ڪھاڻيون

نيرولي

سجاد گهلوءَ جون ڪھاڻيون پنھنجي پاڻ ۾ مڪمل ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جي صنف سان انصاف ڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻين ۾ فڪري شعور بہ آهي تہ فني توازن پڻ. سجاد گهلوءَ جي ڪھاڻين ۾ ڪتب آيل ٻولي سلوڻي ۽ سادي آهي، ڪھاڻين جي ڪردارن سان ليکڪ جو گَھرو لاڳاپو آهي ۽ اهي ڀروسي سان لکيون ويون آهن. سجاد گهلو نظرياتي طور عالمي فڪر جو ماڻھو آهي، تنھن ڪري سنڌ لاءِ بہ هو عالمي طور سوچيندو رهي ٿو. جيڪا سوچ ۽ لوچ سندس لکڻين مان نمايان ٿيل ڏسجي ٿي، سندس ڪھاڻيون سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون.

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سجاد گهلو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيرولي

هڪڙي هولي اهڙي به آئي هئي

فيبروري جو اڌ مهينو گذري چڪو هو ۽ بهار جا رنگ چوڏس پئي نظر آيا. سياري جي پڇاڙڪن ڏينهن جي وڻندڙ اُس ۾ گنگا ڪناري اوائلي اڏيل بنارس شهر جي هڪ آشرم ۾ هـُـوءَ رنبيءَ سان اُڪريل ڪاٺ جي هڪ ٺـُلهه کي ٽيڪ ڏئي گنگا جي وهندڙ پاڻيءَ کي ڏسي رهي هئي. هـُـوءَ ويٺي ويٺي سوچن ۾ گم ٿي وئي ۽ ماضي جا عڪس سندس ذهن تي سئنما جي پڙدي تي آيل تصويرن وانگر ڊوڙڻ لڳا: “بهار جي آمد ۽ صبح سوير پوڄا پاٺ کان فارغ ٿي هوءَ جيئن ئي رڌڻي ڏانهن وڌي ته دروازي تي کڙڪو ٿيو. هن دروازو کوليو ته سامهون دليپ بيٺل هو ۽ ان جي هنج ۾ موتئي ۽ گلاب جا گل هئا. دليپ پنهنجي جهول ۾ رکيل سمورا گل چمپا کي آڇيندي چيو: ”اڄ *آرائين بڻجي تنهنجي در تي آيو آن ۽ هي گل توکي آڇيان ٿو. جي هنن گلن سان گڏ توکي منهنجي مـَـنَ جي مـَـهَڪ به ملي پوي ته پوءِ پڪ سمجهجانءِ ته خوشي تنهنجي وجود مان ڪڏهن به ڀڙڪو ڏئي اڏام نه کائيندي ۽ نه ئي تنهنجي ڳلن تي خوشيءَ وچان پيدا ٿيل چـُـگهَـه ڪڏهن ختم ٿيندا...”
چمپا خيالن جي دنيا مان جيئن ئي نڪتي ته سندس چپن تي مـرڪ هئي ۽ سندس ڳلن تي ساڳيا ئي مـَـنَ موهيندڙ چـُـگهَه پيدا ٿيس جن جي ڪُــنـَن ۾ سالن پڄاڻان دليپ ڦاٿو هو. هن جي هٿ ۾ وڏن ڪارن موتين جي هڪ مالها هئي جنهن جي هر هڪ داڻي جي ڪرڻ سان هن جو مـَـن رام جي نالي کي جـَپـَي رهيو هو، پر هن جا خيال ۽ سوچون ڪنهن ٻئي پرلوڪ جون ياترائون ڪري هيا هئا. هن جي هٿ ۾ جهليل ڪارن موتين جي مالها جو هڪ داڻو ٻئي داڻي تي ڪري جيڪو کڙڪو پيدا ڪري رهيو هو تنهن جي مڌر آواز تي هن جا خيال مسلسل ڏور ڪن هوائن ۾ موجود مــَنَ کي ڇهندڙ يادن جي بيڪران سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي رهيا هئا. هن جو وجود ته بنارس شهر جي هوائن ۾ موجود هو پر سندس آتما ڏور پنهنجي اباڻي ديس سنڌ ۾ اٽڪيل هئي ۽ هن جو وياڪل مـَن ان ئي البيلي ۽ ڇيڳري ڇوڪريءَ وانگر شڪارپور جي بارونق گهٽين ۾ ڊوڙون پائي رهيو هو. هن جڏهن الهڙ جواني ۾ پير پاتو هو ته ان وقت کيس اهو تصور به ڪو نه هو ته هنڌ ۽ سنڌ جي ورهاڱي وقت کيس پنهنجي محبوب وانگر پياري شهر کان رات جي اونداهيءَ ۾ ائين اوچتو ئي اوچتو الڳ ٿيڻو پوندو، اهڙي وارتا جو کيس ۽ خاندان جي ڪنهن فرد کي ذري برابر به تصور ڪو نه هو. ان ڏينهن هوءَ صرف شڪارپور کان نه وڇڙي هئي پر الائي ڪيترن رشتن کان وڇڙي ڏور ٿي وئي هئي، هڪ اهڙي شڪارپور جيڪا سنڌ جي پيرس هئي، جتي ڪڏهن به مذهبي جنونيت جو نانءُ نشان ئي نه هو، اهڙي شڪارپور جتي محبت، عزت، احترام سان ماڻهون هڪٻئي جي من کي ائين ڇهندا هئا جيئن صبح جي تازي هوا گلن کي ڇهي انهن کي مستيءَ ۾ رقص ڪرڻ تي مجبور ڪندي هئي. هنن جو شڪارپور کان وڇڙڻ ائين هو جيئن بـَڙَ جي گهاٽي وڻ کي پاڙون پٽي ڏور ڪنهن اڻڄاڻ علائقي جي زمين ۾ پوکي ڇڏجي پر ان جون بنيادي پاڙون انهيءَ زمين جي گهرائيءَ ۾ رهجي ويون هجن...
هوءَ پنھنجي مڙس دليپ جي مرڻ کانپوءِ ممبئي ۾ موجود پنهنجن پٽن، پوٽن ۽ پوٽين کان زوري موڪلائي زندگيءَ جا آخري ڏينهن هندن جي پاڪ شهر بنارس ۾ موجود پاڻ جهڙن هزارن پوڙهن ۽ پوڙهين جي هڪ فوج سان گڏ هڪ آشرم ۾ گهاري رهي هئي. ڌرم سان انسيت جي ڪري هن جي اها آخري اِڇـَـا هئي ته هن جو موت بنارس ۾ ئي ٿئي ۽ سندس مڙهه کي گنگا ۾ ئي لوڙهيو وڃي ته جيئن سندس آتما هميشه لاءِ شانتي ۽ سڪون ۾ رهي. پر الائي ڇو صبح شام گنگا ۾ شنان ڪرڻ کانپوءِ به سندس روح کي چين نه هو ۽ سندس مـَـن وياڪل ۽ ڏور سنڌ ۽ شڪارپور جي گهٽين ۾ اٽڪيل هو...
“چمپا دادي...” اوچتو سندس ڪنن تي سندس پوٽي پوجا جو آواز پيو، جيڪا پنهنجي مڙس سنجي سان گڏ ساڻس ملڻ لاءِ بنارس آئي هئي. ممبئي مان ٻين ٽين مهيني اڪثر ڪوئي نه ڪوئي ساڻس ملڻ ايندو هو. پوجا جي آواز چمپا جي وياڪل چهري تي مرڪ آڻي ڇڏي. اڄ به چمپا جڏهن پوڙهائپ ۾ مسڪرائيندي هئي ته سندس ڳلن ۾ چـُگهه پئجي ويندا هئس جنهن ڪري سندس خوبصورتيءَ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿي ويندو هيس. هن پوجا ۽ سندس مڙس جو کِـلِـي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کين آشرم جي مهمان خاني ۾ وٺي آين. پوجا پنهنجي ڏاڏي لاءِ سٺي گيهه ۾ مٺيون مانيون پچائي کڻي آئي هئي، گهر جا ٺهيل کيچا ۽ مـَانهِه جي اٽي مان ٺهيل پاپڙ پڻ آندا هئا، جيڪي چمپا کي ڏاڍا وڻندا هئا. هنن گڏجي مانجهاندو ڪيو ۽ حال احوال اوريا...
چمپا کي پنهنجا پراوا سڀ ڏاڍو ڀائيندا هئا ڇو ته سندس سڀني سان سڀاءُ اهڙو هو جو ماڻهن جي من ۾ گهر ڪري ويندي هئي. سندس مڙس دليپ جو ڪاروبار ٺيڪ ٺاڪ هو، سندس مڙس جو ڳاڻيٽو هندستان جي وڏن واپارين ۾ ٿيندو هو ۽ پاڻ به مڙس وانگر دل جي سخي ۽ کـُلي هٿ جي مالڪ هئي. اها ڳالهه جڳ مشهور هئي ته جيڪو چمپا جي در آيو سو ڪڏهن به خالي دامن نه موٽندو. اڄ به سندس ممبئي واري وڏي حويلي جي ٻاهران ڇيڪ ڇڏيل ڳئن لاءِ پاڻيءَ جا حوض ٺهيل هئا ۽ راهه سان رلندڙ جانورن لاءِ گاهه سان گڏ ٻئي کاڌ خوراڪ جو به بندوبست ٿيل هو. حويلي جي ڇت تي پکين لاءِ پاڻيءَ ۽ اَنَ جا پاٽڙا ڪڏهن به خالي نه ٿيندا هئا. چمپا کي جانورن، پکين ۽ جيتن جڻن سان به پيار هوندو هو ۽ انسان جو قدر ڪرڻ ته ڪوئي هن کان سکي. دليپ جي جيئري ئي هوءَ سندس ڪمائيءَ جو ڳچ حصو ان ئي آشرم کي ڏئي ڇڏيندي هئي جنهن ۾ هاڻ پاڻ به رهيل هئي ۽ سندس ڏنل سهائتا مان هزارين يتيم، بيواهه ۽ بي سهارا ماڻهن جي زندگيءَ جو چرخو هلندو هو ۽ مڙس جي مـُئي پڄاڻان به هن پنهنجي اولاد ۽ انهن جي اولاد کي به اهو ئي شعور ڏنو هو ته: “جڏهن ڀڳوان جي ڪرپا توهان تي آهي ته پوءِ توهان جي ڪرپا ڀڳوان جي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ساسيءَ تي هجڻ گهرجي، اهو ئي اسانجو ڌرم آ ۽ انسانيت جو فلسفو به اسانکي اهو ئي سيکاري ٿو...”
ڪافي دير حال احوال، کل ڀوڳ ۽ ڳالهين ٻولهين کانپوءِ چمپا پوجا جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو: “مونکي سنڌ ڏاڍي ٿي ياد اچي، منهنجو من سنڌ ۽ شڪارپور ۾ ائين اٽڪي پيو آهي جيئن ڪا مڇي ڪنڍيءَ ۾ اٽڪي پوي ۽ تڙپندي هجي. مونکي نه ٿو لڳي ته هتي مرڻ کانپوءِ منهنجي آتما کي ڪو سڪون ملندو...”
هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ سندس تـَرُ ٿيل اکين مان ٻه لڙڪ مينهن ڦڙن وانگر سندس ڳلن تي اچي ڪريا. هن پنهنجن جذبن کي قابو رکڻ پئي چاهيو پر نه رکي سگهي. پوجا کيس پيار ۽ پاٻوهه مان ڀاڪر پاتس. هن پنهنجي اداس چهري تي مـُرڪ آڻيندي پوجا کي چيو: “مونکي هتي اچي اهو احساس ٿيو آ ۽ ويدن جي گيان کانپوءِ مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته سنڌوءَ جي پوتر جل کان وڌيڪ گنگا جو جل پوتر ناهي. تڏهن ئي ته ويدن ۾ گنگا کان وڌيڪ سنڌوءَ جو ذڪر ٿيل آ. مونکي هتي اچي اهو احساس ٿيو آهي ته اسان ڪيڏا نه مـُورک آهيون جو پنهنجي ڌرتي ڇڏي ان جاءِ تي اچي بسيا سي جنهن کي اسان جي آتما ۽ اسان جو من هڪ پل لاءِ به پنهنجو ناهي ڪري سگهيو. بنارس کان وڌيڪ مونکي شڪارپور جا ڌرمي ۽ سماجي ڏڻ ٿا ياد اچن. پوجا منهنجو جسم بلاشڪ هتي هجي پر آتما هتي ناهي. مان فيصلو ڪيو آ ته مان پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي شڪارپور ويندم ۽ پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن اتي گهاريندم ۽ ڀڳوان کان وينتي ڪندم ته مونکي موت ملي ته شڪارپور ۾ ملي...”
پوجا ۽ سندس مڙس سنجي چمپا دادي جي فيصلي کي ساراهيو. چمپا کين هدايت ڪري ذميواري سونپي ته هو کيس سنڌ موڪلڻ لاءِ سمورا انتظام جلدي مڪمل ڪن. ان ڏينهن کانپوءِ چمپا جو من ڏاڍو خوش هو ۽ هوءَ من ئي من ۾ شڪارپور سان سلهاڙيل يادن ۾ گم ٿي وئي. هن جي اکين آڏو شڪارپور ۾ زندگي جا گهاريل مختلف پـَـلَ ڪنهن منظر وانگر پئي ڦريا. هولي هجي يا ڏياري، دَسـَهرو هجي يا نوراتري، شاتڪ تهوار (ٿڌڙي) هجي يا جنم اشٽمي، اَنَ مٽيو جا ڏڻ هجن يا شراڌن جا ڏڻ، لال سائين جو چاليهو هجي يا لال لوئي يا وري آرائين جي موسم هجي، 12 ربيع الاول يا مسلمانن جون عيدون يا محرم جا 10 ڏينهن، مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري سان شڪارپور ۾ ڪهڙو ڏڻ هو جيڪو نه ملهايو ويندو هو. سياري جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ گنگا ڪناري آشرم جي گئلري مان جڏهن هن جون نظرون گنگا جي وهندڙ شانت پاڻيءَ تي پيون ته هن کي موجن ڀريو مهراڻ ياد اچي ويو. جڏهن سانوڻي جي مند جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ هوءَ پنهنجي حويلي جي سمورين عورتن، پاڻ جيڏين ۽ حويلي جي ڳڀرو جوانن سان گڏ لال سائين جي چاليهي جي آخري ڏينهن ۾ شـِو پوڄڻ جي رسم ملهائڻ سکر ساڌ ٻيلي وئي هئي. سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ته جوڀن هو پر ات موجود گهڻن ئي جوانن جي سينن منجهه موجود دليون به موجن ۾ مست هيون. واري واري چمپا ۽ دليپ به اک ٽيٽ ڪري هڪٻئي سان ملاقات پئي ڪئي. ان ڏينهن انهن سنڌوءَ جي پاڻيءَ جي پوڄا ڪئي ۽ سنڌوءَ جي موجن کي هميشه قائم دائم رهڻ جون اِڇـَـائون ڪيون ته جيئن سنڌ ۽ سنڌ واسي به هميشه سکيا ۽ ستابا رهن. ٻن مهينن کانپوءِ لال لوئيءَ جي تهوار تي مير پڌر ڀرسان شنڪر ڀارتي مندر ۾ جڏهن چمپا اگني پوڄا ڪري رهي هئي ته ان وقت اجرڪ اوڍيل دليپ به سامهون اچي بيٺو هيس. پوڄا پاٺ کانپوءِ جڏهن چمپا چپن تي مرڪ آندي ته هميشه وانگر ڳلن ۾ چـُگهه پئجي ويس ۽ پوءِ هن اگني آڏو هٿ ٻڌي دليپ سان نظرون ملائي اکيون بند ڪيون ۽ پنهنجي من جي اِڇـَـا باسي. لال لوئي جي سمورين رسمن جي ادائگيءَ کانپوءِ جڏهن سڀ واندا ٿيا ته دليپ موقعو وٺي چمپا کان پڇيو: “چمپا تو ڪهڙي مـَنـَتَ مـَـڱِي...!!!؟؟؟”
هن به کيس ٺـَـهَه پـَـهَه جواب ڏنس: “چريا مـَنـَتَ ٻڌائبي ٿورئي آ، جي مـَنـَتَ ٻڌائبي ته پوري نه ٿيندي. ها جڏهن مـَنـَتَ پوري ٿي ته ٻڌائيندي مانءِ...”
چمپا اک ٽيٽ ڪري دليپ کي ڏٺو ۽ راز ۾ مسڪرائي نڪ ٺاهي منهن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو. چمپا جي اهڙي ادا ۽ سندس چهري تي آيل مست مسڪراهٽ ڏسي دليپ جو من جهومڻ لڳو. چمپا کيس پنهنجي من جي مـَنـَتَ ته نه ٻڌائي پر سندس چهري جي مسڪراهٽ ۽ خوشيءَ وچان ڳلن ۾ پيل چـُگهن دليپ لاءِ سندس بيچين مـَنَ جي چغلي هڻي ڇڏي هئي...
گنگا ڪناري سج لهڻ وارو هو بلڪل ائين جيئن چمپا جي زندگيءَ جو سج آهستي آهستي ڍرڪي رهيو هو، پر هوءَ گنگا ڪناري سنڌ ۽ شڪارپور جي يادن ۾ گُم سُم ويٺي هئي. هن کي شڪارپور ۾ ملهايل آخري هولي ياد آئي: ”مارچ جو مهينو اچي ويو هو ۽ ڌُوڙيي جي اچڻ سان ئي شڪارپور ۾ هوليءَ جون تياريون عروج تي پهچي ويون هيون. چمپا پاڻ جيڏين سان گڏ ڀانت ڀانت جا رنگ ڍڪ بازار مان خريد ڪرڻ وئي. ٻيو ڏينهن ٿيو ته شڪارپور جي روڊن، رستن، چوراهن ۽ چونڪن تي رنگن جي ڄڻ برسات ٿي رهي هئي. هر ڪوئي من جي موجن سان خوشيون ملهائي رهيو هو. رنگن جي برسات سبب هر ڪنهن جو چهرو هڪ جهڙو لڳي رهيو هو ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ سمورن انسانن جا عيب رنگن ڍڪي ڇڏيا هئا. چمپا پنهنجين سهيلين سان حويلي ۾ هولي ملهائي رهي هئي ته اوچتو ڇوڪرن جو ٽولو به اچي شامل ٿيو ۽ پوءِ ائين پئي لڳو ڄڻ هوليءَ جي رنگن ۾ جان پئجي وئي. هولي کيڏندي کيڏندي دليپ چمپا کي رنگ هڻندي هٿ کان پڪڙي چيو: “چمپا هي شعر تنهنجي نانءُ ۽ هن شعر کي هميشه ياد رکجان:
*هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئــــي هـئـــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاســيــن...”
دليپ جو چيل اهو شعر اڄ به چمپا جي ڪنن ۾ ائين ٻُري رهيو هو ڄڻ ڪجهه لمحا اڳ ئي دليپ کيس اهو شعر ٻڌايو هجي. سج لهي چڪو هو ۽ بنارس ۾ موجود مندرن جا گهنڊ وڄڻ لڳا، ساڌو شنڪ وڄائڻ لڳا ۽ مندرن مان ڀڄن ڳائڻ جا آواز اچي رهيا هئا. چمپا بالڪني مان اٿي ۽ پوڄا پليٽ کڻي مندر ڏانهن وڃڻ لڳي پر هن مـَن ئي مـَن ۾ پڪو پـَههُ ڪيو ته هوءَ پنهنجي ديس سنڌ ضرور ويندي ۽ شڪارپور جي هوائن ۾ زندگيءَ سان ڀرپور يادن کي ساري ساهه ڏيندي...
سج چڙهندو ۽ لهندو رهيو ۽ ڏينهن هڪ ٻئي پٺيان گذرندا رهيا. ڪڏهن چانڊوڪي ته ڪڏهن اونداهي. بنارس جي مندر ۾ زندگي جا آخري پـَـلَ گهاريندڙ چمپا جي زندگي به ڄڻ اماوس جي رات جهڙي ٿي پئي هئي. هڪ ڏينهن رات جي پهر ۾ گنگا ڪناري هزارين ماڻهو اگني پوڄا ڪندي، آشائن جي ڌاڳن سان ٻڌل ۽ گلن جي پتين سان سينگاريل هزارين ڏيئا گنگا جي پـَوتـَر جـَـلَ ۾ لوڙهي رهيا هئا. چمپا اماوس جي اونداهين راتين ۾ گنگا ڪناري اگني پوڄا جا اهڙا حسين ۽ روح پرور منظر نه صرف سوين بار ڏسي چڪي هئي پر خود پاڻ به اهڙين پوڄائن جو هڪ اهم حصو رهي چڪي هئي. پر اڄوڪي رات جا اهڙا سمورا منظر چمپا لاءِ ڄڻ بي معنيٰ بڻجي پيا هئا. سندس آتما بي چين هئي ۽ مـَن شڪارپور جي فضائن ۾ گم هو. چمپا کي شڪارپور ۾ ملهايل ڏيارين جا اهي ڏينهن پئي ياد آيا جڏهن شڪارپور جي سرڪيولر روڊ تي اڏيل سـُڪ پُـل جي ٻنهي پاسي ڏيا ۽ هٿ بتيون ٻاري شڪارپور جي هر گهٽي ۽گام کي روشن ڪيو ويندو هو. ان وقت شڪارپور ۾ بجلي جو نانءُ نشان ئي نه هو پر انهن روشنين جي ڪري ائين لڳندو هو ڄڻ شڪارپور جو چپو چپو ڏياٽين جي روشنيءَ سان وهنجاريو ويو هجي...
صبح سوير پوڄا پاٺ مان فارغ ٿي، گنگا ڪناري سورج ديوتا کي جـَـل آڇڻ کانپوءِ چمپا جيئن ئي مندر موٽي ته سندس پوٽي پوجا ۽ ان جو مڙس سنجي سندس انتظار ۾ ويٺل هئا. چمپا پوجا ۽ سندس وَرَ جي اوچتي آمد تي حيران ٿي وئي. خير آفيت معلوم ڪرڻ کانپوءِ ڀانڊاري کائڻ دوران پوجا چمپا کي چيو: “چمپا دادي اسان توهان کي وٺڻ آيا آهيون ۽ اڄ ئي اسان بمبئي هلنداسين اتي گهر جا سمورا ڀاتي اوهان سان ملڻ لاءِ ڏاڍو بيچين آهن ۽ ان کان به وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها ته بمبئي ۾ ٻه ڏينهن رهڻ کانپوءِ اوهان اسان سان گڏ جهاز رستي سنڌ هلندئو ۽ اتان ڪراچي ايئرپورٽ کانپوءِ اسان سڌو شڪارپور هلنداسين. سنجي کي تمام گهڻا ڪشٽ سهڻا پيا اوهان جي ۽ اسان جي ويزا لاءِ، پهريان ته ٺپ جواب مليو پر پوءِ سنجي پنهنجا سمورا زور آزمايا ۽ هاڻ اسان سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ جهاز جون ٽڪيٽون به تيار آهن. دادي توهان کي خبر آهي ته اسان جڏهن شڪارپور ۾ سـُڪ پـُل واري حويلي ۾ اوهان جي پراڻن پاڙي وارن کي اوهان جي اچڻ جو اطلاع ڏنو ته اتي ته جهڙوڪر جشن جو سمان ٿي پيو. کوڙ سارا ماڻهون اوهان جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ آتا آهن ۽ اهي سڀ اوهان کي ڪراچي ايئرپورٽ وٺڻ به ايندا ۽ پوءِ اسان کي پاڻ سان گڏ شڪارپور وٺي هلندا...”
پوجا هڪ ساهي ۾ ئي سمورو حوال دادي چمپا کي ڏنو. چمپا حيرت مان اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهي هئي. پوجا جي ڳالهين ڪري سندس چپن تي ساڳئي سدا بهار مرڪ هئي جنهن سبب ڳلن ۾ چـُگهَه پئجي ويندا هيس. انهي ويلي چمپا جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳا پر اهي ڳوڙها ان خوشي ۽ جذبن جا هئا جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ هن جي وس ۾ نه هو. پوجا پنهنجي دادي چمپا کي ڀاڪر پاتو ۽ ان ويلي پوجا ائين سمجهيو ڄڻ سندس دادي کي دنيا جهان جون سموريون خوشيون ملي ويون هجن. پوجا بغير ڪنهن ويرم جي چمپا دادي جو سامان سهيڙيو ۽ هو بمبئي روانا ٿي ويا...
بمبئي ۾ چمپا سان نه صرف سندس پوٽا، پوٽيون، ڏهٽا، ڏهٽيون، مٽ مائٽ پر اوڙي پاڙي وارا پڻ ملڻ آيا. چمپا جي آمد سان سندس مڙس دليپ جي جوڙايل حويلي اندر هر پاسي چهچٽو لڳي ويو. نيٺ اها گهڙي به آئي جڏهن چمپا سنڌ رواني ٿيڻ لاءِ بمبئي ايئرپورٽ تي جهاز ۾ اچي ويٺي. هو پنجهتر سالن جي ڄمار جي ٿي وئي هئي پر پوءِ به سندس چهرو چنڊ وانگر ٻهڪي رهيو هو ۽ سندس چپن تي آيل مسڪراهٽ سبب ڳلن ۾ چـُـگهَه پيدا ٿي ويندا هيس. اها سندس آتما جي خوشي ۽ سڪون هو جنهن سندس مـَنَ ۽ تـَـنَ کي جرڪائي ڇڏيو هو. جهاز جيئن ئي هندي سمنڊ مٿان اڏام ڪئي ته چمپا جي يادن جي بلبل به ڀڙڪو کاڌو. ٻالڪپڻ کان وٺي جواني تائين جا سمورا لمحا يادن جي سڳنڌ بڻجي سندس ذهن ۽ آتما کي معطر ڪري رهيا هئا. دبئي کان ٽرانزٽ فلائيٽ ذريعي جڏهن هو ڪراچي پهتا ته چمپا جي مـَنَ ۾ سنڌ سان محبت جي سمنڊ ۾ ڄڻ هلچل پيدا ٿي ۽ هن جا احساس بيڪران لهرن جيان سنڌ جي زمين کي ڄڻ چمڻ لڳا. هن مـَنَ ئي مـَنَ ۾ ڀڳوان جي ڪرپا تي ٿورا مڃيا ته هوءَ پنهنجي اباڻي ڀونءِ جو حصو ٿيڻ آئي آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪرندي چمپا جي نظر ڪيلاش، پرديپ، راجيش ۽ موهن تي پئي جيڪي دليپ جا ننڍي لاءِ جا دوست هئا. انهن سان گڏ مجيب،اسد، ارشد ۽ اخلاق به هئا جيڪي پڻ نه صرف دليپ جا دوست پر پاڙيسري به هئا. انهن سان ڪجهه نوجوان پڻ ساڻ هئا. انهن وڏي اُڪِيرَ سان چمپا، پوجا ۽ سنجي جو آڌر ڀاءُ ڪيو. چمپا جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي ۽ اهو سمورو قافلو ان ئي ويلي گاڏين جي هڪ ڊگهي قطار جي صورت ۾ شڪارپور روانو ٿيو...
شڪارپور ۾ داخل ٿيڻ جو احساس چمپا لاءِ ڄڻ نئين جنم مثل هو. سُڪ پُل لڳ موجود حويلي ۾ چمپا جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. چمپا کي شڪارپور آئي ڪجهه ڏينهن مس ئي ٿيا هئا پر سندس مان ۾ شڪارپور جي شهرين آجياڻا رکيا ۽ کيس Mother of Shikarpur جو لقب ڏنو. ايڏو پيار، ايڏو قرب، ايڏي محبت ۽ ايڏو مان مرتبو سچ ته چمپا کي صرف پنهنجي ديس ۾ ئي ملي پئي سگهيو. هڪ تقريب ۾ چمپا ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو: “اسان ڀل هندو هجون يا مسلمان، عيسائي هجون يا پارسي، سِـکَ هجون يا ٻـُڌ پر اسان سڀ سنڌي آهيون ۽ هي سنڌ لکن سالن کان اسانجو ديس آ ۽ اسانجو ملڪ آ. مان وينتي ٿي ڪيان پنهنجي هر ڀاءُ، ڀيڻ، پٽن ۽ نياڻين کي ته اسان وانگر غلطي ڪري ڪڏهن به سنڌ نه ڇڏجو ۽ پنهنجي پاڙ معنيٰ پنهنجي سنڌ کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏجو. اوهان جي اها ذميواري آهي ته اوهان پنهنجا وڏا شهر وسايو، ڌنڌي ۽ واپار ۾ سگهارا ٿيو ۽ سنڌ جي مالڪي ڪري ان کي مضبوط ڪيو. ڇو ته دولت، شهرت، عزت، ناموس ۽ پنهنجائپ جو خلوص ۽ احساس جيڪو پنهنجي زمين تي ملي ٿو اهو اوهان کي سورگ ۾ به نه ملي سگهندو. سنڌ کان پري زندگي ڀل ڪيڏي به سـُـکي ڇو نه گذري پر آتما سـُـکي ناهي، اهو درد اوهان اسان کان پڇو...”
شڪارپور ۾ چمپا جو گذريل هر ڏينهن ان لاءِ نيون خوشيون پئي کڻي آيو. هر روز نون ماڻهن سان ملاقاتون ۽ نيون خبرون چارون، دعوتون ۽ اعزازي محفلون ته ڄڻ هن جي روز جو معمول بڻجي پيون هيون. ڏينهن گذرندا پئي ويا ۽ سندن ورتل ويزا جي مدت پوري پئي ٿيندي وئي، ان سان گڏ ئي چمپا کي هڪ درد هميشه ڄڻ وڍ ڏئي رهيو هو، هن کي اها شڪارپور ڪٿي به نظر نه آئي جنهن ۾ هن جنم ورتو هو. هاڻ چمپا واري شڪارپور ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو هو، ديوان جي قلفي جي ذائقي کان وٺي ڀوڳڙي بازار جي ڀڳل ڀڳڙن جي سڳنڌ تائين. هاڻ ته هزاريدر تي ڪـُٽِ جا ٿانءَ ٺاهڻ وارن ڪاريگرن جا مـُترڪا به خاموش هئا. زيرِزمين گٽر لائين جو نظام ته الائي ڪاڏي گم ٿي ويو هو پر صفائي ۽ ميونسپل جو انتظام به تباهه ٿي چڪو هو، گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو. اها شڪارپور کيس ڪٿي به نظر نه آئي جنهن جي روڊن ۽ رستن تي شام ڌاران گلاب جي پاڻيءَ سان ڇڻڪار ٿيندا هئا. اهي ماڙيون ۽ عمارتون به ڊهي چڪيون هيون جن جي ڪاٺين جي شاندار بالڪنين منجهان زندگيءَ جا رنگ ليئا پائيندا هئا. ڪاٺ جون ماڙيون ۽ اڏاوت جا اعليٰ نمونا به هاڻ نظرن کان اوجهل ٿي چڪا هئا. چمپا جي شڪارپور ۾ آرائين ته جام هئا پر اهي بهار جي آمد تي گلن ڀريل جهول سان آرائين بڻجڻ کان ناآشنا هئا. ها شڪارپور جي موسم ۽ هوا جو هـُـڳاءُ ساڳيو هو، ماڻهن ۾ اڃا به پيار ۽ محبت هئي، اڄ به سنڌ واسين جون دليون مذهبي مت ڀيد جي مــَـرُ کان پاڪ ۽ صاف هيون. چمپا جون اکيون هاڻوڪي شڪارپور جا منظر پسي ڳوڙهن سان ڀرجي وينديون هيون. هوءَ من ئي من ۾ دليپ کي پڪاريندي ڄڻ چوندي هجي: “دليپ پاڻ واري شڪارپور هاڻ اها شڪارپور ناهي رهي...”. هوءَ ته شڪارپور ۾ هئي پر ان ويلي شڪارپور ۾ ساڻس دليپ جي گڏ نه هجڻ جو درد چمپا کي اندران ئي اندران کائي رهيو هو. شڪارپور جي هوائن ۾ اتي ساڻس گڏ دليپ نه هو جيڪو آرائين بڻجي گلن سان جهول ڀري کيس پيار آڇي ۽ بدلي ۾ ان جي سدا بهار مـُرڪن جا تحفا حاصل ڪري...
ڌوڙئي جا ڏينهن اچي ويا ۽ حويلي ۾ هولي جون تياريون ٿي رهيون هيون. هولي واري ڏينهن ٻين بزرگن سان گڏ چمپا ٻارن ۽ نوجوانن طرفان ملهائجندڙ هولي مان آنند حاصل ڪري رهي هئي ته ان جي نظر هڪ نوجوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ تي پئي جيڪي اک ٽيٽ ڪري هڪٻئي سان مـَـام ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هولي کيڏندي کيڏندي ڇوڪري ڇوڪريءَ جي ڪن ۾ ڪجهه چيو ۽ پوءِ انهن ٻنهي جي چپن جي مسڪراهٽ سندن الهڙ جوانيءَ واري مستيءَ ڀريل احساسن تي چغلي هڻي رهي هئي. اوچتو ئي اوچتو چمپا کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ دليپ سندس اکين تي هٿ رکي کيس ڪن ۾ چوندو هجي: “چمپا:
هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئـــــي هـئــــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاسـين...”
چمپا جي چپن تي اهڙي ئي مسڪراهٽ اچي وئي جنهن سان ڳلن ۾ چـُـگهَه پئجي ويندا هيس ۽ جن چـُگهـَن جي ڪـُنـَن ۾ دليپ ڦاٿو هو. چمپا جي چپن تي دليپ جي ٻڌايل شعر جا ٻول هئا:
“هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئــــي هئي...”
خبر ئي نه پئي ڏينهن گذرندا ويا ۽ آخر اهي ڏينهن به ويجها ٿيا جڏهن چمپا، پوجا ۽ سنجي جي ويزا جي مدت پوري ٿي. شڪارپور ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ چمپا بي انتها اداس هئي، سنڌ جي سرزمين تي ۽ شڪارپور جي هوائن ۾ ساهه ڌڻيءَ حوالي ڪرڻ واري سندس اِڇـَا من ۾ ئي رهجي وئي. هوءَ پنهنجو درد سلي به ته ڪنهن سان، ڇو ته اتي ڪوئي اهڙو هيو ئي ڪو نه جيڪو سندس آتما جي تڙپڻ ۽ لــُڇَـڻ جي سبب کي سمجهي سگهي. ان ويلي هوءَ پاڻ کي وڏي اڀاڳڻ سمجهي رهي هئي، هوءَ من ئي من ان ڏينهن کي ڄڻ ڪوسي رهي هئي جنهن ڏينهن هن ۽ سندس خاندان شڪارپور کي هميشه لاءِ الوداع ڪيو هو. اڄ هن کي اها ڳالهه ڀلي ڀت سمجهه ۾ اچي وئي هئي ته هن جي پاڙ ڀل ڇو نه شڪارپور جي مٽيءَ جي گهراين ۾ دفن ٿيل هجي پر هاڻ هن جي وجود جو مسڪن هن سرزمين جو ناهي. نيٺ ٻئي ڏينهن جو سج وڏي آب ۽ تاب سان چمپا کي دلاسي ڏيڻ بجاءِ اهو پيغام کڻي نڪتو ته جي هن وقت رهندي سنڌ نه ڇڏي ته هن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي ويندي. صبح سويري چمپا، پوجا ۽ سنجي ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿيا، چمپا سموري واٽ خاموش رهي ۽ هر گذرندڙ رستي تان سنڌ جي سرزمين کي پنهنجي لڙڪن جا تحفا ڏيندي پئي وئي. پوجا ۽ سنجي چمپا دادي جي اداس ۽ وياڪل حالت ڏسي کيس دلاسو ڏيندا رهيا، پر هن جي آتما جيئري ئي جنهن چتا ۾ جلي رهي هئي ان جي تپش کي ڪو دلاسو ڪيئن ماٺو پئي ڪري سگهيو، بس هوءَ موٽ ۾ صرف مصنوعي مرڪ ئي آڇي پئي سگهي. هو سڀ جهاز ۾ چڙهيا ۽ دبئي رستي بمبئي پهتا. ڪيترا ئي ڏينهن گذري ويا پر چمپا جي چهري تي اها مسڪراهٽ وري نه آئي، جنهن سبب سندس ڳلن ۾ چــُگهـَه پئجي ويندا هيس. هوءَ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ جو واس ڇا وٺي آئي هئي، ڄڻ ته نئون جنم وٺي آئي هئي ۽ هاڻ هن کي بنارس وڃڻ جي ضرورت محسوس نه پئي ٿي...
ٻئي سال جڏهن هوليءَ جو تهوار آيو ته هن سمورن سنڌين کي پنهنجي حويلي ۾ جمع ڪيو، انهن سان سنڌ ۽ شڪارپور جون کوڙ ساروڻيون ونڊيون. هن ماڻهن ۾ کوڙ ساريون محبتون ورهائيون، هن دان جا دروازا هر عام ۽ خاص لاءِ کولي ڇڏيا. گذريل سال شڪارپور ۾ گهاريل هولي جو ڏينهن هن جي سوچن ۾ مگري جي مهڪ وانگر سمايل هو ۽ انهن يادن سبب هن جي مسڪرائڻ تي سندس ڳلن تي خوبصورت چــُگهـَه پئجي ويس. ان ڏينهن سندس حويلي جي وڏي آڳر ۾ هر ننڍو وڏو هوليءَ جي رنگن ۾ مست هو. هوائن ۾ اڏامندڙ رنگن جي لڙاٽ ۾ هن اوچتو ايئن ڀانيو ڄڻ دليپ سندس پويان بيٺو هجيس ۽ سندس ڪن ۾ چوندو هجيس: “چمپا:
هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئـــــي هـئــــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاسـين...”
چمپا جي چپن تي هڪ ڀيرو وري اهڙي ئي مسڪراهٽ اچي وئي جن جي چـُگهـَن جي ڪـُنـَن ۾ دليپ ڦاٿو هو. چمپا جي چپن تي به دليپ جي ٻڌايل ان شعر جا اڌورا ٻول اچي ويا:
“هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئــــي هئي...”
هن کي هڏڪي آئي ۽ اها هڏڪي سندس زندگيءَ جي آخري هڏڪي ثابت ٿي. سندس اِڇـَا مطابق اگني سنسڪار کانپوءِ پوجا ۽ سنجي دادي چمپا جون هاٺيون سنڌو درياءَ ۾ لوڙڻ لاءِ سنڌ روانا ٿيا. سندس اِڇـَا مطابق هو پهريون شڪارپور آيا، سندس اسٿين کي وڏو مان ڏنو ويو، سموري شڪارپور Mother of Shikarpur جي وڇوڙي تي ڳوڙها ڳاڙيا، اهڙي عورت جي عظمت کي سلام ڪيو جيڪا پنهنجن پڇاڙڪن ڏينهن ۾ سنڌ ۽ شڪارپور جي عشق ۾ تڙپي اٿي هئي. سندس هاٺين کي سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ جڏهن سکر ۾ ساڌو ٻيلي وٽ سنڌو حوالي ڪيو پئي ويو ته شڪارپور ڄائي ان چمپا کي ڪنهن شخص شڪارپور ڄائي شيخ اياز جي وائي ڀيٽا طور ڳائي پيش ڪئي. سندس آواز سڀني دلين کي گرمائي ڇڏيو ۽ لڙڪن سان گڏ ڌرتي سان محبت جي اهڙي رشتي کي سنڌو حوالي ڪيو:
ســنـڌ ديــس جـي ڌرتـي تـوتـي پـنـهـنـجـو سِـيـس نـمـايـان مـان،
او مـٽـي مـاٿـي لايـان مـان...
تـنـهـنـجــيءَ مـٽــيءَ مـنـجهــه مـِلان جــي، آءُ امـرتـا پـايـان مـان،
او مـٽـي مـاٿـي لايـان مـان...

23 نومبر 2014
ڪراچي

*آرائين
بهار جي آمد تي شڪارپور ۾ هڪ ڏڻ ملهايو ويندو هيو. جنهن تحت ماڻهو صبح جو سج اڀري کان اڳ پنهنجي جهول گلن سان ڀري (خاص ڪري موتئي جي گلن سان، جيڪو شڪارپور جي سڃاڻپ هو) پنهنجن دوستن، عزيزن، اقاربن ۽ ايستائين جو دشمنن جي در تي به ويندا هئا ۽ انهن کي اهي گل آڇي کين بهار جي آمد جي مبارڪ ڏيندا هئا. هر ماڻهو ان شخص کان گل ضرور وٺندو هو پوءِ چاهي ان شخص سان ان جي ڪيتري به دشمني ڇو نه هجي پر جهول ۾ گلن ڀريل ان شخص کي مايوس ڪو نه موٽايو ويندو هو. اهو شخص جيڪو جهول ۾ گل ڀري بهار جي مبارڪ ڏيڻ در در ويندو هو ان کي ”آرائين“ چئبو هو. اهڙي ئي ڏڻ جي عڪاسي شيخ اياز جي هن شاندار غزل ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿي:

عـشـق اسـان وٽ آرائـيـنءَ جـيـئـن، آيـو جهــول ڀـري،
آيـــــو جهــول ڀـَــري، او ڪـوئــي ڪـيـئـن ڪــري...
مَـــوتـــيءَ جــَــهـِـڙي مــُــرڪ پـِــــريــــــنءَ جـِــــي،
مـُگـرو مـات ڪــري، ڪـوئــي ڪـيـئـن ڪــــري...
تـُـنـهـنـجــا نــَـهــِـٺـــا نــَيـــڻَ اِيــئــن جـِـيـــئـــَن،
رِڻَ ۾ رات ٺـَــري، ڪـــوئـــي ڪــيـــئـن ڪـــــري...
تــــنـــهـــن کــان ڪــــيـــئـــن جـُـــدا ٿــــجـــــي،
سرتيون ڪيئن سري؟ ڪـــوئــي ڪـيـئـن ڪـــري...


* هــــڪــــڙي هـــولــي اهـــــڙي بــــه آئـــــي هـئــــي،
جـنـهـن ۾ جـسـم تـه ڇــا روح بـه رڱــيـا هـئـاسـين...

شايد سال 1998 هو، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ڪل هند – سنڌ مشاعرو ٿيو هو، جنهن ۾ هندستان مان آيل هڪ نوجوان (جنهن جو نالو ياد ناهي) غزل پڙهيو هو. اهو غزل به ياد ناهي پر ان غزل جو اهو بند مونکي هميشه لاءِ ياد رهجي ويو ۽ ان ايترو ته متاثر ڪيو جو ان جي اثر ۾ هن ڪهاڻيءَ جنم ورتو...