لـَلـُو پـَنـجـُـو
سندس ماءُ مسڪرائي چوندي ھيس: “اڻڄاڻ آھن منھنجا پٽ ڇڏي ڏين جيڪو وڻين سو چـَون، وقت ٻڌائيندن ته منھنجو پٽ لــَلـُو پـَنـجـُو نه پر سڀني کان نرالو آھي، تو جھڙو مـَلـُوڪ پٽ ته ھن ڳوٺ ۾ نه پيدا ٿيو آ ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو پيدا ٿيندو...”
سندس ماءُ ڳلن تان وھندڙ ڳوڙھن کي اگھندي ھميشه کيس اھو جملو چئي ڪري پرچائيندي ھيس ۽ پوءِ ھو ماءُ کي چوندو ھو: “ها امان مان سڀني کان نرالو آهيان ۽ مان مـَلـُوڪ پُٽ آھيان، ھا واقعي ھنن کي ڪھڙي خبر ته مان ڇا آھيان، مان ته مـَلـُوڪ پُٽ آھيان...”
پوءِ ھو مسڪرائي ڏيندو ھو ۽ ان وقت ھن جي مسڪراھٽ دنيا جي خوبصورت مسڪراھٽ بڻجي پوندي ھئي ۽ ھو ماءُ چواڻي پاڻ کي سڀن کان نرالو محسوس ڪندو ھو، بلڪل ائين جيئن مـَلـُوڪ پُٽَ ھوندا آھن. پر جڏھن کان قدرت کائنس ماءُ جي ممتا ڇني ورتي ھيس تڏھن کان ڄڻ ته گھر به کيس کائڻ ايندو ھيس. ھو گھر جي ھر ھڪ ڪنڊ ۾ پنھنجيءَ ماءُ کي ڳوليندو وتندو ھو ۽ پوءِ جڏھن ماءُ جي سڪ ۾ صفا اٻاڻڪو ٿي پوندو ھو ته ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو جوڙيل قبرستان ۾ ھليو ويندو ھو، پنھنجي ماءُ جي قبر سان گڏ سڄي قبرستان جي صفائي ڪندو ھو. سندس پيءُ جي قبر به ماءُ جي قبر ڀرسان ئي ھوندي ھيس پر ھو ان جي قبرڏي ڪو خاص ڌيان نه ڏيندو ھو ڇو ته جڏھن ھو پنجن سالن جو ھو تڏھن سندس پيءُ گذاري ويو ھيس ۽ ھن پنھنجيءَ زندگيءَ ۾ صرف پنھنجي ماءُ کي ئي ڏٺوھو ۽ سندس ڏاڏاڻي ۽ ناناڻي خاندان ۾ به ڪوئي ڪو نه ھيس جيڪو ھن جي سار سنڀار لھي، اھو ئي سبب ھو جو ھن جا سمورا رشتا صرف پنھنجي ماءُ سان ئي ھئا...
هن جو پيءُ جانٺو جوان هجڻ سان گڏ پوليس جو هڪ ڏاڍو بهادر ۽ دلير سپاهي هو ۽ پنهنجي بهادري ۽ شفاف ڪردار جي ڪري پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڏاڍو مشهور هو. سندس بهادري ۽ بيباڪي جي ڪري الائي ڪيتريون دشمنيون ڄڻ ته کيس ورثي ۾ ملي پيس. سندس پيءُ وڏيءَ سِڪَ مان پنجل نالو رکيو هوس ۽ پيار مان پنجو ڪري سڏيندو هوس. جڏهن هو پنجن سالن جو هو ته ڌاڙيل دشمني ۾ سندس پيءُ کي مارڻ لاءِ گهر ۾ گهڙيا، جيستائين سندس پيءُ سجاڳ ٿي، مڙسي ڪري ۽ ڌاڙيلن سان ٻکين پئي، تيستائين ڌاڙيلن سوگهو ڪري ورتس. سندس ماءُ رڙيون ڪري اٿي ته ڌاڙيلن ان جي وات تي ڪپڙو ٻڌي کيس به کٽ سان سـُڪَ ٻڌي ڇڏيو. پنجل به ماءُ جي رڙين تي اٿي ويهي رهيو ۽ خوف وچان ڊڪي وڃي ماءُ کي ڀاڪر پاتائين. آڌيءَ رات جو ڌاڙيلن سندس اکين آڏو پيءُ کي ڪهاڙيءَ سان ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو. ان رات جو منظر سندس ذهن تي اهڙو هاوي ٿي ويو جو هو ذهني طور ڄڻ معذور ٿي ويو. سندس ذهني ڪمزوري جي ڪري ڳوٺاڻن سندس پـَنـجـُو نالي سان لــَلـُو به جوڙي ڇڏيو ۽ اهڙي طرح کيس ڳوٺ جا ننڍا وڏا لــَلـُو پـَنـجـُو جي نالي سان سڏيندا هئا. جڏھن ڳوٺ جاٻارھن کي چريو چريو ۽ لــَلـُو پـَنـجـُو چئي چيڙائيندا ھئا ۽ ھن کي بي واجبي ڌَڪَ ھڻندا ھئا ۽ کيس کوڙ ساريون گاريون ڏيندا ھئا ته ھو اکين ۾ ڳوڙھا آڻي ۽ منھن ڀيلو ڪري انھن کي انتھائي نماڻي انداز سان چوندوھو: “مان لــَلـُو پـَنـجـُو ناھيان، مان ته مـَلـُوڪ پٽ آھيان، ڇو ته امان مونکي چوندي ھئي ته مان مـَلـُوڪ آھيان ۽ مون جھڙو ھن ڳوٺ ۾ ٻيو ڪو ئي به ڪونھي...”
پوءِ ٻار مٿس کِلُون ڪندا ھئا ۽ کيس پٿر ھڻندا ھيس ۽ “لــَلـُو پـَنـجـُو - لــَلـُو پـَنـجـُو” چئي وڌيڪ چيڙائيندا ھيس، پوءِ ھو ڪنھن زبري ڌڪ لڳڻ تي خاموشيءَسان اکين مان ڳوڙھا وھائي ٻارن کي چوندوھو: “الله جو قسمان مان لــَلـُو پـَنـجـُو ناھيان، توھان مونکي ايئن نه چئو، نه ته مان پنهنجي امان کي توهان جي دانھن ڏيندم...”
هن جو وس ڳوٺ جي ٻارن تي نه پڄندو هو ۽ پوءِ ھو يڪساھي ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو جڙيل قبرستان ڏانھن ڊوڙي ويندو ھو ۽ ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڍُنڍِڪارون ڏيئي روئندوھو ۽ ڳوٺ جي ھڪ ھڪ ٻارجي دانھن ماءُ کي ڏيندو ھو ۽ پوءِ جڏھن پنھنجي ماءُ جي قبر آڏو خوب روئي پنھنجي اندر کي ھلڪو ڪندو ھو ته ان وقت ھو مسڪرائي ڏيندو ھو ۽ ان وقت سندس مسڪراھٽ دنيا جي خوبصورت مسڪراھٽ بڻجي پوندي ھئي. پر ھاڻ ته اھا ماءُ به ھن سان ڪا نه ھئي جيڪا سندس ڳوڙھا اگھندي ھيس، انگل کڻندي ھيس، ماڻا پورا ڪندي ھيس ۽ آٿتون ڏيندي ھيس. ٻارن کان علاوه ڳوٺ ۾ ھڪ ٻيو شخص به ھو جيڪو ھميشه کيس تڙيون ڏيندو ھو، اھو ھو ڳوٺ جي واحد مسجد جو مـُتولي ملان قدرت الله. ملان قدرت الله پڙھيل قرآن شريف جو ھڪ اکر به نه ھو پر پاڻ کي ملان سڏائيندو ھو. سندس ڏاڏي ڳوٺ ۾ مسجد ٺھرائي ھئي، تنھن ڪري مسجد جي مـُتولي سندن خاندان جي ورثي ۾ مليل ھيس. ھونءَ ته ملان قدرت الله کائنس آئي ڏينھن سڄي مسجد جي ڪنڊ ڪڙڇ جي صفائي ڪرائيندو ھيس، پاڻيءَ جون ناديون ڌوئرائڻ کان وٺي وضو ڪرڻ واري ڊگھيءَ جاءِ جي صفائي ۽ ايستائين جو ھن کان پاخانه به ڌوئاري چٽا صاف ڪرائيندو ھو.جي پاڻيءَ جي ٽانڪي خالي ٿي وڃي ته ان کي نلڪو گيڙي ڪَـنَين تار ڀرڻ جو ڪم به ھوئي ڪندو ھو. نماز پڙھڻ ته ھن کي ايندي ئي ڪو نه ھئي پرجنھن ڏينھن ھو مسجد جي صفائي ڪري ھچ ٿي، ٿوري جھٽ مسجد جي تڏي تي ويھي آرامي ٿيندوھو ۽ نمازي اچي صاف سٿري مسجد ۾ وضو ڪري، صِفَان ٻڌي نماز پڙھندا ھئا ته ھو انھن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو ھو ۽ پوءِ ھو ان وقت به مسڪرائي ڏيندو ھو ۽ ان ويلي به سندس مسڪراھٽ دنيا جي خوبصورت مسڪراھٽ بڻجي پوندي ھئي...
رمضان جي بابرڪت مھيني ۾ يا جنھن ڏينھن مسجد ۾ ڳوٺ جي ڪنھن گھر مان ختمي يا خيرات جي ماني ايندي ھئي ته ان ڏينھن ته ھو ملان قدرت الله کي صفا زھر لڳندو ھو ۽ پوءِ ان ڏينھن ملان کيس ڌڪا ڏيئي مسجد مان ڪڍي ڇڏيندو ھوس. ھڪ ڏينھن صفائي ڪندي سندس ھٿان پاڻيءَ جي نادي ڀڄي پئي ۽ پوءِ ان ڏينھن ملان قدرت الله کيس بيد جي لڪڻ سان ايڏي مار ڏني ھيس جو سندس پٺاڙن تي ٻنا ٺھي پيا ھيس ۽ ھو ڪيترائي ڏينھن سڌو سمھي نه سگھيو ھو...
ھڪ ڏينھن ملان قدرت الله شھر کان واعظ ڪرڻ لاءِ ھڪ وڏي ملان کي ڳوٺ واري مسجد ۾ گھرايو. آس پاس جي ڳوٺن جا ماڻھو به آيا ۽ مسجد کِچا کِچ ڀرجي وئي. ھر ڪو الله جي ثناء ۽ تعريف ٻڌڻ لاءِ اڇا ڪپڙا پھري، عطر ۽ عنبير لڳائي حاضر ٿيو. سندن ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن مان جيڪي ماڻھو حج ۽ عمرا ڪري آيا ھئا، تن خاص ڪري مڪي شريف مان آندل عربي جبا ۽ عربن جي اسڪارف نما ٽوپي پاتي ھئي ۽ اھي سڀني کان مختلف ۽ نرالا پئي نظر آيا. ھر ڪو انھن کي خاص اھميت ڏيئي رھيو ھو ڇو ته اھي ڀلي پار جا پانڌيئڙا ھئا ۽ خاص ڪري ٻارته ھر ھر انھن جي جبن کي اچرج وچان ھٿ لائي گـَدگـَد ٿي رھيا ھئا. جيستائين شھر مان آيل وڏي مولوي صاحب جو واعظ شروع ٿئي تيستائين اھي به مختلف ٽولين ۾ ويٺل ماڻھن کي ڀلي پار جون ڳالھيون ٻڌائڻ لڳا ۽ پاڻ سان پيش ايندڙ ڪرامتون ٻڌائي اکين ۾ ڳوڙھا آڻي نه صرف پاڻ روئي رھيا ھئا پر ٻين کي به روئاري رھياھئا...
نيٺ خاص ڪري شھر کان ڪھي آيل وڏو ملان الحاج مولانا محترم ڪرامت الله صاحب به وڏو ڊگھو ڪارو جبو اوڙھي مـِـمـِـبـَر تي اچي ويٺو. ھڪ ھٿ ۾ بيد جي ٿلهي لٺ جھليائين ته ٻئي ھٿ ۾ قرآن شريف. ھن مسجد جي مائيڪ تي پنھنجي سحرانگيز آواز کي پڙاڏن ۾ تبديل ڪرڻ کان اڳ قرآن شريف جي ڪجهه آيتن جي تلاوت ڪئي. ان وچ ۾ ھو باربار پنھنجي ڳلي کي کنگھڪار ڪري صاف به ڪندو رھيو. جڏھن ڪنھن آيت جو سُر ٿورو وڌيڪ سَحَرانگيز پئي ٿي ويو ته مسجد ۾ ويٺل سوين ماڻھن بآواز بلند پئي چيو: “سبحان الله...”
ھو به اڄ وھنجي سنھجي مسجد جي ھڪ ڪنڊ ۾ اچي ويٺو ھو ۽ ماڻھن جي باربار “سبحان الله” چوڻ تي پاڻ به جذبات ۾ اچي گوڏن ڀر اٿي ھرھر “سبحان الله” چئي رھيو ھو ۽ “سبحان الله” چوندي ڏاڍو خوش به ٿي رھيو ھو. مولانا صاحب الله جي ثناء، ڪائنات جي ٺھڻ، انسانن تي خدا طرفان لاٿل نعمتن، نبين جي قصن ۽ حضوراڪرمﷺ جن جي حيات طيبه تي روشني وجھندي وڏا سحر انگيز گفتا چيا ۽ ماڻھن طرفان باربار “سبحان الله” جي صورت ۾ ڏاڍو داد وصول ڪيو. جڏھن ماڻھو ڪنھن زبردست گفتي تي مولوي صاحب ڏي ھٿ کڻي زور زور سان “سبحان الله” چئي رھيا ھئا ته گھٽايو ھن به ڪو نه ۽ مستيءَ ۾ اچي ھو به وڏي آواز ۾ مولوي صاحب ڏي ھٿ کڻي “سبحان الله” چئي رھيو ھو. مولوي صاحب جڏھن جنت جو ذڪر ڪيو ۽ اتي مومنن لاءِ الله ذوالجلال طرفان عطا ڪيل نعمتن جن ۾ خاص ڪري حورن، گلمانن ۽ شراباً طھورا جو ذڪر ڪيو ته ان وقت به سموري مسجد ۾ ويٺل ماڻھن اٿي اٿي پئي مولوي صاحب کي “سبحان الله” چئي وڏي آواز سان داد پئي ڏنا ۽ پوءِ جڏھن حسب معمول مولويءَ آخر ۾ الله جي ڏمر جو ذڪر ڇيڙيو ۽ انھن انسانن جي اعمالن تي ڳالھايو، جن جا عمل کين جھنم ڏانھن پئي ڌڪي ويا، ته سموري مسجد ۾ سانت طاري ٿي وئي پر ھن جي زبان تي“سبحان الله” جو ورد وڏي آواز سان جاري رهيو. مولوي صاحب فرمايو: “جيڪي ماڻھو خدا سان شِرڪُ ڪن ٿا اھي جھنم جي تري ۾ انتھائي عذابناڪ صورتحال ۾ گذاريندا...”
سموري مسجد ۾ اھڙيءَ ڳالهه تي سناٽو ڇائنجي ويو، پر ھن وڏي آواز سان رڙ ڪري مولوي صاحب ڏي ھٿ کڻي مسڪرائيندي چيو: “سبحان الله...”
الحاج مولانا محترم ڪرامت الله صاحب سميت سموار ماڻھو جھنم واري ڳالهه تي“توبه نعوذ بالله” چوڻ بجاءِ “سبحان الله” چوڻ تي پريشان ٿي ويا پر جڏھن سڀني ڏٺو ته اھڙي حرڪت للــَلـُو پـَنـجـُو ڪئي آھي ته سڀ خاموش ٿي ويا. پر مولويءَ کي ڪھڙي خبر ته ھو ڪو ڳوٺ جو چرياڻ ھو. ھن وري ٻيھر ساڳئي سـَحَرانگيز انداز سان چيو: “جيڪي ماڻھو نشو پتو ڪندا، شراب پيئندا، چرس ۽ ڀنگ واپرائيندا، زنا ۽ زوري ڪندا، اھي به الله جي حڪم سان جھنم جي پاتال ۾ اماڻيا ويندا...”
سڄي مسجد ۾ ويٺل حاضرين تي ھڪ دفعو ٻيھر خاموشي طاري ٿي وئي پر ھو وري گوڏن ڀر اٿي بيٺو ۽ مولوي صاحب ڏي ھٿ اڀو ڪري وڏي جوش سان مسڪرائيندي ڀرپور انداز ۾ چيائين: “سبحان الله...”
مقام ته “نعوذبالله” چوڻ جو ھو پر ھو باربار “سبحان الله” چئي رھيو ھو. الحاج مولانا محترم ڪرامت الله صاحب کي ڪاوڙ ته وڏي لڳي پر وري کڻي ڳالهه درگزر ڪندي چيائين: “منھنجا مومن ڀائرو جيڪي ماڻھو وياج کائيندا، ٻين جاحق ڦٻائيندا ۽ نيتون بد رکي ٻين ماڻھن کي نقصان پھچائڻ جي ڪوشش ڪندا اھي به الله جي خاص حڪم سان جھنم رسيد ڪيا ويندا...”
ھن ھڪ دفعو ٻيھر وڏي جوش و خروش سان گوڏن ڀر بيھي مولوي قدرت الله ڏي ھٿ کڻي بآواز بلند چيو: “سبحان الله...”
ھاڻ مولوي الحاج علامه ڪرامت الله صاحب جن جي ھشمت به ڦيرو کاڌو ۽ مسجد شريف جي مائيڪ تي رڙ ڪندي چيائين: “اڙي بس ڪرڄٽ جاپٽ.خبيس ڪنھن جاءِ جا توکي ڙي اھا به خبر نه ٿي پئي ته ڪٿي “نعوذ بالله” چوڻو آ ۽ ڪٿي “سبحان الله”. اٿ نڪر مسجد مان ته ڪوپر ۾ ڏنڊو نه وھائي ڪڍانءِ. اھڙي رت ٺينڊيون ڪري وھندئي جو ھوش ٺڪاڻي اچي ويندئي...”
بس مولوي صاحب جي چوڻ جي دير ھئي پوءِ ته آس پاس ويٺل ماڻھن کيس ڌڪا ڏئي مسجد مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيس ۽ جنھن جي ورپئي چڙھيو تنھن ٻه چنبا به وھائي پئي ڪڍيس. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڳوٺ وارن جي ھن سان ازلي دشمني ھئي. ھو ماڻھن جي اھڙي اوچتي بگڙيل رويي تي صفا ھيسجي ويو، پر اهو پھريون دفعو نه هو جو هن کي الله جي گھر مان ذليل ڪري ڌڪا ڏيئي ڪڍيو ويو هو. هر دفعي جيان هيل به ھو مسجد جي ٻاھران درتي بيھي ڳوڙهن وھندڙ اکين سان سوچڻ لڳو ته ھن جو قصور ڪھڙو ھو جوان کي ڌڪاڏيئي الله جي گھر مان ائين ذليل ڪري ٻاھر ڪڍيو ويو. اڄ ته ھن ڪپڙا به اڇا ۽ صاف سٿرا پاتا ھئا ۽ تڙ به ڪيو ھو...!!!
جڏھن به ڳوٺ وارا ھن سان اھڙو ورتاءُ ڪندا ھئا ته ھو سڌو پنھنجي ماءُ وٽ ويندو ھو ۽ ان جي قبر کي ڀاڪر پائي ڍنڍڪارون ڏئي روئندو ھو. ان ويلي به ھن کي پنھجي ماءُ ياد اچي وئي ۽ ھو يڪساھي ڊوڙندو وڃي قبرستان پڳو ۽ حسب عادت ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي ڍنڍڪارون ڏئي روئڻ لڳو ۽ روئندي روئندي کيس اتي ئي ننڊ اچي ويس. ڳچ دير کانپوءِ اتان گيڙو رنگ جو جوڙو پاتل ۽ ڪفني اوڍيل چاپڙي ڏاڙھيءَ وارو محمد ابراھيم گذريو. کيس سڀئي صوفي سڏيندا ھيس ۽ سال ۾ ھڪ اڌ دفعو ھو ان ڳوٺ ۾ ايندو ھو ۽ جنھن ڏينھن ھو ڳوٺ ايندو ھو تنھن ڏينھن ملان ۽ مولوين کي ڇڏي باقي سمورا انھيءَ صوفيءَ جي واتون سنڌ ۽ ھند جي عظيم صوفي شاعرن ۽ بزرگن جون رمز ڀريل ڳالھيون، شاعري ۽ انھن گفتن جي سمجھاڻي ٻڌي انسانيت جي دنيا جا مزا ماڻيندا ھئا. صوفيءَ جي اھڙن گفتن ٻڌڻ سان ھر ڪنھن جي ذھن تان ڄڻ دنياداريءَ جي دز لھي ويندي ھئي ۽ ھر ڪو پنھنجي وجود ۾ ماڻھپو ۽ انسانيت محسوس ڪندو ھو. بناوٽ ۽ اداڪاريءَ کان پري ڪيڏو نه سـَحـَر ھوندو ھو ھن جي ڳالھائڻ جي سادگيءَ ۽ شخصيت ۾. صوفيءَ جو ھن کي قبر تي ليٽيل ڏٺو ته مٿان اچي ننڊ مان اٿاريائينس ۽ ڀاڪر پائي پڇيائينس: “ڇا ڳالهه آ پٽ روئي روئي پنھنجا اھڙا حال ڇو ڪيا اٿئي...!!!؟؟؟”
سواءِ ماءُ جي ھن کي زندگيءَ ۾ ڪنھن ڪڏھن به ڀاڪر نه پاتو ھو، صوفيءَ جي ايڏي قرب، پٽ چوڻ ۽ آٿت ڏيڻ سان ڄڻ ته ھن جي اندر جا سمورا درد اڇلون ڏيئي ٻاھر نڪري آيا ۽ ھو صوفيءَ جي سيني سان لڳي ڏاڍو رنو ۽ پوءِ صوفيءَ جي ٻيھر پڇڻ تيھن پنھجي ساڳئي ئي معصومانا انداز سان مسجد اندر پاڻ سان ٿيندڙ سموريءَ جُٺِ بابت ٻڌايس ته صوفيءَ کيس پيار سان مٿي تي ھٿ ڦيرائي مسڪرائيندي چيس: “اڻڄاڻ آھن منھنجا پُٽ، کين ڪھڙي خبر ته جھنم جي ذڪر تي به “سبحان الله” چئي تو بلڪل صحيح ڪيو آ...”
صوفيءَ جي ڳالهه ٻڌي ھن جون واڇون ٽڙي پيون ۽ ھن کلندي صوفيءَ کي چيو: “اڇا ته معنيٰ ھو غلط ھيا ۽ مان صحيح آھيان. پر ھو مونکي لــَلـُو پـَنـجـُو ڇو چوندا آھن...!!!؟؟؟”
صوفيءَ سندس معصوميت ۽ سچائي جي گاڏڙ ساڏڙ جذبن کي محسوس ڪندي چيس: “چيم نه ته ھو اڻڄاڻ آھن، انھن کي ڪھڙي خبر ته تون ته درويش پُٽ آن ۽ درويش بظاھر کڻي ڪيئن به ھجن پر اصل ۾ ھو دنيا جي عام ماڻھن کان گھڻا مٿانھان ھونداآھن...”
ھن اچرج وچان پڇيس: “اڇا اھي درويش ڪير ھوندا آھن...!!!؟؟؟”
صوفيءَ ساڳئي پيار ۽ پاٻوه واري انداز سان سمجھائيندي چيس: “تو ڀٽ جي گھوٽ شاهه عبدالطيف، درازن جي شنھشاهه سچل سرمست، جھوڪ جي راڻي شاهه عنايت ۽ سيوھڻ جي درويش شھباز قلندر جانالا ٻڌا آھن...؟؟؟”
ھن صرف ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪيس. تنھن تي صوفيءَ مسڪرائي چيس: “بس پٽ اھي به درويش ھئا ۽ تون به درويش آن...”
تنھن تي ھن حيران ٿيندي وراڻيس: “پر امان ته چوندي ھئي ته مان ته مـَلـُوڪ پٽ آهيان...!!!”
صوفيءَ سندس ڳالهه جو ڀـَرم رکندي وري چيس: “ھا بلڪل تنھنجي امان به صحيح چوندي ھئي ۽ مان به صحيح ٿو چوان، تنھنڪري تون نه صرف مـَلـُوڪُ پٽ آهين، پر ان سان گڏوگڏ درويش به آن. ڀلا اھو ته ٻڌاءِ تنھنجي امان ڪٿي آ...!!!؟؟؟”
ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ۽ ھن ھٿ سان ماءُ جي قبر ڏي اشارو ڪندي چيو: ”ھتي ھن ڌرتيءَ اندر دفن آ...“ بس ھن جي ايتري چوڻ تي صوفي محمد ابراھيم ڇڪي کڻي ڇاتيءَ لاٿس.ھن جي صوفيءَ سان ملاقات کي ڪافي ڏينھن گذري ويا، پر ان ملاقات جو اثر ھن جي وجود تي ايترو ته گهرو ٿيو جو ھو اڄ به پنھنجين طبعيتن ۾ سُرَهو لڳو پيو ھو. ھڪ اڻڄاتل خوشيءَ جو احساس ھن جي وجود ۾ واس ڪري ويو ھو. ھن جي شخصيت مان پڻ ھڪ عجيب خوشبوءِ اچڻ لڳي ھئي. ھاڻ ھو ڪنھن تي به اُرھو نه ٿيندو ھو. ھو حسبِ عادت خوشيءَ خوشيءَ سان سمورن ڳوٺ وارن جا ڪم ڪار ڪندورھيو. ڪنھن کي ڪاٺيون ڪري ڏيڻ، ڪنھن جي ٻارن کي پرچائڻ، ڳوٺ وارن جون سڄو سڄو ڏينھن جھنگ ۾ ٻڪريون چارڻ ۽ جڏھن ٻڪريون چاري جھنگ کان موٽ ڪري ته ڇليل ڪانن ۽ ٻٻر جي ڪنڊن مان پنھنجيءَ ڪاريگريءَ سان ٻارن لاءِ کوڙ سارا رانديڪا ٺاھي اچي. ڳوٺ جا ٻار ۽ مولوي قدرت الله سميت ٻيا ڳچ ماڻھو ھن سان کڻي ڪيڏو به برو ڇو نه ھلن، ھن کي مارون ڏين يا ڀل ھن جي تذليل ڪن، ڀل ھن کي لــَلـُو پـَنـجـُو ڇو نه چون، پر ھن جي منھن تي ڪنھن جي لاءِ ڪا به ڪاوڙ يا من ۾ نفرت نه ھوندي ھئي. ھو ھميشه ننڍن، وڏن، ٻارن توڙي عورتن کي ھٿ اڀو ڪري پنھنجي مستيءَ ۾ مسڪرائي سلام ڪندوھو. ھو ڏاڍو خوش ھو ۽ اھو احساس ھن لاءِ ڏاڍو لڀائيندڙ ھو ته ھو مـَلـُوڪ پٽ سان گڏ ھاڻ درويش به ھو جيئن ڀٽائي، سچل، شاه عنايت ۽ قلندرشھباز ھئا...
سندس ماءُ جي مـُئي پڄاڻان ڳوٺ جون ڪي موچاريون مايون ۽ ڪي سريلا مرد به ھن جو خيال رکندا ھئا ۽ ھو ڳوٺ وارن جي اھڙيءَ موٽ تي سڄي ڳوٺ جو خيال رکندوھو. ھي واحد ڳوٺ جو فرد ھو جيڪو ڳوٺ وارن جي ٻنين ۾ ٻارھو ئي ونگاري ٿي وھندو ھو. ھاڻ ته ھو مولوي قدرت الله جي چوڻ کانسواءِ ئي ڳوٺ جي مسجد کي چلڪائيندو ھو. رِيچَڪ چڙھندو ھيس ته ڳوٺ جون سموريون ناليون صاف ڪندو ھو ۽ تِيلن مان ٻوھارو ٺاھي ڳوٺ جي ھڪ ھڪ گھٽي ٻھاري صاف ڪندو ھو. جڏھن ھو ڳوٺ ۾ اھڙي قسم جو ڪو به ڪم ڪري بس ڪندو ھو ته ڳوٺ جي ٻاھران بيھي ڳوٺ کي حسرت ڀريل نگاھن سان ڏسندو ھو ۽ مرڪي ڏيندو ھو ۽ ان وقت به ھن جي مرڪ دنيا جي خوبصورت مرڪ بڻجي پوندي ھئي. ان ويلي جڏھن ھن کي اھو احساس ٿيندو ھو ته ان ڳوٺ ۾ سندس ماءُ ڪونھي ته ھو ڏاڍو اداس ٿي ويندو ھو ۽ پوءِ ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو موجود قبرستان ڏانهن ڊوڙي ويندو هو ۽ ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي ان سان کوڙ ساريون رھاڻيون ڪندو ھو. دل کولي روئندو ھو ۽ پوءِ جڏھن قبرستان مان واپس ايندو ھو ته ھميشه وانگر مسڪرائيندو رھندو ھو. سندس ماءُ جي قبر ھن جي لاءِ ڄڻ ماءُ جي شخصيت مثل ھئي. ماءُ جي قبر جو ڇھاءُ ئي سندس روح جي گھراين تائين موجود درد کي ڇڪي ٻاھر ڪڍي وٺندو ھو ۽ پوءِ دنيا جاڏنل سمورا درد ھن جي ذھن مان ڄڻ ڪنھن پکيءَ وانگر ڀڙڪو ڏيئي اڏامي ويندا ھئا ۽ ھو ان ويلي پنھنجو پاڻ کي ڏاڍو ھلڪو محسوس ڪندو ھو. ھن جي چھري تي مسڪراھٽون ائين رقص ڪرڻ لڳنديون ھيون ڄڻ ھن کي زندگيءَ ۾ ڪو ڏک ئي نه مليو ھجي. ڄڻ ھن کي ڪنھن کان ڪاشڪايت ئي نه ھجي. ھڪ رات ھو پنھنجي گھر جي پڌر ۾ کٽ وجھي آھليو پيو ھو ۽ آسمان تي چمڪندڙ ستارن سان من ئي من ۾ رھاڻيون ڪري رھيو ھو ته گھٽيءَ مان ملان قدرت الله جون رڙيون آيون: “اڙي ھو ظالم منھنجي نياڻيءَ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ٿا ڪري وڃن، اڙي آھي ڪوئي ھن ڳوٺ ۾ مڙس ماڻھو جيڪو منھنجي نياڻيءَ کي ھنن ظالمن جي چنبي کان بچائي...!!!”
ملان قدرت الله جي رڙين تي ھُو سـَٽَ ڏيئي پنھنجي کٽ تان اٿيو ۽ بنا ڪجهه سوچڻ جي ڊوڙندو وڃي ڪمري ۾ پيل ڪھاڙي کڻي ٻاھر نڪري آيو. ٻاھر ملان قدرت الله پنھنجو منهن مٿو پـِٽـَي رھيو ھو ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳو: “اڙي منھجي نياڻي... اڙي منھنجا ست قرآن... اڙي منھنجي عزت...”
جيستائين ڳوٺ جا ماڻھو جاڳن ۽ سامت ۾ اچن، جمع ٿين ۽ واھُر ڪن تيستائين ھو ملان قدرت الله کي دلاسو ڏئي ڊوڙندو ڌاڙيلن جي ڪڍويو، جيڪي اڃان ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو مس پڳا ھئا. رات جي ٻُٽَ اونداھيءَ ۾ ھن جو وجود ڌاڙيلن جي پيرن پٺيان گم ٿي ويو. ڳوٺ جا ماڻھو ھٿيار کڻي مـِـڙَڻ لڳا ۽ ھوش وڃائي ويٺل ملان قدرت الله کان حال احوال وٺي ئي رھيا ھئا ته ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو موجود قبرستان جي پاسي کان گولين ھلڻ جا آواز آيا. پوءِ سڀني ماڻھن سرچ لائيٽن جي روشنيءَ ۾ اوڏانھن ڊوڙ پاتي، پر ڳوٺ جي ٻاھران ئي سڀ پنھنجي جانين وڃائڻ جي ڀـَوَ کان پير جھلي بيھي رھيا. ملان قدرت الله کين چين: “اڙي ھو پاڻ وارو چرياڻ لــَلـُو پـَنـجـُو انھن جي ڪڍ ويل آ...”
ملان قدرت الله جي ڳالھه ٻڌي سڀني ڳوٺاڻن ھوائي فائرنگ ڪئي ۽ سرچ لائيٽون ٻاري قبرستان ڏي ھڪلون ڪندي ڪاھي پيا. سرچ لائيٽن جي روشنيءَ تي ماڻھن جا ڪجهه پاڇا ڀڄندي نظر آيا. جڏھن ڳوٺاڻا قبرستان ۾ پڳا ته اھو ڏسو حيران ٿي ويا ته قبرستان جي وڻن پٺيان ھو ملان قدرت الله جي ڌيءَ کي ھٿ کان وٺيون پئي آيو ۽ ھميشه وانگر ھن جي مـُـک تي ڪنھن اڻڏٺي خوشيءَ جي مسڪراھٽ وکريل ھئي. ھن جي چھري تي رت جا ڇنڊا لڳل ھئا ۽ ھن جا ڪپڙا به رت سان ڀريل ھئا. قبرستان جي مـُـھـَـڙَ وٽ ئي ٻن اڻڄاڻ ماڻھن جا ڪھاڙين سان ڌڪيل لاش پيل ھئا. جڏھن ملان قدرت الله ڊوڙي وڃي پنھنجي ڌيءَ کي ڀاڪر پاتو ته ان وقت ھو وڌيڪ مسڪرائڻ لڳو ۽ ان ويلي سندس مسڪراھٽ دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ حسين مسڪراھٽ لڳي رھي ھئي. سمورا ڳوٺاڻا اچرج وچان کيس ۽ سندس رت ھاڻن ڪپڙن، ٻن اڻڄاڻ ماڻهن جي لاشن ۽ ھن جي مسڪراھٽ ڀريل چھري کي ڏسڻ لڳا ان ويلي ھن سڀني کي ڏسي پنھنجي ماءُ جي قبر ڏي ھٿ سان اشارو ڪندي چيو: “امان ...!!!”
ھو ماءُ جي قبر کي ڀاڪر پائي اتي ئي سمھي رھيو. ھن جي اکين مان موتين جھڙا ٻه املهه لڙڪ قبر تي ڪريا ۽ ھو آخري ڀيرو سڏڪندڙ لھجي ۾ ڀڻڪيو: “امان مان تنهنجو مـَـلـُوڪ پـُـٽُ... ڳوٺ وارن کي ڪھڙي خبر ته مان مـَـلـُوڪ...!!!”
ڪجهه مھينن کانپوءِ جڏھن اھو ئي چاپڙي ڏاڙھيءَ وارو، گيڙو ويس ڪيل ۽ ڪفني ڪلھي تي پاتل صوفي محمد ابراھيم انھيءَ قبرستان وٽان گذريو ته نه ڄاڻ الائي ڪھڙي ڪشش کيس مـَـلـُوڪ جي ماءُ واري قبر ڏانھن ڇڪي آيس جتي ھن ڪجهه مھينا اڳ مـَلـُوڪ کي ڳلي لڳائي پرچايو ھو ۽ کيس درويش جي نالي سان سڏيو ھو.پر ھيل ته اتي سندس ماءُ جي ڀرسان ھڪ ٻئي نئين قبر به جڙيل ھئي، جنھن تي ڳوٺ وارن جي طرفان ھڪ نھايت ئي خوبصورت قطبي تي وڏن اکرن سان لکيل ھو: “شھيد مـَلـُوڪ” – “نه صرف ڳوٺ پريل مالھيءَ جو مـَلـُوڪ پـُٽ، پر سنڌ ڌرتيءَ جو به مـَلـُوڪ پـُٽ...”
چاپڙي ڏاڙھيءَ ۽ سحرانگيز شخصيت جي مالڪ صوفي محمد ابراھيم سموري ڳالهه پروڙي ورتي ۽ سندس اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويس. ان ويلي ھو پنھنجي منھن چپن ۾ ڀڻڪيو ڄڻ پنھنجو پاڻ کان پڇي رھيو ھجي: “اسان جي سنڌ جي اھڙن جوڌن ۽ مـَلـُوڪ پـُٽن جي اھميت آخر مـُئي پڄاڻان ئي ڇو...!!!؟؟؟” ھن جي وات مان ڀٽائيءَ جو بيت جھونگار بڻجي قبرستان جي سناٽي کي چيرڻ لڳو:
اڄ نــه اوطــاقــــن ۾، ٿــا طـــالـــب طـــنـــواريـــن،
آديـــســـي اٿــي ويــا، مـــڙھــيـــون مـُـون مــاريـــن،
جـي جـيءَ کي جـيـئـاريـن، سـي لاھـُوتـي لـڏي ويـا...
23 مارچ 2008
ڪراچي