سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

Title Cover of book پرھہ جي پڪار

پنهنجي پاران

البرٽ آئسٽائن Albert Einstein ۽ ٿامس ايڊيسنThomas Edison ، شيڪسپير William Shakespearجي ڊرامن، ڪنگ ليئرKing Lear، هيمليٽ ,Hamlet وينس جو واپاريThe marchant of Venice ، ٻارنهين راتTwelfth Night ، چنڊي زال کي هرکائڻThe taming of the shrew ، ليئر بادشا هه King Lear۽ ”روين جي راند“ Attitude is everything جي ڪامياب ترجمي کان پوءِ، جڏهن هي ڪتاب ”فائيو اي ايم ڪلب“ The 5 AM Club منهنجي مطالعي هيٺ آيو ته دل سٽ کاڌي ته هن ڪتاب جي منهنجي سنڌي سماج کي اشد ضرورت آهي، خاص ڪري منهنجي ڌرتيءَ جي نوجوان کي. ان ڪري هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيم.
ترجمو ته شروع ڪيم پر پوءِ ائين لڳو ته انتهائي ڏکوئيندڙ، تڪليف ڏيندڙ، جبل جيڏي جوکائتي ڪم جو ٽارگيٽ کڻي ويهي رهيس. نه ڪنهن سان صلاح ڪيم، نه وري ڪنهن سان ان معاملي ۾ لهه وچڙ ۾ آيم. ترجمي دوران، وڪالت جي ور چڙهيل وقت مان وقت ڪڍڻ انتهائي ڏکيو ڪم هيو. ٻيو ته هن ڪم کي پايه تڪميل تائين پهچڻ به ضروري هو. سو ڪتاب جو ترجمو ڏينهن رات جاري رکيو. انهي وچ ته منهنجي پياري دوست اعجاز پنهور صاحب جو پڻ آفيس ۾ اچڻ ٿيندو هو ۽ جڏهن هن سان اها ڳالهه ڪيم ته،” هي جبل جيڏو پهاڙ سر تي کنيو ٿم“ ته هن به نه فقط حوصلا افزائي ڪئي پر ان سان گڏ پڻ هڪ ٻن بابن جي ترجمي ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. پر پوءِ وري به هن جون پنهنجون مصروفتيون ۽ منهنجون پنهنجيون، سو اعجاز صاحب به مڪمل ٽائيم نه ڏئي سگهيو. مون دل ٻڌي ۽ پوءِ وري اهڙو لمحو به آيو جو ڪيتريون ئي قسطون هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ترجمو ڪري فيس بڪ تي اپ لوڊ ڪيم. مطلب ته جڏهن به مايوس ٿيس ته لطيف جي رسالي ۾ پناهه وٺي پاڻ کي فريش ڪري ڇڏيو پئي. پوءِ لطيف سرڪار جي هنن سٽن منهنجي رهنمائي ڪري منهنجو حوصلو بُلند ڪيو.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو. شاهه
سو هڪ ڏينهن ٻيجل جي ڪلاس جا مڊ ٽرم امتحان ٿيا، سو هن جي تياري ۾ هن کي وقت ڏيڻو پيو. ٻيجل منهنجي آفيس جي پاسي ۾ ئي ”ارم برائيٽ اڪيڊمي“ ۾ ڪي جي ۾ پڙهندو آهي، ارم برائيٽ اڪيڊمي محترم سائين محمد خان پنهور صاحب جو لڳايل اهو ٻوٽو آهي، جيڪو اڄ به پنهنجي آب تاب سان علم جي روشني ڦهلائيندو پيو اچي. جس هجي محترمه ميڊم ڊاڪٽر ارم پنهور صاحبه کي، جيڪا سائين محمد خان پنهور جي علم جي جوت جلائيندي پئي اچي ۽ ان اداري کي قائم ۽ دائم رکيو پئي اچي. سو ٻيجل منجهند جو ٽيوشن تي پاڙي ۾ ويندو آهي، شام جو وري مون سان منهنجي آفيس ۾ ئي ريگيولر هوندو آهي، ڄڻ ته منهنجي ڊيوٽي نه هجي پر هن همراهه جي مٿان ڪا ذميواري هجي. ڇوته ڪڏهن ڪڏهن ڪورٽ جي ٿڪاوٽ کان پوءِ شام جو دل نه چوندي آهي ته آفيس اچان، پر هي همراهه پنهنجي وقت تي تيار ٿي اچي مون کي اٿاريندو ته بابا آفيس جو ٽائيم ٿي ويو آهي، توهان کي ليٽ ٿي ويئي آ، سو مان به هن کي انڪار ڪري نه سگهندو آهيان. پاڻ گڏجي آفيس پهچي ويندا آهيون. پوءِ وري رات جو نائين وڳي گڏ ئي واپس. مجال آ جو مون کي ڪاڏي ڇڏِي. اسان جو پرين پيارو ساٿي دوست ايڊووڪيٽ راشد حسين گهلو صاحب هن کي چوندو آهي ته ”بابا! اسان جي به ڪا Adjournment application قبول ڪر، ڪڏهن ته سائين کي ڇڏ، اسان جو به سائين تي حق آهي“ .
ڪرونا جي ڪروڌ اڃان تائين هلي ٿي، ڪرونا ۾ وليم شيڪسپيئر جي ڊرامن جو ترجمو ڪيو هو، پر ان ئي ڪرونا ۾ هن فائيو اي ايم ڪلب جو به ترجمو ڪرڻ نصيب ٿيو. حالانڪ هن بيماري ته سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو، ماڻهن جا بزنس ٺپ ٿي ويا. ڪاروبار ختم ٿي ويا. مسڪين ويتر مسڪين ٿي ويو ۽ مٿان هي عذاب الاهي مهانگائي جي صورت ۾، تنهن ته ماروئڙن جي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي. فاقا، بکون، غربت، بيماريون، اسڪول بند، تعليم تباهه، ڄڻ ته اسان جي قوم کي هٿ وٺي تباهي جي ڪناري ڌڪيو پيو وڃي.
فائيو اي ايم ڪلب جون ٽوٽل 80 قسطون فيس بوڪ تي رکيل آهن. جنهن ۾ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪيئي قسطون ڊائون لوڊ ڪري ويس، ته ڪڏهن وري مهينن جا مهينا هڪڙي قسط به اپ لوڊ نه ٿي سگهي. هن ڪم جا ممڪن آهي ته جلدي ۾ نتيجا نه ملن، پر هي ڪم تاريخي طور تي اڳتي هلي مڃتا ضرور ماڻيندو، شايد منهنجي مرڻ کان پوءِ ئي. ڇو ته اسان مرده پرست قوم آهيون. جنهن ماڻهو جي مرتئي جي ماني، برياني، پلاءَ، يا وري زردو يا تانهري ڪري جنهن اعليٰ ڪوالٽي واري پليٽ ۾ سٺي نموني سان ڪنهن ماڻهو کي عزت ۽ مان مرتبي سان ويهاري کارايو ويندو آهي، ايترو مان مرتبو جيڪڏهن ان مرحوم کي حياتي ۾ ڏيون ته شايد هو اهو رنج کڻي نه مري ها. سو اهو وقت تي ڇڏيل آهي ته وقت ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿو قدر ڪري.
مون هيل تائين25 ڪتاب لکيا آهن، پر مون ڪڏهن به اها وڏي دعويٰ نه ڪئي آهي ته ڪو مان شاعرآهيان، اديب آهيان، نه ئي وري مون پنهنجي قوم کان ڪڏهن ان پورهئي/مزدوري/اجوري جي اميد رکي يا ان جي گهر ڪئي آهي. مان طفلِ مڪتب آهيان، مون ته پنهنجي ٻولي، ڌرتي، ثقافت ۽ ان جنم ڀومي جو حقيقي معنيٰ ۾ حق ئي ادا نه ڪيو آهي. بس هي جيڪي به رنڊا روڙيا آهن، نيڪ دل سان، سچائي سان، پنهنجن نوجوانن، استادن توڙي شاگردن لاٰءِ ئي آهن. شل قبول پون.
مون کي خوشي آهي منهنجي ڪم کي مان ڏيڻ وارا منهنجا دوست آهن. جن هميشه منهنجي ڪم جي ساراهه ڪري، منهنجي همت افزائي ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو لکڻ سان اٿاهه الفت آهي، بي پناهه پيارآهي، دلي سڪون ملي ٿو، ڄڻ ته هي ئي پنهنجي جنت هجي. ڀلا سنڌ جي سونهه ۽ ورنهن کان مٿي به ڪا جنت آهي ڇا؟
محترم سائين الطاف شيخ صاحب، راشد حسين گهلو ايڊووڪيٽ، نياز حسين پنهور صاحب، محترم فضل حسين جمالي، اعجاز پنهور، اعجاز سولنگي، ڊاڪٽر منير احمد عباسي، منصور علي چارڻ (جاني)، رياض نور پنهور، ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر، ايڊووڪيٽ خليل انصاري، اندرجيت لهاڻو، عبدالحڪيم جاکرو، پير غلام محمد عرف پير هني (جنرل سيڪريٽري دادو بار)، ڊاڪٽر زاهد علي بلوچ، اقبال احمد سولنگي ۽ ٻيا ڪيئي صاحب جيڪي منهنجا دلي دوست آهن، جن پنهنجي دوستي جي جذبي تحت مون کي همٿائي، هن وڏي ڪتاب جي ترجمي کي مڪمل ڪرڻ ۾ منهنجي حوصلا افزائي ڪري منهنجو مڪمل ساٿ ڏنو. ان ڪري ئي هن ڪتاب جو هي ترجمو مڪمل ٿيو. مان انهن سڀني دوستن جو دل سان شڪر گذار آهيان.

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پو،
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون.

شيخ اياز

ڪي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي دوستن جي لسٽ ۾ نه آهن پر انهن سان ڪراچي ۾ اليڪ سليڪ ٿيندو رهيو، اهي ان خيال جا آهن ته ڪراچي ڇڏي دادو ۾ وڪالت ڪرڻ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇو ته ڪراچي انٽرنيشنل شهر آهي، هتي اڳتي وڌڻ جا تمام گهڻا موقعا آهن. پر جيئن ته ڪراچي ۾ زندگي جا 16 سال ڏيئي تمام گهڻو ڦُرايو، پِرايو ۽ سکيو. رت ڏنو، ڪڙياسين، پڙهياسين پر پوبه آرشيفيشل ماڻهو. ساهه کڻندڙ مرده ماڻهو. پر هتي دادو ۾ جيڪي ڏينهن گذاريان ٿو، اهي ڪراچي کان بهتر آهن. جن جي بدولت علم جا چند داڻا پلئي پيا. پر وري به جنم ڀومي ۾ رهي ڪري ڪراچي کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڪراچي ۾ رهندي ڇهه ڪتاب لکيا هيم، دادو ۾ ايندي هيل تائين 20 ڪتابن جي ڇپجڻ جو اعزاز مليو. يعني ٽوٽل 26 ڪتاب لکي چڪو آهيان ۽ 50 ڪتاب اڃان ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. پر مان چوان ٿو ته ماڻهو کڻي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، ڪٿي به رهي، ڪراچي، دبئي يا وري دادو پر جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ماڻهن لاءِ ڪم نه ٿو ڪري ته ان جو اتي زنده رهڻ بلڪل بيڪارآهي. گاڏيون، بنگلا، پراپرٽي ٺاهڻ، ان سان ڪو ماڻهو وڏو بنهه نه ٿو ٿئي، نه ئي ان جو اهو عمل سنڌي سماج جي ترقي جي عمل ۾ ڳڻپ ۾ ايندو. منهنجا ڪيترائي دوست ڪراچي ۾ سالن کان رهن ٿا، پر اهي اڄ به ان ئي حالت ۾ انهن، ڇو ته اهي ايمانداري سان روزي ڪن پيا، پر ها جيڪي ٻه نمبر ماڻهو آهن انهن بنگلا ٺاهيا، بنئڪ بيلنس ٺاهيون، پر انهن جي وجود مان سنڌي سماج کي ڪيترو فائدو پيو، اهي پاڻ ٻڌائيندا يا اهي ٻڌائيندا جيڪي مون کان سوال ڪندا آهن.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي جي مالڪي ڪجي پر ائين به نه ٿئي ته پنهنجن ڳوٺن کي مڪمل طور تي وساري ڇڏجي. اسان جون جڙون اسان جي ڳوٺن ۾ آهن. جتي اسان جو جنم ٿئي ٿو، جتي اسان جو ننڍپڻ پروان چڙهي ٿو. مون کي خبر آهي اسان جي ڪيئي ماڻهو جيڪي ڪراچي ويا يا ٻاهر ويا، انهن مڙي به پنهنجن ڳوٺن ڏي نه ڏٺو. اهو ئي اڄ جو سچ آهي، جيڪو هر دور جو سچ آهي. توهان وڏن شهرن ۾ ڀلي رهو، پر پنهنجن اباڻن ڪکن کي نه وساريو. ڇو ته وري به توهان کي آخري ۾ اوڏانهن ئي واپس ورڻو آهي، جي نه، ته پو ميوا شاهه بهتر رهندو.
ان کان علاوه مان ٿورائتو آهيان پنهنجي آفيس جي اسٽاف جو، جن ۾ محترم ايڊووڪيٽ الله بخش لنڊ صاحب، ايڊووڪيٽ مختيار احمد لنڊو صاحب، محترم اِيڊووڪيٽ توفيق احمد سولنگي صاحب، محترم ايڊووڪيٽ رميش ڪمار متلاڻي جن جا، جن مون کي ترجمي واري ڪم ۾ رڌل ڏسندي ڪڏهن به رخنو ناهي وڌو، بلڪه اڃان به ڪيسن ۾ منهنجي مدد ڪئي ۽ انهي کان علاوه مان ٿورائتو آهيان پنهنجي ڀائٽي غلام ياسين لنڊ جو، جنهن جو هميشه مون سان ساٿ رهندو آيو آهي.
مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان پنهنجن مانوارن دلي دوستن جو، جن پنهنجي قيمتي ٽائيم مان چند گهڙيون ڪڍي هن ڪتاب ۽ هن ناچيز تي پنهنجي راءِ ڏني. انهن ۾ محترم سائين امجد علي اعواڻ صاحب، جان خاصخيلي صاحب، ڪوي شنڪر صاحب، انجينئير شيخ غلام سرور صاحب، مفيد احمد ناريجو صاحب ۽ ٻيا دوست اچي وڃن ٿا. دعا ڪجو ته شال ڌرتي لاءِ لکندي لکندي، ملڪ الموت پنهنجو ڪرم ڪري ۽ ائين ئي قلم جي قرب ۾ ڪسجي وڃجي.

فقط اوهان جو

بلوچ صحبت علي
دادو سنڌ جي دل