ڪھاڻيون

نيرولي

سجاد گهلوءَ جون ڪھاڻيون پنھنجي پاڻ ۾ مڪمل ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جي صنف سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ فڪري شعور بہ آهي تہ فني توازن پڻ. سجاد گهلوءَ جي ڪھاڻين ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ سادي آهي، ڪھاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گَھرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻھو آهي، تنھن ڪري سنڌ لاءِ بہ هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو. جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس ڪھاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سجاد گهلو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيرولي

راکو

“او چاچا حاڪم سگھو اچجان سگھو...” ٿورو پرڀرو ٻيلاٽيءَ تي بيٺل صوبدار چاچي حاڪم کي ھڪل ڪندي سڏ ڪيو. سج لھي چڪو ھو ۽ آسمان تي اوندھه جي چادر مڪمل طورتي ڦھلجي چڪي ھئي...
چاچي حاڪم ڪارائي صوبدار جو آواز ٻڌو ته کٽ تي ستي ئي ڪارائي کي ورندي ڏنائين: “آيو ابا آيو...”
اوڏڪي ڀتين سان جڙيل جھوپڙيءَ مان نڪرڻ وقت ھن پاڻ سان ٽارچ ۽ ڪھاڙي ھٿ ۾ کنئي ۽ گھر جي چوڌاري ڏنل لوڙھي وٽان اچ وڃ واري جڳهه تان ڍِنگـَر ھٽائي ٻاھر نڪري آيو. ٿورو پرڀرو ٻيلاٽيءَ تي بيٺل ڪارائي صوبدار ڏي روشني ھڻي پڪ ڪندي پڇيائين: “ابا ڪارائو صوبدار آھين نه...؟؟؟”
ھن به ٺهه پهه جو اب ڏنس: “ھائو چاچا ھائو...”
جڏھن پڪ پيس ته ڪارائو آته واپس وريو ۽ پاڻ سان گڏ ھڪ کٽ ھنڌ سميت مٿي تي رکي کڻي آيو. چنڊ جا پويان ڏينھن ھئا، تنھن ڪري چئني پاسي اوندهه ئي اوندهه ھئي. کڙکٻيتن جا جھُڳٽ ھئا جيڪي چئني طرفن کان وڻن جي ٽارين وٽ ھوائن ۾ اڏامندي آسمان تي ڦھليل ستارن وانگر ٽمٽائي رھيا ھئا. رکي رکي ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ کان گدڙن ۽ لومڙن جي اوناڙ جا آواز پئي آيا. سياري جي آمد ھئي ۽ نومبر جو مھينو شروع ٿي چڪو ھو. ھن کٽ کڻي باھڻ جي برجستي وڻ ھيٺان رکي، جيڪو گذريل ڏھاڪو کن سالن کان ڪنھن ڳڀرو جوان وانگرٻيلاٽيءَ تي ڪر کنيو بيٺو ھو، ڄڻ ته سڄي علائقي جي رکوالي ڪندي ان تي اک رکيو ويٺو هجي. چاچي حاڪم کٽ مٿي تان لاھي ھيٺ رکي، ھنڌ کي ٺاھي رکيو ۽ ڪارائي کي ھٿ ڏئي کيس کِيڪاريندي چيائين: “ابا جي آئين، ڀلي آئين، ٻيو سڀ خير، اوھي پاھي، ڳوٺ ۽ گھر وارا سڀني ڏي خير، اوڙو پاڙو، مال متاءُ سڀ خير لڳو پيو آ نه ابا...؟؟؟”
“ھائو چاچا جاڏي ڪاڏي خير، اميد ته تو وٽ به خير ئي ھوندو...؟؟؟”
“ھائو ابا جاڏي ڪاڏي خير ڀلاڏي خبر رات جي ھن پھر پنڌ پيو آھين، خير ته آھي نه...!!!؟؟؟”
“ھائو چاچا خبر اٿي ته پاڻ حڪم جا بندا وڏيري جو حڪم ٿيندو ته پوءِ اھا به پرواهه ناھي رھندي ته پيرن ۾ جتي آھي به يا نه، باقي الله جا ڪرم ۽ ٿورا ۽ خبرون سڀ خير جون آھن...”
“ھان ابا خبرون خير جون آھن چئبو ته رب سـَـڻائي ڪئي آ نه...؟؟؟ مان ننڍڙيءَ کي چيو آ ھوءَ پاڻ واري ڀلوڙ ڪاموري ٻڪريءَ کي ڏُھي چانهه چُڪو تيار ٿي ڪري، پر جي چئين ته منٽن ۾ ماني ڳڀو به تيار ڪرائي وٺان...؟؟؟”
ڪارائي صوبدار پيرن ۾ پاتل جُتي کي پيرن جي چنبي مان آزاد ڪيو ۽ کٽ تي چڙھي وھاڻي کي ٽيڪ ڏيندي حاڪم کي چيو: “نه چاچا ماني ڳڀي جو آسرو پليل آ. ڀلا ڏي خبر چاچا جُوءِ ۾ سڀ خير لڳو پيو آ...؟؟؟”
“ھائو ابا خير ئي خير لڳو پيو آ، ڀلا ھن ڪچي جي جھنگ ۾ ڪنھن کي کُٽيءَ کنيو آجو اچي بلائن سان اُچائي...!!!”
تنهن تي ڪارائي صوبدار وراڻيس: “ڀلا توکي ته ڪا تڪليف ڪونھي نه...!!!؟؟؟”
“نه ابارب جالک ٿورا آھن شل وڏيرو ھميشه سلامت رھي سندس بادشاھيءَ جو ڪـَـکُ به ڀڃي ٻٽو نه ٿئي، باقي مان به ابا عمر گذاري آ ڪچي ۾ ۽ اگھاڙن پيرن سان لُنڊِيُون لتاڙيون آھن. تـَــرُ سچائي ڪندو ته ڦُـوھه جوانيءَ ۾ جڏھن حاڪم پير وجھندو ھو ته ڀاڳين جو مضبوط کان مضبوط ڪلي تي ٻڌل وَھٽُ به ائين ڇوڙي ايندو ھيم جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آ. ھا ابا وقت جو ڦيرو آ جو ھاڻ کڻي پيريءَ ۾ اھو سـَـتُ ناھي جو مھل تي ماڻھن کي پٽ تي مڻڪي ڀر دسي ڏندڻ وٺرايان پر جگر جھونو ناھي ٿيو، ھڪل سان چڱن ڀلن کي ڏندڻيون وٺرائي ڇڏيندو آ...”
“ھائو چاچا چئين سچ ٿو اسان وارا وڏا به تنھنجي ڪارنامن جون ڳالھيون مڙئي سـَرسُ ڪندا آھن. ٻيو سڀ خير، ھاڻ ڏي خبر تو واري رَکَ ڪيئن پئي ھلي...؟؟؟”
“ابا ڦٽاڪڙي ڦاڙڻ ته پري جي ڳالهه پر ڦــُٽـِـيـُـن جي ڦاٽ کائڻ کانپوءِ به ڪنھن ھاريءَ کي ٻنيءَ ۾ نه لاٿو اٿم.ڇو ته مونکي اڳ ئي وڏيري جو حڪم سُجھي ٿو. ڪڻڪ به موچاري ٿي آھي ۽ ڦاڙھن به پير ڀرڻ شروع ڪيا آھن. باقي سُوئر سي ته ابا ولر ڪري پيا گھمن...”
صوبدار مـُڇـُن کي مهٽو ڏيندي، ڏند شيڪيندي چيس: “واهه واهه ۽ ڀلا تِتِرن جون ڪھڙيون خبرون آھن...؟؟؟”
حاڪم به سندس خوشيءَ کي پروڙيندي چيس: “ابا چيم نه ته ڦٿين واري سئو جريب ٻنيءَ ۾ ڪنھن کي گھرڻ ته پري جي ڳالهه پر ٻنيءَ وٽان مـَٽـَڻ به ڪو نه ٿو ڏيان. ھا ابا چوانءِ ٿو ته تون ان وقت پاڻ ئي انصاف ڪندين جڏھن صبح ساڻ ۽ سانجھيءَ جو چاڙھاڪي وقت تترن جو ٻولڻ ٻڌندين، اصل جي ڪن کاڄي نه وڃنئي ته منھن ۾ ڀونڊو گھروڙي ڏجانءِ ۽ چئجانءِ حيف ٿي حاڪم رَاکَا صفا ڪنھن بُڻ بنياد مان ئي ناھين. مان ٿو چوان ته ھيل شڪار ٻچن کان به وڌ اھڙو رَکَ ڪري پاليو آجو وڃي ٿين ست خير...”
وڏيري جي ڪارائي صوبدار سندس ڳالھين تي واڇون ٽيڙي چيس: “ھئي ڙي چاچا حاڪم ھئي، اتي اچ نه اڄ ته صفا دل ئي خوش ڪري ڇڏيئي...”
چاچي حاڪم ھٿ ٻڌندي چيس: “صوبدار اسان ته حڪم جا غلام جيڪو پيٽ ۾ اَنَ ٽُڪُر پئي ٿو سو به ته وڏيري جي بخشيش آ، نه ته ابا پنھنجو نه ڪو اوھي نه پاھي. باقي دلجاءِ ڪر ڦاڙھو ۽ سوئر ته ڪَٽَڪَ ڪري پيو گھمي ۽ تتر به تصور کان گنج آھن اصل مان ٿو چوان ته هيل پاڻ واري وڏيري کان پويان شڪاربه وسري ويندا...”
صوبدار به کلندي چيس: “بس پوءِ ڀلا ٻيو ڇا کپي...”
جنهن تي حاڪم راکي به گڏجي کلندي چيس: “ٻيو نه ته جڏھن کان ڦٽين جو فصل موچارو ٿيو آ تڏھن کان مان به ڪھاڙي رَوھيءَ تي لائي اھڙي ته تِکِي ڪيو ٿو گھمان جو مجال آ ڪو ھاري اجازت کا نسواءِ ٻنيءَ ۾ گھڙڻ جي جرئت ڪري...”
تنهن تي صوبدار حاڪم سان تاڙو ملائيندي چيو: “بس ته پوءِ ھاڻ پـَـڪِيءَ جي ڪجهه سرس ئي پارت ٿي ڇو ته ھفتي ڏھن ڏينھن ۾ پـَـارَ وارو مرشد سائين جونگل شاهه بادشاه ۽ ڪجهه ٻين تـَـرَن جا وڏيرا ۽ ڪامورا وڏيري سان گڏ شڪارتي مھمان ٿي ايندا. سو پنھنجي طرفان سمورا انتظام مڪمل ھجن. تتر ته سئو جريب ڦٽين ۾ ٿيا ھٿيڪا باقي سوئرن ۽ ڦاڙھن جا پيرا ڪڇي انھن جا ٿاڪ ۽ لنگهه به ھٿيڪا ڪجان ۽ ان ڳالھه جو به خاص خيال رکرائجانءِ ته انھن پاسن ڏي ڪوئي ڀل ۾ به نه لڙي نه ته جي سـَاسـِـيـُن ٽاھه کاڌو ته پوءِ سمجھه ته پنھنجو پٽڪو مھمانن آڏو ڌوڙ ٿيندو ئي ٿيندو...”
حاڪم نرڙ تي گهنج وجهي اکيون ڀيڪوڙيندي صوبدار کي چيو: “ڪاراوا اصل فڪر ئي نه ڪر، وڏيري کي چئجانءِ ته منھنجي پڳ ان جي پيرن تي. باقي حاڪم رَاکَي جون ست پيڙھيون به مرشدن ۽ مھمانن جون اھڙيون ته غلاميون ڏينديون جو ويٺا يا عمر ڳائيندا رھندا...”
ايتري ۾ حاڪم کي گھران ھڪل ٿي: “بابا او بابا اچ چانهه کڻي وڃ تيار ٿي وئي آ...”
ھن به تڪڙتڪڙ ۾ جتي پيرن ۾ وجھندي ڌيءَ کي جواب ڏيندي چيو: “آيو بابا آيو...”
حاڪم جھٽ ۾ چانهه کڻي آيو. ھن ڪارائي صوبدار سان گڏ نومبر جي شروعاتي مھيني ۾ ماڪ پوندڙ ٿڌڙيءَ رات جو گرم گرم چانهه جون چُسڪيون پئي ورتيون ته ڏور ڪنهن ٻيلي جي وڻن مان لـُومڙ جي اوناڙ جو آواز آيو، چانهن جو ڍُڪ ڀريندي صوبدار حاڪم کان پڇيو: “چاچا ڀلا ڏي خبر چَاچيءَجي طبعيت ھاڻ ڪيئن آ...؟؟؟”
حاڪم چنتا واري انداز ۾ چيس: “بس ابا مون واري پوڙهيءَ کي کنگهه ۽ ڇاتيءَ جو سور ڇڏيس ئي ڪو نه ٿو اصل صفا لاچار ٿي پئي آ، الله پنهنجو رحم ڪندو...”
صوبدار وري چانهه جي چـُسڪي وٺندي پڇيس: “۽ ھيءَ ڀلا تو واري اھا ئي ڌيءَ آھي نه جنھن جي تو پـَـرُسال شادي ڪرائي ھئي...؟؟؟”
حاڪم هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڏيندي چيس: “ھائو ابا، صحيح سڃاتو اٿئي، ٻه ٽي ڏھاڙا ٿيا آھن جو وٺي آيو ٿي مانس، ھڪ ته ماڻھنس اڪيلي ۽ مٿان وري لاچار، مان به پوڙھو ماڻھو مانيءَ ڳڀي لاءِ به پريشان پئي ٿياسين تنھنڪري ڪجهه ڏينھن لاءِ وٺي آيو مانس ته جيئن ماءُ جي خبر چار به لھي ته وري گھر جي ڪم ڪار ۾ به ڀرجھلي ٿئي...”
صوبدار چانهه جو پيالو پٽ تي رکندي چيس: “چاچا الله ڀلي ڪندو پاڻ ھاڻ ھلون ٿا ھڪ ته اونداھي رات ٻيو پنڌپري ۽ وڃڻو به جھنگ لتاڙي آ. مان وري ستت ئي ٻيھر چڪر لڳائي سار سنڀال لھڻ ايندم...”
حاڪم هيٺاهين وٺندي چيس: “ابا ھڪ نه سؤ چڪراچ پر رَکَ ۽ شڪار جي معاملي ۾ اصل بي کُٽڪو ٿيءُ، چيو مانءِ نه ته ھيل وڏيري کي اھڙو شڪار لڳندو جو پويان ھڙ شڪار وسري ويندس...”
صوبدار مڇن کي مھٽو ڏئي ويندي ويندي ويندي مام ڀري انداز ۾ چيس: “ھائو چئين سچ ٿو ۽ مونکي به لڳي ٿو ته ھيلوڪي شڪار سان وڏيري کان پويان سمورا شڪار وسري ويندا...”
حاڪم رَاکَي جي نالي سان مشھورھو، گھڻا سال اڳ ھڪ ڏينھن ڌاڙي ھڻڻ دوارن ھن کي ڄنگهه ۾ ٻه گوليون لڳيون ھيون ۽ ھو منڊو ٿي پيو ھو، تڏھن کان سمورا ڌندا ڇڏي دادوءَ جي ڪچي ۾ وڏيري نوروزخان جي پنھنجن ۽ پراون جي ڦٻايل ۽ سرڪاري کاتي جي قبضي ڪيل ھزارين ايڪڙن تي مشتمل ٻنيءَ منجهه ٺھيل مختلف شڪارگاھن مان ٻن شڪارگاھن تي تتر، ڦاڙھي ۽ سوئر جي رَکَ ڪندوھو. وڏيري نوروز خان جي سنڌ کان علاوه پنجاب جي چڱن مڙسن کان وٺي، بلوچستان ۽ سرحد جي سردارن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، ڪامورن، فوجي بالا آفيسرن ۽ مرشدن سان گھڻي اٿي ويٺ ھئي ۽ انھيءَ ياري باشي ۽ اٿي ويٺيءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ وڏيرو آئي ڏينھن ڪنھن نه ڪنھن مھمان کي شوق شڪارتي ڪچي ۾ وٺي ايندو ھو. پوءِ سندس مھمان وڏن ۽ بي انتھا خوبصورت سڱن وارا ڦاڙھا، گيڙو رنگ ڏسي مستيون ڪري پنھنجن پرن کي پٽ تي ڦھلائي رقص ڪندي ڪچي جي لٽ ھاڻي ٻنيءَ تي خوبصورت نقش چٽيندڙ تترن ۽ سنڌ جي خاص ڪاري نسل وارن سوئرن جي جسمن ۾ گولين جي گرم سيھي کي ٿڌو ڪري پنھنجي وحشي پڻي واري جبلتن کي ماٺو ڪندا ھئا...
حاڪم جوانيءَ ۾ پنھنجيءَ جُوءِ ۽ علائقي جي مشھورڌاڙيلن جي ٽولن سان گڏرھي چڪو ھو. ھن جي رت منجهه اڄ به اھا ئي ڌاڙيلن واري ڪرت گردش ڪندي ھئي. اغوا، ڦرون ۽ ڌاڙا ته ھن جو شوق ھئا ۽ پلاند، دشمنيءَ يا ڌاڙي دوران جيڪڏھن ڪو سامھون اچي وڃي ۽ انگل ڪري ته ان کي قتل ڪرڻ ته هن لاءِ ائين ھو جيئن ٻارن جو گليل کڻي جھرڪين ۽ ٻاٽيڀرن کي مارڻ. ان کان علاوه وڏيري جي حڪم تي ڪنھن جي ننگ کڻڻ ۾ به دير ڪو نه ڪندو ھو. ڪچي منجهه جنھن جاءِ تي ھو پنھنجي گھرواريءَ سان گڏرھندو ھو اتي آسپاس ٻيو ڪو به نه رھندو ھو. بس مختلف ٽڙيل پکڙيل ڳوٺ ھوندا ھئا جيڪي به ھن جي گھر کان ڳپل پنڌ تي ھئا. ٻيلن جي واڍي ڪرائي وڏيري نوروز خان ٻنيون آباد ڪرايون ھيون پر اڄ به جڏھن سنڌوءَ ۾ وچولي يا مٿاھين درجي جي ٻوڏ ايندي ھئي ته اھو سڄو علائقو به پاڻيءَ ھيٺ اچي ويندو ھو ۽ پاڻي لھي وڃڻ کان ستت پوءِ ئي ڪچي جي سرسبز ۽ سون ورني ٻنيءَ جي ڪُکِ مان طرحين طرحين جا وڻ ۽ ٻوٽا ائين ڦاٽ کائي نڪرندا ھئا ڄڻ ته ڌرتيءَ اندر سڄا سارا دفن ٿيل ھئا ۽ کين ٻاھر نڪرڻ لاءِ صرف ٻوڏ واري پاڻيءَ جي بھاني جي ضرورت ھين. ڪجهه مھينن اندر ڏسندي ئي ڏسندي سمورو ٻوڏ وارو علائقو گھاٽن ساون ٻيلن سان ائين ڀرجي ويندو ھو جو جيڪڏھن ڪو مڙسالو اندر گھڙيو ته پوءِ ان جو ملڻ ئي ڄڻ مھال ٿي پوندو ھو. تڏھن ته چئبو ھو ته سنڌ جي ڪچي جي ٻني اھڙي جو ماڻھو پوک ته ماڻھو ڦُٽي نڪري. ڪچو پٽ ھجي يا ٻوڏ کانپوءِ جھنگ، چٽو ڏينھن ھجي يا اوڻٽيھين اونداھي پر جي حاڪم رَاکَي جي اکين تي پٽي ٻڌي کيس سُونھون ڪجي ته مجال آ جو ھو ڪچي جي گھَٽن گھَيڙن کان تِــرَ برابر به گُسي. جوانيءَ کان وٺي ڌَڪجڻ تائين، آڌي ھجي يامانجھي، ڪچي جي ٻنھي طرفن موجود پنھنجي جُوءِ سميت آسپاس جي ٻين سمورين جُوئِن کي به ھن پنھنجن پيرن ھيٺان لتاڙيو ھو، هزارن ايڪڙن ۽ سون ميلن تي ڦهليل ڪچي جو اهڙو ڪو چيلو نه هو جيڪو هن جي نظر کان اوجهل ۽ لتڙ کان لتاڙيل نه هجي. هو بي کُٽڪو ٿي آسپاس پاس موجود ٻين سمورين وسندين کان پرڀرو ٿي شڪار گاهه جي ڀرسان ۽ درياءَ کان فرلانگ کن اورتي ھڪ وڏي مٿاھين ٻيٽ تي جھوپڙي اڏي پنھنجي گھر واريءَ ۽ ٻڪرين جي مال سان گڏ رھيو پيو ھو. خيرن سان پنجن ڌيئرن جو پيءُ ھو جيڪي پنج ئي پرڻائي ڇڏيون ھئائين ۽ ان سان گڏ ٻن پٽن جو اولاد به ھيس، جيڪي پيءُ جي ڪِرتَ جي پاسداري پاڙيندي ھڪ ڌاڙي دوران پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا ھئا. ھو انھن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ موڙو به نه ٻڌائي سگھيو ھو. اھا ٻي ڳالهه ھئي ته اڄ به سندس گھر کان ٿورو پرڀرو وڏيري طرفان ٺھرايل لانڍيءَ ۾ ڏينھن توڙي رات جو ڌاڙيلن جا مختلف ٽولا ڪڏھن ڪڏھن آرامي ٿيندا ھئا ته انھن جي ياراڻي نڀائيندو ھو ۽ خاص ڪري وڏيري طرفان انھن جي خدمت جو ڪم به کيس ئي سونپيل ھو...
ٻئي ڏينھن صبح ساڻ باک ڦُٽيءَ مھل ڪجهه ھاري راکي حاڪم وٽ آيا خير عافيت معلوم ڪرڻ کانپوءِ ھڪ جھوني ھاري چاچي صابر حاڪم کي ھٿ ٻڌي چيو: “حاڪم چئين ته پٽڪو به لائي پيرن تي رکانءِ ٻيلي سڀ ٻچڙوال آھيون، رُکي سُکي کائي گذران ٿا ڪيون، ڦٽيون ڀٽاريون ڦوٽھڙو ڪري ڪڏھانڪر تيار بيٺون آھن. ھاڻ ته ڪپهه به ريشا ڪري ھيٺ پئي ڪري. ٻيلي رحم ڪر اسان جن بکين پيٽن تي ۽ اجازت ڏئي ته ٻچا وٺي چونڊو ڪيون نه ته ابا جي پھرين چونڊي جي چاندي ڇڻي وئي ته پوءِ پوين ڪکن مان ڪھڙا لک ٺھندا...!!!”
حاڪم مڇن کي تاءُ ڏيندي ڪرڙي اک ڪري ڪھاڙيءَ کي مضبوطيءَ سان جھليندي چيو: “ڪجهه ڪو نه ٿِيندَوَ. وڏيري جو حڪم آته ڀل فصل کڻي آڱوٺي تي چڙھي پر شڪار کي ٽاهه نه اچي ۽ ھونءَ به ھفتي ڏھن ڏينھن ۾ وڏيري سان گڏ مرشد جونگل شاه بادشاه، بالا آفيسر ۽ ڪجهه ٻين تـَـرَن جا چڱا مڙس به شڪار تي ٿا اچن. تنھنڪري ھاڻ ته وڏيري جو خاص حڪم آته ٻنيءَ جي وَٽــَون به ڪنھن کي گذرڻ ناھي ڏيڻو. جڏھن ڙي مالڪ کي پنھنجي پڪيءَ پوک جي پرواه ناھي ته توھان جو مٿو ڇو خراب ٿيو آ...!!!؟؟؟”
چاچي صابر کي خبر ھئي ته ورندو ڪجهه به ڪو نه پر وري به ھن التجا ڪندي چيس: “حاڪم ابا ڦٽي اڳ ئي ڦوٽھڙي کانپوءِ ڇڻي پئي ويتر جو ڏھن ڏينھن کان پوءِ شڪار لاءِ مڙسالا ۽ سـَاسـِي (ڪتا) ٻنيءَ ۾ لھندا ۽ ڪُتِ خلق جي ھڪلن تي شڪار ٿيندو ته پوءِ ته فصل ۾ ٻيلي تيلو به مشڪل سان بچندو...!!! ابا الله جي پارت ٿي وڏيري کي ته الله ايڏو نواز يو آ جو ان جا ڪتا به ٻارھوئي ڍاپيل آھن. اسان جي ٻچن جا ته پيٽ به سڪل آھن. ٻيلي سياڻو ٿيءُ اسان کي ھي چونڊو ڪرڻ ڏي پڪ ٿو ڏيارانءِ ته ڦٽي ائين چونڊي وٺندا سين جيئن مکڻ مان وار ڪڍبو آ ۽ تنھنجي رَکَ ڪيل شڪار کي ڪو ٽاهه ئي نه ايندو...”
پوري تـَـرَ ۾ هرڪو ھاري ۽ عام ماڻهو به حاڪم کان وَنءُ ويندو ھو ڇو ته سڀ کي خبر ھئي ته جي ان سان اچائبو ته پوءِ رات جو ڌاڙيل نه ته چور ته پڪ ئي پڪ گھر ۾ گھڙندا ۽ گــُنديءَ ۾ رکيل جيڪي اَنَ جا ٻه داڻا ھوندن سي به ٻھاري ويندن. صابر جي بار بار دليلن ڏيڻ تي حاڪم صفا اصل تپي باه ٿي ويو ۽ توائيءَ ۾ کٽ تان اٿي ڪھاڙيءَ جو ڳن اڀو ڪندي چيائين: “اڙي سُوئرو ڳالهه سمجهه ۾ نه آيـَـوَ ھڪ دفعو چيو مـَانـوَ نه ته ڪجهه ڪين ورندُوَ. وري ويٺا مون سان دليل ٿا پچايو...!!! اٿو نڪرو ھتان ته وري ڪـَيـَانو نه ڪھاڙيءَ سان ڪوپر کي ٻه اڌ ۽ ھا يادرکي ڇڏيو جيستائين وڏيرو ۽ ان جا مھمان شڪار ڪري نه وڃن تيستائين جي رَکَ واري ٻنيءَ جي آسپاس به ڏٺو مـَانـوَ يا مونکي ان پـَٽَ تي توهان مان ڪنهن جي موجودگيءَ جي ٻاٻور به پئي ته پوءِ کَاکَاريون چيري ڇڏيندو سـَانوَ، شڪاري ڪُتا بڇائي اھڙو بڇڙو ڪندو سـَانوَ جو سُئي ھڻڻ لاءِ ڏاڪتر کي بُت تي ڪا وٿي به نه ملندي. ان کان اڳ جو مونکي وڌيڪ توائي اچي ھاڻ اٿو ٽرو منھنجي اکين اڳيان ته وري ڪـَيانوَ نه ٻه اڌ...”
ڏينھن گذرنداويا، ان وچ ۾ ڪمدار روشن به ڪارائي صوبدار سان گڏ شڪار گاهه تي ڀيرو ڀڃي حالي احوالي ٿي دلجاءِ ڪري ويو. شڪار کان ٻه ڏينھن اڳ ته باقائده احتمام شروع ٿي ويا. مھمانن کي ٻه راتيون سانده شڪار ڪرڻو ھو. شڪارگاهه ۽ حاڪم جي گھر کان ٿورو پرڀرو وڏيري جي ٺھرايل لانڍيءَ تي نوڪر، چاڪر ۽ چُوڪر پڄي ويا. رات جي سيءَ جي ڪڙڪي کان بچاءَ لاءِ سڪل لاَهَ ۽ ڪاٺيون جمع ڪيون ويون، لانڍيءَ تي مھمانن جي شان مطابق کائڻ پيئڻ ۽ رھڻ جو مڪمل انتظام ڪيو ويو. خبر ئي نه پئي ڏسندي ئي ڏسندي جنگل ۾ منگل ٿي ويو. جڏھن به وڏيري سان ڪي چڱامڙس شوق شڪارتي ايندا ھئا ته عموماً ائين ئي شڪار گاه واري ٺھيل خوبصورت لانڍيءَ تي چراغان ۽ رونق ٿي ويندي ھئي. ڪمدار، ڪاروا، نوڪر چاڪر، چُوڪر ۽ رَاکَو حاڪم به مھمانن جي خدمتن لاءِ اڀي پير بيٺل ھئا. مھمان سج لٿي ئي پڄي ويا. رات جي مانيءَ لاءِ ٻڪرا سجي ٿيڻ لڳا ۽ شھرمان آندل خاص بورچي ۽ سندس ساٿاري ويھاروکن وڏن مھمانن ۽ انھن جي چاليھاروکن وَاٺَن لاءِ مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ لڳا. باهه جو وڏو مچ نومبر جي پڇاڙڪي تاريخن ۾ پوندڙ ڄَائُو پاري ۾ سڪون بخشيندڙ گرمي پھچائي رھيو ھو. کائڻ پيئڻ کان اڳ ۾ مھمانن جي شان ۾ پرديسي شراب جون بوتلون ٺَڪاءَ ڏيئي کوليون ويون، ڪچھريون ۽ تاڙا آڌيءَ رات تائين عروج تي ھئا. جڏھن ڪچي رات پڪيءَ ۾ پاسو ورايو ۽ اڻٽيهين اونداهي اوج چڙهي ته مھمان به ڦاڙھي جي شڪار لاءِ اٿي کڙاٿيا. ڇهه جيپون ڦاڙھن جي مختلف ٿاڪن ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ھيون. ڪمدار روشن، ڪارائو صوبدار ۽ راکو حاڪم مختلف رخن ڏانھن ٻه ٻه جيپون ڪاھي ساڻن گڏ سـُونـھـَان ٿي روانا ٿيا. مھمانن جي نڪتي کانپوءِ لانڍيءَ تان جيپن تي نڪرندي کين اڃا ڪلاڪ ئي مس ٿيو ھو ته لانڍيءَ جي ڏکڻ واري ڪُنڊ کان ٺڪائن جا ڌوڙ يا مچي ويا. نوڪرن صحيح ڪيو ته پڪ ڪو ٺاھوڪو شڪار لڳو آ. وري ڪجهه دير کانپوءِ اوڀر کان ٺڪاءَ ٿيڻ لڳا ۽ اھڙي طرح ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ چئني طرفن کان ٺڪائن جا آواز پئي آيا. نيٺ سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ ڀنڀرڪي ڀيريءَ آھستي آھستي مھمانن جون جيپون لانڍيءَ تي پھچڻ شروع ٿي ويون ۽ نوڪر سـَـٽـُون ڏيئي جيپن تان شڪار ٿيل ڦاڙھا لاٿا. جڏھن شڪار ٿيل ڦاڙھن جو ڳاڻيٽو ٿيو ته ڳڻپ ۾ تيرھن نـَـرَ ڦاڙھا هئا ۽ پنج ڦاڙھيون هيون...
ڪاتيون اڳ ئي تکيون ٿيل پيون ھيون ۽ ڪاسائي انتظار ۾ ھئا انھن بنا ڪنھن دير جي وڏي ءَ مھارت سان ڦاڙھن جي جسمن تان کلون لاھڻ شروع ڪيون. وڏاڦاڙھا جن جا سڱ تمام گھڻاوڏا ۽ بي انتھا خوبصورت ھئا تن جي کلن کي منڍيءَ جي کل ۽ سڱن سميت وڏيءَ مھارت سان الڳ ڪيو ويو.ڇاڪاڻ ته وڏيرو ھميشه ڦاڙھن جي کلن ۾ دادوءَ مان ڀوسو ڀرائي بعد ۾ ڄڻ جيئرو جاڳندو ڦاڙھو تيار ڪرائي شڪارتي آيل مھمانن ڏي شڪار جي يادگار ۽ سوکڙيءَ طور موڪلي ڏيندو ھو. شڪار ٿيل پنجن ڦاڙھين منجھان جڏھن ٻن جا پيٽ چيريا ويا ته انھن جي پيٽن منجهه پلجندڙ چار ٻچا ٻاھر نڪتا جن جي جسمن ۾ به ماءُ جي جسم مان آرپار ٿيل گوليون لڳل ھيون. انھن کي ڪتن حوالي ڪيو ويو. مرشد جونگل شاه سميت ٻيا سموار مھمان ڦاڙھن جي مٿان بيھي کين لڳل گولين جي نشانن تي تبصرا ڪري رھيا ھئا ۽ بي زبان جانورن جي جسمن ۾ اوتيل گولين کي پنھنجي سورھائپ سمجھي وڏي فخر سان ٽھڪ ڏئي ھڪ ٻئي کان داد وصول ڪري رھيا ھئا. ھڪٻئي جي ڪارنامن تي جڏھن تبصرا پورا ٿيا ته ڦاڙھن جي جسمن تان کلون لاھي انھن کي صاف ڪري انھن جي جسمن مان شيھي جون گوليون ڪڍي انھن کي وڏيري جي اوطاق ڏانھن وڏن فريزرن ۾ سنڀالي رکڻ لاءِ موڪليو ويو...
وڏيري مھمانن کي چيو: “سنگت لاءِ بسترا تيار آھن ۽ جيڪڏھن ڪنھن کي ٿــَڪُ سـَرسُ ٿيو آته پوءِ زورن ڏيڻ ۽ تيل مالش لاءِ مڙسالا به تيار آھن، صرف اوھان جي حڪم جي دير آ. پاڻ کي وري صبح جو ٻارھين بجي کانپوءِ تترن جي شڪارتي ھلڻو آ ۽ جي ٿــَڪُ نه ھوندو ته پو ءِ واهه جو مزو ايندو ۽ رات وري ٻيھر ڦاڙھن جي شڪار تي ھلڻو آ، سو اوهانجو چست رهڻ انتهائي ضروري آ...”
انتظام اڳواٽ ئي مڪمل ھئا ۽ ان کان اڳ جو وڏيرو آرامي ٿئي ھن حاڪم رَاکَي کي ھڪل ڪندي چيو: “اڙي حاڪم ڏي خبر تترن جي...؟؟؟”
حاڪم به سيني تي ھٿ رکي رڪوع واري انداز ۾ جھڪندي وڏيري کي چيو: “سائين قبلا چئن مھينن کان شڪار جي رَکَ ڪئي آ، پڪ سان ٿو چوان ته جيئن ڦاڙھن جو پھريون ڌڪ واهه جو لڳو آ تيئن تترن جو شڪار به اھڙو ٿيندو جو انھن کي کڻڻ لاءِ مھمانن جون گاڏيون به کٽي پونديون...”
وڏيري موٽ ۾ مسڪرائيندي چيس: “اڙي حَاڪُو جي تو واري زبان سچي ثابت نه ٿي ته پوءِ اھا زبان ڪٽي ڪتن کي ڏئي ڇڏيندو سانءِ...”
حاڪم به ھيٺاھين وٺندي چيس: “سائين زبان ته ڇا ھي سِرُ به توھان جو آ. حڪم ڪيو ته اتي ئي وڍي توھان جن پيرن ۾ رکان...”
وڏيري به کيس چمچاگيريءَ کي پاڻي ڏيندي چيس: “خير آ حَاڪُو خير آڪھڙو نئون آ جو اھا ڳالھه ٿو ڪرين، مونکي پڪ آ ته مھمان ھميشه وانگر خوش ٿي ويندا...”
مھمان آرامي ٿيا ۽ جڏھن يارھين ڌاري ننڊ مان اٿيا ته اس جو تڙڪو به تيز ٿي چڪو ھو ۽ نومبر جي پچاڙڪن ڏينھن ۾ ڏاڍو وڻندڙ محسوس ٿي رھيو ھو. مھمانن لاءِ ھڪ ڦاڙھو اڳ ئي سجي ڪري تيار ڪيو ويو ھو. ست رڇي طعامن سان ماني کائي مھمان دناليون، ھڪ ناليون ۽ رپيٽر ڪلھن تي رکي شڪارگاه ڏانھن روانا ٿيا. ڀريل تريل ڦٽين جي فصل ۾ تترن جا ٽــَھـُوڪـَا ٻڌڻ وٽان ھئا. تترن جي اڏار لاءِ چاليھاروکن ماڻھو ھڪ ڊزن ڪتن سان فصل ۾ لٿا. ھڪ پاسي ماڻھن جون ھڪلون ۽ تترن جو ڀڙڪو ڏيئي اڏرڻ ته ٻئي پاسي بندوقن ۽ رپيٽرن جي نالن اندر انتظار ۾ ويٺل گولين جو ڇٽڻ. ڪارتوس ۾ پيل ڇرن جي برسات ھئي جيڪا بگڙن ۽ ڪارڙن تترن کي بلاٽيون کارائي فصل منجهه ڪيرائي رھي ھئي. شڪاري پالتو ڪتا ۽ وَاٺــَا فصل ۾ ڦٿڪيون ھڻندي يا ھوا ۾ ئي موت جو کاڄ بڻجي پٽ تي ڪرندڙ تترن کي ڊُڪِي ڊُڪِي کڻي ڪري مالڪن ڏي پئي ڊوڙيا. اھو کيل تماشو ٽي ڪلاڪ کن ھليو. تترن جو ڍير لڳي ويو. ڳڻپ تي خبر پئي ته پنج سؤ کان به مٿي ھئا. مھمان گَدگَد ٿي ويا. جڏھن تتر لانڍيءَتي پھتا ته انھن جا پيٽ چيري صاف ڪري انھن جي پيٽن ۾ ڪچا ڀتر وڌاويا ته جيئن انھن جو گوشت خراب نه ٿئي. وري سج لٿو ۽ ڪچي منجهه رات پنھنجا پرڙا پکيڙيا، شراب جو دور ھليو ۽ ان سان گڏ وڏيري جي حڪم تي آيل مولا داد سگھڙائيءَ باهه جي مچ تي راڻو ڳائڻ شروع ڪيو:
راڻي بنا راڄ ۾ مون ته چوڏھينءَ چنڊ ڏٺو، نه ڪي داڻو پيٽ ۾، نڪي اکين ان ڏٺو،
او ھاڻي راڻي کي چئجو ته مومل رات مري وئي، او... او. او... اوميان...
مولاداد جو درديلو آواز پڙاڏا بڻجي ڪچي جون ٻيٽ ٻيلاٽيون لتاڙيندو جھنگ جھر ۾ پکڙجندو رھيو. مھمان سجي ٿيل تترن سان نوشي جان ٿيا ۽ راتوڪي ۽ ڏينھوڪي شڪار تي تبصرن ڪرڻ کانپوءِ بندوقن، رپيٽرن ۽ رائيفلن ۾ بارود ڀريو ويو ۽ شڪاري سانباھا ڪري جيپن تي روانا ٿيا. اڳواٽ طئه ٿيل رٿابنديءَ تحت وڏيري ڪمدار روشن کي خاص ذميواريون سونپي حاڪم راکي سان گڏ مھمانن جي ٻن گاڏين سان ڦاڙھي جي شڪارلاءِ روانو ڪيو. مھمانن جي ٻين ٻن گاڏين کي ٻين ميزبانن سان گڏ روانو ڪيو ويو. وڏيرو ڪارائي صوبدار سان گڏ مھمانن کان ڪجهه دير جي اجازت وٺي معذرت سان ڪنھن ضروري ڪم سانگي ڪجھه دير لاءِ موڪلاڻي ڪئي. مھمانن جي راوني ٿيڻ کانپوءِ وڏيرو به لانڍيءَ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ رازدانه انداز ۾ صوبدار کان پڇيائين: “صوبدار ڪم ته پڪو آنه...؟؟؟”
صوبدار به وڏيري جي ڪن ڀرسان ٿي وڏي رازدارانه انداز ۾ چيس: “سائين اصل کٽڪو ئي نه ڪريو اڳ ڪڏھن ڪو ڪچو ڪم ڪيو آ ڇا...!!!؟؟؟ ۽ مونکي ته خبر آ ته جھنگ ۾ رھي به اھڙو ٻج ڪڍيو اٿائين جو اوھان به ان کي ڏسي پريشان ٿي ويا ھئا ۽ ھاڻ ته مونکي به اوھان جي نمڪ حلاليءَ جو موقعو مليو آ ۽ وجھه به ڀلو آ...”
وڏيري مسڪرائيندي چيس: “تڏھن ته ڪڙمت مان ڪاراوت تي پڳو آ...”
ھن به چاپلوسيءَ ۾ وڃي ترو وٺندي وڏيري کي چيو: “سائين اسان ته توھان جي پيرن جي جتي آھيون بس ڇڙو پنھنجن پيرن مان نه ڪڍجو...”
رات جي پوئين پھر ۾ ڏور ڪچي جي ڪنھن ٻيلي واري علائقي مان ٻرندڙ گولين جا ھڪ ٻئي پٺيان پنج فائر ٿيا جن جي ٽمٽمائيندڙ روشني ڏور آسمان ۾ ڄڻ ته ڪنھن ڪاميابيءَ جو پيغام ڏيڻ کانپوءِ وسامي وئي. انھيءَ ويلي لانڍيءَ کان ٿورو پرڀرو ھڪڙي ٻيٽ تي موجود اوڏڪي ڀت سان اڏيل جھوپڙيءَ ۾حاڪم رَاکَي جي ننڍي ننڍي ڌيءَ کي اجتماعي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو ويو. ان کان اڳ سندس بيمارماءُ کي گھٽو ڏيئي ماريو ويو ۽ بعد ۾ حاڪم جي ڌيءَ کي به ڇريءَ جا وارڪري قتل ڪيو ويو. مھمان شڪار تان موٽيا ته پاڻ سان گڏ اٺ ڦاڙھا، ٽي ڦاڙھيون ۽ حاڪم راکي جو گولين سان پروڻ ٿيل لاش کڻي آيا...
ٻئي ڏينھن ڪچي ۾ سڀني ماڻھن جي وات تي اھائي ڳالهه ھئي: “ادا حاڪم کي رات ڦاڙھن جي شڪار دوران انڌياري ۾ غلطيءَ سان گوليون لڳي ويون، سندس گھرواريءَ کي جيئن ئي حاڪم جي موت جي خبر پئي ته ان ويچاريءَ جو ته ھانءُ ئي ڦاٽي پيو ۽ مٿان وري ڏمر اھو ته ھن جي نوجوان ڏنڊي ڏوٽي ڌيءَ پيءُ ماءُ جي ڏک ۾ پاڻ کي ڇريون ھڻي خودڪشي ڪري ڇڏي. بس ادا جيڪا الله جي مرضي پر ڏاڍو ڏک ٿيو...”
ڏينھن آيا ويا ۽ مھينا گذري ويا، ماڻھن جي زبان تي حاڪم رَاکَي، ان جي زال ۽ ڌيءَ جي موت جو صرف چرچو ئي رھيو ۽ انھيءَ ٻيلاٽيءَ تي وڏيري نوروز خان طرفان وري ڪو ٻيو رَاکوَ پنھنجون ذميواريون ۽ فرض نڀائڻ لاءِ پنھنجن ٻارن ٻچن سميت اچي ويٺو. ٻنپھرن جو ڪچي جي ٻيلي ۾ ڏور ڪنھن ڌنار جو دلسوز آواز ھوائن ۾ پڙاڏا ٿي گونجيو:
او مينھون ڙي ميھار تنھنجون ٻيلي ۾،اھي چرن ڦرن پيون ٻيلي ۾،
او مينھون ڙي ميھار تنھنجون ٻيلي ۾...

21-اپريل-2008
ڪراچي

_______________
* راکو
“راکو” لفظ سنڌي ٻولي جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: “شڪار واري علائقي جي رک/سنڀال ڪرڻ وارو”. سنڌ اندر وڏيرا ۽ جاگيردار پنهنجين زمينن تي سوين ايڪڙن اندر شڪار ڪرڻ لاءِ مختلف پکين ۽ جانورن جي رک ڪرائيندا آهن معنيٰ شڪار ڪرڻ واسطي هڪ مخصوص علائقي اندر جانورن ۽ پکين جي شڪار جي روڪ ٿام ڪرائيندا آهن ته جيئن وقت يا مند تي سنگت ساٿ کي شڪار ڪرائي پنهنجي شان و شوڪت جو داٻو ڪري سگهجي...