مورڙو
اکين تي چشمو، گول منھن، نقش ڪنھن من مُھڻي شاعره جي تصور جھڙا حسين، جسم ۾ پورو پـُنو، منھن تي اھڙي سنجيدگي جو ڀائنبو ھو ته ڄڻ ھزار سالن جي پيڙائن جي گھاڻي مان نپوڙجي نڪتو ھجي. ھڪ دفعي ڪاريڊور مان گذرندي سلام ڪيو مانس مسڪرائيندي جواب ڏنائين ۽ وڌي اچي پاڻ مليو ۽ ھٿ ملائيندي چيائين: “محمد ملوڪ...”
مان به کيس مسڪرائيندي صرف ايترو جواب ڏيندي چيومانس: “ملهار...”
ان ننڍڙي سلام دعا کانپوءِ ھن سان کوڙ ساريون ملاقاتون ٿيون. اڪثر سندس ڪمري جي بند دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪندو ھُيم ته اندران آواز ايندو ھو: “ڪير...؟؟؟”
مان وراڻيندو ھيم: “ملهار...”
ھو دروازو کولي اندر ويھاريندو ھو. مان ھن سان ھر دفعي معذرت ڪندو ھُيم ڇو ته منھنجي ڪچھريءَ جي ڪري ھن جي پڙھا ئيءَ ۾ رُخنو پوندو ھو. ڪمري ۾ نگاهه ڦيرائيندو ھيم ته ڪتاب، ڪپڙا، ھنڌ ۽ عام استعمال جون سموريون شيون انتھائي نفاست ۽ سليقي سان پنھجين پنھجين جڳھن تي پيون ھونديون ھيون. ائين پيو ڀائنبو ھو ڄڻ سندس ادب ڪنديون ھجن. ملوُڪ واقعي به ملوڪ ھو، ڳالھين، طبعيتن ۽ مزاجن ۾ ائين ڄڻ ڪو لوڪ ڪھاڻين جو شھزادو ھجي. ھونءَ ته ھزارخوبين تي ھَسوَار ھو پر سندس ھڪ خوبيءَ منھنجي لاءِ وڌيڪ مانائتو بڻائي ڇڏيو ھُيُس سا ھُئي سندس مطالعي جي عادت. ھونءَ ته رياضيءَ جو استاد ھو ۽ رياضي جي ڊپارٽمينٽ جي پھرين سال جو شاگرد ھو پر ان سان گڏ ادب، فلسفي، تاريخ، مذھب، شاعري ۽ ٻين کوڙ سارن موضوعن تي ڪتابن جا ڍير پيا ھوندا ھُيس جن جو ڏينھن رات مشاھدو ڪندو ھو. شاعريءَ جو ته شاهه ھو، شاعري ڪندو نه ھو پر سوين شعر ياد ھُيس، جڏھن ڀٽائيءَ جي شاعري معنيٰ، مفھوم ۽ تمثيلن سان سمجھائيندو ھو ته جسم منجھان سيسراٽيون نڪري وينديون ھيون. ھن ٻڌايو ھو ته ھن جو پيءُ انگريزي اسڪول جو استاد ھجڻ سان گڏوگڏ فارسي ۽ انگريزي جي علمن جو وڏو ڄاڻو ھو ۽ ھن کي پڙھڻ جي عادت به سندس گھر جي ماحول مان پئي ھئي. ھن ٻڌايو: “کڻي ڇا به ٿي پئي، گھر ۾ ڪيڏيون به تڪليفون ڇو نه هجن پر بابا پنھنجي پگھار جي ھڪ حصي مان ڪتاب ضرور وٺندو آ...”
ھڪ ڏينھن گرم چانھن جون چُسڪيون وٺندي پڇيو ھُيائين: “ڌوٻي جي ڀرسان وارڊن واري ڪمري ۾ ڪير رھندا آھن...!!!؟؟؟”
چيو مانس: “ڪامريڊ...”
منھنجي جواب تي طنزيه انداز ۾ مُرڪيو ھو ۽ چيائين: “پليز ملهار ڪامريڊ هڪ مقدس لفظ آ ۽ ان جو پنهنجو تقدس آ، تون ان لفظ کي انهن ڇڙواڳ ماڻهن سان جوڙي ان جي بيحرمتي ته نه ڪر...”
ان ڏينهن ھن مونکي ڪامريڊ لفظ جي اھميت کان واقف ڪرايو ھو ۽ دنيا جي عظيم ڪامريڊن جا داستان ٻڌايا ھُئا. ان ڏينھن ھن ڪافي دير روس، چين، ويٽنام، اتر ڪوريا، ڪيوبا ۽ ٽين دنيا جي ڪامريڊن جاانسان دوست ڪارناما ٻڌايا ھئا ۽ پوءِ ھن دنيا جي ڪامريڊ شاگردن جي انقلاب ۽ دنيا جي اُٿل پُٿل ۾ ادا ڪيل ڪردارن کي ڪنھن کليل ڪتاب وانگر منھنجي آڏو رکيو ھو. اھو پھريون دفعو ھو جو مونکي ان ڳالھه جو احساس ٿيو ھو ته ڪيئن دنيا جي شاگردن پنھنجي علمي ۽ عقلي طاقت ذريعي پنھنجي قومن جي بدترين حالتن کي تبديل ڪرڻ ۾ اھم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ھو ۽ ڪامريڊ لفظ پنھنجي اصل ھئيت ۾ ڪيڏو نه وسيع ۽ شاندار معنيٰ جو مالڪ ھو. اسان ته سنڌيونيورسٽيءَ ۾ گڏھه جي سُڪل کل وانگر سيٽيل ڪلف ٿيل ڪاٽن ۾ ڄنگھون ۽ ٻانھون ٽيڙي ھلندڙن، منھن تي ھميشه توائي ۽ مڇن کي مروڙا ڏيندڙن کي ئي ڪامريڊ سمجھيو ھو...
ھڪڙي ڏينھن سج لھي چڪو ھو ۽ ڊسمبر جي ٿڌ مونکي ڪجهه گھڻو ئي سوڙھو ڪيو ھو سوچيم ته ملوُڪ وٽ وڃجي ۽ ان جي جاندار ڪچھريءَ سان گڏ چانھن جي گرم گرم چُسڪين جو مزووٺجي. جينز جي پينٽ جي پٺئين کيسن ۾ ھٿ وجھي پنھنجي ڪمري مان نڪتم ۽ تڪڙو تڪڙو ملوُڪ وٽ پڳم سندس ھٿ ۾ ھندستان جي مشھور ليکڪا ارُون دتي راءِ جو ڪتاب “دي گاڊ آف سمال ٿنگز” ھو. مونکي ڪمري ۾ ويھاريندي پڇيائين: “چانهه ته ضرورھلندي...؟؟؟”
مان صرف ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پوءِ ھن جھٽ ۾ ھيٽر تي چانهه ٺاھي ورتي. ڳالھين جو سلسلو شروع ٿيو ۽ مان ھميشه وانگر ننھن کان چوٽيءَ تائين ڪـَنُ بڻجي ھن کي وڏي غور سان ٻڌندو رھُيس. ھن پنھنجي اکين تي عينڪ چاڙھي ۽ چيائين: “ملهار سنڌين کي مورڙو ٿيڻو پوندو ۽ سنڌ کي چَٽُ ڪري ويل انھن واڳن جا پيٽ چيري صدين جي ڏاڍ جا حساب ڪتاب چُڪتو ڪرڻا پوندا...!!!”
ھو جھٽ گھڙيءَ خاموش ٿي ويو ۽ مان حيرانيءَ مان کيس ڏسڻ لڳم ته اڄ ملوُڪ مورڙي ٿيڻ جون ڳالھيون پيو ڪري خير ته آھي...!!! ان کان اڳ جو مان ڪجهه ڪڇان ملوُڪ پنھنجي ساڳئي تن ۽ من کي ڇھندڙ انداز سان آڪاش جو ھڪ شعر ٻڌايو:
پڇيو حيران ٿي مـُون ھاريءَ کان،ڪنھن ته آرڻ ھي اُجاڙ يا ھن؟
چيائين ڏوهه ناھي بگھڙن جو،پنھنجي گھر جا ڪـُتا ڀاڙيا ھن.
اڄ ھن جي ڳالھائڻ ۾ ھڪ عجب رنگ ھو. مان خاموش رھيُس ھن وري ڳالھه جي ٽٽل ڌاڳي کي جوڙيندي چيو:
“ملهار خبر اٿئي اٺ ڏهه ڄڻا اڌ ڪلاڪ اڳ مون وٽ آيا، اھي ئي جيڪي وارڊن جي ڪمري ۾ ڀنگ گھوٽيندا آھن ۽ ڏينھن رات چرس ۽ شراب پيئندا آھن ۽ پنھنجو پاڻ کي سنڌ جا سورما سڏائيندا آھن...”
ھو وري ڪجهه دير لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ ڳالھائڻ لڳو: “اھا ئي ساڳئي ڪِرِتَ مونکي چيائون 20 تاريخ اسان جا ليڊر ٿا اچن، انھن جي اعزاز ۾ وڏو فنڪشن ڪرڻو آھي ھر ڪمري تي 500 روپيه فنڊ رکيو آ تون به ڏي. خبر اٿئي اھو ٽيون چڪر ھو جو ھو آيا ھئا ۽ داداگيري ڪري اڳ به ٻه دفعا پئسا وٺي ويا ھئا. پراڄ مان کين کُتو جواب ڏيندي چيو مانِ ته اوھان شاگرد سياست جي نالي ۾ جيڪو ڪجھه ڪيو پيا اھو صحيح ناھي...”
ھن ڪنڌ ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ ڳنڀير ٿي ويو. مونکي ھن جي ڳلن تي ھلڪي ڳاڙھاڻ نظر آئي مان سمجھي ويم ته ھنن ملوُڪ سان بدتميزي ڪئي آ. ھن جي آواز سرد رات جي سانت کي ٻيھر ٽوڙيو: “بس منھنجي سمجھائڻ تي مونکي گلي کان جھلي ٿَڦوُن ھيائون ۽ ڌمڪائيندي چيائون ته اسان توکي سيکارينداسين ته شاگرد سياست ڪيئن ڪبي آ...”
ھڪ اَڻَ لَـکَي ڀَـوَ جي لهر بجليءَ جي ڪرنٽ وانگر منھنجي ذھن مان وراڪو ڏيئي ويئي ۽ نه چاھيندي به چئي ڏنو مانس: “يار ملوُڪ مان توکي اھو نه چوندم ته تو صحيح ڪيو يا غلط پر ھو ڏاڍا ڏنگا ماڻھو آھن خواھه مخواهه ڪو نقصان نه ڏيئي وجھن...”
ھو موٽ ۾ صرف مرڪيو ۽ خاموش ٿي ويو، ڄڻ چئي رھيو ھجي: “مسٽر ملهار اسان مان ھر سنڌيءَ کي مورڙو ٿيڻو پوندو...!!!”
ٻئي ڏينھن ڪلاسز اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ مان حيدرآباد ڪنھن ڪم سانگي نڪري ويس ۽ ٻنپھرن کانپوءِ جڏھن ھاسٽل تي پـُـڳـُس ته مـُـکُ دروازو ٽپڻ کانپوءِ وڏي حال جي بلڪل وچ وٽان ھاسٽل جو سـُئيپر سڙيل سامان جي ڍير جي رک صاف ڪري رھيو ھو، مان ان ڳالھه کي ايتري اھميت نه ڏني ۽ پنھنجي ڪمري ڏانھن وڌڻ لڳس. حسبِ معمول ڌوٻي جي ڀرسان وارڊن واري ڪمري مان چرس جي ڌپ اچي رھي ھئي ۽ ڪامريڊن پر ملُوڪ چواڻي موالين ۽ داداگيرن جو وڏو ٽولو وڏاوڏا ٽھڪ ڏيئي رھيو ھو. ڀرسان گذرندي منھنجي نظر الطاف تي پئي جيڪو انھن موالين ۽ دھشتگرد نام نھاد ڪامريڊي لڏي جو يونيورسٽيءَ ۾ چڱو مڙس ھو ۽ انتھائي ڪرڀ واري انداز ۾ ان جي واتون نڪتل جملو اڄ به منھنجي ذھن جو طو اف ڪندو رھي ٿو: “سيکاري ڇڏيوسيس ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست ڪيئن ڪبي آ...!!!”
منھنجي ڇھين حِـسَ هوشيار ٿي وئي ۽ ذھن ۾ خوف جي گھنٽي وڄڻ لڳي تڪڙو تڪڙو پنھنجي ڪمري ڏانھن وڌيس ۽ جيئن ئي ملوڪ جي ڪمري وٽ پڳم ته پيرن ۾ ڄڻ سنگھر پئجي ويا ۽ ائين ڀانيم ڄڻ جسم ساهه کان آجو ٿي ويو ھجي. معمول جي ابتڙ ھن جي ڪمري جو دروازو کليل ھو. مڻين وزني پيرن سان وکون وڌائي سندس ڪمري جي چائنٺ ٽپيم، ملوُڪ ته نظر نه آيو پر سندس ڪمري جي حالت اھڙي بگڙيل ھئي جو لڳي رھيو ھو ڄڻ ان ٻارنھن باءِ ٻارنھن جي ڪمري ۾ ڪا جنگ لڳي ھجي ۽ جيڪو ڪمرو ملوُڪ جي سامانن سان سينگاريل ھوندو ھو ان ۾ ٻه کٽون، ٽيبل ۽ ڪرسي ڀڳيون پيون ھيون ۽ ڪجهه جڳھن تي رت جا نشان به ھئا. مان پٽ تان ملوُڪ جي ڀڳل عينڪ کنئي ۽ واپس پنھنجي ڪمري ڏانھن تڪڙو تڪڙو وڌيس، جتي منھنجو روم ميٽ ابوبڪر کٽ تي ليٽيو پيو ھو. ان جو مونکي ڏٺو ته ھڪدم اٿي ويھي رھيو ۽ چيائين: “اچ يار ڪٿي آھين...!!! خبر اٿئي تو واري يار ملوُڪ جو ڪامريڊن ڪھڙو حشر ڪيو آ...!!!؟؟؟”
منھنجي منھن تي پريشاني اڳ ئي چغلي ھنيون پئي ۽ مان به ھڙتڪڙ ۾ جواب ڏنو مانس: “نه يار مونکي ڪا خبرناھي پر لڳي ٿو ته ڪا وڏي گڙٻڙ ٿي آھي...!!!”
ابوبڪر وراڻيو: “ھا يار اڄ تو وارو يارُ ملوُڪ به ھنن جي جاگير ۾ ڪنڌ کڻي جيئڻ جي ڏوهه ۾ انتھائي ذليل طريقي سان تڙي پار ڪيو ويو ۽ هاڻ وري يونيورسٽي جو منهن ڪري اهو ممڪن ناهي...!!!”
مان چيو مانس: “يار ڳجھارتون ڇڏ سنئين سڌي ڳالھه ٻڌاءِ ته آخر ٿيو ڇا آهي...!!!؟؟؟”
ھن منھنجي پريشانيءَ کي پروڙي ھڪدم وراڻيو: “يار ڪالهه اسلم کي ڀتي جا پنج سئو روپيه نه ڏ نائين بس پوءِ الطاف جي اڳواڻيءَ ۾ ويھارو کن ڪامريڊن جو ٽولو آيو ۽ کيس ڏاڍي مار ڏنائونس. ھن جا ته ڪپڙا به ليڙون ليڙون ٿي ويا ھئا ۽ پوءِ ھن جا ڪپڙا، ڪتاب، ھنڌ ۽ ٻيو سمورو سامان ھڪ چادر ۾ ويڙھي ٻاھرين ٽي وي لائونج واري حال اڳيان تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏيائون...!!!”
ڳالهه ختم ڪندي ئي ابوبڪر ندامت جو ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ پوءِ ھن چپن کي ڀڪوڙي ڪنڌ ھيٺ جھڪائي ڇڏيو. منھنجي جسم مان ته ساھه ئي ڇڏائجي ويو ھو، ساڻو ٿي کٽ تي پئجي رھيس ۽ ٽُٽَل دل سان ابوبڪر کان پڇيم: “۽ ملُوڪ اھو ڪٿي آھي...!!!؟؟؟”
انتھائي ڏُک واري انداز ۾ چيائين: “خبر ناھي پر جنھن وقت الطاف وارن سندس سامان کي ساڙيو پئي ته ٺيڪ ان وقت کيس وارن کان گِھِلي چماٽون ھڻندا ھاسٽل جي در کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيائونس ۽ ڌمڪيون ڏنائونس ته جي ٻيھر ھتي نظر آئين ته پو ءِ گوليون ھڻي گھر ڏي لاش روانو ڪنداسونءِ...”
ابوبڪر جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي مان خاموش ٿي ويم، ملوڪ کي ڪٿان ڳولهيان ان وٽ ته موبائيل به نه هو. هو ڪيڏانهن ويو هوندو ۽ هن حالت ۾ کيس ڪنهن پاڻ وٽ پناهه ڏني هوندي. الائي ڪيترو زخمي ٿيو هوندو، پٽي به ڪرائي هوندائين الائي نه...!!!؟؟؟ سوين سوال منهنجي ذهن جي خلائن ۾ اٿندا رهيا. جيئن تيئن ڪري رات گذري ٻئي ڏينهن تي صبح جو ٽٽل دل سان تيار ٿي ڪلاس اٽين وڃڻ لاءِ ڪئمپس وڃي رهيو هيم ته حسبِ عادت ملوڪ جي ڪمري وٽان گذر ٿيو. مان جيئن ئي سندس ڪمري وٽ پهتم ته منهنجون اکيون حيرانگيءَ ۾ پٽجي ويون. ملوڪ پنهنجي ڪمري جي صفائي ڪري رهيو هو. مان ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتومانس. هميشه وانگر مسڪرائيندي چيائين: “يار معاف ڪجانءِ ڪالهه توسان ڪچهري نه ٿي سگهي بس ڪجهه ڀاڙين جي وَر چڙهي ويو هيم. خير شام ڪچهري ڪنداسين ۽ گڏجي چانهه پيئنداسين. مان به ڪجهه دير ۾ تيار ٿي ڪلاس وٺڻ لاءِ ڪئمپس اچان ٿو...”
مان هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چيومانس: “پر يار.....”
هن جي منهن ۽ اکين تي ڌڪن جا نشان صاف ظاهر هئا ۽ هڪ هٿ ۾ پٽي ٻڌل هيس، اهڙي حالت ۾ به هن مونکي مسڪرائيندي جواب ڏنو: “خير آ اهڙين اُرهه زوراين ۽ گدڙ ڀڀڪين کان ڊڄڻ وارو مان ناهيان...”
پوءِ هن ان ڏينهن واري اخبار کڻي مونکي ڏيکاري. منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. ڪالهه واري واقعي کانپوءِ ملوڪ سڌو حيدرآباد پريس ڪلب پهتو ۽ اتي پريس ڪانفرنس ڪيائين جيڪا ان جي فوٽو سميت اخبارن ۾ ڇپي هئي ۽ ان فوٽو ۾ ملوڪ جا ڪپڙا ڦاٽل هئا ۽ سندس منهن تي زخمن جا نشان صاف ۽ چٽا ظاهر هئا ۽ ان پريس ڪانفرنس جو متن ڪجهه هيئن هو: “مان ملوڪ سنڌ يونيورسٽي جي ميٿميٽڪس ڊپارٽمينٽ جو شاگرد هتي هن زخمي حالت ۾ اوهان آڏو دانهن کڻي آيو آهيان ته مونکي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي ڏوهه ۾ ايل هاسٽل مان تڙي پار ڪيو ويو آهي. منهنجي هاسٽل جي ڪمري ۾ موجود منهنجي استعمال جي هر سامان ۽ منهنجن ڪتابن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي. مونکي سموري هاسٽل جي شاگردن آڏو مار ڏئي منهنجي بي عزتي ڪئي وئي آهي ۽ مونکي ڌمڪي ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن مان آئنده يونيورسٽي اچڻ جي جرئت ڪئي ته پوءِ مونکي گوليون هڻي ماريو ويندو. مون کي ان ڳالهه جو ڏک نه آهي ته مون سان ائين ڇو ٿيو آهي پر مون کي ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اهو سڀ ڪجهه تمام گهڻي عرصي کان روز ڪنهن نه ڪنهن شاگرد سان ٿيندو پيو اچي. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته انهن بظاهر عام معاملن تي نه ته ميڊيا جي اک ٿي کُلي، نه يونيورسٽي انتظاميه ٿي تحرڪ ۾ اچي ۽ نه ئي وري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪنن تي ڪا جونءَ ٿي چري...!!! اڄ مان اوهان جي آڏو دانهن کڻي آيو آهيان نه صرف پاڻ سان ٿيل زيادتي جي پر مون کان اڳ انهن سمورن شاگردن سان ٿيل جٺين جي جن تي ٿيل تشدد جون دانهون ۽ چيخون سنڌ يونيورسٽي سميت سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي ڪئمپسز، هاسٽلز ۽ ڪلاسن ۾ دٻجي ويون. مان اڄ هتي ڦاٽل ڪپڙن، زخمي وجود ۽ رت هاڻي چهري سان توهان صحافين جي مدد ذريعي سموري سنڌ جي گهڻ گهرن، استادن، شاعرن، اديبن، وڪيلن، سنڌ جي هر هڪ هاري، ناري، مزدور، ڀيڻ، ڀاءُ، ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ هن ڌرتيءَ جي هر هڪ ذميوار فرد کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته علم جي آبياري ڪري سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ وارن ادارن جي مالڪي استادن ۽ تعليم سان سچائي ڪندڙ فردن بجاءِ ڪرپٽ انتظاميه جي حوالي ڪئي وئي آهي. جيڪا انتظاميه شاگرد سياست جي نالي ۾ چند غنڊن کي يونيورسٽيءَ جي مالڪي ڏئي ويٺي آهي. منهنجو سمورو سامان ساڙيو ويو آهي، ڪتاب ساڙي رک ڪيا ويا آهن ۽ يونيورسٽي مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. ان ڳالهه جو ڏک منهنجي بابا، امان ڀينرن ۽ ڀائرن سميت دوستن ۽ عزيزن کي تمام گهڻو ٿيندو، پر مان سمجهان ٿو جي مان هن حالت ۾ ڊڄي ڪري واپس گهر ويم ته پوءِ مان زندگي ڀر ڪنهن سان به اکيون ملائي نه سگهندم ۽ منهنجي گهر وارا مون کي پنهنجو گهر ڀاتي چوندي لڄي ٿيندا...!!! تنهنڪري هڪ مستقل سازش تحت هٿ سان تباهه ڪيل سنڌ جي تعليمي ادارن جي مالڪي سموري سنڌ ڪري يا نه ڪري پر هڪ شاگرد جي روپ ۾ مان پنهنجي امڙ جهڙي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مالڪي ضرور ڪندم ۽ مان انتظاميه ۽ انهن جي ڇاڙتن کي هن پريس ڪانفرنس ذريعي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته مان سڀاڻ يونيورسٽي ويندم ۽ جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو ته پوءِ منهنجي قتل جي ايف آءِ آر يونيورسٽي جي وائس چانسلر سميت، رجسٽرار، هاسٽل پرووسٽ ۽ هن لسٽ ۾ ڄاڻايل شاگردن جي روپ ۾ موجود غنڊن جي نالي تي ڪٽي وڃي...!!!”
مان جيئن ئي اخبار ۾ ڇپيل بيان پڙهيم ته منهنجي چپن تي مرڪ اچي وئي ۽ ائين ڀانيم ته واقعي جيستائين سموري سنڌ اسانجن تعليمي ادارن جي مالڪي ڪري تيستائين اسان شاگردن کي ته اک پٽڻ گهرجي. ان کان اڳ جو مان اڃان ڪجهه چوان ملوڪ چيو: “ملهار پڪ سان ٿو چوانءِ ته اهي جيڪي ٽولا ٺاهي مڙس ماڻهو ٿي گهمندا ٿا وتن تن جي هوا انهن جي مالڪي ڪندڙن ڪالهه هن پريس ڪانفرنس کانپوءِ ڪڍي ڇڏي هوندي. ڇو ته اهي تيستائين مڙس ماڻهو آهن جيستائين توهان ۽ اسان خاموش آهيون...”
ان ڏينهن مان جڏهن ملوڪ سان ڪئمپس گڏجي ويم ته الطاف ۽ سندس ڇاڙتا ملوڪ کي ڏسي پري کان ئي هليا ويا ۽ ڪجهه نه ڪڇيا. اهي ماڻهو جيڪي واقعي به ڪنهن کي گولين هڻڻ ۾ به دير نه ڪندا هئا اڄ ملوڪ تي نظر پوڻ کانپوءِ انهن جي منهن جا پنا ئي لهي ويا...!!! ائين پئي ڀانيم ڄڻ شينهن بڻجي گجگوڙ ڪري دهشت ڦهلائڻ وارا اڄ گدڙن وانگر لڪڻ لاءِ ٻــِـرَ پيا ڳولهن. مان من ئي من ۾ مسڪرائيندي ملوڪ ڏي رشڪ واري نظر سان ڏسندي سندس ئي چيل لفظ چپن تي دهرايا: “ها ملوڪ يار چئين سچ ٿو سنڌ ھر طرف کان واڳن جي وات ۾ آ ۽ اسان مان ھر هڪ سنڌيءَ کي مورڙو ٿيڻو پوندو...”
21 سيپٽمبر 1999
سنڌ يو نيورسٽيڄا مشورو