جي ڪوسش ڪرڻ لڳو. نيٺ پنهنجيءَ ڪاوڙ کي ٿُڪ وانگر اڳري اڇو جوڙو پهري جوءِ جي آڏو بيهي چوڻ لڳو: “وَلوءَ ماءُ توکي ڪهڙي خبر چري ته اڄ مان ڇاٿو لڳان...!!! اڙي قسم ٿئي جيئري پير جو اک کڻي ڏس ۽ پاڻ فيصلو ڪر اڄ دل نه ٿي چـَوَئي ته نظر کان بچڻ لاءِ ڪارو ڌاڳو پڙهي پارائين...!!!؟؟؟”
خـَانُو جڏهن ٺهي سنبري، ٻانهون کولي، ڪنڌ مٿي ڪري، لٺ وانگر سِيٽِجي ڊائلاگ هڻي جوءِ جي سامهون بيٺو ته جوڻس حيرت مان ڏسندي وات تي هٿ رکي چيس: “ائي مائي مان مـُـٺيس...!!! خـَانُو اڄ ته تون صفا ماسي گـُلان جي ڪـُتي وانگر پيو لڳين...!!!” ماسي گـُلان جو ڪتو ڳوٺ جو اهو واحد ڪتو هو جنهن جو ٻوٿ ڪارو ۽ ٻيو سمورو جسم اڇو هو...
خَانُوءَ جو زال جو وڍيندڙ جملو ٻڌو ته آپي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ توائيءَ ۾ زال کي چيائين: “چئبو ته ماسي گـُلان جو ڪـُتو توکي ايڏو ٿو وڻي جو ان کي وري مون سا ٿي ڀيٽين...!!!؟؟؟”
تنهن تي جوڻس چيس: “نه هاڻي خير ائين به ناهي وڻين ته مونکي تون به ٿو...”
خـَانوءَ جو اهو ٻڌو ته رهندو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ بوڇڻ ڪلهي تان لاهي زور سان ڇنڊيندي چيائين: “اڙي شرم نه ٿو اچئي مڙس سان ٿي ائين ڳالھائين...!!!؟؟؟ بـَڪَ بند ڪر ته ھڻانءِ نه ڪوپر ۾ ڪـِلــَو...”
جوڻس به بيزار ٿيندي وڙهڻ واري انداز ۾ چيس: “ائي مـُئا...!!! ان ۾ ڪاوڙ جي ڪهڙي ڳالهه آ جو سچ پچ ڪـُتي وانگر ڏاڙهڻ ٿو اچين...”
خـَانُوءَ جي ڪنن مان دونها نڪري ويا ۽ وِهُ جو ڍُڪ پـِي چُپ ڪري ويو ڇوته اهڙي موقعي تي هو ڪو به ڦڏو ڪرڻ نه پيو چاهي. پر جي ڦڏو ڪري به هاته خواهه مخواهه ڪـَوپـَر ۾ ٻه ٽي روڙا ڪرايون وڃي ها. خـَانُوءَ پنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ سمجهيو ته ڪاوڙ کي ڪـُنڊَ ڪري خاموشيءَ سان پنهنجي رَاهَه رَمـَندو وڃي. خـَانُو اڳ ئي ڪارو ٺِڪـَـرُ ٻيو وري جڏهن توائيءَ ۾ ڳاڙهو ٿي گهر کان ٻاهر نڪتو ته ائين پئي ڀانئيو ڄڻ ٿــَمَ جو سـُوئر ڪنهن غريب هاريءَ جو فصل چـَٽُ ڪري ٻاهر نڪتو آ. خـَانـُو پنهنجي گهر واريءَ کان ڏاڍو لهرائيندو ھو پر ڳوٺ وارا وري خـَانـُوءَ کان لهرائيندا ھئا. جڏهن کان خـَانُو وڏيري قمرالدين خان جو ڪمدار بڻيو ھو تڏهن کان سڀ لاءِ آزار بڻيو ھو. هن جي جنهن به ڳوٺ واري سان نه لڳندي ھئي، ان لاءِ وڏيري وٽ ابتيون سبتيون چُغليون هڻي ان کي وڏيري هٿان بيعزتو ۽ زليل ڪرائي ٺاهوڪي مار کارائيندو ھو ۽ جي اڃا به ڪنهن ڪـَـرُ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڏيري معرفت پوليس ذريعي ان کي ڪنهن ڪـُوڙي ڪيس ۾ ٽـِيپ ڏيارائي ڇڏيندو ھو...
خـَانُو اڄ واهه جو ٺهي سنبري وڏيري قمرالدين سان ميلي تي وڃي رهيو هو. ميلي جي پھرين ڏينهن تي رکيل رِڇَ ڪُتي واريءَ ويڙهه ۾ وڏيري قمرالدين کي مهمانِ خاص ڪري گھرايو ويو هو. هُونءَ ته وڏيرو جيئري پير جي خاص پوئلڳن منجهان ھو، ڇوته هر دفعي پير جي دُعا ۽ گادي نشين جي سهڪار سان اليڪشن جو کٽندو ھو، پر ان سان گڏ هر سال ميلي ۾ لـَنگـَر جو بندوبست پڻ وڏيري قمرالدين طرفان ٿيندو ھو ۽ گادي نشين هر سال وڏيري کي رڇ ڪُتي جي ويڙهه لاءِ خاص مهمان جي حيثيت ۾ دعوت ڏيندو ھو...
جڏهن خـَانُو وڏيري سان گڏ لينڊ ڪروزر مان هيٺ لهي جيئري پير جي زيارت لاءِ وڃي رهيو هُئو ته ڀرسان لڳل شاميانن هيٺان ماڻهن جي گهڻي پـِيهـَه متل هئي، خـَانُوءَ سمجهيو ته شايد ڪُتا پُڄي ويا آهن ۽ ماڻهو انهن کي ڏسڻ لاءِ جمع ٿي ويا آهن. پر جڏھن شامياني ھيٺان بيٺل ماڻهن جو وڏيري قمرالدين کي ڏٺو ته سڀ ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙندا آيا ۽ شاميانن هيٺان ويٺل سجاده نشين سائين ڀورل شاهه سان گڏ تـَڪ جو ڊي.ايس.پي پڻ وڏيري جي آڌرڀاءُ لاءِ اٿي آيا. خانُوءَ جو ماڻھن جي پيھه منجھان سجاده نشين سان گڏ ڊي.ايس.پي صاحب کي شاميانن وٽان ايندي ڏٺو ته پنهنجي پوئينءَ سوچيل ڳالهه تي توبهه ڪرڻ لڳو ڇو ته شاميانن ھيٺان ڪُتا نه پر سجاده نشين سائين ڀورل شاهه ۽ ڊي.ايس.پي صاحب هئا...!!! خـَانُوءَپنھنجو پاڻ کي دل ئي دل ۾ ڇنڊ پٽي: “اڙي ڪمينا مـُرشدن ۽ قانون جي رکوالن سان ڏنگايون، شرم ۽ توبهه ڪر نه ته اهڙي ٿيندئي جو ست ئي پيڙهيون گيسيون ڪري به جان نه ڇڏائي سگهندئي...!!!”
وڏيرو قمرالدين، سائين ڀورل شاهه ۽ ڊي.ايس.پي صاحب ماڻهن جي هجوم سان گڏ جيئري پير جي مزار تي چادر چاڙهي جيئن ئي موٽيا ته ماڻهن ۾ نعرن جا هُوڪرا پئجي ويا هر طرف صدا بلند ٿيڻ لڳي: “حق جيئرا پير، سچا فقير...!!!”
دُهل ۽ شرنايون وڄنديون رهيون، شيدي فقير آجيان لاءِ پنهنجو روايتي رقص ڪندي مهمانن سان رِڇ ڪُتي جي ويڙهه واري ميدان طرف وڌندا هليا ۽ ماڻهن جا هُجوم جيئي جيئي جا نعرا هڻندا رهيا. وڏيري، مرشد سائين ۽ ڊي ايس پي صاحب جي اچڻ تي ميدان ۾ ويٺل خلق ادب منجهان اٿي بيهي رهي ۽ جوش ۾ اچي جيئي جيئي جي نعرن سان گڏ دُھلارين جي روايتي انداز تي رقص ڪرڻ لڳي. لائوڊ تي ڪنهن بي سُري وڏي عجيب انداز سان نـِڙي صاف ڪندي پنهنجو سُر سنڀاليندي هڪ دم ڳالهائڻ شروع ڪيو: “اسان جا عزت ۽ مانَ وارا مهمان پـُڄي چڪا آهن، توهان سڀ انھن جو ڀرپور استقبال ڪيو ته جيئن اسان رِڇ ڪُتي جي ويڙهه جلدي شروع ڪيون...”
عزت وارا مهمان جيئن ئي خاص ٺاهيل اسٽيج تي اچي ويٺا ته خـَانُو به ٽِپُ ڏيئي اسٽيج تي چڙهيو ۽ جڏهن خلق خدا جيءَ تي نظر ڦيرايائين ته ڏاڍو خوش ٿيو ڇوته عـَامَ کي پوليس لٺيون هڻي پٺتي ڌڪي رهي هئي، جيڪا ڳالهه خـَانوءَ کي ڏاڍي وڻي. بس مهمانن جي آمد جي دير هئي، پوءِ وچ ميدان تي ڊگهي زنجير سان ٻڌل رڇ تي چار ڪتا بڇيا ويا. جيئن ئي ٻڌل رِڇَ تي ڪتا اچي ڪڙڪيا ته هڪدم شرطين ۽ ماڻهن ۾ هُوڪرا پئجي ويا. وڏيري قمرالدين به پنهنجن ڪُتن تي لــَـکُ روپيه شرط رکي هئي. هر طرف عجيب منظر هو، ڪُتن جي ڀليءَ ويڙهه تي وڏيرو مـُڇن کي مروڙي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. جن ماڻهن هيٺ ويهڻ لاءِ پوتڙا وڇايا سي پنهنجين جاين تي اُٿي بيهي جوش وچان رڙيون ڪري ٽپا ڏيئي رهيا هئا. عجيب و غريب قسمن جا آواز چئني پاسن کان اچي رهيا هئا، ڪوئي چئي رهيو هو ته: “اتي اچُ نه ڀورا... هڻيس نَڪ ۾ چَڪُ...!!!”
ته ڪوئي وري جوش ۾ زمين تي مڪون هڻي چئي رهيو هو: “هئي ڙي بـُلٽري پـُٽ... تنهنجو دُونَ تي وڙهڻ...!!!”
ته ڪوئي جذبات ۾ ڀرسان ويٺل ماڻهونءَ کي زور زور سان پڪڙي جهٽڪا ڏئي چئي رهيو هو: “اهو ٿي تازي... جيڪو نـِڙيءَ ۾ ٿو چڪيس...!!!”
ڪُتن جي ڀليءَ ويڙهه تي انهن ماڻهن جا مُنهن لهي ويا، جن زنجير سان ٻڌل رِڇَ تي شرط رکي هئي. ويچارو رِڇُ ته اچي انسانن ۽ ڪتن ۾ ڦاٿو هو. سندس نـَڪَ ۽ وات مان رَتُ وهي رهيو هوس. بس پوءِ رِڇَ کي الائي ڪيئن جـُجـِلـِي آئي ۽ انسانن کان وڌيڪ جانورن واري رڳ ڏيکاريندي ٺڪا ڪري جو بـُلٽري ڪتي کي پنهنجو تيز نـُـنـهَـن وارو چنبو هنيائين ته بـُلٽري ڪتي جا آنڊا ئي ٻاهر نڪري آيا. بس سائين پوءِ ته وارا وڄي ويا هڪ پاسي بـُلٽريءَ جو اُڦـَٽ مرڻ ۽ ٻئي پاسي رِڇَ جي حامين جو پٽ تي اُٿي بيهي هُوڪرا ڪري نچڻ. رِڇَ جي ڀـَـرَ وارا وڏيون رڙيون ڪري رِڇَ کي شاباسون ڏيندي چوڻ لڳا: “اهو ٿي لُوسي... هَئي ڙي نـَـرَ هَئي... وٺ ٻئي کي... اتي اَچُ نه...!!!”
رِڇَ به بغير ڪنهن دير جي ڪنڌ ۾ چَڪُ هنيل ڪُتي کي اڳئين چنبي سان ڌَڪُ هڻي ورائي جو اڳيان ڪيرايو ته ڪُتو به ڪـَئـُون ڪـَئـُون ڪرڻ لڳو...!!! وري جو رڇ ڀُوري ڪُتي کي ڄنگهه ۾ چَڪُ هڻي هوا ۾ مٿي کڻي ورائي جو زور سان پـَٽَ تي سـَٽـِـيو ته ڀـُوري ڪـُتي جي هڏن ڀڄڻ جا آواز راڄن ٻـُڌا...!!! باقي بچا ٻه ڪـُتا تن جو پنهنجن جو حـَشـَـرُ ڏٺو ته پراون جي بـَڇـُن کي پٺي ڏيئي ٿورو پـَرڀـَرو ٿي رِڇَ تي ڪنڌ جهاڙيندي ڀؤنڪڻ لڳا...!!!وڏيري جو پنھنجن ڪُتن جو اهڙو حـَشـَـرُ ڏٺو ته سندس منهن ئي لهي ويس. جن شرطون کٽيون تن دهلن ۽ شرناين تي رَقص پئي ڪيا. بـَڇَ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ وڏيري خـَانُوءَ کي ڪُتن جي ڪوتاھيءَ تان ڏاڍي ڇنڊ پٽي. بعد ۾ وڏيرو قمرالدين، ڊي.ايس.پي صاحب ۽ تـَـرَ جا ٻيا خاص چڱا مُڙس سائين ڀُورل شاهه جي ميزبانيءَ ۾ اوطاق تي آيا. جتي کائڻ ۽ پيئڻ سان گڏ ٻيو به گهڻو انتظام ٿيل هو. هن سال ته وڏيري قمرالدين جي فرمائش تي لاهور جي ڳاڙھي بازار مان ٺاھوڪيون ناچڻيون پڻ گهرايون ويون هيون. هن ڀيري به هرسال جيان خـَانُوءَ جهڙن چمچن کي اوطاق جي دَرَ تان ئي واپس ڪيو ويو. خـَانوءَ به لاهوري جلوه ڏسڻ ۽ پسڻ لاءِ اندر وڃڻ خاطر گهڻيون ئي وَٽـُون سـَٽـُون ڏنيون پر وڏيري ڇڙٻ ڏيندي چـَيـُس: “اڙي حق تي ماڻهو چـِچـِـڙُ چوندا اٿئي نه...!!! جاڏي ٿو وڃان تاڏي ٿو ڪُتي وانگر ڪـَڍَ لڳين...”
وڏيري کيسي مان هزار جو نوٽ ڪڍي خـَانُوءَ جي ٻُوٿ تي هڻندي چَيُس: “هاڻي ٽـَـرُ ھتان ۽ وڃي گهـُم ميلو...” خَانُو پهريون ته کـِکـَو وِکـَو ٿي ويو پر پوءِ پنهنجي لڄ بچائيندي دل ۾ چوڻ لڳو: “چڱو ٿيو جو چِچَڙ آهيان، هڪ جاءِ تي ته چنبڙيل آهيان توھان وڏن ماڻهن وانگر مـَـکِ ٿوروئي آهيان جو ڪڏهن هـِنَ ڍَير تي ته ڪڏهن هـُنَ ڍَير تي...”
بـَس پوءِ خـَانُو مسڪين لاهوري لــَست کي وساري هزار جي نوٽ کي مـُٺِ ۾ ڀيڪوڙي ميلي جو رُخُ ڪيو. چوڏس وڏا لــَقــَاءَ هـُئا، چرس ۽ ڀنگ ته عام پئي هلي. ڊانس ٿيٽر ۾ پنجاب مان آيل خوبصورت ڇوڪرين جي ناچ خـَانُوءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ٿوري گهڻي ڇـِڪ ڇـِڪان کانپوءِ ٽن سون ۾ هڪ وچولي مائيءَ کي راضي ڪري ورتائين. شاميانن سان ٺاهيل هڪ ننڍڙي ڪمري جي کٽ تي جيئن ئي خـَانُوءَ ان اڌڙوٽ عورت کي ڀاڪر پائي کٽ تي دسيو ته همراهه جو مٿو ٺڪاءَ وڃي کـَٽَ جي پاٽيءَ ۾ لڳس، بس پوءِ ته هڪ هَانءَ ڦـَاڙ رَڙِ خَانُوءَ جي وات مان نڪتي ۽ همراهه جا هوش ئي ڇڏائجي ويا. ٿوريءَ دير کانپوءِ همراهه جڏهن هوش ۾ آيو ته خبر پيس ته سامهون واري رَنَ نه پر کدڙو آهي ته خـَانُوءَ جي پيرن هيٺان زمين ئي ڇڏائجي وئي. خـَانُو ٽن سون جي وڃائجڻ تي صفا توائي ٿي ويو پر پوءِ به ھو چپ رهيو ڇو ته ميلي ۾ کدڙن ۽ گھر اندر زال سان پڄڻ ھن جي وس جي ڳالھه نه ھئي. ڪم نڪتي کانپوءِ بوڇڻ ڇنڊي ڪاوڙ ۾ ڦوڪاٽ ڪندي جڏهن خـَانُو ٻاهر نڪتو ته سڌو وڃي هڪ همراهه سان ٽڪريو. پوءِ هــَمَ نه تــَـمَ اچي همراهه سان گارين ۾ شروع ٿي ويو. هو همراهه به هن وانگر ڪو تپيو پئي آيو، پوءِ ته ٻئي ٻکين پئجي ويا. ماڻهن جو هُجوم جمع ٿي ويو پر ٻنهي کي ڪوئي به ڇڏائڻ لاءِ ويجهو نه پئي آيو. ٻئي جڏهن وڙهي وڙهي ساڻا ٿي پيا ته هڪٻئي مان هٿ ڪڍي ويهي رهيا. خـَانُوءَ ڪاوڙ مان ماڻهن کي ڏسي چيو: “اڙي شرم نه ٿو اَچَيو ڇڏايو ڪو نه ٿا...!!! رِڇَ ڪتي جي ويڙهه ڪو نه پئي ٿئي جو بيهي تماشو ٿا ڏسو، اڙي ماڻهو ٿا وڙهون...!!!” پر ماڻهن خـَانُوءَ کي کنگهيو ئي ڪو نه ۽ نيٺ ٻنھي هڪٻئي کي توائيءَ ۾ ڏسي بوڇڻ ڇنڊيا ۽ پنهنجو پنهنجو رستو وٺڻ ۾ خير سمجهيائون...
ميلي جي موٽ تي وڏيري خـَانُوءَ جي لٿل منهن کي ڏسندي پـُڇيس: “اڙي خـَانُو خير ته آهي، ڇا تي منهن سُجايون ويٺو آن...؟؟؟”
خـَانُوءَ ڦِـڪائيءَ مان وڏيري کي ورندي ڏيندي چيو: “بس سائين اهي سـُور ئي نه پڇو هيل ميلو پاڻ کي ٺــُپ لڳوئي ڪونه...”
پوءِ ساڻس جيڪا وارتا ٿي هـُيـس سا سموري بيان ڪري وڏيري کي ٻڌايائين. جڏهن وڏيري خـَانُوءَ سان ٿيل جـُٺيون ٻـُڌيون ته اچي ٽهڪن ۾ پيو، جنهن تي خـَانُـوءَ لڄ کان ڪنڌ هيٺ ڪندي وڏيري کي چيو: “سائين ڀلا ڇا ڪيون، نفس مارڻ لاءِ جڳاڙ به ته ڪرڻو آ نه...”
وڏيري ورندي ڏيندي چيُس: “اڙي چنڊا ڪنھن چؤنڪ جا جُڳاڙ ڪرڻو اٿئي ته پوءِ ڪو ٺاھوڪو ڪر نه، ته جيئن اندر به ٺرئي، اڙي آخر ڪمدار ڪنھن جو آن، وڏيري قمرالدين خان جو جنھن کان سارو تـَـرُ وَنءُ ويندو آ...”
خـَانُوءَ موقعي جو فائدو وٺندي ڀوتار کي پنھنجي اندر جي ڳالھه ٻڌائڻ لاءِ وَٽُ کاڌو ۽ ڪجھه ويرم کانپوءِ اک ٽيٽ ڪري وڏيري ڏانهن ڏسندي چيائين: “سائين اک ته رکيون ويٺو آهيان پر پوءِ...”
وڏيري رھڙ پٽيندي چيس: “اڙي پر جو مطلب ڇا...!!! منھنجي ھوندي به توکي ڪنھن کان ڊڄڻ جي ضرورت آهي ڇا...!!!؟؟؟”
خـَانُوءَ ڏند ٽيڙي خوشامدي لهجي ۾ وڏيري کي چيو: “بس سائين اوهان جو هٿ مٿان هجي باقي چڱن ڀلن جي مجال ناهي جو ڪُڇِي به سگهن...”
وڏيري مـَامَ ڀريل نظرن سان خـَانُوءَ کي ڏسندي چيو: “معنيٰ چئبو ته ڪنھن ٺاھوڪي پکيءَ کي اک ۾ رکيون ويٺو آن...!!!؟؟؟”
خَانُوءَ ٿورو وڌيڪ ئي تشويش ڏيارڻ واري انداز سان وڏيري کي چيو: “سائين اوھان به دنيا ڏٺي آ ۽ گھڻا ئي جھان ھيٺان لتاڙيا اَٿــَو پر پڪ سان ٿو چـَوانـوَ جي توھانکي ان پکيءَ جي خبر پئي ته پوءِ توھان به کيس جھٽڻ لاءِ وسون نه گھٽائيندئو...”
وڏيري شراب جي نشي ۾ ڌُت هُجڻ باوجود ڳنڀيرتا واري انداز ۾ چيس: “اڇا...!!! اھو وري ڪھڙو پکي آ جيڪو ايڏو خوبصورت ھجڻ جي باوجود به اسان جي جـَپـَيـٽ کان بچيل آ...!!!؟؟؟”
خـَانُوءَ گرم لوهه تي ڌڪ ھڻندي دير ئي نه ڪئي: “سائين منھنجو اشارو مومل ڏانھن آھي جڏھن کان ڏٺو ٿي مانس ته ڄڻ اندر ۾ کَاٽُ ھڻي ڇڏيو اٿائين...”
وڏيري منهن ۾ گهنج وجهندي پڇيس: “اڙي اھا مومل وري ڪير آ...!!!؟؟؟”
خَانُوءَ ھيٺاھين وٺندي چيس: “سائين اھا ئي پاڻ واري ماستر دين محمد واري ڇوري...”
وڏيري به ھلڪي مُرڪ مُرڪندي چيس: “ھا تعريف ته ڇوريءَ جي مان به گھڻي ئي ٻڌي آ، ماستر ان کي پڙھڻ لاءِ يونيورسٽيءَ به ته موڪليو ھو نه...؟؟؟”
خـَانُوءَ صفا ترو وٺندي ورندي ڏيندي چيس: “ھائو سائين بلڪل سؤ سيڪڙو سچ ٿا چئو اصل ڏسڻ ۾ ڪنھن حـُور کان گھٽ ناھي ۽ جڏھن کان وري يونيورسٽي مان پڙھي موٽي آ ته ڄڻ رنگ ئي نئون چڙھي ويو اٿس...”
وڏيري ڏند شيڪي ڦـِڪي کـِلَ چپن تي آڻيندي چيس: “اڙي جي ايڏو ئي ٿو ھينئون ڦاٽئي ته پوءِ چنتا ڇا جي اٿئي...!!!؟؟؟ وجھينس ڄار ۽ ڪرينس قيد پاڻ واري ڪچي واري بنگلي ۾...”
خـَانُوءَ خوشيءَ مان سينو ڦوڪيندي رئيس کي جواب ڏيندي چيو: “سائين اوھان جو حڪم اکين تي ۽ مان ٿو چوانوَ ته اصل فڪر ئي نه ڪيو مـُومل سڀ کان پھريون اوهان جي قدمن ۾ هوندي پر سائين سندس ڀاڻس اياز ۽ مڱيندو اڪبر...!!!؟؟؟”
وڏيري ھلندي گاڏيءَ ۾ سيٽ کي ٽيڪ ڏيندي چيو: “ايڏي جرائت اٿن جو مون سان کونس ڪندا...!!!؟؟؟”
خَانُوءَ ڳنڀيرتا سان وڏيري کي ڏسندي چيو: “سائين جي گدڙ جي گھر ۾ گھربو ته وڙھڻ ته اھو به ايندو، ھي ڇورا نه صرف يونيورسٽي مان پڙھي آيا آھن پر ان سان گڏوگڏ سياست ۽ دنياداريءَ ۾ به گھٽ ناھن رھيا...”
وڏيري ڪجهه سنجيدگيءَ مان اکين کي ڀڪوڙيندي چيس: “چئين سچ ٿو انھن ڇورن به گھڻو ئي نڪ ۾ دم ڪيو آ ڪافي شڪايتون مليون آھن انھن جون. خبر نه ٿي پئي ته انھن کي ايڏي مڳي آئي ڪٿان آ...!!! ٺيڪ آ جي اھا ڳالھه آ ته پوءِ تون انهن ڇورن جي پرواهه نه ڪر ۽ جي گهڻي گهڻي ڪيائون ته رکجانِ ٻه سِـڌِيـُون...!!!”
وڏيري جي اھڙي دلجاءِ ملڻ تي خـَانُوءَ جون ته واڇون ئي ٽڙي پيون ھن وڏيري کي پڪ ڏيندي چيو: “سائين بس پوءِ ته فڪر ئي نه ڪريو سمجهو ته مـُومل ستت ئي پھريون اوهان جي قدمن ۾ پٽيندي...”
وڏيري به خـَانُوءَ کي بي کٽڪو ٿي چيو: “باقي جيڪڏهن ڪو ڦڏو ٿيو به ته ڏسي وٺبو، جي ٻيو نه ته به مومل کي ڪنهن سان ڪاري ڪري ڇڏينداسين ۽ پوءِ وري به بڻبي ته پنهنجي ئي حويلي جي زينت...!!!”
وڏيرو خـَانُوءَ سان گڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو. وڏيري قمرالدين جو ڳوٺ چڱو خاصو وڏو ھو. ڊِنگُ ذميندار ھجڻ سان گڏوگڏ ھو سياست جي شطرنج جو به کيڏاري ھو. مجال جو تـَـرَ ۾ ھن جي مرضيءَ ۽ منشا کانسواءِ ڪو پکي به پـَـرُ ھڻي. مُومل ماستر دين محمدجي ڌيءَ هُئي جيڪا گذريل سال ئي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ڊگري وٺي آئي هئي ۽ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٻار پڙهائيندي هئي. وڏيرو مـُومل جي سـُونهن ۽ ارڏائي جي باري ۾ اڳ ئي گھڻو ڪجھه ٻڌي چڪو ھووري جو خـَانُو چـِچـِڙَ دُنگي دُکائي ان تي تيل ھاري ڀنڀٽ ٻاريو ته وڏيري جي انا به اچي ڪـَـرُکنيو...
ماستر دين محمد سڄي زندگي ڳوٺ جا ٻار پڙهايا هئا تنھن اِن ڳالهه ۾ ئي ڀلائي سمجھي ته سندس ڌيءَ به يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ جي ٻارن ۽ خاص ڪري نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪري. انھيءَ ڪري ماستر دين محمد ڌيءَ کي ڳوٺ واري اسڪول ۾ ماستريءَ جي نوڪري وٺرائي ڏني. اڪبر ۽ اياز به ڄامشوري جي پٿريلي زمين تان علم جي اُڃ اجهائي آيا هئا. مومل اڪبر جي مڱ ھئي ۽ ستت ئي ٻنھي جي شادي به ٿيڻ واري ھئي. اڪبر ۽ اياز يونيورسٽيءَ ۾ رھندي به پنهنجي ڳوٺ ۽ تـَـرَ جي هر مظلوم ماڻهوءَ جي سهائتا لاءِ هرقسم جي اخلاقي ۽ قانوني مدد ڪئي ھئي. هنن جي ذهن ۽ سوچن ۾ هڪ نئين ۽ انقلابي سنڌ جا سپنا سمايل هئا. هر مظلوم تي ٿيندڙ ظلم کي هو پنهنجو پاڻ تي محسوس ڪندا هئا. اهوئي سبب هو جو هو ڪيترائي چڪر وڏيري قمرالدين جي سامهون پڻ ٿيا هئا ۽ وڏيرو به پنهنجي سياسي ساک جي ڪري هنن کان ائين لنوائيندو هو جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان. پر هيل ڄڻ ته وڏيري قمرالدين کي به هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪرڻ جو موقعو ملي ويو...
خـَانُو پنھنجي خواھش پوري ڪرڻ لاءِ وڏيري کي ڏاڪڻ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ وجھه وٺي نيٺ وڏيري کي اعتماد ۾ به وٺي ڇڏيائين بس ھاڻ ته ھن جي ذھن ۾ صرف مـُومل ئي سمايل ھئي پر مـُومل کي ماڻڻ ايترو سولو ته ڪو نه ھو. انھيءَ ڪري ھو ڏينھن رات ٽڪساٽ جوڙڻ لڳو ته ڪيئن به ڪري وڏيري جي طاقت کي استعمال ڪري مـُومل کي ماڻي. نيٺ ھڪ رات اُجھي ٻـُجھي ۽ سموري جـَانچ جـُونچ لھي اوطاق تي خـَانُوءَ وڏيري کي سمورو طئه ڪيل پروگرام ٻڌايو ۽ وڏيري کي پڪ ڏياريندي چيائين: “سائين مـُومل کي سڀاڻي اسڪـُول کان موٽندي اغوا ڪري ٻيلي واري بنگلي تي ٿانـِيڪو ڪنداسين. باقي رهيا اياز ۽ اڪبر ته اهي ٻئي ڇوراشهر ويل آهن جي خبر پين ۽ موٽ به ڪيائون ته پوءِ اوھان جي حڪم مطابق منهن ڏئي وٺنداسين. ھونءَ به وات ڳاڙھا ڇورا آھن، جذباتي ٿي ڪو نه ڪو ابتو قدم ضرور کڻندا ۽ اسان به انهن جي جذباتي پڻي جو فائدو وٺندي موقعي ۽ مهل مطابق اُڦـَٽ ڦتڪائي ڇڏينداسين...”
وڏيري خـَانُوءَ کي شاباسي ڏيندي چيو: “اتي اچ نه ھاڻ پڪ ٿي ته تون منھنجو ڪمدار آھين ۽ ھا چئين سچ ٿو جي ڇورن کي ڪا ٻـَاٻـُور به پئي ته پوءِ کڻندا ضرور ڪو ابتو قدم. جوانيءَ جو اھو جوش ئي ته آھي جنھن کي اسان جھڙا آڙيڪاپ وڏيرا ۽ سياستدان استعمال ڪري انھن وات ڳاڙھن کي آڱرين تي نچائيندا آھن. خير اھي ڇورا گدڙ ڀـَڀـِڪيون گھڻيون ٿا هڻن باقي آھن کوکلا ۽ مان به ته اھو ئي ٿو چاھيان ته ڇڙو ٿين آپي کان ٻاھر ته پِـيـڙِھـيَانِ گھاڻي منجھه ۽ ڪڍانِ تيل. منھنجي طرفان اجازت ٿئي جيئن ئي موقعو ملئي ته اُڏائي ڇڏجانِ...”
خـَانُو به وڏيري آڏو جھڪندي وڃي پٽ تي پيو ۽ واڇون ٽيڙي وڏيري کي چيائين: “ڀوتار توھان فڪر ئي نه ڪريو اصل اھڙي چال ھلندس جو نانگ به مري ۽ لٺ به بچي...”
خـَانُو وڏيري کي سربستو حوال ڏئي روانو ٿي ويو. وڏيرو ٻئي ڏينهن جي انتظار ۾ سڄي رات لُڇندو رهيو. ٻئي ڏينهن خـَانُو ڌاڙيلن جو ٽولو وٺي مـُومل کي منجهند جو اسڪُول کان موٽندي ئي اغوا ڪري وڏيري قمرالدين جي ٻيلي واري بنگلي تي کڻائي آيو. جڏھن مـُومل جي کنڀجڻ جي خبر اڪبر ۽ اياز کي پئي ته انهن ڳوٺ پهچڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. ماستر دين محمد جنھن جي سڄي زندگي ٻارن کي پڙھائيندي گذري وئي ۽ جيڪو ڳوٺ وارن جي خدمت ڪندي پنھنجي اجري مـَـنَ وانگر پنھنجن وارن کي به چانديءَ ۾ تبديل ڪري چڪو ھو سو پنھنجي گھر جي اڱڻ ۾ پنهنجي پـُٽ اياز ۽ ڄاٽي اڪبر سان انتهائي پريشاني ۽ اداسيءَ واري حالت ۾ ويٺو هو. زندگيءَ ۾ پھريون دفعو ھن جو آواز ڳرو ھو، ھن ٻنھي جوانن کي چيو: “با ڌرتيءَ ۽ ننگن تان سـِـرَ ڏيڻ جا سبق ته لطيف جي ٻوليءَ ۾ امڙ لولي ڏيندي ئي ڏيئي ڇڏيا ھئا ۽ مان ھن پيريءَ ۾ توھان کي اھو ئي ٿو چَوانوَ ته پنھنجن ننگن جي حفاظت ڪندي جي سِـرُ به گھورڻا پَــوِنـِـوَ ته پٺتي نه ھٽجو، پر ھڪڙي ڳالھه ھميشه لاءِ سمجھي ڇڏجو ته جيڪو جسم سان گڏ عقل سان به وڙھندو آ دائمي فتح ان جي ئي ٿيندي آ. اميد ٿو ڪيان ته ٿوري ۾ گھڻو ئي سمجھي ويا ھوندئو، منھنجي چِٻي ٿيل چيلھه کي سڌو ڪري بيھارڻ ھاڻ توھان جو ئي ڪم آ...”
اياز ۽ اڪبر ماستر دين محمد کي دلجاءِ ڏئي گهران هليا ويا. رات پيٽ ۾ ئي ھنن مومل جي اغوا جا پيرا کنيا ته انھن کي اھي وڏيري جي ڪچي واري بنگلي ڏانھن ئي ويندي مليا. ھنن سموريءَ ڳالهه جي ڄاڻ ورتي ته مـُومل کي اغوا ڪرڻ جي سازش ڪنھن جي ھئي ۽ ان کي ڪنهن، ڪيئن ۽ ڪنهنجي هٿان اغوا ڪرايو هو ۽ ھوءَ هن وقت ڪٿي هئي. اياز جي اکين آڏو بار بار ڀيڻ جو چھرو پئي آيو ۽ جڏھن ھن کي سموري زندگي مسڪرائيندڙ پيءُ جي اکين جا ڳوڙھا پئي ياد آيا ته ان وقت ھو وڌيڪ جذباتي ٿي پئي ويو. ھن اڪبر کي چيو: “اڪبر ٻيو ڪوئي به چارو ڪونھي سواءِ ان جي ته پاڻ ھٿيار کڻون ۽ وڏيري جي ٻيلي واري بنگلي تي ھـُلان ڪيون پوءِ جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو. مان ھاڻ ئي شھر ٿو وڃان ۽ اتان ڪجھه دوستن سان گڏ ھٿيارن جو بندوبست ڪري پڪي صبح جو ھتي ٿو پھچان. تيستائين تون ھتي ڪجھه ٻين دوستن جو بندوبست ڪر...”
اڪبر اياز کي سمجھائيندي چيو: “اياز مان تنھنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي سمجھان ٿو پر ان سان گڏ مان اھو به سمجھان ٿو ته ان مسئلي جو حل صرف ھٿيار کڻي وڙھڻ ناھي. ڏس تون غلط نه سمجھجانءِ مومل منھنجي مڱ آھي ۽ ھوءَ منھنجي به عزت آھي. تنھنڪري پاڻ کي جيڪو ڪجھه ڪرڻو پوندو اھو سوچي سمجھي ڪرڻو پوندو ڇو ته وڏيرو قمرالدين ايترو ننڍڙو ماڻھو ناھي جيترو جذبات ۾ اچي تون سمجھين ٿو...”
اياز ڪاوڙ ۾ ايندي اڪبر کي چيو: “چڱو ڀلا پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته اھڙي صورتحال ۾ ڇا ڪيون ھٿ ٻڌي ويھي رھون. ھن وقت تائين ھنن رھزنن اديءَ جو ڪھڙو حشر ڪيو ھوندو تو کي ان ڳالھه جو اندازو به آھي...!!!؟؟؟”
اڪبر اکين ۾ ڳوڙھن آيل اياز کي ڀاڪر پائي چيو: “پاڻ وڙھنداسين ۽ اھا ويڙهه الڳ ھوندي. ڏس پاڻ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار آھيون ۽ پاڻ چاھيون ٿا ته ھن گندي سماج ۾ جتي ڪنھن به نياڻيءَ جي عزت آسانيءَ سان ڪنھن وڏيري جي حويليءَ جي زينت بڻجي ويندي آ ۽ انھن زندان نُما حويلين ۾ انھن جون رڙيون ڄڻ ته پاتال ۾ دٻجي وينديون آھن، اھڙي سماج کي پاڻ ڊاھڻ چاھيون ٿا ۽ جيڪڏھن ھيل قسمت اسان کي اھڙي موڙ تي آڻي بيھاريو آھي ۽ اھو واقعو اسان جي ننگ سان ٿيو آھي ته مان سمجھان ٿو ته اھڙي موقعي تي پاڻ کي ھر قدم ان انداز سان کڻڻو پوندو جو ھن بيٺل سماج کي ڪو جھوٻو اچي ۽ سنڌ جي ستل ماڻھن جون اکيون کُلن ۽ انھن کي سبق ملي ته اسانجي ننگن تي اکيون کڻڻ وارن جو حشر ڪيترو نه بڇڙو ٿي سگھي ٿو...”
ھڪ طرف اڪبر ۽ اياز وڏيري کي منھن ڏيڻ لاءِ رٿابندي ڪري رھيا ھئا ته ٻئي طرف وڏيرو قمرالدين ڪنهن بکايل بگهڙ وانگر بيوس مـُومل کي پنھنجي حوس جو نشانو بڻائي رھيو ھو. گهاٽي ٻيلي منجهه وڏيري قمرالدين جي ڪوٽن جيڏي ڪوٺيءَ ۾ مـُومل جون ڪُوڪُون ۽ صدائون گُونجڻ کان اڳ ئي ڄڻ ته پاتال ۾ دٻجي ويون. وڏيرو قمرالدين سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات مـُومل جي وجود کي پٽيندو ۽ رهڙيندو رهيو. ٻئي ڏينهن صُبح جو ڪوٺيءَ مان نڪرندي وڏيري خـَانُوءَ کي شاباس ڏيندي چيو: “اڙي خـَانُو ڪم ته اهڙو ڪيو اٿئي جو دل ٿي چوي ته سون ۾ توري ڇڏيانءِ. وڃ هُوءَ جل پري تنهنجي ئي انتظار ۾ ويٺي آ...”
وڏيرو مـُڇن کي مهٽي شيطاني مـُرڪ مـُرڪندو رهيو. خـَانُو ته انهيءَ وقت جي انتظار ۾ هو ۽ جڏهن ڪمري ۾ پهتو ته مومل ٽڙڻ کان اڳ ئي ڪنهن مـُرجهايل گُلاب وانگر بيهوشيءَ واري حالت ۾ هن آڏو بستر تي پيل هئي. خـَانُو ڪنهن طوفان وانگر مـُومل تي ڪڙڪيو ۽ ان جي اُجڙيل وجود کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي وڌيڪ اجاڙي ويو...
ٻئي ڏينهن سج اڀري کان اڳ صبح سوير اياز ۽ اڪبر پنھنجي سياسي دوستن سان گڏ ايس - پي، انساني حقن جي تنظيمن، صحافين ۽ ميڊيا جي نمائندن سميت وڏيري قمرالدين جي ٻيلي واري بنگلي تي ڇاپو هڻايو. جتي وڏيرو تـَـرَ جي بدنام ۽ روپوش ڌاڙيلن سان گڏ اغوا ۽ اجتماعي ڏاڍائي جي ور چڙهيل مومل سميت هٿيڪو ٿي پيو. اھڙي اوچتي آفت جو تصور ته وڏيري جي ستن پيڙھين کي به نه ھو ۽ جن ڇوڪرن کي وڏيري وات ڳاڙھو پئي سمجھيو تن وڏيري کي اڄ سڄي زماني آڏو بي نقاب ڪري ڇڏيو ھو. وڏيري پوليس جي گاڏيءَ ۾ ويھندي خـَانُوءَ کي منھن ۾ گھروڙي ڀونڊو ڏيندي چيو: “اڙي لک لعنت ٿي خـَانُو ڪرائي ڇڏيئي نه منھنجو به خانو خراب تو پئي چيو ته وات ڳاڙھا ڇورا آھن، ٻـَاٻـُور پوندي ئي اڏائي ڇڏرائيندم. اڙي ھاڻ ته تـَـرَ ۾ ستن پيڙھين جي پوکيل صدين ۾ به سائي نه ٿيندي...”
بعد ۾ وڏيري جي گُماشتن وڏا زور لڳايا ته ڪيئن به ڪري وڏيري کي ان صورتحال مان آجو ڪرائجي. ان لاءِ انھن ماستر دين محمد، سندس پٽ اڪبر ۽ ڄاٽي اياز کي راڄوڻي فيصلي ڪرڻ جي صورت ۾ ڏنڊ ڏوهه ڀري ڏيڻ جي به آڇ ڪئي پر اھي سڀ حيلا بھانا ناڪام رھيا ڇو ته علم جي سگھه ھنن کي ڏاڍ آڏو جھڪڻ ڪڏھن به نه سيکاريو ھو ۽ هو بغير ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي مڙس ٿي پنهنجي ننگ جي حفاظت لاءِ بيٺا رهيا. ڪورٽ ۾ ڪيس ھليو شاهدن ۽ گواهن جي موجودگي ۽ سماج جي کوڙ سارن ذميوار فردن ۽ حڪومتي ڪارندن آڏو ڏوهه سميت گرفتار ٿيل وڏيري قمرالدين کي تعزيراتِ پاڪستان تحت ساٿين سميت عُمر قيد جي سزا ملي...
ان واقعي کانپوءِ سست ئي اڪبر ۽ مـُومل جي شادي دُهلن ۽ شرناين جي گُونج ۾ ٿي. اڪبر ڄاتو ٿي ته انسان جي زندگي ڀـَلُ ڪيترين ئي تلخ حقيقتن سان ڀريل ڇو نه هجي پر سچي محبت انهن تلخ يادن کي زندگيءَ مان ايئن مٽائي ڇڏيندي آهي جيئن صُبح جو سج پنهنجيءَ جوت سان رات جي ٻـُٽَ اونداهيءَ کي. انقلابي سوچن اڪبر کي انسانيت جي عظمتن جا پيچرا ڏيکاريا هئا ۽ هن به مـُومل سان پنهنجي نئين زندگيءَ جي شروعات صُبح جي ٿڌيءَ هير جي جھونڪي وانگر ڪئي جنهن ۾ زندگيءَ جهڙي ڀرپور تازگي سمايل هوندي آهي. ھن مـُومل سان پنھنجي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ وقت کيس اکين ۾ اکيون ملائي چيو: “مـُومل ھڪ ڳالھه ھميشه لاءِ سمجھي ڇڏ، ماضي ۾ جيڪو به توسان ٿيو ان ۾ تنھنجو ڪوئي به قصور نه ھو. تون منھنجي لاءِ اڄ به ائين ئي آھين جيئن ڪالھه بلڪه اڄ مونکي چوڻ ڏي ته تنھنجي مون وٽ حيثيت اڳ کان به وڌيڪ آھي ڇو ته منھنجي محبت جو بنياد ڪنھن جوشيلي يا ڀڙڪيل جذبي تي ناھي بيٺل پر اھو زندگيءَ جي اٽل حقيقتن ۽ رشتن جي سنجيدگيءَ تي بيٺل آھي...”
10مارچ1999