هــَل مـِـن نـَاصِــُر يَنـصـُرنـَا
مريم جيڪا رِڪشه جي پٺين سيٽ تي پنھنجي ڏھن سالن جي ننڍي ڀاءُ لطيف ۽ ماءُ کي خوف وچان ڀاڪر پائي ويٺي ھئي تنھن رِڪشه واري کي منٿون ڪندي چيو: “ادا توھان جي مھرباني ٿيندي بس ڪيئن به ڪري اسان کي اسپتال پھچايو نه ته منھنجي ماءُ مري ويندي...!!!“
ھن جي ڏڪندڙ آواز ۽ پريشان لھجي مان ڄڻ ته خوف ليئا پائي رھيو ھو، نه ڄاڻ ڪھڙي پل ڪٿون به ڪا آفت ملڪ الموت بڻجي سندن سامھون اچي بيهي، اھو خوف نه صرف مريم ۽ ان جي ننڍي ڀاءُ کي پر رِڪشه واري پٺاڻ کي ته تھائين وڌيڪ ھو. رِڪشه وارو ھيو به ڦڙتيلو ۽ شاھراهِ فيصل تان گھڻيون ئي رڪاوٽون پار ڪندو جڏھن بلوچ پل وٽ پھتو ته رِڪشه کي بريڪ لڳائڻ سان ئي ھن جي ته ڄڻ بت مان ئي ساهه ڇڏائجي ويو. خوف وچان ھن جو ڳلو خشڪ ٿي ويو ۽ ھو پنھنجي منھن چپن ۾ آھستي ڀڻڪيو: “اڄ نه بچيس...!!!”
سامھون روڊ تي ھڪ ڪار جي ڀرسان چئن مڙسن جا لاش پيل ھئا. ھڪڙي جي بت ۾ اڃا ڪجهه ساه ھو، ڇو ته سندس ڄنگھون ڇڙيون ھڻي رھيون ھيون. ٿورو پرڀرو ايڌيءَ جي ايمبولنس ۾ ڊرائيور جو لاش لوندڙيءَ ۾ گولي لڳڻ ڪري رَتو رَت ٿيو ڊرائيونگ سيٽ تي ٽيڪ واري حالت ۾ پيل ھو. مريم جنھن جي ماءُ کي دل جو دورو پيو ھو تنھن شھر جي اھڙين حالتن ۾ ڪيئن به ڪري اسپتال پھچڻ لاءِ وڏيءَ جاکوڙ کانپوءِ رِڪشه واري کي ٻه سئو اضافي ڏيئي راضي ڪيو ھو. ھن جڏھن ھر طرف ٽڙيل پکڙيل لاش ڏٺا ته خوف وچان پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي کڻي ڀاڪر پاتائين ۽ ان جي اکين تي ھٿ رکي ڇڏيائين. اھڙي موت واري سانت ۾ صرف گاڏين کي لڳل باھين جي ڀڀڙن جا آواز پئي آيا. جيستائين رِڪشه وارو ھوش ۾ اچي ان جي کاٻي پاسي کان فوٽ پاٿ تي گولين سان زخمي ٿيل ھڪ ڳڀرو نوجوان انتھائي جھيڻي ۽ ڪمزور آواز ۾ رِڪشه واري کي سـَـڏُ ڪندي چيو: “ادا الله جي واسطي مونکي بچايو مان مري ويندم...!!!”
ھن جي آواز مان موت جو خوف جھلڪي رھيو ھو. مريم جيئن ئي ان ڏانھن ڏٺو ته ان جي زري گھٽ رڙ نڪري وئي...!!! ان نوجوان جو سمورو سينو رت سان ڀريل ھو ۽ ان جي ڪنڌ ۾ گولي لڳل ھئي جنھن جو سوراخ چِٽِيءَ طرح ظاھر پئي ٿيو ۽ ان جي وڏن وڏن ساھن کڻڻ سان انھيءَ سوراخ مان رت ڦوھاري جي صورت ۾ ٻاھر پئي نڪتو. رِڪشه واري خوف وچان ڏڪندڙ حالت ۾ رِڪشه اسٽارٽ ڪيو ئي مس ته ان نوجوان جي بت فٽ پاٿ تي ڦھڪو کاڌو. انھيءَ ويل مٿان بلوچ پل وٽان ڇتي فائرنگ ٿي، پٺاڻ جان بچائڻ لاءِ نرسريءَ ڏانھن رِڪشه کي تيز رفتاريءَ سان ڊوڙايو. ائين پئي لڳو ڄڻ گوليون ھاڻ انھن جي ئي تعاقب ۾ ھيون. ان وقت مريم کان به ڄڻ ته پنھنجي امڙ وسري وئي. موت جو احساس ڪيڏو نه خوفناڪ ٿيندو آھي انھيءَ جو اندازو ان وقت ان رِڪشه ۾ ويٺل ماڻھن جي جسماني ۽ ذھني ڪيفيت مان لڳائي سگھيو پئي. انھيءَ ويرم رِڪشه واري کي به اھو احساس نه رھيو ته ھو ڪيڏانھن پيو وڃي. ھو رِڪشه کي ويران ۽ سنسان گھٽين مان ڊوڙائيندو رھيو. 12 مئي جي ان ڏينھن تي ڪراچيءَ ۾ خوف جي اهڙي ته راند کيڏي وئي هئي جو شھر جي ھر گھڻ ماڙ عمارت اھڙو ڏيک پئي ڏنو ڄڻ ته انھن اوچين عمارتن ۾ ڪنھن انسان ذات جو نانءُ نشان ئي نه ھجي. جڏھن پٺاڻ رِڪشه کي بنا بريڪ ڊوڙائيندو بلوچ پل کان ڪجهه پرڀرو شاهراهِ فيصل جي کاٻي پاسي ڏانهن ويندڙ ڪن اڻڄاڻ گھٽين ۾ وڃي پھتو ته اتي ماحول سانت ۾ ڏسي ھن ھڪدم رِڪشه بيھاريو ۽ رِڪشه تان ھيٺ لھي مريم کي التجه واري انداز ۾ چيائين: “باجي مان افغانستان مان جنگي حالتن منجھان جان ڇڏائي ھت سنڌ ۾ ڏوڪڙ ڪمائڻ آيو آھيان نه ڪي گوليون کائڻ. مان توهان جي مجبوري سمجهان ٿو پر مونکي به پنهنجي جان پياري آ، توهان مهرباني ڪري منهنجي رِڪشه مان لهو...”
مريم جي حواسن تي وچ روڊ تي پيل لاشن ۽ موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ڳڀروئن جا دُرڙِيون ھڻندڙ وجود حاوي ھئا ۽ ھوءَ سڪتي واري حالت ۾ انتھائي مضبوطيءَ سان پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي ڀاڪر ۾ جھلي ويٺي ھئي. ھن کان ته پنھنجي ماءُ به وسري وئي ھئي جيڪا ھن جي ڪنڌ تي نيم بيھوشيءَ واري حالت ۾ ڪِنجِھي رھي ھئي. ھن جون اکيون معمول جي ابتڙ گھڻيون ئي پٽيل ھيون. پٺاڻ ھڪ دفعو ٻيھر چيس: “باجي مان اوهان سان پيو ڳالهيان، مونکي پنهنجا ٻچا پيارا آهن ۽ انهن جو مون کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونهي، مهرباني ڪري اوهان منهنجي رِڪشه تان لهو...!!!”
مريم کي ڪائي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي، ھڪڙي ھٿ سان ھن پنھنجي ماءُ کي ڀاڪر پاتو ۽ ٻئي ھٿ سان پنھنجي ڀاءُ کي ڇڪي سيني سان لائي ويھي رھي. پٺاڻ ته ھاڻ صفا آپي کان نڪري ويو ۽ رڙ ڪندي مريم جي ھٿ کي پڪڙي کيس جهنجوڙيندي چيائين: ”باجي مهرباني ڪيو ۽ منهنجي رِڪشه تان هيٺ لهو...”
مريم ھڪدم ڇرڪ ڀريو ۽ بغير ڪجهه سوچي سمجھي ڀاءُ کي رِڪشه تان ھيٺ لاھي پاڻ به ھيٺ لٿي ۽ پنھنجي ماءُ کي جيڪا دل ۾ درد سبب چرڻ کان به محال ھئي، تنھن کي ڀاڪر پائي ھيٺ لاٿائين. مريم پنھنجن حواسن ۾ نه ھئي ۽ ھن کي ڪجھه سمجھه ۾ نه پئي آيو. هن جو وجود هڪ روبوٽ وانگر حرڪت ڪري رهيو هو، ھن پرس مان پئسا ڪڍيا ۽ رِڪشه واري کي ڏنا. ھن کي اھا به خبر نه پئي ته ھن رِڪشه واري کي ڪيترا پئسا ڏنا. پٺاڻ مريم کان جھٽ ھڻي پئسا ورتا ۽ رِڪشه اسٽارٽ ڪري اسپيڊ سان نڪتو ھليو ويو. مريم ھڪ اڻڄاڻ علائقي ۾ وچ روڊتي پنھنجيءَ ماءُ کي ھنج ۾ سمھاريون ويٺي ھئي. سندس ڀاءُ جيڪو ڀرسان بيٺو ھو تنھن خوف وچان سندس ڪلھي تي پنھنجو ننڍڙو ڏڪندڙ ھٿ رکندي پڇيس: “ادي ھاڻ اسان ڪيڏانھن وينداسين...!!!؟؟؟”
مريم پاڻ کي سنڀاليندي آسي پاسي ڏٺو ۽ پنھنجو پاڻ کي ھوش ۾ آندائين پر خوف ھن جي سموري وجود ۾ واسو ڪري ويو ھو ۽ ھن جو وجود ان خوف وچان ڏڪي رھيو ھو. مئي جي گرم ھوائن سبب سنسان ۽ ويران روڊن تي پلاسٽڪ جون ڳوٿريون، پنا ۽ اخبارن جا ٽڪرا اڏامي ماڻھن جي پيدا ڪيل وحشتن تي ڄڻ رقص ڪري رھيا ھئا. ھن آسپاس موجود ماحول جو ٻيھر جائزو ورتو پر ماڻھن جي ان جھنگ ۾ ان ويلي ڪو رِڪشه، ٽئڪسي ۽ ٻئي سواري ته پري جي ڳالهه پر ڪو بني بشر به پري پري تائين نظر نه پئي آيو. مريم، سندس معصوم ڀاءُ ۽ دل جي دوري سبب پٽ تي بيحال پيل سندس لاچار ماءُ جي حالت انتھائي رحم جوڳي ھئي. چؤگرد موجود سمورين وڏين عمارتن جا در ۽ دريون ائين بند ھئا ڄڻ ته خدا جي وشال فلڪ ھيٺان موجود ان شھر تي ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي. وقفي وقفي سان آسپاس موجود عمارتن تان فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا ۽ انھيءَ فائرنگ سبب ماحول وڌيڪ خوفزده پئي ٿي ويو. ھن پنھنجو پاڻ سان ڳالھايو: “مريم اُٿُ ھوش سنڀال...”
ڄڻ ته خودڪلاميءَ جي اھڙي انداز ھن جي وجود تي جادو ڪري ڇڏيو، ھوءَ ھڪدم پٽ تان اٿي ۽ پنھنجي ڀاءُ جي ننڍڙيءَ ھنج ۾ ماءُ جو مٿو رکي ان جي اکين ۾ اکيون ملائي کيس سمجھائيندي چيائين: “ڏِسُ لطيف مان امان کي تنھنجي حوالي ٿي ڪري وڃان ۽ جيستائين مان ڪا رِڪشه يا ٽئڪسي نه وٺي اچان تيستائين تون ھتان نه چُرجان ۽ ھا امان جو ائين خيال رکجانءِ جيئن ھُوءَ رات جو توکي ھنج ۾ سمھاري لولي ڏيڻ وقت رکندي آ...”
ھن خوف وچان لطيف جي منھن کي پنھنجي ڏڪندڙ ھٿن ۾ پڪڙيو ۽ ان جي پيشانيءَ کي چمي ڏيندي چيائينس: “ٺيڪ آ لطيف مان جھٽ ۾ ٿي اچان...”
لطيف جي چھري تي ان وقت اعتماد جي ھڪ جھلڪ نظر آئي ۽ ھن پنھنجي ماءُ جي مٿي تي ھٿ رکي ڀيڻ کي دلجاءِ ڏني: “ادي مان امان کي ڇڏي ڪاڏي به نه ويندم تون وڃ ۽ جلدي ڪو رِڪشه يا ٽيڪسي وٺي آ...”
مريم روڊ جي ٻنھي پاسي ڏٺو، ھن کي پري پري تائين نه ڪو رِڪشه، نه ڪا ٽيڪسي ۽ نه ئي وري ڪا گاڏي نظر آئي، بس ھوائن ۾ بارود جي بوءِ چوڏس پکڙيل ھئي ۽ هر طرف کان وقفي وقفي سان فائرنگ ٿي رھي ھئي. ھن اکيون بند ڪري پاڻ سان ھڪ دفعو ٻيھر ڳالھايو: “مريم ھن مشڪل لمحن ۾ تون ئي پنھنجي ماءُ ۽ لطيف جو اڪيلو سھارو آھين، خدا توسان گڏ آھي سڄي زندگي امان توکي ۽ لطيف کي زندگيءَ جي ڏکيائين مان پار ڪڍيو ھاڻ تنھنجو وارو آ ھمت ڪر ۽ امان کي موت جي ڪشمڪش مان آزادي ڏياري کيس زندگيءَ جون مـُرڪون موٽائي ڏي...”
ھن پنھنجون اکيون کولي ڇڏيون ۽ محسوس ڪيو ته ھاڻ ھوءَ اھا مريم نه آھي جيڪا گھمندي ڦرندي پنھنجي رئي جو پـَـلَئـُه به ھر ھر سنڀاليندي ھئي. ھن کي محسوس ٿيو ته ذميواريءَ جو احساس اهڙين ڏکين حالتن ۾ ڪنھن به ڪمزور ماڻھوءَ کي ڪيڏو نه طاقتور بڻائي سگھي ٿو. ھن روڊ جي ٻنھي پاسي ڏٺو کيس زندگيءَ جي ڪا به چُر پُر نظر نه آئي، ھن کي ڪا خبر ڪا نه پـَـئـَـي پــَئـِي ته ھوءَ ڪٿي آھي. نيٺ ھن روڊ جي اولھندي طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو. ھن کي ائين پئي لڳو ڄڻ روڊ جي ٻنھي پاسن کان موجود وڏيون وڏيون عمارتون ھن تي رعب ڪنديون ھجن ۽ ھن کي ڊيڄارينديون ھجن. ھن جي کڄندڙ ھر وک ھن کي پنھنجي معصوم ڀاءُ ۽ عليل ماءُ کان ڏور پئي ڪيو. ھوءَ گھڻو اڳتي نڪري وئي پر ھن کي ڪا به گاڏي ۽ بني بشر نظر نه آيو. پريشاني ھن جي چھري تي پگھر ڦڙن جي صورت ۾ ظاھر ٿيڻ لڳي ۽ خوف سان گڏ مايوسي ھن جي اندر جي جُٽيل طاقت کي ڪمزور ڪري رھي ھئي. ھوءَ ھڪ دفعو ٻيھر بيھي رھي ۽ رئي جي پلاند سان پنھنجي پيشانيءَ تان پگھر ڦڙن کي صاف ڪيائين ۽ ھڪ دفعو ٻيھر پنھنجون اکيون بند ڪري پاڻ سان خودڪلامي ڪيائين: “مريم تنھنجي ڪمزوري تنھنجي ماءُ جي موت جو سبب بڻبي ھمت ڪر تون ھن مصيبت مان پنھنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي ڇوٽڪارو ڏياري سگھين ٿي. مريم تون اھو سڀ ڪجھه ڪري سگھين ٿي ھا تون ئي ڪري سگھين ٿي...”
ھن ٻيھر پنھنجون بند اکيون کوليون ۽ ھاڻ ھن کي لڳو ته ھوءَ ڪري سگھي ٿي، ھن کي شدت سان محسوس ٿيو ته ھوءَ پنھنجي ماءُ ۽ ڀاءُ کي بچائي سگھي ٿي. ھن جي وکن کڻڻ ۾ جان پئجي وئي. ھن جي اکين جي روشني وڌي وئي ۽ ھوءَ پنھنجي آسپاس ٿيندڙ ھر چرپر کي محسوس ڪرڻ لڳي. ھوائن ۾ ڦھليل بارود جي بـُوءِ ھن کي چتاءُ ڏئي رھي ھئي ته زندگي موت جي ڪنڌيءَ تي بيٺل آ، گولين جا آواز ھن کي ٻڌائي رھيا ھئا ته بندوق جي نالي مان نڪتل گوليون ڪنھن جي به جسم ۾ پيوست ٿي پاڻ سان گڏ ان جي وجود کي به ٿڌو ڪري سگھن ٿيون. پر ٻئي طرف گذرندڙ ھر ھڪ منٽ ھن کي پنھنجي ماءُ جي ڪيفيتن ۽ حالتن جي نزاڪتن کان واقف ڪري رھيو ھو. اھو ئي سبب ھو جو ھن جي انداز ۾ موجود خطرن کان لاپرواھي ۽ سندس اعتماد ھن کي مضبوط ۽ اڏول بڻائي ڇڏيو ھو. انھيءَ ويل ھن جي ڪنن ڪنھن گاڏيءَ جي آواز کي جھٽي ورتو. ھوءَ ھڪدم انھيءَ آواز طرف ڊوڙي ۽ جڏھن گاڏي ھن جي اکين آڏو آئي ته ھن جي وجود ۾ ڄڻ ساه پئجي ويو. ھن جي سڌي نظر رينجرز جي گاڏيءَ مٿان بيٺل سپاھيءَ تي پئي جيڪو لوڊ ٿيل ايل ايم جي کي پنھنجي مضبوط ھٿن سان جھلي ھر صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار بيٺو ھو. ھوءَ ڊوڙندي گاڏيءَ طرف وئي گاڏيءَ جي آڏو ويٺل رينجرز جي ميجر ڊرائيور کي گاڏي بيھارڻ جو اشارو ڪيو. گاڏي جيئن ئي مريم جي ڀرسان بيٺي ته ميجر کانئس تـُرش لھجي ۾ پڇيس: “ڪير آھين ۽ ھھڙيءَ خطرناڪ حالتن ۾ ڪيڏانھن پئي وڃين...!!!؟؟؟”
ان جو انداز مدد وارو نه پر دڙڪي ۽ داٻي وارو ھو. مريم ڳيت ڏيئي ڳلي جي خشڪيءَ کي ڪجھه قدر ختم ڪندي ميجر کي چيو: “منھنجي ماءُ کي دل جو دورو پيو آھي ۽ مان پنھنجي ننڍي ڀاءُ سان گڏ کيس اسپتال کڻائي وڃي رھي ھيس ته.....”
ھن جي ڳالھه اڌ ۾ ئي رھجي وئي ڇو ته ميجر کيس امالڪ ڇڙٻ ڏيندي چيس: “بيبي هتي موت جو راڪاس پيو راڄ ڪري ۽ تون ويٺي اسان کي پنهنجا مسئلا ٿي ٻڌائين. ڪنھن کان پناه وٺي جان بچاءِ نه ته روڊن تي گولين سان پروڻ ٿيل لاشن کان به وڌيڪ بڇڙو حشر ٿيندئي...!!!”
ميجر جي وات مان نڪتل جملي ته ڄڻ هن جي مٿان وِڄُ ڪيرائي وڌي. رينجرز جي گاڏي ڏسي مدد ملڻ جي جيڪا آس ھن جي چھري تي اڀري آئي هئي سا ھڪدم ختم ٿي وئي. وقت کيس الائي ڪھڙيءَ ڪنڌيءَ تي آڻي بيھاريو ھو جو اڄ ڪوئي به هن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ھن جو وجود ڄڻ ساه جي لرزش کان آجو ٿي ويو، ھوءَ ڦوٽاريل اکين سان بت بڻجي ميجر کي ڏسي رھي ھئي جنهن جي منهن تي مجبوريءَ جي جهلڪ صاف نظر اچي رهي هئي پر هو ان احساس کي پنهنجي ھٿ ۾ جهليل دکندڙ سگار مان نڪرندڙ دونهين ۾ لڪائي رهيو هو. ميجر ڊرائيور کي چيو: “ھل گاڏي ڪڍ ۽ نڪر ھتان...”
ڊرائيور گاڏي ءَ کي گيئر ۾ وجھي اڳتي ڌڪيو ۽ جھيڻي آواز ۾ ميجر کي چيو: “سر متان ڇوڪري واقعي مصيبت ۾ ڦاٿل ھجي...!!!”
تنھن تي ميجر چيس: “ھا ڇوڪري واقعي مصيبت ۾ ھئي پر ڇا ڪيون سخت حڪم مليل آھن ته اسان کي پبلڪ جي ڪا به مدد ناھي ڪرڻي ۽ وڏي سرڪار جي ڪارندن جي ڪنھن به ڪم ۾ مداخلت ناھي ڪرڻي. حڪومت انھن جي ئي آھي ۽ جيڪڏھن انھن جي مرضي ملڪ کي اونڌي ڪرڻ جي آ ته پوءِ اسان ڪجھه نه ٿا ڪري سگھون چاھي پوءِ اسان جي اکين آڏو ئي ڇو نه...”
ميجر جي چپن تي جملو اچي اچي رڪجي ويو ۽ پوءِ هن افسوس سان ٿڌو شوڪارو ڀري، ندامت ڀري لهجي ۾ ڊرائيور کي چيو: “خير تون گاڏي ائين ئي ھلاءِ جيئن صبح کان ھلائي اٿي معنيٰ جھڙوڪر اکين تي پٽي. آيئي ڳالھه سمجھه ۾...”
ڊرائيور ھڪدم حڪم کي بجا آڻيندي ميجر کي چيو: “جي جناب جيئن اوھان جو حڪم...”
شام ڌاري هڪ طرف اسلام آباد ۾ ان وقت جي جنرل پنهنجي پاليل پٺوئن جي ڪوٺايل جلسي اندر هوا ۾ هٿ لوڏي خطاب ڪندي چيو: “اوهان ڪراچي ۾ اسان جي طاقت ڏٺي...” ته وري ٻئي طرف ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ ھڪ اڌڙوٽ عمر جي ماءُ ۽ ڪپڙن ڦاٽل مريم جا لاش ايڌي جي ويڙھيل ڪفن ۾ پيل ھئا جن جي مٿان اجاڙ سنڌ جي اڄ جو معصوم لطيف لڙڪن ڀريل اکڙين سان ائين خاموش بيٺل ھو جيئن ٻرندڙ جبل خاموش ھوندا آھن...
آگسٽ 2007
ڪراچي
_________________________
* هــَل مـِـن نـَاصِــُر يـَنـصـُرنـَا– آهي ڪوئي مون مظلوم جي مدد ڪرڻ وارو
اهو نعرو حضرت حسين عليه السلام ميدانِ ڪربلا ۾ ان وقت لڳايو جڏهن سندن جا سمورا دوست ۽ دادلا هڪ هڪ ڪري ڪسجي ويا هئا ۽ پوءِ هو اڪيلي سر ذوالجناح تي چڙهي ميدان جنگ ۾ ڪڏيا هئا.
* ڪهاڻيءَ جو پسِ منظر
هيءَ ڪهاڻي 12 مئي 2007 تي ڪراچي جي هڪ ڏکوئيندڙ واقعي تي لکي وئي آهي. ان ڏينهن سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس افتخار حسين چوڌري وڪيلن ۽ ٻين سياسي تنظيمن طرفان آمر جنرل مشرف جي حڪومت خلاف مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اچي رهيو هو پر جنرل پرويز مشرف کيس ڪراچي پهچڻ تي سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. ان وقت جنرل مشرف جي حمايت تحت سنڌ اندر ايم ڪيو ايم کي مڪمل طور تي حڪومت جي سمورن سياسي امورن ۽ فيصلن تي دسترس حاصل هئي ۽ ٻئي طرف سنڌ اندر زوري مڙهيل تنهن وقت جي هڪ ڪٺ پتلي وزير اعليٰ ارباب غلام رحيم جي مڪمل پشت پناهي پڻ ايم ڪيو ايم کي حاصل هئي. بس پوءِ تنهن وقت جي حڪومتي سرپرستيءَ ۽ ايم ڪيو ايم جي نام نهاد اڳواڻن (اصل ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن) جي مهربانيءَ سان ڪراچيءَ ۾ رت جي هولي کيڏي وئي ۽ ان ڏينهن انتهائي ڀيانڪ بربريت جي نتيجي ۾ 52 ماڻهو روڊن تي گولين جو بـَـکُ بڻائي قتل ڪيا ويا، سوين ماڻهو سخت زخمي ڪيا ويا ۽ سوين گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون هيون. ان ڏينهن ڪراچي قيامتِ صغريٰ جو ڏيک ڏئي رهي هئي...