پيداواري، فن شناسي ۽ ناقابلِ شڪست جي چوٽيءَ ڏانهن اڏام
A flight to peak productivity, virtuosity and indefeatability
پيداواري، فن شناسي ۽ ناقابلِ شڪست جي چوٽيءَ ڏانهن اڏام
“your time is limited, so don’t waste it living someone else’s life. Don’t be trapped by dogma- which is with the results of other people’s thinking. Don’t let the noise of other’s opinions drawn out your own inner voice. And most important, have the courage to follow your heart and intuition. They somehow already know what you truly want to become”. -Steve jobs
توهان جو وقت محدود آهي. ان ڪري ان کي ٻين جي زندگي گذاريندي نه وڃايو. ڪنهن اهڙي ماڻهو جي فڪر جي ڄار ۾ نه ڦاسو، جيڪو ٻين ماڻهن جي سوچ جو نتيجو هجي. ٻين جي آواز جي ڪري پنهنجي اندر جي آواز کي نه دٻايو ۽ سڀني کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي دل ۽ اندر جي آواز جي پيروي ڪرڻ جي جرئت پيدا ڪيو. ڇو ته ان کي اڳ ۾ ئي خبر هوندي آهي ته توهان ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو.
اسٽيو جوبس
”مان تمام گهڻو ٿڪجي پئي آهيان“. ڪاروباري عورت آهستي چپن ۾ ڀڻڪيو، جيئن ڪا جهوني ڪُمي، آرام جي ڏينهن کان اڳ ۾ ئي سست ٿي ويندي آهي. هن جي هڪ هٿ ۾ ڪافي جي پيالي هُئي. ”سفر منهنجي سوچ کان تمام گهڻو ڏکيو هوندو. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته مان ڪنهن نئين دنيا ۾ داخل ٿي وئي هجان. جيئن مون ڪالهه، سيمينار جي ختم ٿيڻ کان پوءِ توهان کي چيو هو ته مان هاڻي تبديلي چاهيان ٿي. نئين شروعات ڪرڻ ٿي چاهيان. پر هاڻي مان تمام گهڻي بيچيني محسوس ڪري رهي آهيان....خوفناڪ....... ۽ ڪڏهن ته ڊيڄاريندڙِ خوفناڪ.............. خواب . ها هي تجربو، جنهن لاءِ اسان متفق ٿيان آهيون، اهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو“.
”مان ته پنهنجو موت اکين سان پيو ڏسان“، آرٽسٽ چيو، ” صبح جو سوير اٿڻ مون کي ڏاڍو خراب لڳندو آهي. اهو خيال ئي ڏاڍو خوفناڪ آ/ اهو سوچڻ ئي مون لاءِ وڏو عذاب آهي“.
ٻيئي بهادر روح هن هال جي ساڄي پاسي واري رستي تي موجود هُئا، جتي ڪالهه اسپيلبائڊر پنهنجي شاندار مهارتن تي ڪم ڪيو هو ۽ ڪالهه، ڪِري پوڻ جي ڪَري ڪيترن ئي ماڻهن جو دليون ٽوڙي ڇڏيون هيون.
ان وقت صبح جا چار لڳي اوڻونجاهه منٽ ٿيا هُئا.
”هو نه ايندو“ آرٽسٽ منهن خراب ڪندي چيو. هن کي ڪارو وڳو پاتل هو. هن جي ساڄي ڪارائي ته ڳاڙهي رنگ جي نشانن وارو هڪڙو سوٽي رومال ٻڌل هو. جوتا ڪالهه جيان آسٽريليا جا ئي هيا. هن سُنسان گَلِي ۾ دل سان ٿڪون اڇلايون. آسمان ڏي نگاهه وجهي ڏٺو ۽ پوءِ ٽيٽو ٺهيل ٻانهن کي ورائي ڇڏيو.
ڪاروباري عورت جي ڪلهن تي هڪڙو نائلون جو ٿيلهو لٽڪيل هو. ۽ هن کي سلڪي چولو ۽ جينز پاتل هُئي، جڏهن ته پيرن ۾ وڏي کُڙيءَ وارا سينڊل پاتل هُئس. اکين ۾ اس جو وڏو چشمو پاتل هُئس. جيئن يوناني ماڻهن کي، ساحل تي سج لهڻ مهل، پاتل هوندو آهي. هن جا چپ ڀڪوڙيل هُئا، ۽ منهن تي موجود گهنج عجيب نموني سان وکريل هُئا.
”توهان ڀلي مون سان شرط رکو ته هو بي گهر شخص نه ايندو“. عورت ٽوڪ ڪري کلندي چيو،”هن جي گهڙي جي مون کي ڪا پرواهه ناهي.هن جي اظهار جو طريقو صاف آهي، اهو ڪو مسئلو ناهي. اهو مون لاءِ ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي ته هن مون کي منهنجي والد جي باري ۾ ياد ڏياريو. الله! مان ٿڪجي پئي آهيان. هو سيمينار ۾ فقط ان ڪري ئي موجود هو ، ڇو ته هن کي اهڙي جاءِ جي ضرورت هئي، جتي هن کي ڪجهه ڪلاڪ آرام ڪرڻ لاءِ ملي وڃن. ان ڪري مان سمجهان ٿي ته فائيو اي ايم ڪلب جي صبح جي روٽين جي باري ۾ هن کي جيڪا ڄاڻ هئي، هي اهي ڳالهيون ٻڌي چڪو هو. .... ۽ يا ته هن چورايون هونديون، اهي سڀ هن اسپيلبائينڊر جي پريزنٽيشن جو حصو هيون ۽ جنهن ذاتي هيليڪاپٽر جي هو ڳالهه ڪري ٿو، اصل ۾ هن جي پسنديده وهم جو ڪو حصو هوندو“.
ڪاروباري عورت واپس پنهنجي شڪ شبي واري عادت ڏانهن موٽي آئي. جيڪو هن جي تحفظ واري قلعي ۾ لڪي رهيو هو. ڏينهن جي باري ۾ هن کي جيڪا اڳ ۾ اميد پيدا ٿي هئي، اها هاڻي مڪمل طرح سان غائب ٿي وئي هئي. پوءِ اوچتو ٻه تيز هيڊ لائٽس واري روشنيون نروار ٿيون جيڪي اونداهي جي ڀت تي کپي ويون.
ٻنهين ساٿين هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. ڪاروباري عورت جيئن تئين ڪري پنهنجن چپن تي مرڪ آندي. ”ٿي سگهي ٿو ته جبلت، عقلي توجهه کان وڌيڪ ذهين هجي“. هن پنهنجي پاڻ سان دل ئي دل ۾ ڳالهايو.
هڪڙي چمڪندڙ، روشن، رولز رائس، ڪوئلي جي رنگ واري، ا ڳيان اچي بيهي رهي، بلڪل سفيد ڪپڙا پاتل هڪڙو شخص ٽپ ڏيئي هيٺ لٿو ۽ انهن ٻنهين کي پُراڻي انداز ۾ ڀليڪار ڪيو.
”ميڊم، توهان کي ۽ سر توهان کي به صبح جو سلام“، هن برطانوي لهجي ۾ هنن کي چيو ۽ ائين چوندي هنن جا ٿيلها وڏي مهارت سان گاڏي ۾ رکي ڇڏيا.
”هو بي گهر/لاوارث ماڻهو ڪٿي آهي“، آرٽسٽ ٻهراڙي واري انداز ۾ پڇيو، جيڪي ڪڏهن به جهنگل کان ٻاهر نه نڪتا هوندا آهن.
ڊرائيور پاڻ کي کلڻ کان روڪي نه سگهيو ۽ ان ڳالهه تي کِلي ڏنو، پوءِ وري هڪدم سنجيده ٿي ويو.
”معذرت سان سر، مسٽر رائلي Riley تمام ميرا گدلا/ ڪنا ڪپڙا پائيندو آهي، هو اُهو ان ڪري ڪندو آهي، جڏهن هن کي محسوس ٿيندو آهي ته هن کي ٿورو خشڪ ٿيڻو هوندوآهي. اهو هن جو پُراڻو ۽ عام فعل آهي. هو گهڻو ڪري هر وقت خالص/شاندار زندگي گذاريندو آهي، هو چاهيندو آهي ته هر شيءِ وڌ کان وڌ مختصر هجي. سو ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي ذات ۾ عاجزي ۽ انڪساري لاءِ اهڙو ويس اوڍيندو آهي. مون کي اهو چوڻ ڏيو ته اها هن جي دانشمندي جو هڪ حصو آهي. ، مسٽر رائليءَ اهي ڳالهيون توهان سان ڪرڻ لاءِ هن مون کي چيو آهي“.
ڊرائيور ٻه لفافا، بهترين معياري ڪاغذ مان ٺهيل جا ٻاهر ڪڍيا. جڏهن ڪاروباري عورت ۽ آرٽس اهي لفافا کوليا، ته انهن تي هي هيٺان الفاظ لکيل هُئا؛
دوستو! اميد ته توهان بلڪل ٺيڪ هوندو. منهنجو مقصد ڪنهن جن سان توهان کي مُلاقات ڪرائڻ ناهي، مون کي پنهنجي پاڻ کي زمين تي رکڻ جي ضرورت هُئي، اپيڪپٽس Apictetus جيڪو منهنجو پسنديده فلسفين مان هڪ آهي، ان لکيو ته؛”ماڻهو بدمعاش ۽ شريف النفس هڪ ئي وقت نه ٿو ٿي سگهي. هن کي پنهنجي پاڻ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ، سخت سياري جي محنت ۽ تربيت وٺڻ کپي، ان لاءِ جيڪو مناسب نه آهي، ان کي پاڻ ڏي زوري نه ڇڪڻ کپي“. پاڻمرادو، پاڻ کي مون جيان ڪپڙا پائي بي آرام ڪجي، يا وري هفتي ۾ هڪ دفعو روزو رکي، يا وري مهيني ۾ هڪ دفعو هيٺ فرش تي سمهي پوي، اهي شيون مون کي مضبوط، منظم ۽ زندگيءَ جي ترجيحن ۾ اهم لڳن ٿيون. هر حال ۾، شاندار اڏام وٺو ۽ مان جلدي ئي توهان سان جنت ۾ ملندس. تمام گهڻو پيار/وڏو ڀاڪر“.
ڊرائيور پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ”ياد رکو ته انسان جي ظاهري حالت ڪنهن کي ڌوڪي ۾ وجهي سگهي ٿي ۽ ڪپڙن سان ڪنهن جي ڪردار جي خبر نه ٿي پوي. ڪلهه رات توهان هڪڙي عظيم انسان سان مليا آهيو. ڏيکاءُ ماڻهن جي معيار کي ظاهر نه ٿو ڪري“.
”۽ منهنجي اندازي موجب، ائين ئي ڏاڙهي ڪوڙڻ به آهي،“ آرٽسٽ چيو ۽ هڪ ڦيٿي جي وچ ۾ لڳل رولز رائس جي نشاني تي پنهنجن ڪارن بوٽن سان لت وهائي ڪڍي.
”مسٽر رائلي توهان کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌائيندا، جيڪو مان توهان کي ٻڌائڻ وارو آهيان، ڇو ته هو ان معاملي ۾ تمام شائستگي جو اظهار ڪندو آهي. ليڪن دوستو، توهان جنهن ماڻهو کي لاوارث/بيگهر چئو ٿا، اهو دنيا جي ٿورڙن ئي اميرترين ماڻهن مان هڪ آهي“.
”ڇا توهان سنجيده آهيو“، ڪاروباري عورت چيو، هن جون اکيون پٽجي ويون.
”جي هان بلڪ سنجيده ٿي چئي رهيو آهيان“. ڊرائيور دروازو کوليندي هلڪي مسڪراهٽ سان جواب ڏنو ۽ هن جي هٿن ۾ سفيد رنگ جا دستانا پاتل هئا، جن سان هن هٿ لوڏيو ۽ انهن ٻنهي مهمانن کي گاڏي ۾ ويهاريو.
ڪار جي سيٽن تي لڳل ڪَوَرن مان اصلي چمڙي جي شاندار خوشبو اچي رهي هُئي. ڪاٺ جا پينل ڏسي اندازو ٿئي پيو ته اهي هٿ سان ڪيڏي نه مهارت سان تراشيا ويا هُئا. ڪاٺ جو ڪم اهڙي نفيس نموني سان ٿيل هو جو لڳي پيو ته ڪنهن ننڍڙي خاندان نفاست سان ڪيو هجي. جن پنهنجو نالو هن هڪڙي ئي جنون سان ڪمايو هجي.
”مسٽر رائلي مختلف تجارتي ڪمن جي ذريعي ڪيترائي سال اڳ ۾ پنهنجي قسمت کي ننڊ مان بيدار ڪيو هو. هو ان ڪمپني جي پهريئن سرمائيدارن مان هڪ هو، جيڪي اڄ بين الاقوامي سطح تي ڄاتل سڃاتل آهن. مون کي هن ڪپني جي نالي ٻڌائڻ کان ڪجهه شين جي منع ٿيل آهي ۽ جيڪڏهن مسٽر رائلي کي اها خبر پئجي وئي ته مون توهان سان مالي معاملن جي باري ۾ ڳالهايو آهي ته هن کي تمام گهڻو ڏُک ٿيندو. هن جي هدايت فقط اها هُئي ته توهان کي انتهائي احترام ۽ پر وقار انداز سان آندو وڃي ۽ هن جي سچائي ۽ ڀروسي جي توهان کي پڪ ڏياري وڃي ۽ توهان کي سلامتي سان هينگر 21 تي پهچايون“.
”هينگر ايڪويهه Hangar 21“؟ آرٽسٽ حيران ٿيندي پڇيو. هو هن وقت آرام سان گاڏي جي پوئين سيٽ تي ڪنهن وڏي گلوڪار جيان ويهي چڪو هو، جيڪو ڄڻ پنهنجي ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانو ٿيندو هجي.
” هي اهو ٻيڙو آهي جتي مسٽر رائلي جا جيٽ جهاز بيهاريا ويندا آهن“. ڊرائيور مختصر جواب ڏنو.
”ٻيڙا Fleet “؟ ڪاروباري عورت سوال پڇيو. هن جون خوبصورت اکيون تجسس منجهان ڦاٽي پيون.
”جي“، ڊرائيور کي ايتري ئي اجازت هوندي.
خاموشي ڇانئجي ويئي جيئن ئي ڊرائيور صبح پهر ۾خالي روڊن تي گاڏي ڀڄائڻ شروع ڪيو. آرٽسٽ دري منجهان ٻاهر نهاريو ۽ هڪ هٿ سان پاڻي جي خالي بوتل کي بي ڌياني ۾ ڦيرائي رهيو هو. هن کي ڪيترائي سال ٿي ويا ها جو هن سج کي اُڀرندي نه ڏٺو هو. ”تمام بهترين، واقعي ئي هي تمام حسين منظر آهي“. هن قبوليندي چيو. ”هن وقت هر شيءَ ۾ سڪون آهي، ڪو شور نا هي، ڪيترو سڪون آهي، جيتوڻيڪ، مان هن وقت ٿڪل آهيان، پر پوءِ به مان سوچي سگهان ٿو. شيون واضح نظر اچي رهيون آهن. منهنجي سوچ منتشر/ڌنڌلي نه آهي ۽ ائين لڳي ٿو ته باقي سڄي دنيا سُتل آهي، ڪيڏي نه خاموشي آهي/ڪيڏو نه سُڪون آهي.
سج جي اڀرڻ مهل وارا روشني جا ڪرڻا، ڏينهن جي ابتدا جا پهريان لمحا، ۽ ان لمحن جي خاموش سڏ، هن جي همت حوصلي کي وڌائي ڇڏيو هو.
ڪاروباري عورت ڊرائيور کي سمجهڻ لڳي،”پنهنجي باس جي باري ۾ اسان کي وڌيڪ ٻڌايو نه“. هن پنهنجي ڊوائس سان کيڏندي ڊرائيور کي عرض ڪيو.
”مان ان کان وڌيڪ نه ٿو ٻڌائي سگهان. هو کرب پتي انسان آهي، هو پنهنجي گهڻي دولت خيراتي ڪمن ۾ ڏيئي چڪو آهي. مان جيترن به ماڻهن کي سڃاڻان مسٽر رائلي انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ سخي، شفيق انسان آهي. هن ۾ تمام وڏي خوداعتمادي آهي. ان سان گڏ هي ايماندار، همدرد، پروقار ۽ وفادار شخص آهي. حقيقت اها آهي ته هو هڪ عجيب ۽ غريب انسان آهي. جيتوڻيڪ اهو چوڻ گستاخي ۾ شامل ٿي ويندو ته هو تمام وڏو، وڏي ۾ وڏو امير ماڻهو آهي.
”اسان اها ڳالهه نوٽ ڪئي آهي“. ڪاروباري عورت اتفاق ڪندي چيو.”ان ڪري مان اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته اهو ڪهڙو ڪارڻ آهي جو توهان هن لاءِ لفظ ”عجيب“ جو استعمال ڪيو.
”توهان کي ان جي خبر پئجي ويندي“. ڊرائيور سُر سان جواب نه ڏنو.
رولز Rolls تمام جلدي نجي هوائي اڏي تي پهچي وئي. مسٽر رائلي جو ڪو اتو پتو نه هو. ڊرائيور ڪار جي رفتار وڌائي ڇڏي ۽ آئيوري جيٽ ڏي ڪار ڪاهي ويو. جيڪو هر لحاظ کان بي عيب نظر اچي رهيو هو. صرف هن جي پُڇ تي نارنگي رنگ جا ٽي اکر لکيل هئا،”5اي سي“.
”5 اي سي 5ACجو مطلب ڇا هي“.ڪاروباري عورت پريشان ٿيندي پُڇيو. هو پنهنجو gadget مضبوطي سان جهلي بيٺي هُئي.
”فايئو اي ايم ڪلبthe 5 AM Club . پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگي کي بلند ڪيو. هي مسٽر رائلي جي چند اصولن مان آهي. جن جي بُنياد تي هن پنهنجا ڪيترائي ئي ڪاروبار ٺاهيا ۽ هاڻي افسوس جو هتان کان مون کي توهان کي خداحافظ ڪرڻو پوندو“. ڊرائيور چمڪندڙ جهاز تي سامان رکندي چيو.
عملي جا ٻه حسين ڪارڪن، جهاز جي لوهي ڏاڪڻن تي بيهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا، جيڪا ڏاڪڻ جهاز جي ڪيبن تائين وڃي رهي هُئي. هڪ خوش اخلاق هوائي ميزبان خاتون، آرٽسٽ ۽ عورت کي چاندي جي ٽري ۾ رکيل ٽوال ڪافي پيش ڪئي ۽ روسي زبان ۾ هنن کي صبح جو سلام ڪيو.
”توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي“. ڪارڊرائيور پنهنجي ڪار ۾ واپس ويهندي چيو. ”جڏهن توهان جي مُلاقات مسٽر رائلي سان ٿئي، ته ان تائين منهنجا سلام پهچائي ڇڏجو، ماريشيس پهچي مزا ماڻجو“.
”ماريشيس“؟ ٻنهي رڙ ڪئي.
”ايڏو سڀ ڪجهه، يقين ئي نه ٿو اچي“. آرٽسٽ ڪيبن ۾ چڙهندي چيو.
”ماريشيس! منهنجي هميشه اها خواهش رهي ته مان ان جزيري تي وڃان. مون ان جي باري ۾ ٿورو ڪجهه پڙهيو آهي. هي تمام مٿانهين جاءِ آهي ۽ تمام حسين. چون ٿا ته هتي دنيا جا انتهائي خوش ماڻهو رهن ٿا“.
”مان خوشي ۾ ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپان“. عورت پنهنجي ڪافي جي چسڪي وٺندي چيو ۽ ڪاڪ پٽ ۾ جهاتي پاتي. هن پائليٽس تي نگاهه وڌي، جيڪي اڏام کان اڳ ۾ تياري ۾ رڌل هئا. ”مون ٻڌو آ ته ماريشيس تمام بهترين جاءِ آ ۽ هتان جا ماڻهو ڏاڍا محبتي، مددگار ۽ روحاني حساب سان تمام اڳتي آهن“.
وڏي مهارت سان فرسٽ ڪلاس جهاز اڏام ورتي ۽ پوءِ ڪڪرن ۾ گم ٿي ويو. ان کان پوءِ جڏهن جهاز هڪ خاص اوچائي تي پهتو (cruising altitude ) ته هنن کي شيمپين (فرانس جو شراب)champagne ڏنو ويو ۽ مڇي جي آچاري ٻوڙ جي پيشڪش ڪئي وئي ۽ ٻين ڪافي شين جي پڻ پيشڪش ڪئي وئي. ڪاروباري عورت تمام گهڻي حد تائين مطمئن محسوس ڪري رهي هئي ۽ پنهنجي ڪمپني جي سيڙپڪارن کان جن جي ظالماڻي ڪوشش اها هئي ته اهي هن کان ڪمپني کسي وٺن. سچ ته اهو آهي ته هن وقت ڪاروبار کان موڪل تي وڃڻ ۽ فائيو اي ايم ڪلب جي فلسفي ۽ هن جي طريقڪار کي سمجهڻ جو هي مثالي وقت نه هو، جنهن مسٽر رائلي کي ڪاروبار جي بلندين تي وٺي ويو ۽ عالمي سطح تي انتهائي تيزي سان ترقي ڪئي يا وري هي شايد اهو ئي ڪامل وقت هو ته پاڻ کان ان اڪثريت واري حقيقت کان ٻاهر ڪڍي اچون، ته جيئن اهو معلوم ڪري سگهون ته ماڻهو ڪئين پنهنجي ڪامياب ترين ۽ سڀني کان بهترين ۽ خوشحال ماڻهو پنهنجي ڏينهن جي شروعات ڪيئن ڪن ٿا.
ڪاروباري عورت شيمپين جا چند ڍُڪ ڀرڻ کان پوءِ فلم ڏسڻ شروع ڪئي. پوءِ هو گهري ننڊ ۾ پئجي وئي. آرٽس وٽ مائڪلو اينجلو Michelangelo Fiorentino et Rafael da Urbina: Master of Art in the Vaticanجي باري ۾ لکيل ڪتاب هو، جيڪو هن ڪلاڪن تائين پئي پڙهيو. توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هو ان وقت ڪيتري خوشي محسوس ڪري رهيو هو.
جيٽ جهاز ڪيترن ئي براعظمن ۽ ويران خطن کان گذرندو پئي ويو. سڄو سفر انتهائي احتياط سان جاري رهيو ۽ جهاز جي لينڊنگ به بهترين نموني سان ٿي. مطلب ته سڄو سفر انتهائي خوبصورت هو.
”انٽرنيشنل ايئرپورٽ Maritius and Sir Seewoosagur Ramgoolas International Airport تي ڀليڪار/خوش آمديد“، جهاز جي رن وي تي لهڻ وقت، پائلٽ اسپيڪر تي ڳالهائيندي اعلان ڪيو. هن جي لهجي ۾ مليل اعتماد ۾ لڳي رهيو هو ته هن پنهنجي زندگي جا ڪيترائي ورهه آسمان ۾ گذاري ڇڏيا آهن. ”توهان ٻنهي معزز مهمانن جو اسان سان گڏ هجڻ، اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي. مسٽر رائلي جي ذاتي صلاحڪار اسان کي چيو. هن موجب ايندڙ ڪيترا ڏينهن هو گڏ رهندا. توهان جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني جو توهان اسان سان گڏ جهاز ۾ سفر ڪيو ۽ اسان کي اميد آهي ته توهان جو هي سفر انتهائي محفوظ ۽ شاندار گذريو هوندو”.
هڪ چمڪندڙ ايس يو وي (اسپورٽ يوٽيلٽي وهيڪل)SUV (Sport Utility Vehicle) ڊامبر سان ٺهيل روڊ تي اچي بيٺي ۽ هوائي ميزبان پنهنجن خاص مسافرن کي جهاز مان لاهي، گاڏي ۾ اچي ويهاريو.
”توهان جو سامان ٿوري دير ۾ پهچي ويندو...فڪر نه ڪجو...هي مسٽر رائلي جي ساحل سمندر تي موجود رهائش گاهه Spasiba جي مهمان خاني ۾ توهان کي ملي ويندو“. هن پُروقار لهجي ۾ ۽ تمام وڏي ادب ۽ اخلاق سان چيو.
”هي ته واهه جو ڪم ٿيو“. عورت چيو ۽ وڏي خوشي مان پنهنجون ڪجهه سيلفيون ڪڍي ورتيون، ڄڻ هو ڪنهن فيشن جي تقريب ۾ آئي هجي.
”تمام بهترين“ آرٽسٽ چيو ۽ پنهنجي زبان ائين ٻاهر ڪڍندي ڦوٽي واري سيلفي ۾ شامل ٿي ويو جيئن البرٽ آئنسٽائن پنهنجي مشهور تصور ڪڍرائيندي پنهنجي ننڍپن جي حيرت ۾ پوڻ مهل زبان ٻاهر ڪڍي ڪڍرائي هُئي.
جڏهن رينج رو (ڪار جو نالو) Range Rover هائي وي تي چڙهي، ٻنهي طرفن کان وڏن بيٺل ڪمند جي فصلن جيڪو بهر هند جي هوائن سان رقص ڪري رهيا هئا. خاموش ڊرائيور کي اڇي رنگ جي ٽوپي پاتل هُئي. جيئن پنجن ستارن واري هوٽلن ۾ ڊرائيورن کي پاتل هوندي آهي ۽ هڪ بهترين سليٽي رنگ جو استري ٿيل وڳو پاتل هو، جيڪو هن جي ڪم جي نشاندهي ڪري پيو. جتي رفتار گهٽ ڪرڻ جو اشارو پئي آيو، هن ڪنهن به اشاري کي نظرانداز نه ڪيو ۽ جتان به هن کي موڙ آيو، اتي هن پڪ سان اشارن جو استعمال پئي ڪيو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه واضح هئي ته هو وڏي عمر جو ڊرائيور هو. پر هو گاڏي ائين هلائي رهيو هو جئين ڪو جوان مهارت سان ڪار کي هلائيندو آهي. ڊرائيونگ دوران هن جي نظر سڌي روڊ تي کتل هئي، ته جيئن هن سان گڏ جيڪي مسافر ويٺل آهن، انهن کي سلامتي سان پنهنجي منزل تي پهچائي.
اهي ماڻهو ڪنهن ننڍن ڳوٺن کان گذرندي اڳتي وڌندا رهيا، جن کي وقت جو احساس ئي نه هيو. گهٽين جي ڪنارن سان بوگن ويليا جا ٻوٽا پوکيل هئا. جنگلي ڪُتا بيٺي بيٺي تڪي رهيا هُئا. جئين ايس يو وي ڪا مرغي جهڙي موتمار راند آهي ۽ ساڳي ريت زمين ته ڦٽيل گاهه تي ٻارڙا پاڻ ۾ راند روند ۾ رڌل نظر آيا. ڪٿي ڪٿي ٻانگي جي ٻانگ پڻ ٻڌڻ ۾ آئي. پوڙها ماڻهو جنهن جا ڏند ٽٽل هئا. اُن جي ٺهيل ٽوپي پائي موسم جي هٿان شڪست کاڌل ڪاٺ جي ڪرسي تي ويٺل هئا. هو ائين نظر اچي رهيا هئا ڄڻ انهن کي اڃان ڏينهن جا ڪيترا ئي ڪلاڪ گذارڻا آهن ۽ هڪدم زندگي جي سختين کان ٿڪجي پيا هجن. پر پوءِ به زندگي کي ماڻڻ جي تمنا رکندا هجن. پکين جي ٻولڙين جي هل ماحول کي اڃان به معطر بڻائي ڇڏيو هو.
هڪڙي ٻي ڪميونٽي جي ننڍي آبادي مان ايس يو وي لنگهي ته، سامهون سامهون واري دري مان لائوڊ اسپيڪر تي موسيقي پئي وڳي، جتي ٻه نوجوان ڇوڪرا ۽ ٽي نوجوان ڇوڪريون جن جي وارن تي اڇا ۽ گلابي گل لڳل هئا، ڊانس ڪري رهيا هئا. هڪڙي ٻئي ڪتي پٺيان، آهستي ڀونڪيو.
”شاندار ڪهاڻي“، ڪاروباري عورت نوٽ ڪيو. هن جي پاسي واري دري کليل هُئي ۽ هن جا گهنڊيدار وار هوا ۾ جهومي رهيا هئا. هن جو چهرو هاڻي ڪافي پرسڪون پئي لڳو. هن پنهنجا لفظ صاف نموني ظاهر ڪيا ۽ هن جي آواز مان شانتي جو سڀاءَ محسوس پئي ٿيو. هن جو هڪڙو هٿ سيٽ تي پيل هيو، جيڪو آرٽسٽ جي هٿ کان گهڻو پري نه هيو. جنهن جي وچين آڱر ۽ چيچ تي ٽيٽو ٺهيل هيا.
”مارڪ ٽوين Mark Twain لکيو ، ”ماريٽوريشس اڳ ۾ ٺهيو هو ۽ جنت بعد ۾، جنت جو ڪانسيپٽ ماريٽورشس مان ڪاپي ڪيو ويو آهي“. ڊرائيور آهستي آهستي کلي رهيو هو. هن جو چهرو اهڙو ڏيک ڏيئي رهيو هو جيئن ڪنهن ملڪ جو صدر پنهنجي پهرين تقرير کان اڳ ۾ نظر ايندو آهي.
”هن کان اڳ ۾ اهڙي شي ڪڏهن به نه ڏٺي“، آرٽسٽ چيو. ”هن پنهنجي ڪاوڙيل چهري کي مٽائي ان تي پرسڪون، بي پرواه، ريلڪسڊ چهرو لڳائي ڇڏيو هيو. مان هتي زندگي جون اهڙيون شعايون محسوس ڪري رهيو آهيان. جيڪي منهنجي اندر جي گهرائي کي جلا بخشي رهيون آهن“.
ڪاروباري عورت آرٽسٽ تي ٿورو مڙئي وڌيڪ وقت کان گهڻو نگاهه وڌي، جيڪا قبول ڪرڻ جوڳي هئي پوءِ هن نگاهه ڦيري سمونڊ ڏانهن نهارڻ لڳي. حالانڪ هن جي دل نه پئي چوي، پر پوءِ هو پنهنجي کل کي روڪي نه سگهي ۽ مسڪرائڻ لڳي.
ڊرائيور ايس يو وي جي فون تي ڪجهه سس پس ڪري رهيو هو. ”پنج منٽ پري آهيون“ پوءِ هن هر هڪ کي هڪڙو ٽيبليٽ ڏنو جيڪو سون جو ٺهيل لڳي رهيو هو. ”مهرباني ڪري هن جو مطالعو ڪري وٺو“. هِن هُنن کي چيو.
نفيس انداز سان نقش ٿيل، ظاهري طور تي قيمتي لوهه تي پنج بيان اڪريل هيا، جيڪي هن ريت هيا.
تباهي ڏانهن ويندڙ نشو، توهان جي تخليق صلاحيت کي ختم ڪري ٿو، سلطنت اڏيندڙ ۽ تاريخ ٺاهيندڙن، سج اڀرڻ کان اڳ ۾ هڪ ڪلاڪ پنهنجي لاءِ ڪڍندا هُئا ۽ ان سڪون/نرمي سان جيڪا پيچيدگيءَ جي چنبن کان پري آهي، ته جيئن پاڻ کي ورلڊ ڪلاس ڏينهن لاءِ تيار ڪري سگهن اهو ڪلاڪ گذاريندا هئا، جيڪو ميلي کان تمام گهڻو اڳتي جي شيءَ آهي، ته جيئن هو پاڻ کي شاندار ڏينهن لاءِ تيار ڪري ڇڏين.
قائدو نمبر: ٻيون Rule # 2
عذر/بهاني سان ڪا به ڏاهپ پيدا نه ٿي ٿئي، جيڪڏهن توهان هِن کان اڳ پاڻ ۾ صبح جو سوير اٿڻ جي عادت انسٽال نه ڪئي آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان هاڻي اهو نه ٿا ڪري سگهو. پنهنجي انهن ڪمزورين کي/عقليت پسندي کي ڇڏي ڏيو ۽ ياد رکي ڇڏيو ته ننڍيون ننڍيون روز مرهه جون سُٺايون/بهتريون، جڏهن گهڻو وقت مسلسل ڪيون وينديون... ته اهي تمام وڏا نتيجا ڏينديون.
قائدو نمبر: ٽيون Rule #3
مڙئي تبديليون ابتدا ۾ تمام ڏکيون، پوءِ بيزار ڪندڙ ۽ آخر ۾ وري دلڪش ٿي وينديون آهن. توهان کي هن وقت هر اها شي جيڪا سولي لڳي ٿي، اها توهان کي شروع ۾ ڏکي لڳي هوندي، پر مسلسل مشق سان، سج جي اڀرڻ سان، اهو توهان جي زندگي جو معمول بڻجي ويندو.
قائدو نمبر: چار Rule # 4
نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ، پنج سيڪڙو وڏي ۾ وڏا پروڊيوسر،توهان 95 سيڪڙو انهن ماڻهن جيان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جيڪي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. جئين ئي توهان ائين زندگي گذارڻ شروع ڪندو ته ماڻهن جو وڏو انگ توهان کي چريو چوندي. ياد رکو ته پاڳل يا بي وقوف هئڻ وارو ٺپو توهان جي عظمت جي قيمت آهي.
قائدو نمبر: پنج Rule # 5
جڏهن توهان کي اهو محسوس ٿئي ته توهان هاڻي همت هارڻ وارا آهيو پر پوءِ به ڪوشش جاري رکو. ڇو ته فتح کي بي آرامي ۽ مشقت سان محبت هوندي آهي.
گاڏي جڏهن سمونڊ ڪناري ٺهيل اڇي رنگن جي گهرن وٽ پهتي ته ان جي رفتار گهٽ ٿي وئي. هڪ گهر جي ويجهو مٽي واري رستي تي هڪڙي ٽرڪ بيٺل هُئي. ان جا ڪجهه اوزار سامهون واري اڱڻ تي وکريل پيا هُئا. آخري گهر جي سامهون ٻارڙن جو ميڙ اڱڻ تي کيڏي رهيو هو ۽ اهي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي، تمام گهڻو راند مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا.
سمونڊ جون سائي ۽ نيري رنگ جون لهرون جنهن تي جهڳي پکڙيل هُئي، جهڳي جو شور ٿي رهيو هو ۽ سنهڙي ساحل سان ٽڪرائجي پئي ويون. هوا ۾ هاڻي سمونڊ جي ڌپ به گڏجي وئي هئي. تنهن جي باوجود به ان ۾ ميٺاج جو اثر شامل ٿي ويو هجي. وسيع تر ٿلهي مٿان ڪاٺ جي تختي تي هڪڙو سنٽا ڪلاس جي سفيد ڏاڙهي وارو/ سان ماڻهو ويٺو هو، جنهن کي خاڪي لباس پاتل هو ۽ پيرين اگهاڙو هو، پنهنجي گهروارن لاءِ رات جي ماني جو بندوبست ڪري رهيو هو. هن جي مٿي تي موٽر سائيڪل جو هيلميٽ پاتل هو.
سج لهڻ جي ابتدا ڪري هو، پاڻي جي لهرن تي سج لهڻ وارا سونهري ڪرڻا، اڃان به ماحول کي انتهائي خوبصورت ڪري رهيا هيا. پکي اڃان تائين ٻوليون ٻولي رهيا هئا. پوپٽ اڃان به اڏري رهيا هئا. اهو سڀ انتهائي سحر انگيز هيو.
اسان پهچي چڪا آهيون“. ڊرائيور هڪڙي لوهي پنڃري جي ٻاهران لڳل انٽر ڪام تي گفتگو ڪندي چيو. جئين شايد جنگلي جانورن جي خوف کان اهو حفاظتي جنهگلو لڳايو ويو هجي. گيٽ هوريان هوريان کُلي ويو.
ايس يو وي گاڏي وڏي روڊن کان آهيستي آهستي هليو، جيڪو بوگن ويليا، گل خيرو، فرينگنپاني(ٻوٽا)، وغيره جهڙن گلن سان ڀريل هو. ان گهر جي اندر داخل ٿي رهي هئي بوڪلي ڊيوريلي ماريٽشس جو قومي گل هو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان لڳل هئا. ڊرائيور پنهنجي دري کولي، جتان سمونڊي هوا اندر داخل ٿيڻ جي دعوت ڏني، جنهن ۾/ ان هوا سان گڏ ياسمين ۽ گلاب جي گلن جي خوشبو به شامل ٿي وئي هجي. باغ جي مالهين کي سُٺا ڪپڙا پاتل هُئا ۽ اهي هٿ لوڏي ڀليڪار چئي رهيا هيا. جيئن ئي گاڏي انهن جي ويجهو گذري ته هڪڙي شخص رڙ ڪري چيو، بانجور (بي او ن جي او يو آر ) (فرانسيسي ٻوليءَ ۾ مهمانن کي ڀليڪار ڪرڻ جو انداز) ٻي وري چيو بانزور. اوڏي مهل ٻه ڳيرا روڊ تي به نظر آيا.
ارب پتي جو گهر انتهائي سادو هو. هن جي گهر جو اڳيون حصو جيڪو ساحل ڏانهن هيو، اهو ڊزائين ۾ ٺهيل هو. جيئن مارٿا جي وينيارڊ جهوپڙي ڄڻ ته سئيڊس فارم هائوس جو احساس نمايان نظر اچي رهيو هو. جيڪو گهر انتهائي خوبصورت ۽ مڪمل طور تي ذاتي لڳي رهيو هو.
گهر جي پٺيان ورانڊو سمونڊ تائين هليو ويو هو. هڪ مٽي سان ڀڀوت بائيڪ ديوار سان ٽيڪ ڏيئي بيهاريو ويو هيو. ڊرائيو ڪرڻ واري رستي جي آخر ۾ هڪڙو سرف/ بورڊ رکيل هو. فرش کان ڇت تائين وڏيون وڏيون دريون فن تعمير جون شهڪار هيون، ناياب، قيمتي گل انتهائي احتياط سان سجايا ويا هُئا. جتي هڪڙي ٽرالي پئي هئي، جنهن تي تازي ليمي سان ٺهيل چانهه ۽ انتهائي باريڪي سان ڪٽيل ادرڪ جا ٽڪرا، مهمانن جي اوسئڙي ۾ هئا. سج جي روشني سان چمڪندڙ حسين سليٽي رنگ جا ڏاڪا ساهه کڻڻ جي حد تائين هيٺ وڏي ترتيب سان سجايل هُئا ۽ هي ڏاڪا ايترا ته موهيندڙ هئا جو فقط ان کي ٽرويل ميئگزين ۾ ڇپجندڙ تصورن ۾ ئي ڏسي سگهجي پيو، جيئن وڏا ماڻهو پڙهڻ پسند ڪندا آهن.
انهن مڙني آسائشن جي وچ ۾ هڪڙو مجسمو کير جهڙي اڇي رنگ جي واري تي بيٺل نظر آيو. هو هڪڙو دفعو به نه چريو. مڪمل طور تي خاموش/بوتو بڻيل هو.
هي ماڻهو ايفل ٽاور Effel Tower جيترو قدآور هو. هن کي قميص پاتل نه هئي، پتل جهڙو، ڪيموفلوج جي ڊزائن جهڙو اُڪريل پاجامو پاتل، ڦڪي رنگ جا سينڊل ۽ اوبر اسٽائل اس جو چشمو، هن ماڻهو سمونڊ ۾ جهاتي پاتي ۽ اڃان تائين مڪمل طور تي ائين خاموش هو، جيئن ڪو آفريڪي آسمان تي ڪو ستارو.
”ڏسو“، ڪاروباري عورت ان شخص ڏي اشارو ڪندي چيو. ”آخرڪار اسان پنهنجي ميزبان سان اچي ملياسين. عظيم/شاندار مسٽر رائلي“. هن وڏي جوش سان اندازو لڳايو ۽ پنهنجي رفتار سمونڊ ڏانهن ويندڙ ڪاٺ جي ڏاڪن تي وڌائي ڇڏي ” ان کي ڏسو هو پاڻي جي اندران اچي رهيو آهي، اهي سج جي ڪرڻن کي آلو ڪري رهيا هئا ۽ مڪمل طور تي پيار ڪرڻ واري زندگي. مون چيو هو نه ته هو انتهائي اهم ماڻهو آهي. مان ان ڪري ڏاڍي خوش آهيان ته مون پنهنجي دل جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو/ مڃي ۽ هتي آئي آهيان. هي ته پنهنجي زبان جو پڪو نڪتو...هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي گهڻو ڪري ماڻهو جيڪو ڪجهه چون ٿا اهُو ڪري نه ٿا ڏيکارين ۽ اهڙا واعدا ڪري ويهي رهن ٿا، جيڪي هو وفا نه ٿا ڪن. هن شخص ته جيڪو چيو اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، هي ته وڏو وفادار ماڻهو آهي. هن اسان جو سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو/ هن جو اسان سان سُٺو ورتاءُ رهيو آهي. جيتوڻيڪ هي اسان کي بنهه نه سُڃاڻي ۽ ان جي باوجود هو اسان جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. مون کي پنهنجي سوچ تي ڪنهن به قسم جو ٿورو به شڪ ناهي، ته هو اسان جي مدد نه ڪندو. جلدي ڪيو، ڇا توهان تيار آهيو؟. هو پنهنجي سست رفتار ساٿي کي اڳتي وڌڻ لاءِ همت افزائي ڪري رهي هئي. منهنجي دل چوي ٿي ته مان جلدي سان مسٽر رائلي کي هڪڙو زوردار ڀاڪر پايان“.
آرٽسٽ هن تي کلڻ لڳو. هن پنهنجي ڪاري رنگ جي قميص تکي اس ۾ لاهي ڇڏي، پنهنجي ٻڌها جهڙي پيٽ کي ۽ لڙڪندڙ رسيلن انبن جهڙيون ڇاتين کي اڃان به نروار ڪيو.
”مان به... هو پنهنجي تبليغ تي هلندو آهي. مون کي ڪجهه روشني جي ضرورت آهي/کپي“.... پينٽر چپن تي ڀڻڪيو، جيئن هو ڪاروباري عورت جي ويجهو وڃي بيهڻ لاءِ وڌيو. هن زور سان ساهه کنيو.
جيئن ئي اُهي ٻيئي مهمان ان سامونڊي ڪمپائونڊ جي نروان جي ڪناري ان ماڻهو ڏانهن وڌيا، انهن ڏٺو/ انهن کي اندازو ٿيو ته اُتي اوسي پاسي ۾ ڪو به گهر ڪونهي، هڪڙو به نه. صرف ڪجهه پراڻيون ڪاٺ رنگ لٿل ٻيڙيون، ساحل جي ڪناري سالن کان بيٺل هيون ۽ ان وقت سج جي پوڄا ڪندڙ عظيم الشان ايمپاير اٽلي جي رياست کي اڏيندڙ بيٺل هو. هن کان علاوه اُتي، پري پري تائين ٻيو ڪو به انسان نه هو.
”مسٽر رائلي“ آرٽسٽ رڙ ڪري چيو. هاڻي واريءَ تي ڪنهن بکايل ماڻهو جيان پنهنجن انتهائي ناڪاره ٿيل ڦڦڙن ۾ ساهه ڇڪي رهيو هو/ هلندي هو سهڪي رهيو هيو.
اها شخصيت اُتي ئي ائين ڄمي بيٺي رهي، جيئن ڪو محل جو محافظ/چوڪيدار شاهي گاڏي جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ هوندو آهي.
”مسٽر رائلي“ ڪاروباري عورت وڏي جوش مان رڙ ڪري چيو.
اُتان ڪا به موٽ نه آئي، هو شخص مسلسل سمونڊ ڏانهن نگاهون وجهي گهوريندو رهيو. جتان فوٽ بال اسٽيڊيم جي سائيز جو هڪ بحري جهاز گذري رهيو هو. جيڪو افق تي چمڪي رهيو هو. .
آرٽسٽ تڪڙي هن شخص جي ڪلهن کان پويان اچي بيهي رهيو ۽ ٽي دفعا هن کاٻي پاسي ڪلهي تي هلڪي ٿپڪي لڳائي. ان شخص هڪدم پنهنجو منهن ڦيرائي هنن ڏي منهن ڪري بيهي رهيو. ٻنهي ڄڻن جو وات پٽجي ويو. ڪاروباري عورت پنهنجو سنهڙو هٿ حيرت مان پنهنجي وات ۾ وجهي ڇڏيو. ان کان اڳ ۾ جو، آرٽسٽ واري تي ڪرِي پوي، هڪدم پوئتي هٽي ويو.
اُنهن ٻنهين جيڪو ڪجهه ڏٺو، هنن جا وات پٽجي ويا ۽ هي بوکلائجي ويا.
هي ته اسپيلبائيڊر هو.