مونکي توتي فخر آهي
عامر ارم جي اهڙي اڻ تڻ ۽ پريشاني کي سمجهندي ڪنڌ هيٺ ڪري مسڪرائڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ پُراعتماد لهجي سان اِرَم کي سمجهائيندي چيائين: “ارم مونکي ان ڳالهه جو ڏک نه آهي ته عرفان توکي مونسان ٿيل سمورن واقعن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. پر سچ پڇين ته تنهنجي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي ڏسي ۽ تنهنجي التجا واري لهجي ۾ بزدلي محسوس ڪري مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. مان هميشه توکي مضبوط ارادن، ڏک ۽ تڪليفن کي پاڻيءَ وانگر اوتي ڇڏڻ ۽ مصيبتن کي بُردباريءَ سان منهن ڏيڻ واري ڇوڪري سمجهيو هُيم...!!!”
عامر هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ٿوريءَ دير کانپوءِ ارم ڏانهن سواليه نظرن سان ڏسڻ لڳو. ارم جيڪا عامر جا جُملا ٻڌڻ کانپوءِ بـُت بڻجي کيس ڏسي رهي هئي، سا عامر جي ٻيهر ڳالهائڻ تي ڇرڪي پئي: “ارم جيڪڏهن تنهنجو بابا هن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هجي ۽ شاگردن جي روپ ۾ سياست جي آڙ وٺي غنڊاگردي ڪندڙ ڪجهه لوفر ڇوڪرا پنهنجن ناجائز مقصدن ماڻڻ لاءِ کيس مار ڏين ۽ تنهنجي بابا کي ڌمڪيون ڏين ته جي اسان جو ڪم نه ڪيئي ته پوءِ اسان تنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي اغوا ڪنداسين، ته پوءِ ان وقت تنهنجي ذهن ۾ ڪهڙا خيال گردش ڪندا...!!!؟؟؟ پوءِ ڇا تون پنهنجي بابا کي به اهو ئي چوندينءَ ته بابا نوڪري ۽ يونيورسٽي ڇڏي گهر اچي ويهي رهو...!!!؟؟؟”
ارم بُت بڻجي عامر کي ڏسندي رهي جنھن جو چيل هڪ هڪ جملو هُن جي ذهن کي جهنجهوڙي رهيو هو، هوءَ ڪُجهه به ڪڇي نه سگهي. شايد لفظ هن جو ساٿ ڇڏي ويا هُئا. عامر هڪ دفعو ٻيهر ارم کي پُر اعتماد لهجي سان سمجهائيندي چيو: “ارم آخر ڪيستائين اسان اهي ذلتون برداشت ڪندا رهنداسين...؟؟؟ هن ڌرتيءَ ته هزارن سالن کان ڌارين لٽيرن کي پنهنجي سيني تي خيما کوڙيندي برداشت ڪيو آهي. ڌرتيءَ ڄاين عورتن جي عزتن کي ڌارين جي حـَـوَسَ جو نشانو بڻجندي ڏٺو آهي. هن ڌرتيءَ پنهنجن ڪونڌرن جي ڪپيل ۽ چچريل جسمن کي پنهنجي آغوش ۾ جاءِ ڏني آهي ۽ هر دؤر ۾ سِسِڪندڙ ۽ سُڏڪندڙ ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي بابن ۾ مظلومن جي حيثيت ۾ امرتا بخشي آهي. پر هاڻ جڏهن اسان ان غلاميءَ جي طوق کي مـَـسَ مـَـسَ پنهنجي ڳچيءَ مان لاهي سـَـاهَه کڻڻ جهڙا ٿيا آهيون ۽ مستقبل ۾ جديد دنيا سان مـُـهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ قوم جي حيثيت ۾ تيار ڪري رهيا آهيون ته ان وقت سياست جي مهذب نالي ۾ چند لوفر غنڊاگردي ڪري اسان جي تعليم ۽ اسان جا تعليمي ادارا تباهه ڪن ۽ پوءِ اسان جهڙا پڙھيل لکيل، سمجھدار ۽ انقلابي ماڻهو به چُپ ڪري ويهي رھن ته پوءِ ٻين کي ڪهڙي ميار...!!! ارم ڏس اسان هڪ مهذب قوم جا سڌريل فرد آهيون ته پوءِ اسان پنهنجن تعليمي ادارن ۾ اهو ڪيئن برداشت ڪيون ته شاگردن جي روپ ۾ چند غنڊا معصوم نياڻين جي منهن ۾ سگريٽن جا دُونها هڻن، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان تعليم حاصل ڪرڻ جا خوبصورت خواب کڻي ايندڙ شاگردن کي مارڪٽ ڪن ۽ انهن کي هر وقت هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ويٺا هجن، استادن جا مٿا ڦاڙن ۽ انهن جي عزتِ نفس ايتري مجروح ڪن جو هو استعيفا ڏيڻ تي مجبور ٿي پون، پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ مزدوري ڪندڙ ڌوٻين، ريڙهي وارن، جوس وارن ۽ ڪينٽين وارن کي خواهه مخواهه مارڪٽ ڪن ۽ مفت خوريون ڪن ۽ جيڪڏهن وري ڪوئي ڀتو نه ڏئي ته ان جي روزگار تي لت ڏين. سياست جي آڙ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اغوا ڪري پريس ڪلب کڻي وڃن ۽ ڏنڊي جي زور تي انهن کان نعرا هڻائن ۽ هٿ هوا ۾ لوڏي گهوڙا گهوڙا ڪندا وتن ته شاگردن سان ظلم ٿي ويا، شاگردن سان هي ناحقُ آ، هيءَ ويڌن آ، شاگردن کي جيئڻ نه ٿو ڏنو وڃي، استاد ڪلاس نه ٿا وٺن ۽ انتظاميا جي ته ھھڙي جي تھڙي، ڏسي رھندا سين...!!!”
عامر جذبات ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ هن کي به ارم وانگر آسپاس جي ماحول جي ڪائي سـُـڌِ ئي نه رهي. آسپاس گذرندڙ شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد هنن ٻنهي کي اچرج وچان ڏسندا رهيا. پر عامر سموري دنيا کان بي نياز ٿي وري ڳالھائڻ لڳو: “اڙي او يونيورسٽي جا وي-سي...!!! توکي ٻڌائي ٿا ڇڏيون ته جيڪڏهن اسانجا مسئلا حل نه ڪيئي ته پوءِ سمجهي ڇڏ اسانکي خبر آهي ته تنهنجو پٽ ۽ ڌيءَ ڪٿي پڙهن ۽ اٿن ويهن ٿا...!!! اسان توکي آمريڪا ۽ يورپ جا دؤرا اڪيلا ڦٻڻ ڪونه ڏينداسين تنهنڪري سڌي رستي تي اچي وڃ نه ته...!!!”
۽ پوءِ عامر طنز ڀريل انداز ۾ مُشڪندي چيو: “پوءِ توکي خبر آ ته ڇا ٿيندو آهي...!!!؟؟؟ سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جا سمورا مسئلا انتظاميه سان سندن رٿيل ھڪ ئي ميٽنگ ۾ حل ٿي ويندا آهن ڇو ته اڇي کي ڪارو ۽ ڪاري کي اڇو ڪرڻ واري انتظاميه غنڊن ٽائيپ شاگردن کي ڳالهين بهاني گهرائي ٻه ٽي لک ۽ ڪجهه ڊپارٽمينٽ جون مهانگيون سيٽون وڪڻڻ لاءِ ڏئي کين خوش ڪندي ڳالهه لَئِه مِٽي ڪري ڇڏيندي آ...!!!”
عامر جڏهن ڳالهه پوري ڪئي ته پوءِ پنهنجي آس پاس بيٺل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڏٺائين ۽ سڀني تي اڇاتري نظر وجهڻ کانپوءِ ارم کي چيائين: “ڪاش ارم...!!! جيڪڏهن تون سنڌي قوم سان ٿيندڙ انهن معمولي نظر ايندڙ پر اصل ۾ ائٽم بم کان به وڌيڪ خطرناڪ مسئلن کي سمجهي سگهين ها، ڪاش...!!! تون اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرين هاته انهن چند غنڊن جي غنڊاگردي ۽ دادگيري سبب سنڌ ڌرتي ۽ ان جي تعليمي ادارن جي ڪهڙي نه وڏي تباهي ٿي رهي آهي ۽ ڪيئن نه اسانجي اکين آڏو اسان جي سنڌ جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي...!!! جيڪر تون اهو ڄاڻين ها ارم ته پنهنجن جي شروع ڪيل هن راند ۾ ڪنهن جي بازار پئي لٽجي ته شايد اڄ تون مونکي ڀاڙيو ٿي پٺتي پير ڪري ڀڄڻ بجاءِ مونسان گڏ هجين ها...!!!”
عامر شاگردن جي وچ مان نڪري هليو ويو ۽ ارم بنا ڪجھه ڪڇڻ جي بُت بڻجي عامر کي ڏسندي رهي. شاگردن جي ڇڙوڇڙ ٿي وڃڻ کانپوءِ ارم پنهنجي اندر ۾ مـَتل آنڌ مانڌ کي سنڀالي ۽ سوچن جي بيڪران سمنڊ کي سميٽي فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي ڀرسان ان ڇت ڏانهن وڃڻ لڳي جتي عامر ۽ هوءَ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي ڪچهريون ڪندا هئا. ارم پنهنجو پاڻ کي سنڀاليندي ڪانڪريٽ جي هڪ ننڍڙي پـِلـَرَ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي، جتي هن ۽ عامر گڏ ويهي محبت ۽ گڏجي زندگي گذارڻ جا الائي ڪيترا خواب اڻيا هئا... سياري جي ٿڌڙي ۽ وڻندڙ اُس جو ڇُهاءُ هُن لاءِ بي معنيٰ بڻجي پيو هو. هوءَ عامر جي اڄوڪي ڪردار تي مسلسل سوچي رهي هئي. هن کي ماضيءَ جي ڌُنڌ ۾ عامر سان گذاريل اهي سمورا پـَلَ ذهن جي ڪئنواس تي چِٽا ٿيندي نظر اچي رهيا هئا. هن کي اهو وقت ياد اچي رهيو هيو جڏهن عامر پهريون دفعو هلندڙ ڪلاس ۾ آيو هو جنهن تي مئڊم ناز پهريون ته هن کي يونيورسٽي دير سان جُوائن ڪرڻ تي دڙڪا ڏنا هئا ۽ پوءِ سڀ ڪلاس فيلو پريشانيءَ وچان عامر جي لٿل چھري تي ٿورو کِليا هُئا ۽ پوءِ مئڊم سڀني کي دڙڪا ڏيئي چپ ڪرايو هو ۽ عامر کي چيو هو ته:“اوهان پنهنجو تعارف ڪرايو...”
اُن وقت جڏهن اتر سنڌ جي هن ڪڻڪ رنگي نوجوان پنهنجو تعارف ڪرايو هو ته ارم کي ان جي ڳالهائڻ جي انداز ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هن جي شخصيت ۾ موجود سچائي ۽ ڀرپور سادگي هُن کي تمام گهڻو موهي وڌو هو. ارم کي اڄ به عامر جو ڏنل پهرين ڏينهن وارو اهو ليڪچر ياد هو جڏهن عامر ڏُکَ ۽ خُوشيءَ جي فلسفي تي ڳالهائيندي ڀٽائيءَ سميت سنڌي، اردو، پنجابي ۽ سرائيڪي شاعريءَ جا ڀنڊار کولي رکيا هئا، هن کي عامر جا اهي لفظ چٽيءَ طرح ياد اچي رهيا هئا: “ڏک ۽ خوشي انسان جي زندگيءَ جا ٻه اڻــٽُــٽُ حصا آهن، جيڪي هر وقت ان جي وجود جو پاڇو بڻجي ان جا ساٿي ٿي هلندا آهن پر ڏُک خوشيءَ تي تمام گهڻو حاوي آهي ڇوته خوشي به اڪثر اسانجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيندي آهي. لڙڪن ۽ مُرڪن جو سودو ڪرڻ انسان جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن وقت ۽ حالتون ان لاءِ ڏک کڻي اچن ته ان کي ٻين جي آڏو ڪڏهن به روئڻ نه گهرجي ڇو ته ٻين جي آڏو روئندڙ ماڻهو بُزدل هوندا آهن...”
جيئن جيئن عامر سان گذاريل وقت ۽ انهن لمحن جون ڳالهيون ارم جي ذهن جي پردي تي فلم وانگر آڏو اچڻ لڳيون، تيئن تيئن هن جي اکڙين جا بند به ڀڄندا رهيا ۽ سندس ڳلن تان گرم گرم ڳوڙها مينهن ڦڙن جي صورت ۾ هيٺ ڪرندا رهيا. هُوءَ سُڏڪي پئي ۽ پوءِ پنهنجو منهن گوڏن منجهه لڪائي آهستگيءَ سان ڀڻڪڻ لڳي: ”مان بزدل ناهيان عامر، تو ڏٺو نه ته مان ٻين جي آڏو ڪونه رُنس... ها عامر مان ٻين جي آڏو ڪونه رُنس...“ خبر نه آهي ته پوءِ الائي ڪيتري دير سُڏڪا ۽ سِسڪيون هُن جي وجود جو مهمان بڻيل رھيون...
جڏهن عامر تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ڏاڪڻ تان هيٺ لهي آرٽس فئڪلٽي جي لان وٽ پهتو ته سندس دوست عرفان مليو جيڪو کيس ڪيتري وقت کان ڳولهي رهيو هو. عرفان عامر کي ڏسندي هڪدم چيو: “يار تون آهين ڪٿي مان ته توکي ڳولهي ڳولهي ٿڪجي پيو آهيان...!!!؟؟؟”
عرفان جي منهن مان پريشاني چٽي پئي نظر آئي، هن ٻيهر عامر جي بي پرواهه رويي کي نظرانداز ڪندي چيو: “يار هو ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي توکي ڳولهن پيا. ڪالهه جيڪو تو هنن جي داداگيرين جي خلاف اخبار ۾ مضمون لکيو هو ان تي ڏاڍي باهه اٿن. يار الله کي مڃ هتان في الحال هليو وڃ، نه ته جي هنن جي وَر چڙهي وئين ته پوءِ تنهنجو حشر ڏاڍو خراب ڪري ڇڏيندا...!!!”
عامر عرفان جي منهن تي دوستيءَ واري نفيس احساس کي محسوس ڪري مسڪرائي رهيو هو. پر ان سان گڏ هن بي پرواهيءَ واري ساڳئي انداز ۾ عرفان جي سمورين ڳالهين کي ٻُڌو اڻٻڌو ڪري کائنس پُڇڻ لڳو: “تو ارم کي اهو ڇو ٻڌايو ته هو اڳ ۾ مونسان ٻه دفعا وڙهي چڪا آهن...!!!؟؟؟ جڏهن ته مان توکي سختيءَ سان منع ڪئي هئي ته في الحال هُن کي ڪجهه به ناهي ٻڌائڻو. پوءِ تو هن کي اهو سڀ ڪجهه ڇو ٻڌايو...!!!؟؟؟”
عرفان پريشان ٿي ويو ته آخر هو عامر کي ڇا چئي رهيو آهي ۽ عامر سندس ڳالهه کي ڪا اهميت ئي نه ڏئي رهيو هو...!!! عامر پنهنجي دوست جي پريشاني ۽ ذهني مونجهاري کي محسوس ڪيو ۽ کيس مسڪرائيندي چيائين: “مان بزدل ناهيان عرفان جو هنن کان ڀڄندو وتان. آخر ڪنهن کي ته هنن جي سامهون ٿيڻو آ ۽ ها تون ايترو پريشان نه ٿيءُ منهنجي جسم ۾ ايترو سـَتُ آهي جو مان هنن کي منهن ڏيئي سگهان ٿو. مان لائبريري ٿو وڃان مونکي ڪجهه ڪتابن جي ضرورت آهي پاڻ ٺيڪ هڪ بجي هتي ئي ملنداسين...”
عامر جيئن ئي فئڪلٽي مان نڪري لائبريري وڃڻ لڳو ته ستار ڪمانڊو جي ڇاڙتن کيس ڏسي ورتو ۽ ستار کي ٻڌايائون ته همراهه لائبريريءَ ۾ هٿيڪو آهي. ستار کي جيئن ئي عامر جي خبر پئي ته هن منهن ۾ گهـُنڊُ وجهي پنهنجي ساٿين کي چيو: “اڙي اٿو ڪيو تياري کڻو هٿيار، اڄ ان جو حساب ڪتاب پورو ڪرڻو آ...”
ستار ڪمانڊو ۽ ان جي ساٿين جو ٽولو سنڌ يونيورسٽي اندر دهشت جي علامت هو. انهن کي جهڙوڪر هر قسم جي اجازت مليل هئي، ايستائين جو هو مادرِعملي اندر آزادي سان نه صرف اسلحو کڻي گهمندا هئا پر شاگردن کي هاسٽلن اندر ۽ مختلف فئڪلٽيز ۾ خوفزدهه ڪندا هئا ۽ سرِعام ان اسلحي جي نمائش سان هر جڳهه تي دهشت پڻ ڦهلائيندا هئا، نه صرف ايترو پر وقت اچڻ تي ان اسلحي جو استعمال پڻ ڪندا هئا ۽ انهن سمورين حرڪتن کان انهن کي روڪڻ وارو ڪير به نه هو. ڇوڪرين کان وٺي استادن سان بدتميزي وارو رويو انهن جو معمول بڻيل هو. آئي ڏينهن مختلف پروگرامن جي نالي ۾ هزارين شاگردن کي هيسائي چندي جي نالي ۾ انهن کان ڀتو ورتو ويندو هو ۽ جيڪو شاگرد کين پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪندو هو ان کي هو تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا. ايستائين جو هو جوس وارن، سموسن وارن ۽ ڪينٽين وارن کان به مفت خوري ڪندا هئا ۽ ڌوٻين کان به پنهنجا ڪپڙا مفت ۾ ڌوئرائيندا هئا. انهن غريبن ۾ ايتري همت نه هئي جو هو انهن جي غنڊه گردي آڏو ڪجهه ڪڇي به سگهن. هو سالن کان يونيورسٽيءَ ۾ داخل هئا پڙهڻ لاءِ نه پر غنڊه گردي ڪرڻ لاءِ، امتحان يا سيمسٽر ڏيڻ لاءِ نه پر يونيورسٽي کي آئي ڏينهن بند ڪرائڻ لاءِ، شاگرد سياست لاءِ نه پر شاگرد سياست جي چوغي ۾ شاگردن جي زندگين کي تباهه ڪرڻ لاءِ. مختلف هاسٽلن اندر ستار ۽ سندس ساٿين طرفان قبضي ڪيل وارڊن وارا ڪمرا چرس ۽ ڀنگ جا اڏا هئا. مطلب شاگردن جي نقاب ۾ هو اهڙا ڪردار هئا جيڪي اڏوهيءَ وانگر سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪري رهيا هئا...
ستار ڪمانڊو مڇن کي مروڙا ڏئي پنهنجن ويهارو کن ساٿين سان سينٽرل لائبريري ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽ بيهي رهيو ۽ لائبريري مان عامر جي ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. پوائنٽ بسن جي انتظار ۾ بيٺل هزارين شاگردن جڏهن ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين جا بگڙيل منهن ڏٺا ته سمجهي ويا ته اڄ هنن جو ڪنهن سان جهيڙو ضرور ٿيندو. جڏهن عامر لائبريريءَ مان ڪتاب ڪڍرائي ٻاهر آيو ته ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي تمام گهڻيءَ ڪاوڙ مان پسٽلن، ڪلپن ۽ زنجيرن سان عامر ڏانهن وڌيا. عامر سڄي معاملي کان اڳواٽ ئي واقف هو ۽ ٿيندڙ جهيڙي لاءِ ذهني طور تيار به هو. عامر پنهنجي هٿ ۾ جهليل ڪتاب ڀرسان واري پٿر جي بئنچ تي رکيا ۽ هو به ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ستار کي ڀليءَ ڀت خبر هئي ته عامر به وڙهڻ ڄاڻي. پر هنن کي پڪ هئي ته اڄ هو کيس چُرڻ به نه ڏيندا ڇو ته اڄ هو گهڻا هئا ۽ ٻيو ته هنن سڀني گڏجي ھڪ محل ئي حملي ڪرڻ جو سِٽيو هو. طئه ٿيل حڪمت عمليءَ تحت هنن عامر تي گڏجي حملي ڪيو. ڪن عامر کي مٿي تي پسٽلن جا بـَٽَ هنيا ته ڪن زنجيرن ۽ ڪلپن جو زوردار وسڪارو شروع ڪري ڇڏيو. ستار ڪمانڊو ۽ سندس هڪ ٻيو ساٿي هوائي فائرنگ ڪري عام شاگردن کي هيسائي رهيا هئا. جيئن جيئن عامر کي مٿي، منهن ۽ جسم جا ڌَڪَ لڳندا رهيا تيئن تيئن هن جي جسم مان رت وهندو رهيو، عامر به ٻن ڄڻن کي منهن ۾ لتون ۽ ٺونشا هڻي رتو رت ڪري ڇڏيو. چئني پاسن کان ٿيندڙ وار سندس جسم تي نشان ٺاهيندا رهيا ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هن جو جسم رت جون الٽيون ڪري رهيو هجي.جڏهن عامر رتو رت ٿي نيم بيهوشيءَ واري حالت ۾ هيٺ ڪريو ته ستار عامر جي سيني تي لت رکي پسٽل جو چيمبر چاڙهي سندس ڪلهي وٽ گولي هنئي. عامر زخمي هجڻ باوجود ۽ گوليءَ لڳڻ کانپوءِ به پنهنجي وات مان هڪ ٻُڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي. ستار ڪمانڊو دهشت ڀريل نظرن سان آسپاس بيٺل شاگردن کي ڏٺو ۽ تقرير ڪندي فاتحانه انداز سان ٽي ٽي پسٽل هوا ۾ لوڏي چوڻ لڳو: ”اسان عامر کي ان لاءِ سيکت ڏني آهي ته هي ڏينهون ڏينهن مٿي تي چڙهندو پيو وڃي ۽ شاگردن جي عظيم جدوجهد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيو هو. تنهنڪري اها هن جي سزا آهي ته جيئن هن سميت آئنده ڪوبه ٻيهر شاگردن جي عظيم جدوجهد ۾ رُڪاوٽون وجهڻ جي جرئت نه ڪري سگهي...”
پوءِ ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي پنهنجن زخمي ساٿين کي کڻي شاگردن جي عظيم جدوجهد جي حق ۾ نعرا هڻندا هليا ويا. عرفان به هزارن شاگردن وانگر بيوسيءَ جي حالت ۾ عامر کي مار کائيندي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن ستار ڪمانڊو هليو ويو ته هن ڊُڪ پائي عامر کي ڀاڪر ۾ ڀري اٿاري بيهاريو ۽ کيس اسپتال کڻي وڃڻ لاءِ رڪشه واري کي سڏ ڪيو. رڪشه ۾ چڙهڻ کان اڳ عامر هجوم ڪري بيٺل شاگردن ۽ شاگردياڻين ڏانهن سواليه نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي زخمي چپن سان مُرڪي ڏنو...
ارم جڏهن سوچن جي دنيا مان آزاد ٿي ۽ پنهنجي وِکريل وجود کي سميٽي پوائنٽ تي چڙهي گهر وڃڻ لاءِ آرٽس فئڪلٽي جي گرائونڊ تي آئي ته اتي سندس سهيلي صبا ٻڌايس: “امر کي ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين بي انتها ماريو آهي ۽ کيس گولي به هنئين اٿائونس ۽ ڪجهه دير اڳ ۾ عرفان کيس اسپتال کڻي ويو آهي...!!!”
ارم جڏهن اهي جملا ٻڌا ته ان جي پيرن هيٺان ته ڄڻ زمين ئي نڪري وئي ۽ رڙ ڪري صبا کان پڇائين: “هُو ڪيئن آهي...!!!؟؟؟”
صبا کيس دلجاءِ ڏيندي ٻڌايس: “تمام گهڻو زخمي هجڻ جي باوجود به هو مُسڪرائيندو اسپتال ڏانهن ويو آهي...!!!”
ارم هڪدم صبا کي ساڻ ڪري اسپتال پهتي جتي عامر جي دوستن کين دلجاءِ ڏيندي چيو: “ڊاڪٽر عامر کي آپريشن ٿيٽر ۾ وٺي ويا آهن، عامر کي ڌڪ گهڻا لڳل آهن پر ڊاڪٽر چون ٿا ته خطري جي ڪائي ڳالهه نه آهي...”
ارم جي اکين ۾ لُڙڪ موتين وانگر چمڪڻ لڳا پر هن کي عامر جا چيل لفظ ياد اچي ويا: “جيڪي ماڻهو ٻين آڏو روئندا آهن اهي بُزدل هوندا آهن...”
ارم هاڻ پنهنجن لڙڪن تي ضبط ڪرڻ سکي ورتو هو ۽ هن جي اندر ۾ عامر لاءِ وڌيڪ پيار ۽ احترام پيدا ٿي چڪو هو. هن دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ کي چيو: “ڏس عامر مان ٻين آڏو ڪونه رُنم...”
عامر جي دوستن ارم ۽ صبا کي دلجاءِ ڏئي گهر روانو ڪيو ۽ پوءِ روز ارم صبا سان گڏ لبن تي مُرڪ ۽ ھٿن ۾ گل کڻي عامر ڏي اسپتال ايندي رهي. ڪجهه ڏينهن بعد جڏهن ارم ۽ صبا عامر سان ملي وڃڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ مان گهر وڃڻ لاءِ جيئن ئي پوائنٽ بس تي چڙهيون ته ستار ڪمانڊو پنهنجي هڪ ٻئي ساٿيءَ سان پوائنٽ بس تي چڙهيو ۽ پنهنجي منهن ۾ سونڊ هڻي، مڇن کي مروڙو ڏيندي سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تحڪمانه انداز ۾ چيائين: “اڄ سموريون پوائنٽ بسون شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلب هلنديون تنهنڪري ڪوئي به رستي ۾ لهڻ جي ڪوشش نه ڪري نه ته سمجهو ٿا...!!!”
بس ۾ ويٺل سمورن شاگردن جا منهن لهي ويا ۽ سندن چهرن تي اداسيءَ ۽ بيزاريءَ واري گاڏڙ ساڏڙ ڪيفيت طاري ٿي وئي ڇوته کين خبر هئي ته اڄ وري هو شام جو ڇهين يا ستين وڳي تائين يرغمال رهندا. ٻئي طرف جڏھن ارم جون نظرون ستار ڪمانڊو تي پيون ته سندس اکيون باهه جا اُلا ڇڏڻ لڳيون ۽ هوءَ هڪدم پنهنجي سيٽ تان اُٿي بيٺي ۽ ستار ڪمانڊو جي اکين ۾ اکيون وجهي ڪنهن شِينهِڻ جيان گجڻ لڳي: “مِسٽر ستار تون ٿيندو ڪير آھين اسان تي حڪم ھلائڻ وارو...!!!؟؟؟ ۽ آخر ڪيستائين تون ۽ تنهنجا ڇاڙتا شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نالي ۾ اسانجن تعليمي ادارن کي تباهه ڪندو رهندين...!!!؟؟؟”
ستار ڪمانڊو حيران ٿيندي ارم ڏانهن ڏٺو ڇوته اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪريءَ ساڻس اهڙي طرح ڳالهائڻ جي جُرئت نه ڪئي هئي. ستار ڪمانڊو اهڙي گستاخيءَ تي تپي ڳاڙهو ٿي ويو، هن جي چپن ۾ رڦڻي پئجي وئي ۽ ڪاوڙ ۾ سندس وڏين ۽ ڊگهين مڇن ۾ لرزش پيدا ٿيڻ لڳي، هو ارم کي تارا ڦوٽاري ڏسڻ لڳو. پر ارم تي سندس جسماني ۽ جذباتي حيثيت جو ڪو فرق نه پيو ۽ هن وري ستار کي رھڙ پٽيندي چيو: “هاڻ تنهنجون اهي خرمستيون نه هلنديون ۽ هيءَ پوائنٽ بس سڌو شاگردن جي گهرن ڏانهن ويندي نه ڪي پريس ڪلب آيئي ڳالهه سمجهه ۾...!!!؟؟؟”
پوائنٽ ۾ ويٺل شاگردن تي ارم جي هن اوچتي احتجاج سڪتو طاري ڪري ڇڏيو ۽ هو حيراني وچان ارم جي رَوَيي ۽ ستار ڪمانڊو جي ڪيفيتن کي ڏسندا رهيا. ارم جي دوست صبا ارم جي رَئَي ۾ هٿ وجهي کيس ويهڻ لاءِ اشارو ڪندي چيو: “بس ڪري ويهي رهُه چري ٿي آهين ڇا...!!!”
پراڄ ارم مُڙڻ وارن منجهان نه هئي. اڄ ته هن جي اندر مان ڄڻ ڪنهن ٿڌي ٿي ويل ٻرندڙ جبل ڦاٽ کاڌو هو ۽ هن پنهنجي دوست صبا ۽ ٻين شاگردن تي نظرون ڦيرائڻ کانپوءِ ستار ڪمانڊو جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو: “ڇو بس ڪري ويهي رهان...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين اسان شاگردن جي روپ ۾ موجود ھنن غنڊن ۽ لوفرن کا ڊڄندا رهنداسين...!!!؟؟؟ ڪيستائين ڪنڌ جهڪائي جيئندا رهنداسين...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين سنڌ، سنڌي ۽ شاگردن جي نالي ۾ هي چند غنڊا اسانجي تعليمي ادارن جي رَتُ ڄؤرن وانگر چوسيندا رهندا صبا...!!!؟؟؟ آخر ڪيستائين اسان اکين تي پٽي چاڙهي هنن جا ٻڌا ٻانها ٿي هنن جي پٺيان هلنداسين...!!!؟؟؟ اڙي هنن جاهلن کي ته شاگرد سياست جهڙي مقدس عبادت جي “س” جي به خبر ناهي. بس هاڻ گهڻو ٿيو ۽ هاڻ پنهنجو ذهن ۽ ضمير هي سڀ داداگيريون برداشت نه ٿو ڪري...”
ارم جي چيل سچ جهڙن اڇن اجرن جملن شاگردن جي ذهن تي تمام گهرو اثر ڇڏيو ۽ ستار ڪمانڊو کيس ڪاوڙ وچان ڏسندي چيو: “تنهنجي اها جرئت جو تون مونسان ٿي ائين...”
ستار ڪمانڊو اڃا پنهنجو جملو چئي پورو ئي مس ڪيو ته سمورا شاگرد ۽ شاگردياڻيون اٿي بيهي رهيا ۽ ارم جي حق ۾ احتجاج ڪندي چوڻ لڳا: “ها، ها... هاڻ اسان برداشت نه ڪنداسين، جيڪڏهن پوائنٽ بس تان نه ٿا لهو ته پوءِ اسان کان وڌيڪ برو ٻيو ڪوئي نه ٿيندَوَ...!!!”
ڏسندي ئي ڏسندي سمورا شاگرد اٿي بيهي وڏي واڪي احتجاج ڪرڻ لڳا: “ها، ها...!!! هاڻ برداشت نه ڪنداسين لهي وڃو نه ته چڱو نه ٿيندَوَ...!!!”
سموري بس جي شاگردن جي ان اوچتي احتجاج ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي جون متيون ئي منجهائي ڇڏيون. هنن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوته ڪو شاگردن ۾ ايتري جُرئت به پيدا ٿي سگهي ٿي جو هو هنن جي آڏو هڪ ديوار ٿي بيهي رهندا. ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي جي منهن جا پنا لهي ويا خوف ۽ حيرت وچان سندن نرڙ تي پگهر جا قطرا چمڪڻ لڳا. ارم جون نظرون ٻنهي لاءِ ڪمان مان نڪتل ڪنهن تير وانگر هيون. ٻنهي پنهنجو ڀلو انهيءَ ۾ سمجهيو ته هاڻ ڀڄي جان ڇڏائجي. آسپاس بيٺل پوائنٽ بسن جي شاگردن جڏهن ارم جي پوائنٽ مان نعرا ٻڌا ۽ پوائنٽ مان لهندي ستار ڪمانڊو ۽ سندس چيلي جو لٿل منهن ڏٺو ته سموري وارتا سمجهي ويا ۽ پوءِ سمورين پوائنٽ بسن مان ”شيم! شيم!“ ۽ ”شاگرد سياست جي آڙ ۾، غنڊا گردي بند ڪيو“ جا نعرا وڏي واڪ بلند ٿيڻ لڳا. ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿي سمورين پوائنٽ بسن مان لهي ائين ڀڳا جيئن ٻوڏ اچڻ وقت ڪوئا پنهنجن ٻرن مان ڀڄي نڪرندا آهن. اڄوڪي هن عمل جي ڪري ارم جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ اچي ديرو ڄمايو ۽ هن جو ڪنڌ فخر کان مٿي ٿي ويو ڇو ته اڄ کيس محسوس ٿيو ته هوءَ عامر جهڙي هڪ غير معمولي شخص سان پيار ڪري ٿي، جنهن جي ڪري هن ۾ ايتري همت ۽ جرئت پيدا ٿي جو هن سمورن شاگردن کي سراپا احتجاج بڻائي ڇڏيو ۽ چند نام نهاد غنڊن جي ان اصليت کي ظاهر ڪيو جنهن جي بزدليءَ جي خبر سڀني کي هوندي ته هئي پر ڪوئي به ڪڇڻ جي جرئت ڪري نه سگهندو هو...
ٻئي ڏينهن جڏهن ارم صبا سان عامر ڏي اسپتال ملڻ وئي ته عامر اڳ کان ڪجهه بهتر نظر پئي آيو ۽ دوستن سان ڳالهائي ٻولهائي رهيو هو. جڏهن هن ارم ۽ صبا کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ته ٿورو مٿي ٿي ٺهي ويهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو پر جسم مان سُور جي سَٽَ نڪري ويس ۽ هن درد وچان اکيون بند ڪري ڇڏيون. سندس دوستن کيس آرام سان ٺهي ويهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ هن کي ارم ۽ صبا سان ڇڏي هليا ويا. اِرم گُلابن سان گڏ رابيل به عامر کي آڇيا پر کيس اکين ۾ اکيون اٽڪائي نه سگهي. جڏهن کان عامر سان اهو واقعو ٿيو هو تڏهن کان ارم جي ننڊ حرام ٿي وئي هئي. ھن روئڻ پئي چاهيو پر روئي نه سگهي. سمجهه ۾ نه پئي آيـُس ته ڇا ڪري...!!! نيٺ ان اضطرابي ڪيفيت مان صبا جان ڇڏايس ۽ هن عامر کان پُڇيو: “عامر هڪڙي سوال جو جواب ته ڏيو، ان ڏينهن توهان تمام گهڻا زخمي هُئا ۽ اوهانکي گولي به لڳل هئي پر ان جي باوجود به اوهان مـُرڪي رهيا هئا ڄڻ ته ڪُجهه ٿيو ئي ڪونه هو..!! مان پُڇي سگهان ٿي ته اوهان ايڏي وڏي همت ۽ بهادري ڪٿان آندي آهي...!!!؟؟؟”
عامر ارم ڏانهن اڇاتري نظر ڦيرائڻ کانپوءِ صبا ڏانهن ڏسندي چيو: “سڄي سڄي رات روئندا آهيون، تڏهن ته ڏينهن جو کلڻ جهڙا ٿيندا آهيون مئڊم صبا پوءِ ان ٽڪي جهڙي ڳالهه جي ڪري پنهنجي هيڏي ساري قيمتي کِل وڃايون، گهٽ ۾ گهٽ اهو سودو اسانکي قبول ناهي...”
عامر جي انهيءَ جملي ارم کي ڄڻ جهنجهوڙي ڇڏيو ۽ هُوءَ ڪمري کان ٻاهر ڪاريڊور ۾ نڪري وئي ۽ اتي روئڻ لڳي. ارم جي ڪمري مان ٻاھر ويندي ئي صبا عامر کي ڪالهوڪي ٿيل واقعي بابت ٻڌايو ته ڪيئن نه ارم ستار ڪمانڊو ۽ سندس ساٿين کي ڀاڙيو بڻائي ڀڄائي ڇڏيو. عامر کي پهريون ته صبا جي ڳالهه تي يقين ئي نه پئي آيو پر پوءِ هن کي محسوس ٿيو ته شايد ارم کي اُن ويڙهه جي اهميت جي خبر پئجي وئي آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي غنڊن ۽ دھشتگردن کان بچائڻ جي ذميواري ھن سماج جي ھر فرد جي آھي ۽ خاص ڪري هر باشعور شاگرد جي آهي. صبا جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ عامر صبا کي چيو: “ صبا توھان ارم کي مھرباني ڪري ڪمري ۾ وٺي اچو...”
ارم جڏهن عامر جي سامهون آئي ته هن ڄڻ پنهنجو پاڻ ۾ هڪ نئين قوت محسوس ڪئي. کن پل لاءِ هن جون اکيون عامر سان مليون ۽ پوءِ هن ڪنڌ ھيٺ ڪري پنهنجي هٿ ۾ پاتل چوڙين کي ڪرائيءَ ۾ ڦيرائيندي عامر کي چيو: “عامر...!!!”
هن جي ڳالهائڻ ۾ هڪ عجيب ڪشش هئي ھن وري ڪجھه لمحن کان پوءِ وري ڳالھايو: “مونکي اها خبر ڪونه هئي ته تون ڪي اهڙا ڪم پيو ڪرين جيڪي تمام وڏا ته ھئا پر اھي اسانجي نظرن ۾ فضول هئا ۽ جن جي ڪابه منزل ڪو نه هئي. مان ته صرف اهو ڄاڻندي هُيس ته تون ادب، تاريخ، فلسفي، شاعري، سماجيات، معاشيات ۽ ٻين کوڙ سارن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان گڏ هڪ هوشيار، بردبار ۽ سمجھه ڀريو شاگرد آهين. مان ته هميشه توکي سـَونَ شاگردن کي ليڪچر ڏيندي، تقريرون ڪندي ۽ بحث ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو هو. مان ڪڏهن به ان ڳالهه کي ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي ته تنهنجن انهن بحثن، تقريرن ۽ ليڪچرن جي پٺيان سچ جي هڪ اهڙي خوبصورت دنيا موجود آهي جنهن جي هڪ منزل به آهي ۽ جنهن جو واسطو هن ڌرتيءَ ڌڻين جي شاندار مستقبل سان جڙيل آهي. مان تنهنجي قصور وار آهيان عامر جو مان توکي سمجهڻ ۾ دير ڪئي...”
عامر ڪنڌ لاڙي سچائيءَ ۽ جذبات سان ڀريل مـُرڪ مـُرڪندي مـُسلسل ارم ڏانهن ڏسندو رهيو. هن پنهنجن سمورن نفيس جذبن کي سهيڙي تمام گهڻي احترام سان ارم کي چيو: “ارم پنهنجو منهن مٿي ڪر ۽ مـُونسان نظرون ملاءِ، مان توکي ڏسڻ چاهيان ٿو...”
ارم جڏهن عامر سان اکيون ملايون ته هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ بهار جي هِيرَ جو ٿڌو جهونڪو سندس وجود کي ڏڪائي ويو هجي. عامر سندس اکين ۾ اکيون وجهندي مـُسڪرائيندي چيس: “ارم تو ڪالهه هڪ ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن جي اهميت جو توکي اندازو ئي نه آهي، تنهنجي اهڙي جرئت ۽ بهادريءَ سان مونکي جيڪا خوشي ملي آهي سان مان بيان نه ٿو ڪري سگهان. مونکي پڪ آهي ته تاريخ توکي ڪڏهن به نه وساريندي...”
ارم جو منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳو ۽ هن عامر جي هٿ تي هٿ رکندي چيو: “عامر مان توسان تنهنجيءَ هر ويڙهه ۾ آخري دم تائين ساٿ نڀائيندس...”
عامر کيس جواب ۾ ساڳئي مُرڪ آڇي جيڪا هو سڄي سڄي رات روئڻ کانپوءِ ئي حاصل ڪندو هو. صبا جيڪا لڳاتار ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي تنهن ٿورو کنگهي ڪري کين محسوس ڪرايو ته توهان ٻنهي کان علاوه ڪو ٽيون وجود به هن ڪمري ۾ موجود آهي ۽ پوءِ صبا جي اهڙي حرڪت تي ٽئي ڄڻا کلڻ لڳا.جڏهن ارم ۽ صبا عامر کان موڪلائي واپس وڃڻ لڳيون ته ويندي ويندي عامرارم کي سڏ ڪيو: “ارم...”
جڏهن هن ڪنڌ ڦيرائي عامر کي ڏٺو ته عامر چمڪندڙ اکين سان مُرڪندي چيس:
“I am proud of you Irum...”
“مونکي توتي فخر آهي...”
07مارچ1998
دادو ڊسٽرڪٽ جيل