ڪھاڻيون

نيرولي

سجاد گهلوءَ جون ڪھاڻيون پنھنجي پاڻ ۾ مڪمل ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جي صنف سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ فڪري شعور بہ آهي تہ فني توازن پڻ. سجاد گهلوءَ جي ڪھاڻين ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ سادي آهي، ڪھاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گَھرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻھو آهي، تنھن ڪري سنڌ لاءِ بہ هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو. جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس ڪھاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سجاد گهلو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيرولي

رابيل

هن جو نالو رابيل هو ۽ هوءَ جڏهن به گهر کان ٻاهر نڪرندي هئي ته سندس وجود جي خوشبو رابيل جي خوشبو وانگر چوڏس ڦهلجي ويندي هئي. سندس حُسن چٽي ڏينهن ۾ اهڙا تجلا ڏيندو هو جيئن رات جي ٻـُٽ اونداهيءَ ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ کِڙي پنهنجي جوڀن جا جلوا ڏيکاريندو آهي. ائين پيو ڀائنبو ھو ڄڻ ڪائنات ۾ ڦهليل ٽمٽمائيندڙ ستارن به هن کان حُسن اوڌر ورتو ھجي. چال اهڙي جيئن ڌوڙ ترائيءَ جي ڪا هرڻي رڻ جي ميدان ۾ مستيءَ وچان ڪڏندي وڃي ۽ گهڻن کي ئي پنهنجي پيار جو پياسو بڻائي کين حجر جون ڳيتون ڏياري خشڪيون چاڙهي ڇڏي. سندس چيلهه وراڪو اهڙو ڄڻ سنڌو پنهنجي جوڀن ۾ هجي ۽ زمين چيري نوان رُخ ٺاهيندي هجي. سندس ڳالهائڻ جو انداز اهڙو مٺڙو جو من کي ته ڇهي ئي ڇهي پر ڳالهائڻ دوران سندس جملن ۾ لفظن جي اهڙي جــَـڙَت جو ٻڌندڙ جي چهري تي اهڙي مرڪ اچي جيئن ڪارونجهر تي بادل برسڻ کانپوءِ موجي مورن جي ٽهوڪن تي مارو ماڻهن جي چهرن تي اچي ويندي آ. سندس نظرن ۾ اھڙو غضب جو مزو جو جڏھن ھڪ وار کڻي ته ائين لڳندو ھو ڄڻ سازن پنھنجا خوبصورت سُر ڇيڙي ڇڏيا ھجن. جڏھن کان جوانيءَ ھن جي وجود ۾ ديرو ڄمايو ھو تڏھن کان راڄن جون ننڊون ڦٽل ھيون. ھن جون مـُرڪـُون ھر دل لاءِ ڄڻ سانوڻ جي پھرين برسات وانگر ھيون، جنهن ۾ هر من ڀڄڻ ۽ گهڻي گهڻي دير تائين پــُسڻ چاهيندو آ. سندس ٽَهَڪ مست دلين لاءِ اهڙي ٺڪاوڻي ثابت ٿيندا هئا جنهن جي ٺڪاءَ تي جهار ڀڙڪا ڏئي اڏامي. هر من سندس ٻانهن جي سوگهن ٻنگهن ۾ ٻڌجڻ چاهيندو هو ۽ اها خواهش سيني ۾ سانڍي گهمندو هو ته ڪاش هو سندس شيرين چپن جو امرت پي هميشه هميشه لاءِ امر ٿي وڃي. جيڪڏھن ڪنھن کي معصوميت ڏسڻي ھجي ته ھن جي چھري تي ڏسي. سچائي ڏسڻي ھجي ته ھن جي بيباڪ لھجي ۾ ڏسي ۽ جي وفا جو انت ڏسڻو ھجي ته ھن جي لڙڪن ۾ ڏسي...
رابيل اتر سنڌ جي ھڪڙي ننڍي ڳوٺ مـُوسيٰ جي وانڍ ۾ پيدا ٿي ھئي. اتي ئي کيڏي، ڪـُڏي ۽ جوان ٿي ھئي. قدرت سندسن شخصيت ۾ اھڙو ته سحر سمائي ڇڏيو ھو جو ھن جو عقل، ارڏائپ، بردباري، روب، نماڻائي ۽ سنجيدگي پنھنجو مٽ پاڻ ھئا. نه صرف گھر وارن پر مٽن مائٽن، پاڙي وارن ۽ ڳوٺ وارن جي ڄڻ ته اکين جو نور ھئي. صبح جي ماڪ ڦڙي جھڙي رابيل اتر سنڌ جي لُونءَ ڪانڊاريندڙ ٿڌ ۽ باهه جا اُلاَ ڇڏيندڙ گرميءَ جھڙين موسمن ۾ نپني ھئي. ڪَيتَ ۽ چَٽِيءَ جي فصلن جي ھٻڪارن ۾ مـَھِڪي ھئي. زندگيءَ جي پندرھن بھارن کان موڪلاڻي ڪري جڏھن سورھين بھار ڏٺي ھيائين ته سندس وٽ زندگيءَ جاگھڻا ئي تِکا مِٺا تجربا موجود ھئا...
سندس پيءُ جُمن وڏيري نورل جو ھاري ھو ۽ ماءُ سڀاڳي به گھر جي ڪم ڪار، سيبي ٽوپي سان گڏ ٻني ٻاري جو ڪم پڻ ڪندي ھئي، جيئن ٻھراڙيءَ جون اڪثر سگھڙ عورتون ڪنديون آھن. ٻنھي زال مڙس پنھنجي اڪلوتي ڌيءَ کي وڏي لاڏ ڪوڏ مان پاليو ھو. رابيل جي طبعيتن ۾ ٽرڙائپ نالي ته ڪا شيءِ ڳولھي به نه لڀبي ھئي.گھر جي ڪم ڪار سان گڏ ھڪ سگھڙ ڇوڪري ٿيڻ لاءِ هن پنھنجي ماءُ کان گھڻو ڪجهه سکي ورتو ھو...
نه صرف مـُوسيٰ جي وانڍ پر آس پاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جون نوجوان ڌڙڪندڙ دليون ان آس ۾ ھيون ته اھو پڪل ميوو سندن ھنج ۾ ڪري پر ننڍپڻ کان وٺي الھڙ جوانيءَ تائين رابيل جنھن سان اَک ٽــَيٽَ ڪري جيون گڏجي گھارڻ جون الائي ڪيترين آسن ۽ اميدن جون لائون لھي چڪي ھئي اھو ته سندس ماسات حامد ھو. حامد حيدرآباد ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم ۾ ڪم ڪندو ھو. سندس پيءُ جمن ۽ ماءُ سڀاڳيءَ کي گھڻن ئي رابيل جي رشتي لاءِ سڌي يا اڻسڌي طرح چيو هو پر کين رابيل جي مرضي سڀ کان وڌيڪ عزيز هين ۽ حامد جھڙي پڙھيل لکيل ۽ سيبتي ڇوڪري کان وڌيڪ رابيل لاءِ ڀلا ٻيو ڪير بهتر ٿي به نه پئي سگهيو. بس پوءِ ته سڀاڳيءَ جي ڀيڻ الله بچائي مٺائيءَ سميت رابيل جو رشتو گھُرڻ سندن وٽ آئي. سـُٽ ته اڳ ئي سـُلجھيل ھو بس ان ۾ صرف گُل پوئـڻا ھئا. ان رشتي جي خبر جھنگ جي باهه وانگر جُوءِ ۾ ڦھلجي وئي ۽ پوءِ ان باهه جيڪي جيءَ جلايا ان جي دُونھِي گھڻي وقت تائين دکندي رھي...
دُھلن ۽ دمامن سان رابيل ۽ حامد لائون لڌيون ۽ سندن جيون ۾ ھر طرف خوشين جا گل ٽڙي پيا. جڏھن ٻه وجود مڪمل سچائيءَ سان ھڪٻئي کي چاھيندا آھن ۽ شاديءَ جھڙي عظيم سماجي معاھدي تحت ھڪ ٿيندا آھن ته اھازندگي انھن لاءِ جنت مثل ھوندي آھي پر ان لاءِ اهو شرط لازمي ھوندو آھي ته انھن ٻنھي ۾ رشتي نڀائڻ جي صلاحيت موجود ھجي جيڪا رابيل ۽ حامد ۾ ھئي. ٻئي ڄڻا ڏاڍو خوش ھئا. شاديءَ کانپوءِ جڏھن حامد ھفتي ۾ ھڪ دفعو حيدرآباد کان ڳوٺ ورندو ھيو ته انھن ڇھن ڏينھن جي جدائيءَ ۾ ھو رابيل لاءِ خوشين جون جھوليون ڀري ايندو ھو. بس رابيل وانگر ھر ڇوڪريءَ کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا گھرجي. مڙس جو اعتماد ۽ اڻ مـَيـَو پيار ئي ان لاءِ ڪل ڪائنات ھوندي آھي. سال اندر ھوءَ ھڪ بيحد سھڻي ٻارجي ماءُ بڻجي پئي ۽ ھاڻ ھوءَ پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ خوشضيب سمجھي رھي ھئي ڇو ته ھڪ ته ھوءَ حامد جھڙي پيار ڪندڙ جي گھرواري ھئي ٻيو ته ھاڻ ھوءَ ماءُ جھڙي عظيم رشتي سان به نوازجي پئي ھئي. ٻنھي پنھنجي پٽ جو نالو پـُنھون رکيو...
حامد جي رابيل سان شادي ته راڄن جي اکين ۾ ڪنڊي وانگر چڀندي رھي ھئي پر حامد جو سؤٽ سليمان جيڪو وڏيري نورل جو ڪمدار پڻ ھو، ان کي اھا ڳالهه بلڪل به ڀانءِ نه پئي ڇو ته رابيل کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھن به وس ڪيا ھئا پر رابيل ھن ڏي اک کڻي ڏسڻ به گوارا نه سمجھيو ھو. ھڪ وڏيري نورل جي پٺ ٻيو ڪمداريءَ جو ڪڙڪو جڏھن کان سليمان جي وَرِ چَڙھيا ھئا تڏھن کان ڪَٽڪَ ماڻھن جا عتاب ھيٺ ھئا. ٻنيءَ ٻاري جو حساب ڪتاب ته ڪڙمين کان ڇڪي تاڻي وٺبو ھو پرگھڻا ڪسجي ويا، گھڻا وڍجي ويا، گھڻا ڪاٺ ڀيڙا ٿيا، گھڻا گُم ٿيا ۽ گھڻا فيصلن جي وَرِ چڙھي ڏتڙجي ويا تن ڳالھين جو حساب ڪتاب ڪو نه رکبو ھو...
حامد ۽ رابيل جي خوشين ڀري زندگيءَ سليمان جي جيون ۾ آڳ لڳائي ڇڏي. ھو شيطاني دماغ سان سوين ترڪيبون سوچڻ لڳو. وڏيري نورل جي صورت ۾ سندس وٽ ھڪ زبردست طاقت ته اڳ ئي موجود ھئي، جنھنڪري کيس ڪو اُلڪو به نه ھو پر پنھنجي اندر جي باهه ڪيئن وسائي، ان ڳالهه سليمان کي منجھائي ڇڏيو ھو ۽ ھو ڪنھن ترڪيب سوچڻ سان گڏوگڏ ڪنھن ٺاھوڪي موقعي جي انتظار ۾ به ھو. ھڪ ڏينھن گھر ۾ ويٺي ويٺي ھن کي اوچتو خيال آيو ۽ ڀـَڙِڪو ڏئي اٿي ويٺو. پنھنجي دُنالي بندوق ۽ تيز ڌار واري چمڪندڙ ڪھاڙي کڻي تڪڙو گھران نڪري ويو ۽ چاچي سوُمرجي ٻنيءَ تي پھتو جنھن سان اڳ ئي پاڻيءَ جي واري تي تڪرار ھلندڙ ھيس. چاچي سومرجي پـُٽ وونـئـڻن جي فصل ۾ ڪم پئي ڪيو. سليمان کي ان کان وڌيڪ سنھري موقعو ٻيو ڪو نه ملڻو ھو. ھن ھڪل ڪندي بي خيال رجب کي چيو: “نه ويندين ڪارو آن...!!!”
رجب جي وھم گمان ۾ ته ڪا ڳالهه به نه ھئي. ھو ڪوڏر مان ھٿ ڪڍي اڃان سڌو مس ٿيو ته سليمان جي شڪاري ھٿن مان نڪتل ھڪ گولي سڌو نرڙ ۾ لڳس ۽ ٻئي سيني ۾ دل وٽ. سليمان تڪڙو تڪڙو اچي سؤٽ جي گھر پڳو. حامد ته حيدرآباد ويل ھو ۽ سندس پيءُ ۽ ٻيا ٻه ڀائربه ٻنيءَ تي ڪم سانگي ويل ھئا. حامد جي ماءُ الله بچائي به پاڙي ۾ ويل ھئي. سليمان کي ھر موقعو ٺھيو ٺڪيو پئي مليو، گھر ۾ گھڙندي ئي ھن رابيل کي ھڪل ڪئي: “ڪا ٿي آھين ڪم ذات...!!! اسانجا منھن ئي ڪارا ڪرائي ڇڏيا اٿئي...!!!”
رابيل پنھنجي ڪمري ۾ پـُنھونءَ کي ريجھائي رھي ھئي تنھن جو اوچتو رڙيون ٻڌيون ته ٻاھر پڌر ۾ نڪري آئي. سندس ھنج ۾ معصوم پـُنھون ھو جيڪو بي انتھا روئي رھيو ھو. سليمان جي نظر جيئن ئي رابيل تي پئي ته ھن جي اکين ۾ رت لھي آيو ۽ ھن رابيل کي رڙ ڪندي چيو: “ڪاري آھين...!!!”
رابيل جون متيون ئي منجھي ويون ۽ ھوءَ سليمان کي حيرت سان ڏسڻ لڳي. سليمان ھڪدم بندوق پَٽَ تي ڦٽي ڪئي ۽ اک ڇنڀ ۾ تيز ڌار واري ڪھاڙي اُڀِي ڪري رابيل ڏانھن وڌيو. رابيل ٿڃ پياڪ پنھونءَ کي پنھنجي جسم تان لاٿو ئي مس ته ايتري ۾ چمڪندڙ ڪھاڙيءَ جو تيز ڪپيندڙ لوهه سندس ساڄي ڪلھي ۾ کُپي ويو. رابيل درد مان اکيون بند ڪيون پر سندس وات مان ٻُڙڪ به ٻاھر نه نڪتي ۽ ڪُلھي وٽان رت ٺِينڊِيون ڪندو نڪرڻ لڳس. سليمان وري ٻيو وار سندس ڄنگهه تي ڪيو، ٽيون وارسندس پيٽ تي ۽ چوٿون وار سندس پُٺ ۾ ڪيو. رابيل جي جسم تان ڪھاڙيءَ جا وڍ کائي لڙڪيل مـَاسَ جا لوٿڙا ڏڪي رھيا ھئا پر سليمان جي اکين ۾ وحشت رقص ڪري رھي ھئي. ھو دھشت مان وڏا وڏا هيبتناڪ ساهه کڻي رھيو ھو ۽ پوءِ ھن ڪھاڙيءَ جي ڳن سان رابيل جي مٿي ۽ وڍيل وجود تي وَارَ ڪيا ۽ رڙيون ڪندي ھليو ويو: “ڪاري ھئي...!!! ھوءَ ڪاري ھئي...!!!”
معصوم ٿــَڃُ پياڪ پـُنھون جنھن کي ھن دُنيا ۾ آئي اٺ مھينا ئي مس ٿيا ھئا سو رڙيون ڪري پنھنجي وڍيل ۽ رتُ ۾ ريٽيل ماءُ ڏي واجھا ئي رھيو ھو. رابيل پنھنجي وڍيل وجود سان پنھنجي ٻچي ڏانھن سيني ڀر رڙھندي رھي ۽ ان کي ڀاڪر ۾ ڀري پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتائين. ھن کي پـُنھونءَ جي بک جو خيال آيو ۽ پوءِ زندگيءَ جي پوئين پھر ۾ ھن آخري ڀيرو پنھنجي پُٽ کي سيني سان لائي ٿَڃُ پياري...
رابيل جھڙي راڻي ۽ رجب جھڙي بيگناهه ڪونڌر جي ڪسجي وڃڻ کانپوءِ ڳوٺ ۾ ماتم ۽ راڪاس جھڙي سانت ڇانيل رھي. ڪجھه ڏينھن گذريا ڳالھيون ماڻھن جي واتن تي مختصر تبصرن ۾ ٿينديون رھيون ۽ پوءِ ميلو متو، جرڳو ٿيو، وڏيري نورل چئن چڱن چوکن سردان کي گھرايو، سليمان چار ڪوڙا شاھد رجب ۽ رابيل جي ناجائز لاڳاپن تي بيھاريا ۽ امينن جي عقل تي ھلندي سردارن جي رضا سان فتويٰ جاري ڪئي وئي: “رابيل ۽ رجب ٻئي حَقِي واجبي ڪارا ھئا. سليمان جيڪو قدم کنيو اھو غيرت ۾ ھو تنھنڪري ڌرين کي پابند بڻائجي ٿو ته سليمان مٿان جي ڪيس ڪيائون يا ڪورٽ ڪچھريءَ ويا ته ڳرو ڏنڊ ڀريندا ۽ راڄ ڀاڳ جي ڀت برادري ۽ رشتن ناتن کان به ھميشه لاءِ الڳ ڪيا ويندا...”
ٻن بيگناهه وجودن جي ڪوڙي قتل جو جرڳو پورو ٿيو جن جا ٻچا ڪٺا سي درد سينن ۾ سانڍي واپس گھرن ڏي وريا. حامد حيران هو، هڪ ته هن جي جنت جھڙي سندر ڪائنات اجڙي چڪي ھئي ۽ ٻيو جرڳو ٿيو ان ۾کيس فريق جيتري حيثيت سان به شامل نه ڪيو ويو ۽ ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ٻن بيگناهه ماڻهن جي خونِ ناحق جو نبيرو ائين ٿيو ڄڻ رستي ويندي ڪن جانورن کي ڪٺو ويو هجي...
حامد ڪنهن خاموش ٻرندڙ جبل جيان اندر ئي اندر پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي دٻائي گهر واپس ٿيو. هو پنهنجي ويران ۽ اجڙيل گھر ۾ پنھنجي معصوم پٽ سان ھر ڪنڊ ۽ ھر پاسي کان رابيل جي مھڪ کي محسوس ڪري رھيو هو. ائين پئي ڀانئيو ڄڻ رابيل جي خون جي مهڪ کيس چوندي هجيس: “حامد جي منهنجي پاڪ دامن تان ڪارنهن جو داغ ڌوئي صاف نه ڪيئي ته ڏينهن قيام تائين بخش نه ڪندي سانءِ، منهنجي قبر جي مالڪي ڪر ته جيئن آئنده ڪو ٻيو سليمان ڪھاڙيءَ جي تکي ڌَارَ جي چمڪ تي پنھنجي مڇن کي مروڙو ڏئي سنڌ جي هن ڀلاري ڀونءِ تي ڪنهن ٻئي رابيل کي ڪاري ڪرڻ کان اڳ هزار بار سوچي...”
حامد پنهنجو سامان سهيڙيو ۽ حيدرآباد پهتو جتي ٻئي ڏينهن هن پاڻ سان ٿيل سموري وارتا پنهنجي آفيس جي ساٿين کي ٻڌائي. فيصلو ٿيو ته بيگناهه رابيل ۽ رجب جي خون کي رائگان ٿيڻ نه ڏبو. ٻئي ڏينهن تي سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ ٿيل ٻن ناحق قتلن خلاف مظاهرا ۽ پريس ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ سياسي، سماجي، ادبي تنظيمن سان گڏ هر باشعور ماڻهو شامل ٿيو. سماجي ميڊيا تي رابيل ۽ سندس معصوم پنهونءَ جي تصويرن تي لکين ماڻهن پنهنجا رايا ڏنا ۽ رابيل جي رت هاڻي تصوير پنهنجي گواهه پاڻ بڻجي سڄي دنيا جون اکيون کولي ڇڏيون. حڪومت حرڪت ۾ آئي، اعليٰ عدالتن موسيٰ جي وانڍ ۾ ٿيل قتلن ۽ جرڳي جو پاڻمرادو نوٽس ورتو. سليمان وڏيري نورل سميت فيصلي ۾ شريڪ چئن چڱن سردارن سان گڏ گرفتار ٿيو. سليمان کي تعزيراتِ پاڪستان جي شِق 302 تحت سزاءِ موت جي سزا ملي. وڏيري نورل ۽ ٻين سردارن نه صرف جرڳي ڪرڻ جي ڏوهه تي لکت ۾ معافي ورتي پر عدالت کين 6 مهينن جي ٽيپ پڻ ڏني وئي...
ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ عورتن جي حقن ۽ ڪارو ڪاري جهڙي ڪُڌي روايت خلاف هڪ اعليٰ سطح جو سيمينار ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اهم شخصيتن سان گڏ هر مڪتبهء فڪر جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان سيمينار ۾ متفقه طور تي هڪ قراداد منظور ٿي ته: “رابيل ۽ رجب بيگناهه هئا ۽ انهن جو پاڻ ۾ ڪو به ناجائز رشتو نه هو. سماج جي ڪڌين روايتن ۽ ناسهپ جي ڪري کين بيڏوهي قتل ڪيو ويو. اڄوڪو هي سيمنيار هن قرارداد ذريعي نه صرف رابيل ۽ رجب پر سنڌ اندر ڪارو ڪاري جي ڪڌي روايت طور قتل ٿيل اهڙن سمورين نياڻين ۽ نوجوانن کي ڳاڙهو قرار ڏئي ٿو ۽ کين شهيد جو لقب عطا ڪري ٿو...”
حامد جي اکين ۾ خوشيءَ وچان لڙڪ تري آيا ۽ اڄ سموري سنڌ رابيل جي پاڪ دامن تي لڳل داغ کي ڌوئي ڇڏيو هو. حڪومت طرفان ڳوٺ موسيٰ جي وانڍ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ هڪ مفت معياري اسڪول جو بنياد وڌو ويو جنهن جو نالو “رابيل پبلڪ اسڪول” رکيو ويو. اڄ انهيءَ اسڪول مان سوين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون تعليم جي زيور سان آراسته ٿي ڪڌين ريتن، روايتن ۽ رسمن جي اونداهيءَ کي علم جي اجالي سان ختم ڪري رهيا آهن...

11 نومبر 2005
حيدرآباد