الله اڪبر
پنهل ٿورو ساهه پٽيو ۽ پنهنجي ڀر واري کٽ تي ستل گهرواري حليمان جي سڏڪن کي ٻڌندي ٿڌو شوڪارو ڀري کيس چيائين: “مولوي هدايت الله پئي چيو ته پنهل تون صفا بي اونو ٿي وڃ تو وارو پٽ نه صرف الله جي ڪلام جي پاڪ ڪتاب جو حافظ بڻبو پر ان سان گڏ مٺڙي محمد ﷺجي دين جو وڏو پرچارڪ پڻ بڻبو ۽ جي الله چاهيو ته پوءِ ڪنهن مسجد جو متولي بڻجي نه صرف اڳتي هلي پنهنجي آخرت سنواريندو پر هن دنيا ۾ به وڏي عزت ۽ نالو ۽ ڪمائيندو ۽ هڪ فرض شناس پيءُ جي حيثيت ۾ تون نه صرف جنتي بڻبينءَ پر قيامت تائين الله سائين توکي صدقهء جاريه پڻ عطا ڪندو. تنهنڪري منهنجي ڳالهه سمجهه هرو ڀرو جو اهو ڀنڊڻ ڇڏ پنهنجو اهو فيصلو نه صرف اسان جي اڪبر جا ٻئي جهان ٺاهيندو پر پيءُ ماءُ جي حيثيت ۾ الله سائين به اسان تي هميشه راضي رهندو...” جيئن تيئن ڪري سياري جي رات رڙهندي رهي ۽ ان خاموشيءَ واري ڊگهي رات ۾ هڪ ماءُ جا سڏڪا ٻڌا اڻٻڌا رهجي ويا...
سياري جي صبح واري ڌنڌ تي سج جي هلڪي هلڪي گرم لهر اثرانداز ٿي رهي هئي ۽ ڏينهن چٽو ٿي رهيو هو. حليمان باک ڦٽيءَ ئي چلهه جي دونهي دکائي هئي ۽ بـُسري پچائي ان تي مکڻ ملي پنهنجي وڏي ۽ مربي پٽ اڪبر کي کارائي تيار ڪري صاف سٿرو اڇو جوڙو پهرائي پيءُ جي حوالي ڪيو. حليمان پنهنجي پٽ کي پنهنجي مڙس سان ويندي ڏسي ڪجهه به نه ڳالهائي سگهي ۽ نه ئي پنهنجي لاڏلي پٽ اڪبر کي ڀاڪر پائي دل کولي روئي سگهي. بس هوءَ هڪ بي وس ماءُ وانگر صرف در تي بيهي پاڻ کان پري ٿيندڙ پٽ کي پاڻ کان جدا ٿيندي ڏسندي رهي. پنهل اڄ غربت کان تنگ ٿي پنهنجي پنجن ٻارن مان سڀ کان وڏي پٽ کي پنهنجي ڳوٺ کان ٽيهه ڪلوميٽر پرتي هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو. هن پنهنجي پٽ کي اڳ ئي ذهني طور تيار ڪري ڇڏيو هو ته جڏهن هو مدرسي ۾ پڙهي قرآن جو حافظ بڻجي ويندو ته ان جا کيس اڪبر ۽ سندس خاندان کي ڪيڏا فائدا ٿيندا ۽ سندن تي الله پڻ راضي رهندو. ڳوٺ کان ٻاهر لنڪ روڊ تي هو وقتائتو پڄي ويا ۽ شهر ويندڙ واحد کٽارا بس تي چڙهي شهر جي ان وڏي ۽ شاندار مدرسي ۾ پهتا جتي اڳ ئي سوين طالب ديني تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. پنهل مدرسي جي انتظام سنڀاليندڙ هڪ مولانا صاحب کي مولوي احمد الله سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري. ڪجهه دير کانپوءِ کيس ۽ پٽ کي مولوي احمد الله سان ملايو ويو. مولوي صاحب کين کلي کيڪاريو ۽ مانجهاندي کانپوءِ پنهل کي چيو: “مبارڪ هجن اهڙا والدين جيڪي الله ۽ ان جي مٺڙي محمد ﷺجي دين جي خدمت لاءِ پنهنجي اولاد وقف ڪن ٿا. اڄ کانپوءِ تنهنجي پٽ اڪبر جو رهڻ، کائڻ، پيئڻ، ڪپڙا لٽا ۽ سمورو خرچ اسان جي مدرسي مٿان. تون سال ۾ ٻه ٽي دفعا پنهنجي پٽ سان ملي سگهين ٿو ۽ جي چاهين ته سال ۾ هڪ دفعو ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ پڻ وٺي وڃي سگهينس ٿو...”
ڏينهن، مهينا ۽ سال گذرندا ويا، وقت ڪڏهن هوا جي ٿڌن جهونڪن ته ڪڏهن گرم لـُڪـَن جي احساس جيان ته ڪڏهن وري اذيت ته ڪڏهن مرهم بڻجي گذرندو رهيو. مدرسي جي ماحول ۾ جيڪي ذهن تيار ٿي وڏا ٿيا پئي تن جو مقصدِ حيات ۽ زندگيءَ جو محور ثواب، گناهه، ايمان، ڪفر، جائز، ناجائز، واجب، غير واجب، حلال، حرام، دوزخ ۽ جنت ئي هو، جتي قرآن ۽ حديث جي ذريعي صرف ايترو ئي سمجهايو ۽ سيکاريو پئي ويو ته هيءَ دنيا دوکي ۽ دولاب کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. جيڪڏهن محمد ﷺ جي دين کي بچائڻو آهي ۽ الله کي راضي ڪري پنهنجي آخرت سنوارڻي آهي ۽ اسلامي نظام قائم ڪرڻو آهي ته پوءِ جهاد ئي ان جو واحد ۽ آخري حل آهي. مدرسي اندر زندگيءَ جو طريقو انتهائي سخت هو. علي الصبح جو اوجاڳو ۽ پوءِ نماز سان گڏ وردن ۽ وظيفن جو دور. طالبن جو سڄو ڏينهن انهيءَ ذهني ڪيفيت ۾ گذرندو هو ته هو دنيا جا سڀ کان وڌيڪ خوشنصيب انسان آهن ڇو ته الله ۽ ان جو رسول محمد ﷺ انهن مٿان خاص مهربان آهي. هو سموري دنيا کان لاتعلق هئا ڇو ته کين هر دم اهو سمجهايو ويندو هو ته هن عارضي دنيا ۾ هر ان انسان کان پاسو ڪجي جيڪو نماز، قرآن ۽ سيرتِ محمدي ﷺ کان پري آهي، ڇو ته جيڪو انهن مان ناهي تن سان هنن جو ڪو به تعلق ناهي...
اڪبر مدرسي اندر پنهنجن استادن طرفان خدا جي صرف انهيءَ تصور کي قبول ڪري ويٺو هو جنهن ۾ خدا صرف انهن جو ئي هو جيڪي سندن سوچ، خيال ۽ فرقي سان وابسطه هئا ۽ جيڪي سندن سوچ، خيال ۽ فرقي جا مخالف هئا اهي سندن خدا ۽ محمد ﷺ جا مخالف ۽ دشمن هئا ۽ انهن سان جنگ ڪرڻ سندن لاءِ جهادِ ڪبيرا هو. خبر ئي نه پئي ته وقت ڪيڏي تيزي سان گذرندو ويو ۽ ستن سالن جو اهو معصوم اڪبر پنهنجي گهرڀاتين، ڀائرن، ڀينرن، پيءُ ۽ محبتي ماءُ کان پري ڏهن سالن بعد منهن ۾ ڀرجي ويو، هو قد بت ۾ ته وڏو ٿي ويو هو پر دماغي طور بلڪل به نابالغ هو. سندس مڇن جي ساول چڙهندڙ جوانيءَ جي چغلي هڻي رهي هئي. هو ماءُ جي ممتا ۽ گهر جي سڪ ڀري ماحول کان پري رهيو هو، جنهن ٻالڪپڻ ۾ هن کي مستيون ڪرڻيون هيون، پيءُ جي ڪلهي تي چڙهي مزا وٺڻا هئا ۽ ماءُ سان انگل ڪرڻا هئا انهيءَ ٻالڪپڻ ۾ هن چهبڪن جون مارون کاڌيون، استادن جون ٿڦڙون کاڌيون، انهن جا دڙڪا، داٻا ۽ ڇڙٻون سٺيون. هو سخت جان بڻجي چڪو هو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي معصوميت به وڃائي چڪو هو ۽ هن جي ڪٺور پڻي مان ائين پئي لڳو ڄڻ هن جي اندر جو ٻار به مري ويو هجي...
جمعي جو ڏينهن هو حليمان الله آڏو سجدي ڪرڻ کانپوءِ سلام ورايو ۽ ڌڻي آڏو هٿ کڻي اکين مان زارو قطار وهندڙ لڙڪن سان گڏ ٻاڏائڻ لڳي: “اي منهنجا مولا منهنجي ٻچڙي اڪبر جي پارت ٿي. ماءُ ۽ پيءُ هوندي به جهڙوڪر يتيمن وانگر پليو آهي. اسان ته ان کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي ته جيئن حافظ قرآن ٿئي ۽ تنهنجي ۽ مٺڙي رسول ڪريمﷺ جي ثناء ڪري پنهنجو مذهبي فرض ادا ڪري.اي منهنجا مٺڙا مولا سائين منهنجي ٻچڙي جي پارت ٿي، اسان غريبن جو توکانسواءِ ٻيو ڪوئي به والي وارث ناهي...”
فيبروري جي هلڪي ٿڌ واري جمعي جي انهيءَ ڏينهن ۽ لڳ ڀڳ انهيءَ وقت اڇي جوڙي ۾ سترهن سالن جي نوجوان شهر جي وچ بازار ۾ موجود مسجد ۾ جمعي نماز پڙهندڙ ماڻهن وچ ۾ وڏي آواز سان هڪ نعرو لڳايو: “الله اڪبر...”
ان کانپوءِ ايڏو زوردار ڌماڪو ٿيو جو هر طرف تباهي ڦهلجي وئي. ماڻهن جي جسمن جا ٽڪڙا، سڙيل گوشت جي بدبوءِ ۽ هرطرف رت جو منظر، هڪ قيامت هئي جيڪا برپا ٿي ۽ حليمان سميت الائي ڪيترين مائرن کان انهن جا ٻچا وڇڙي ويا...!!!
08 ڊسمبر 2015
بدين