دنيا جي اڏيندڙن جي صبح واري روٽين
The morning routine of world-builders
دنيا جي اڏيندڙن جي صبح واري روٽين
“It is well to be up before daybreak, for such habits contributing to health, wealth and wisdom” . Aristotle
”صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اٿڻ بهتر آهي. ڇو ته اهڙيون عادتون، صحت، دولت ۽ ڏاهپ جو ذريعو بڻجن ٿيون“. ارسطو
”فائيو اي ايم ڪلب ۾ خوش آمديد !“ ارب پتيءَ سمونڊ جي ساحل تي موجود گهر جي ڏاڪڻين کان نڪرندي وڏي زور سان چيو. “بونزور! Bonzour ! هي صبح جي ڀليڪار جو فرانسيسي انداز آهي. توهان بلڪل صحيح وقت تي پهتو. مون کي اها ڳالهه پسند آهي. وقت جي پابندي ڪرڻ انساني شرافت جي دليل آهي. گهٽ ۾ گهٽ مون سان ته ائين ئي آهي. اسٽون رائلي منهنجو نالو آهي.“ هن نهايت ئي پياري انداز ۾ ٻنهي مهمانن سان هٿ ملائيندي چيو.
ڦاٽل پراڻن ڪپڙن جي بدران هاڻي هن کي ڪاري رنگ جو چڍو ۽ سفيد رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هُئي. جنهن ۾ لکيل هو،”ڪو به خيال ايسيتائين ڪم جو نه ٿو ٿئي، جيسيتائين توهان ان تي ڪم نه ٿا ڪيو“. هو پيرين اگهاڙي هو ۽ هن جي سنوارت ٿيل هئي. بلڪل صحتمند لڳي رهيو هو ۽ هڪ کلاڙي جو ڏيک ڏيئي رهيو هو. ان ئي سبب جي ڪري هو جيتري عمر جو سيمينار ۾ نظر اچي رهيو هو، پر هاڻي هن مهل، ان کان گهڻو گهٽ ننڍي عمر جو لڳي رهيو هو. هن کي مٿي تي ڪاري رنگ جي بيس بال واري ٽوپي پاتل هئي، جنهن جو رُخ پٺيءَ ڏي هو. هن جون سائي رنگ واريون اکيون اڃان به غيرمعمولي طورتي صاف هيون. ۽ هن جي مسڪراهٽ انتهائي نمايان طور تي حيرت ۾ وجهندڙ هئي. ها، ان شخص جي باري ۾ هڪ ٻي شي به خاص هُئي، جو جيڪا ڪاروباري عورت محسوس ڪري ورتي هُئي.
هڪ سفيد رنگ جو ڳيرو سيٺ جي سر تي لامارا ڏيئي رهيو هو ۽ ڏهه سيڪنڊن تائين ائين اڏرندو رهيو، ڄڻ ته ڪنهن جادو سان ئي هن کي غائب ڪيو ويو هجي. پوءِ هو اڏامي ويئي. ڇا توهان اُن جو تصور ڪري سگهو ٿا. اهو ڏسڻ ۾ ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه هيو.
”مون کي اجازت ڏيو ته مان توهان ٻنهين کي ڀاڪر پايان“، جيڪڏهن توهان کي خراب نه لڳي ته“. ارب پتي انهن جي همت افزائي ڪندي چيو، ۽ هنن جي جواب اچڻ کان اڳ ۾ ئي، پنهنجون وڏيون ٻانهون انهن ٻنهين اينٽرپرينيئر ۽ آرٽسٽ لاءِ کولي ڇڏيون.
”ها توهان جي اندر ۾ ان جي ايڏي جرئت/همت آهي، توهان ڪري سگهو ٿا“.
هن ڪنن ۾ سس پس ڪئي“. توهان هڪڙي پريشان حال پوڙهي تي ڀروسو ڪيو. هڪ مڪمل اجنبي تي. مان ان ڏينهن بلڪل اڪيلو نظر اچي رهيو هوس. پر مون کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته مان ڪئين ٿو لڳان“. هن پنهنجي خود اعتمادي جي ڪمي تي مسڪرائي کلي ڏنو. ”مان شين کي حقيقتن جي نظر سان ڏسان ٿو. سادو ۽ سڌي نموني سان. مڪمل طور تي تصديق ٿيل/ڀروسي واريون. مون کي ان پراڻي سوچ تي غور ڪرڻ ڏيو. تمام گهڻو پئسو توهان جي اندر ۾ فرق نه ٿو آڻي سگهي. تمام گهڻو پئسو توهان کي هونءِ ئي اهڙو ڪري ڇڏي ٿو، جيئن توهان پئسي اچڻ کان اڳ ۾ هيو“.
ارب پتي سمونڊ جي ويجهو آيو. ته هن پنهنجي بدن کي سج جي تازن ڪرڻن سان ڌوئڻ شروع ڪري ڏنو. هن پنهنجون اکيون بند ڪيون ۽ وڏو ساهه کنيو، ان کان پوءِ هن جي پيٽ جا مسل هن جي پاتل ٽي شرٽ مان نمايان نظر اچي رهيا هيا ۽ پوِءِ هن پنهنجي ڪاري چڍي جي پوئين کيسي مان هڪڙو گل ڪڍيو. نه ئي ڪاروباري عورت ۽ نه ئي وري آرٽسٽ اهڙو گل اڳ ۾ ڏٺو هو ۽ اهو ارب پتي جي کيسي ۾ رکيل هجڻ سان به خراب نه ٿيو هو. عجيب هو.
”جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪم ۽ نجي زندگي ۾ جادو تخليق ڪرڻ چاهيندا آهن، اهڙن ماڻهن لاءِ گل وڏي اهميت رکندا آهن“، هن گل جي پتين کي سنگهيو/پتين جي خوشبو وٺندي چيو. ”بهرحال مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته منهنجو پيءَ هڪ هاري هو. منهنجي پالنا هڪ ٻهراڙي جي علائقي ۾ ٿي. ان کان پوءِ اسان جنوبي ڪلوفورنيا لڏي وياسين. اسان سادو سوچيندا هئاسين، سادو ڳالهائيندا هئاسين، سادو کائيندا هئاسين ۽ سادي زندگي گذاريندا هئاسين. توهان ٻار کي ته ملڪ کان ٻاهر وٺي وڃي سگهو ٿا. پر توهان کي خبر آهي ته توهان ٻار کان ملڪ ٻاهر نه ٿا ڪڍي سگهو“. هن اها ڳالهه ڪندي ان جوش جو اُتساهه اظهار ڪيو، جڏهن ته هن جون نظرون سمونڊ تي کُتل هيون.
ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ، ارب پتي جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو. انهن هن کي ٻڌايو ته هن جو اهو ايڊونچر تمام گهڻو فطري انداز ۾ ٿيو ۽ سچائي سان اهو ظاهر ڪيو ته انهن هن جزيري ۽ خاص ساحل تي جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، ايترو حسين ان کان اڳ ۾ هنن ڪڏهن به ڪجهه نه ڏٺو.
”ڪٿي هي يوٽوپيا/خواب Utopia ته نه آهي“. ارب پتي پنهنجو اُس وارو چشمو پائيندي چيو. ”اها قدرت جي مهرباني آهي، اها حقيقت آهي، مون کي ڏاڍي خوشي ٿي توهان ٻنهين کي هتي ڏسي“.
”ته ڇا توهان کي توهان جي والد صبح جو سوير سج جي اڀرڻ سان ئي اها اٿڻ واري عادت وڌي هئي“؟، آرٽسٽ پاڻي جي ڪناري سان هلندي هلندي، چهل قدمي ڪندي پڇيو“.
هڪ ننڍڙو کيکڙو ڀڄندي اُتان لنگهي ويو. جڏهن ته ٽي پوپٽ ان جي مٿان اڏامندا پئي ويا.
اوچتو ارب پتي هڪ مست صوفي درويش جيان گول ڦرڻ شروع ڪيو. جڏهن هو ڦري رهيو هو ته هي لفظ ان جي زبان تي هُئا. ”مان توهان جي ڪمري جي پردي تي هي اکر لکرائي ٿو ڇڏيان، جيڪڏهن توهان صبح جو سوير نه ٿا اُٿو ته ڪنهن به ڪم ۾ ترقي نه ٿا ڪري سگهو“!.
”اوه اهو توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟“، ڪاروباري عورت پڇيو.
”هي وليم پٽ William Pitt دي ارل آف چاٿام جي شاندار قولن مان هڪڙو قول آهي. ڪنهن به سبب جي ڪري مون کي اهو ضروري لڳو ته اهو قول توهان سان شيئر ڪيان ها، بهرڪيف، مون کي منهنجي والد جي باري ۾ ڪيل سوال جي جواب ڏيڻ جي اجازت ڏيو“. ارب پتي خراب انداز ۾ چيو.
”ها به ۽ نه به، مان ننڍپڻ ۾ هن کي صبح جو سوير اٿندي ڏسندو هئس، ڪنهن به سُٺي معمول جيان، اهي هي ڪم ايترا ڀيرا ڪري چڪو هو جو ان لاءِ ائين نه ڪرڻ ممڪن ڪو نه هو. پر جيئن ته ٻارڙن جي اها عادت هوندي آهي، ان ڪري مان به جيڪو منهنجو پيءَ مون کان ڪم چاهيندو هو، اهو ڪرڻ ۾ ڪيٻائيندو هيس. مون هميشه هن سان ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي بغاوت ڪئي. ائين سمجهو ڄڻ ته منهنجي اندر ۾ ڪو قذاق (سامونڊي چور) هجي، هو مون کي روز اها ننڍِي جنگ وڙهڻ جي بجاءِ، ڪنهن به نموني مون کي اهو ڪم ڪرڻ ڏيندا هئا، جيڪو مان پاڻ ڪرڻ چاهيندو هئس. مان ان ڪري اڪثر ڪري ستو پيو هوندو هئس،...دير تائين“.
”ٿڌي مزاج جو والد توهان کي مليو هو“. عورت جواب ڏنو، جنهن کي يوگا جو لباس پاتل هو ۽ احتياط سان گفتگو دوران ڪم وارين ڳالهين کي نوٽ ڪندي وڃي پئي.
”ها هو بلڪل ائين هيو“. ارب پتي پنهنجي ڳالهه جاري رکي ۽ پنهنجن شاگردن جي ڪلهن تي ٻانهون رکي ساحل تي آهستي آهستي هلي رهيو هو.
مسٽر رائلي پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”دراصل، هي اسپيلبائنڊر هو، جنهن مون کي صبح جو پنجين وڳي اٿڻ جو طريقو سيکاريو. مان جڏهن هن سان پهريون ڀيرو مليو هيم ته مان نوجوان هيم. مون اڃان پنهنجي ڪمپني جي شروعات مس ڪئي هئي. مون کي ضرورت هئي ته ڪوماڻهو اهڙو هجي جيڪو مون کي ان انداز سان سيکاري، مون کي چيلينج ڪري ۽ ڪاروباري جي حيثيت سان، تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ وارو ۽ هڪ ليڊر جي حيثيت ۾ مون کي اڳتي وڌائي. هر ڪنهن اهو چيو ته هو دنيا جو بهترين ايگزيڪيوٽو ڪوچ آهي. هن وٽ ٽن سالن جي هڪڙي وڏي لسٽ هئي ۽ مان هن کي روزانو ڪال ڪندو رهيس، تيسيتائين ڪال ڪندو رهيومانس، جيسيتائين هو منهنجو استاد ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿي ويو. هو ان زماني ۾ بلڪل نوجوان هو. پر هن جي تعليم ۾ دانش جي گهرائي، خالص قوت (اصلي طاقت) ۽ تمام وڏو اثر هيو. جيڪو هن جي عمر کان تمام گهڻو اڳتي هو“. ڪروڙ پتي ماڻهو آرٽسٽ تي کليو ۽ پنڌ ڪرڻ روڪي ڇڏيو.
”هي اهو هڪڙو قدم/مشق هئي.... جنهن هر ٻي مشق/قدم ۾ تبديلي آندي .... ۽ ترقي آندي ... هاڻي تحقيق ڪندڙ اهڙي قسم جي ورتاءُ ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا تبديلي آڻيندڙ ان عادت کي ”ڪي اسٽون عادت“ جو نانءُ ڏين ٿا/ سڏين ٿا. ان راهه تي جيتوڻيڪ هلڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر منهنجي اندر ۾ هڪ مضبوط ارادو هيو. مان توهان کي سچي ڳالهه ٻڌايان ته ان عمل جي پورائي/تڪميل دوران، اهڙا اهڙا مرحلا به آيا جو، منهنجو مٿو هٿوڙي جيان وڄڻ لڳو ۽ دل چاهي پئي ته مان ننڊ ڪندو رهان. پر هڪ دفعو جڏهن مون باقائدگي سان صبح جو پنجين وڳي اٿڻ شروع ڪيو ۽ منهنجا ڏينهن وڌڻ لڳا ته مون ان کان اڳ ۾ ايترو سُٺو تجربونه ڪيو هو“.
”ڪيئن؟“ ٻيئي ٻڌڻ وارا حيرت ۾ پئجي ويا.
ڪاروباري عورت پنهنجي هڪڙي آڱر سان آرٽسٽ کي پيار منجهان ڇهيو، ڄڻ ته هو اهو چوڻ چاهيندي هجي ته اسان ٻيئي ان تجربي ۾ هڪٻئي سان گڏ آهيون ۽ هاڻي اُهي ٻيئي هڪڙي ٽيم جو حصو آهن ۽ هو دل سان ان ڪم ۾ دلچسپي رکي ٿي. آرٽسٽ اُن تي پنهنجي نگاهه کُپائي ڇڏي، هڪڙي هلڪي مسڪراهٽ ظاهر ٿي.
ارب پتي ڳالهائيندو رهيو. ”اسپيلبائينڊر مون کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته ان غيرمعمولي تبديليءَ دوران طبيعت ۾ ٿڪ، انتشار ۽ انتهائي مصروفيت جي معمول جهڙيون شيون صبح پنجين وڳي اٿڻ دوران پيش اينديون.... هي منهنجي ابتڙ رويي جو توڙ آهن. صبح جو هٻڙ ڌٻڙ ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. صرف ان هڪڙي ڪم ڪرڻ جو تصور ڪيو، جيڪو توهان جي سڄي ڏينهن جي معيار کي بهتر ڪرڻ وارو آهي. پنهنجي ڏينهن کي آرام ۽ عياشي سان شروع ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته صبح سوير چپڙي ڪري ان جي شروعات ڪئي وڃي. پنهنجي ڏينهن جو آغاز، مضبوط ۽ آزاد محسوس ڪندي ڪجو. مون ڏٺو ته جيئن جيئن ڏينهن گذرندو پئي ويو، تيئن تيئن منهنجو ڌيان اڃان به وڌي ويو. تمام گهڻو ڪم ڪرڻ وارو عظيم ماڻهو، ڀلي کڻي هو چيمپين پلهواني ۾ هجي، وڏي ڪنهن عهدي تي ايگزيڪِيوٽو هجي، انجينيئر هجي، موسيقار هجي، ان ۾ اها خوبي ملندي آهي ته هو تمام گهڻي دير تائين پنهنجي توجهه ڪنهن تي ٽڪائي سگهي ٿو. اها قابليت انهن کي پنهنجي دنيا ۾ اهڙا ته عمل پيدا ڪرڻ جي قابل ڪري ٿي ڇڏي، جڏهن ته تمام گهڻا ماڻهو پنهنجي ذهني توانائي کي منتشر ڪري ڇڏين ٿا. جنهن جي ڪري انهن جي ڪارڪردگي گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ اهي وري هيٺين درجي جا ٿي ويندا آهن.“.
”مان بلڪل متفق آهيان“، آرٽسٽ اشارو ڏنو. ”اڄڪلهه اهڙا آرٽسٽ تمام گهٽ آهن. جيڪي ڪيترا ئي ڪلاڪ پنهنجي آرٽ تي توجهه ڏيئي سگهن. اسپيلبائينڊر پنهنجي سيشن دوران بلڪل درست ڳالهه ڪئي هُئي ته اڄڪلهه بيشمار ماڻهو انٽرنيٽ جا جنوني بڻجي ان علت ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. مان اهڙن ماڻهن کي روزانو ڏسان ٿو، ائين لڳي ٿو ته اهي ماڻهو انسان ئي نه آهن. روبوٽ جيان پنهنجن اسڪرينن سان چهٽيل آهن. حال ۾ موجود ناهن. بس اڌ زنده ۽ اڌ مُئل آهن“.
”مان توهان کي ٻڌان ٿو“، ڪروڙ پتي چيو. ”جيڪڏهن توهان واقعي پنهنجي شعبي ۾ نمايان ٿيڻ لاءِ سنجيده آهيو ۽ پنهنجي ڪم جا فاتح بڻجڻ چاهيو ٿا ته توجهه /ڌيان کي ورهائڻ /انتشار کان تحفظ/بچائڻ لاءِ تمام ضروري آهي. اسان جنهن ڪيفيت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، نيورو سائينسٽ ان کي انتهائي ذهني ڪيفيت چون ٿا. هي اها حالت هوندي آهي، جتي اسان جي سوچ انتهائي بلندين تي هوندي آهي ۽ اسان جي اصلي آئيڊياز/خيالن جي موجودگي هوندي آهي ۽ اسان نئين سطح تي ان ڪم ڪرڻ جي قوت حاصل ڪري وٺون ٿا. وهڪرو (فلو) ۽ صبح پنجين وڳي جاڳڻ جو قدم وهڪري جي ڪيفيت کي تمام گهڻو وهائي ڇڏي ٿو ۽ جڏهن توهان جي ارد گرد جي ماحول ۾ موجود ماڻهو اڃان ستل هوندا آهن. منهنجي تخليقي صلاحيت به ڪٿي وڌي ويندي آهي. منهنجي توانائي بنا ڪنهن مغالطي جي ٻيڻي ٿي ويندي آهي، منهنجي ڪاڪردگي/پيداواري صلاحيت ٽيڻي ٿي ويندي آهي. منهنجي....“.
” توهان سنجيده آهيو“؟. ڪاروباري عورت وچ ۾ ٽپو ڏنو، جيڪا ان ڳالهه تي انتهائي حيران هُئي ته ڇا فقط صبح جو معمول بدلڻ جي هڪ سادي تبديلي انساني زندگي کي ايترو تبديل ڪري سگهي ٿي؟.
”يقينا، منهنجي ڪاروبار جي هڪڙي بنيادي خاصيت هميشه ديانتداري رهي آهي. رات جو جلدي سمهڻ سان ڪا به شي توهان جي دل يا ڌيان کي خراب نه ٿي ڪري سگهي. منهنجو خيال آهي ته اهو ته منهنجي ٻني تي رکيل ڇوڪري جي عادت جو حصو آهي.“ ارب پتيءَ اندازو لڳايو.
اوچتو ڪاروباري عورت جي فون تي هڪڙي ميسيج جو آواز آيو. ”مون کي ڏاڍو افسوس آهي، مون پنهنجي ٽيم کي ٻڌايو هو ته اهي مون کي هتي ڪال نه ڪن. مون کي خبر ناهي ته اهي هاڻي ڇو مون کي تنگ ڪري رهيا آهن“. جيئن ئي هن موبائيل فون جي اسڪرين تي ڪنڌ هيٺ نظر وڌي ته اهي لفظ وڏي اي بي سي ۾ هيٺين ريت لکيل هُئا.
Leave the company or else you die
”ڪمپني ڇڏي ڏي يا نه ته تون مري ويندينءَ“.
ڪاروباري عورت پنهنجي فون کي سنڀاري نه سگهي ۽ پوءِ فون هن جي هٿان هيٺ واريءَ تي ڪِري پئي. هو هڪدم ٿڌو ساهه کڻڻ لڳي.
”ڇا ٿيو“؟ آرٽسٽ تڪڙي هن کان پڇيو. هن کي اهو احساس ٿي ويو هو ته ضرور ڪا گڙٻڙ آهي.
هن عورت جي چهري تان ڳاڙهاڻ ختم ٿيندي ۽ ڏڪندڙ هٿ ڏسي معاملي جي نزاڪت کي سمجهي ورتو هو ۽ وڌيڪ همدردي سان هن کي زور ڏيئي ٻيهر پڇيو، ”ڇا ٿيو؟“.
ارب پتي به هن ڏي توجهه ڏني، ”ڇا توهان ٺيڪ آهيو؟ ڇا توهان کي پاڻي يا ڪا ٻي شي کپي“؟
”مون کي قتل جي ڌمڪي ملي آهي“ منهنجي ان...انويسٽرن جي طرفان. هو منهنجي ڪمپني تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. اهي مون کي اتان بي دخل ڪرڻ چاهن ٿا. ڇو ته انهن جي خيال ۾ ته مان تمام گهڻو حصو وٺي رهي آهيان. انهن لکيو ته جيڪڏهن مان اتان نه هلي ويس ته اهي مون کي قتل ڪرائي ڇڏيندا“.
اوچتو ارب پتي پنهنجو چشمو لاٿو ۽ ان کي هوا ۾ گول گول ڦيرائڻ لڳو. ٿوري دير کان پوء/سيڪنڊن کان پوءِِ، کجين جي وڻن جي پٺيان ٻه ڊگها طاقتور ماڻهو هٿيارن سان تمام تيزي سان ڊڪ پائي اچي پهتا.
”باس، سڀ خير ته آهي“، انهن ٻنهين ۾ جيڪو وڌيڪ قد آور شخص هو، ان ڳڻتي مان پڇيو.
”ها“، ارب پتي اعتماد ۽ اطمينان سان پنهنجي سيڪيورٽي کي تفصيل ٻڌايو. ”مان چاهيان ٿو ته توهان هڪدم ان معاملي جي جانچ پڙتال ڪري وٺو، ٿي سگهي ٿو، ان معاملي ۾ مان توهان لاءِ ڪجهه ڪري سگهان“. هن عورت ڏي نهاريندي چيو. مان ان معاملي کي حل ڪرڻ ۾ توهان جي مدد ڪندس“
ارب پتي وري پاڻ سان ڳالهائيندي ڀڻڪيو ۽ ڳيرا مٿان اڏرندي لنگهي ويا.
”جي بلڪل. مون کي اهڙي هر قسم جي مدد قبول آهي“. ڪاروباري عورت جواب ڏنو. هن جو آواز هينئر به ڀرجي آيو هو ۽ پيشاني تي موجود گهنجن تي پگهر جا ٽيپا موجود هئا.
”اهو توهان اسان تي ڇڏي ڏيو“، ارب پتيءَ دعويٰ ڪئي. ان کان پوءِ هو پنهنجي گارڊن سان مخاطب ٿيو، ۽ هلڪي آواز ۾، حڪمي انداز واري لهجي ۾ انهن کي چيو،”ائين لڳي ٿو ته منهنجي مهمان جي ڪمپنيءَ تي ڪجهه ماڻهو قبضو ڪرڻ چاهين پيا. ٿورو ان جو جانچ پڙتال وٺو ته اصل معاملو ڇاهي ۽ ان جو حل ٻڌايو“.
”توهان پريشان نه ٿيو“. هن عورت کي چيو، ”منهنجا ماڻهو ڪاروباري دنيا جا بهترين ماڻهو آهن، ڪو به مسئلو نه ٿيندو“ مسٽررائلي پنهنجي آخري جملي جو هڪ هڪ لفظ اهڙي ته پڪي انداز سان چيا جو، انهن ۾ واقعي طاقت نظر اچي پئي.
”توهان جي وڏي وڏي مهرباني“. ڪاروباري عورت جواب ۾ چيو، جيڪا هاڻي ڪجهه پرسڪون نظر اچي رهي هئي.
آرٽسٽ هن کي نهايت ئي آرام سان ٻانهن کان ورتو.
”ٺيڪ آ، ڇا مان اڳتي هلان؟“ ارب پتيءَ گذارش ڪئي، سج هاڻي صاف آسمان تي اڳين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اڃان مٿي اچي چڪو هو.
هن جي مهمانن هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو.
هڪ خدمتگار، جنهن کي سادا ڪپڙا پاتل هُئا، ساحل جي مٿاڇري تي ٺهيل جهوپڙي مان نڪري آيو. ان کي اڇو رنگ ڏنل هو. جنهن تي سفيد رنگ جا ليڪا پيل هُئا. جلد ئي انتهائي پرتڪلف انداز سان ذائقي واري ڪافي ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ کي پيش ڪئي ويئي. جيڪا هنن شايد ئي زندگيءَ ۾ ڪڏهن پيتي هجي.
”جڏهن هر صبح جو زبردست مشروف پيتو وڃي (ههڙي قسم جو ته) ذهني صلاحيت کي ڪافي حد تائين فائدو پهچائي ٿو/ صلاحيت پهچائي ٿي“. ارب پتي ان ڪافي مان چسڪي وٺندي ڪافي جي باري ۾ وضاحت ڪئي“، ۽ هي ته اينٽي آڪسيڊنٽس antioxidants سان ڀرپور آهي. ها، ڪافي حد تائين عمر ۾ اضافي جي عمل کي به گهٽ ڪري ٿي“.
”بهرحال، اسان ڇا جي باري ۾ پئي ڳالهايو/ڪٿي پهتا هئاسين؟. مان توهان کي ٻڌائي رهيو هوس ته جڏهن مون فائيو اي ايم ڪلب ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ صبح سوير اٿڻ جو طريقو اپنايو هو ته مون کي ڪهڙا زبردست فائدا پيا/پهتا. اسپيلبائنڊر مون سان اها ڳالهه ظاهري ڪئي هئي ته هي ويهه ويهه فارمولا20+20+20 چورائي ٿو ۽ توهان مون تي ويساهه ڪيو/مون تي ڀروسو ڪيو ته هڪ دفعو اهو تصور سکڻ کان پوءِ، توهان جيڪڏهن ان تي مستقل مزاجي سان عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته توهان جي ڪارڪردگي، خوشحالي، ڪارڪردگي ۽ اثر ڪنهن حد تائين وڌي سگهي ٿو. مان نه ٿو سمجهان ته منهنجي ڪاميابي ۽ صحت ۾ ان روايت کان وڌيڪ ڪنهن ٻي عمل جو ايترو گهرو اثر پيو هجي. مون پنهنجي ڪاروبار ۾ جيڪو ڪجهه حاصل ڪيو آهي ان ۾ منهنجو ڪو به ڪمال نه آهي. مون هميشه ڏٺو آهي ته ڪنهن شخص جي ڪردار ۾ ڊاڙون هڻڻ جو عمل وڏي خامي هوندي آهي. ماڻهو جيترو وڌيڪ طاقتور هوندو اوترو ئي گهٽ ان جي ترويج جي ضرورت پئي ٿي ۽ جيڪو رهنما، جيترو وڌيڪ مضبوط هوندو، ان کي پنهنجي باري ۾ اوترو ئي گهٽ جتائڻ جي ضرورت پوندي“.
”اسپيلبائنڊر“ ان جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي چڪا آهن ته توهان ڪهڙي ڪهڙي شي حاصل ڪرڻ جي قابل آهيو“. ڪاروباري عورت هاڻي اڃان به وڌيڪ بردبار ٿيندي چيو.
”۽ جيڪو جهنگلي نموني سان توهان خوبصورت لباس ڪانفرنس ۾ پاتو هو، ان مان به ان جي تصديق ٿئي ٿي“. آرٽسٽ وچ ۾ ٽنگ اڙائي ۽ ان سان گڏ ئي هن مسڪرائي ڏنو ۽ ان جي ڪري هن جا ٽٽل ڏند نظر آيا.
”صبح جو پنجين بجي اُٿڻ هي اها ذاتي مشق هُئي، جن مان مون کي سڀني کان وڌيڪ فائدو پيو. مون کي هڪ تصوراتي شخص بڻجڻ ڏيو، ان مون کي غير معمولي طور تي درست رکڻ ۾ ڪافي مدد ڏني ۽ ڊسيپلين مون کي فٽ ٿيڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. منهنجي نه فقط آمدني ۾ مدد ملي پر هڪ سٺي زندگي گذارڻ جي قابل ٿيس. صبح جو سوير اٿڻ واري عمل مون کي حيرت ۾ وجهندڙ ليڊر ڪري ڇڏيو. مون کي هڪ سٺي انسان بڻجڻ ۾ به مون کي سهارو ڏنو. ان وقت به مثاني جي ڪينسر مون کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها منهنجي صبح جي اٿڻ جي ئي روٽين هئي، جنهن منهنجي بي عزتي ڪئي. اها واقعي ئي هئي. مان توهان کي اڳين سبق ۾ ويهه ويهه ويهه فارمولي جي باري ۾ اڃان به وڌيڪ تفصيل سان ٻڌائيندس ته حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ، ان سلسلي ۾ صبح جو سوير جاڳڻ کان هڪدم پوءِ، ڇا ڪرڻو پوندو. توهان کي اڳتي جيڪا معلومات ملڻ واري آهي، توهان يقين نه ڪندو ته اها ڪيتري طاقتور ۽ فائديمند آهي، مان توهان ٻنهي جي باري ۾ ڏاڍو پرجوش آهيان. هن جنت ۾ اوهان کي ڀليڪار ۽ زندگي جي پهرئين ڏينهن لاءِ به توهان کي ڀليڪار“.
ڪاروباري عورت ماريشيس ۾ ان رات ايڏي گهري ننڊ ڪئي جو شايد هن اهڙي ننڊ هن کان اڳ ۾ سالن تائين نه ڪئي هجي. قتل جي ڌمڪي ملڻ جي باوجود، هن اربتي جو ڳالهيون ٻڌيون هيون ۽ ان شاندار فطري ماحول ۾ هيون، صاف ۽ پاڪ ساحلي هوا هنن کي ميسر هُئي ۽ آرٽسٽ ۾ وڌندڙ دلچسپي وغيره اهي سڀ اهي ڪارڻ هئا، جن هن جي ڪيترين ئي پريشانين کي ليئي مٽي ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي هن سڪون جي هڪ نئين ڪيفيت به دريافت ڪئي هئي، جنهن کي زمانو ٿيو هو ۽ هو وساري چڪي هُئي.
پوءِ ٺيڪ ٽي لڳي ٽيٽيهه منٽن تي هن واري ڪمري جي دروازي تي زوردار کڙڪائڻ جو آواز ٿيو. هن کي ان وقت جي خبر ان ڪري هُئي، ڇو ته ان وقت هن جي نظر ڪاٺ جي لڳل گهڙيال تي پئجي وئي هئي، جيڪو اتي هن جي ميزبان هن لاءِ رکرائي ڇڏيو هو. ڪاروباري عورت سوچيو، هي آرٽسٽ هوندو، جيڪو جيٽ ليگ Jet lag جي ڪري سمهي نه سگهيو هوندو ۽ پوءِ وري گذريل رات جي انتهائي شاندار مانيءَ، پر گهڻي کائڻ جي ڪري هضم ڪري نه سگهيو هوندو، جيڪا هنن ٻنهين گڏجي کاڌي هئي. اهو پڇڻ بنا ته ٻاهر ڪير آهي هن دروازو کولي ڇڏيو.
اُتي ڪو به نه هو.
”هيلو“؟ هن تارن سان ڀريل آسمان جي هيٺان اعلان ڪيو.
ان ڪمري جي ويجهو ساحل تي موجود لهرون هڪٻئي سان ٽڪرائن پيون ۽ گلن جي خوشبو هوا ۾ وکريل محسوس ٿي رهي هئي.
”ڪير آهي“؟/ڪو آهي“؟
سڪون/خاموشي.
عورت احتياط سان دروازو بند ڪري ڇڏيو. هن دفعي هُن تالو به لڳائي ڇڏيو. جيئن ئي هو پنهنجي بستر تي واپس آئي، جنهن تي مصر جي ڪاٽن ۽ انگريزي لينن جي چادر وڇايل هئي، دروازي کي ٽي دفعا زور سان وري کڙڪايو ويو.
”جي“ عورت رڙ ڪري چيو.
”ميڊم، توهان صبح جي ڪافي جو آرڊر ڪيو هو، اسان اُها کڻي آيا آهيون“. ٻاهران آواز آيو.
ڪاروباري عورت جو چهرو هڪ دفعو ٻيهر گهنجن سان ڀرجي آيو. هن جي دل ٻيهر تڪڙي تڪڙي ڌڙڪي رهي هُئي. هن جي دل نه پئي چئي ته هوءَ دروازو کولي. هوءَ تمام گهڻي مايوس هئي ۽ هن جي پيٽ ۾ ولهوٽا پوڻ لڳا.
”اهي مون کي هن لمحي ڪافي ٿا پيارين، يقين نه ٿو اچي“.
هو ٻيهر مهمان خاني جي اڳين حصي ڏي مڙي، تالو کوليو ۽ ڊڄندي ڊڄندي دروازو کوليو.
هڪ ٿلهو ۽ گنجو ماڻهو، ڪوڙي مسڪراهٽ سان دروازي تي بيٺو هو. هن کي ڳاڙهي رنگ جي جيڪيٽ ۽ پاجامو پاتل هو. جيڪو هن جي ٽڻين کان به هيٺ اچي پيو. ڳاٽي تي سنهوڙو نيري رنگ جو پٽو پاتل هئس.جتي هن ماڻهو جي پلاسٽڪ ليمينيشن ٿيل تصوير لڳل هُئي. عورت اوندهه ۾ هن جو چهرو ڏسڻ لاءِ پنهنجون اکيون پٽيون ۽ جڏهن ڏٺو ته اها ته هڪ پوڙهي ماڻهوءَ جي تصوير هئي، هو هن کي چڱي طرح سڃاڻي پئي، هوءَ هن کي تمام گهڻو چاهي پئي، هو ان فرد کي وساري چڪي هُئي. پلاسٽڪ تي لڳل جيڪا تصوير هو ڏسي رهي هئي، اها هن جي وفات ڪيل پيءُ جي هئي.
”توهان ڪير“، ڊنل عورت سوال ڪيو . ”توهان کي هي تصوير ڪٿان ملي“.
” مون کي تنهنجي جي بزنس پاٽنر موڪليو آهي. اسان تنهنجي باري ۾ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻون ٿا، جيڪو اسان ڄاڻڻ چاهيون. سڀ ڪجهه. اسان کي توهان جي مڪمل نجي زندگي جي باري ۾ خبر پئجي چُڪي آهي. اسان توهان جون مڙئي فائلون پڙهي چڪا آهيون“. هن گنجي پنهنجي بيليٽ سان ٻڌل هڪڙي ڇُري ڪڍي عورت جي ڳاٽي جي هيٺين کاڏي تي رکي ڇڏي.
”هاڻي توکي ڪو به بچائي نه ٿو سگهي. اسان جي پوري ٽيم تنهنجي نگراني ڪري رهي آهي. مان توکي ڪو به نقصان پهچائڻ وارو ناهيان...... تنهن باوجود..... هي وقت بلڪل منهنجي سوچڻ جو آهي. توکي ذاتي طور تي هڪڙو پيغام ڏيڻو آهي. پنهنجي ڪمپني ڇڏي ڏي. پنهنجي حق کان دستبردار ٿي وڃ. سڀني کي الوداع چئه. نه ته هي چاقو تنهنجي ڳچي ۾ اندر هوندو. جڏهن ته توکي ائين ٿيڻ جي اميد ئي نه هوندي... جڏهن تون پاڻ محفوظ سمجهي رهي هوندينءَ. ٿي سگهي ٿو ته ان وقت تنهنجو اهو پيٽي دوست پينٽر ئي ....
ان ماڻهوءَ ائين چوندي پنهنجو چاقو واپس پنهنجي بيلٽ جي اندر رکيو.
”ميڊم سک جي رات سمهو!، توهان سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي. مون کي خبر آهي اسان هڪٻئي سان ٻيهر تمام جلد ملنداسين.“
پوءِ هو اڳتي آيو ۽ دروازو کي ڌڙام /زور سان بند ڪيائين. عورت تمام گهڻو ڏڪي وئي ۽ هوءَ گوڏن ڀر ويهي رهي.
”اي منهنجا رب! منهنجي مدد ڪر، هاڻي مان وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهان، مان مرڻ نه ٿي چاهيان“.
دروازو ٽي دفعا وري ٻيهر کڙڪيو، پر ٿورو هلڪو، ” هلو مان آهيان، دوروازو کوليو.“.
”اڙي مان آهيان، مهرباني ڪري دروازو کوليو“.
هن کڙڪي عورت کي ڇرڪائي ڇڏيو. هوءَ ٻيهر جاڳي پئي. دروازو مسلسل وڄندو رهيو، هن پنهنجو اکيون کوليون، اونداهي ڪمري ۾ نظر وڌائين ۽ کيس اندازو ٿيو ته هو هڪ ڀوائتو خواب ڏسي رهي هُئي.
ڪاروباري عورت پنهنجي هنڌ تان اٿي، ڏڪندڙ قدمن سان دروازي تائين وئي ۽ دروازو کوليو. ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌي کيس اندازو ٿيو ته اهو آرٽسٽ هيو.
”مون ٿوري دير اڳ ۾ تمام ڀوائتو خواب ڏٺو آهي“، ڪاروباري عورت چيو، ”هڪ خطرناڪ ماڻهو هتي آيو هيو، هُن کي منهنجي پيءَ جي تصوير وارو ڪارڊ پاتل هيو ۽ هن چاقو ڏيکاري ڌمڪي ڏيندي مون کي چيو ته جيڪڏهن مون پنهنجي ڪمپني انويسٽرز جي حوالي نه ڪئي ته هو مون کي چاقو هڻي ماري ڇڏيندو ...“.
’’هاڻي ته تون ٺيڪ آهين نه ؟“ ، آرٽسٽ نرم لهجي ۾ پڇيو.
”ها، ٺيڪ ٿي وينديس.“
”مون به هڪڙو غيرمعمولي خواب ڏٺو آهي“. آرٽسٽ وضاحت ڪئي.
”ان کان پوءِ مان سمهي نه سگهيس ۽ ڪيترين ئي شين جي باري ۾ سوچڻ تي مجبور ٿيس، منهجي آرٽ جو معيار، منهنجي يقين واري نظام جي گهرائي، منهنجو بيوقوفاڻو رويو، منهنجو جهيڙڪار انداز ۽ منهنجي اڻکٽ دير، مان پنهنجي روزمرهه جي ڪمن جو تجزيو ڪري رهيو آهيان ۽ اهو ته مان ائين پنهنجي پوري زندگي ڪئين گذاريندس. اڙي!...ڇا توکي يقين آ ته تون بلڪل ٺيڪ آهين؟“. آرٽسٽ پڇيو، هن کي اندازو ٿي ويو هو ته هو ڪجهه گهڻو ڳالهائي ويو آهي ۽ هن جي توجهه پنهنجي فڪرمند ساٿيءَ تي نه آهي.
”مان ٺيڪ آهيان، تون هتي اچي ويو آهين ته مان بهتر محسوس ڪري رهي آهيان“.
”وري به سوچ... “
”ها “
”مون کي تون ياد اچي رهي هُئين“، آرٽسٽ چيو، ” جيڪڏهن مان پنهنجي خواب جي باري ۾ توکي ٻڌايان ته توکي خراب ته نه لڳندو“.
”ها ها، ٻڌاءِ“، ڪاروباري عورت هن جي همت افزائي ڪئي.
”مان ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته روزانو، ٻه ڳالهيون سوچيندو هوس. هڪ جن ۽ ٻيون سامونِڊي ڌاڙيلن جي باري ۾. سڄو سڄو ڏينهن مان اهو سوچيندو رهندو هوس ته مون وٽ جن جهڙي طاقت آهي ۽ مان سامونڊي ڌاڙيلن وانگر بي خوف قانون ٽوڙهي رهيو آهيان. مون پنهنجي ٽيچر کي انهن ٻنهي ڪردارن جي باري ۾ ٻڌايو ۽ گهر ۾ به پنهنجي والدين کي اها ڳالهه ٻڌائي. منهنجا استاد مون تي کلندا هُئا، مون کي مايوس ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته،”حقيقت پسند ٿيو ۽ ٻين ٻارن وانگر رهو“ ۽ اهي مون کي بيوقوفاڻا خواب ڏسڻ کان روڪيندا هئا“.
”تنهنجي والدين توکي ڇا چيو“؟، ڇا انهن توسان شفقت وارو ورتاءَ اختيار ڪيو“؟. ڪاروباري عورت پڇيو، جيڪا ان وقت صوفي تي يوگا جي انداز سان ويٺي هئي.
”ساڳيو ئي استادن وارو رويو هين، انهن مون کي ياد ڏياريو/ ٻڌايو ته مان جن ناهيان ۽ ظاهر آهي ته مان سامونڊي ڌاڙيل به نه آهيان. انهن مون کي ٻڌايو ته مان اڃان هڪ ٻار آهيان ۽ جيڪڏهن مان پنهنجي تصورن کي محدود نه ڪندس ته پنهنجي تخليق کي قابو ۾ نه آڻيندس ۽ چرين واريون ڊاڙون نه ڇڏيندس ته اهي مونکي سزا ڏيندا“.
”پوءِ ڇا ٿيو“؟
”مون اهو ئي ڪيو، جيڪو مون کي چيو ويو هو، مون هٿ ڪڍي ڇڏيا، مون ساڳيو ئي رويو اختيار ڪيو، جيڪو منهنجي وڏن جو هو. مون پاڻ کي وڏو بنائڻ جي بجاءِ، ننڍو ڪري ڇڏيو ۽ ائين مان هڪ سٺو ٻار بڻجي ويس. مون پنهنجن اُميدن، نعمتن ۽ طاقتن کي گهٽو ڏيئي ڇڏيو ته جئين مان فرمانبردار بڻجي وڃان... جئين ٻيا ڪيترائي ماڻهو روزانو پنهنجي زندگي ۾ ڪن ٿا. مان اهو غور ڪري رهيو آهيان ته اسان کي پنهنجين صلاحيتن ۽ ذهانتن کان پري ڪرڻ جي لاءِ، ڪيترو گهڻو، هيپناٽائيز ڪيو ويندو آهي. اسپيلبائينڊر ۽ سيٺ بلڪل صحيح ٿا چون.“
”پنهنجي خواب جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌاءِ“ عورت بيتاب ٿيندي چيو.
”مون پاڻ کي ان سسٽم جي مطابق سمائڻ شروع ڪري ڇڏيو، مون پيروي ڪرڻ شروع ڪري ڏني، مون اهو سوچڻ ڇڏي ڏنو ته مان هڪ طاقتور جن آهيان، يا سامونڊي ڌاڙيل. مان ڌڻ جي هل هلان ۾ شامل ٿي ويس. جيئن ٻيا سڀئي ماڻهو هيا. ايتري قدر جو مان هڪ اهڙو فرد ٿي ويس جو پئسن نه هوندي به خرچ ڪندو هوس، اهي شيون خريد ڪندو هوس، جن جي مون کي ضرورت ئي نه هئي. رڳو ان ڳالهه لاءِ ته ماڻهو مون کان متاثر ٿيندا، زندگي گذارڻ جو ڪيترو نه غريباڻو انداز.“
”مان به ڪجهه ائين ئي ڪندي آهيان“، ڪاروباري عورت مڃيو، ” مان پنهنجي باري ۾ گهڻو ڪجهه سکي رهي آهيان ۽ ان لاءِ مان هن عظيم ۽ فائديمند سفر جي ٿورائتي آهيان. مان اهو محسوس پئي ڪيان ته مان ڪيتري گهڻي هيٺاهين درجي جي عورت آهيان. ڪيتري گهڻي خود غرض آهيان ۽ زندگي ءَ ۾ ڪيتريون ئي سٺيون ڳالهيون مون سان ٿي رهيون آهن، مون وٽ اهي نعمتون آهن جن جو دنيا ۾ تمام گهڻا ماڻهو تصور به نه ٿا ڪري سگهن.“
”بلڪل صحيح سمجهيو“ آرٽسٽ چيو،” منهنجي خواب سان به ائين ئي آهي، مان هڪ کاتيدار بڻجي ويس، مون شادي ڪئي ۽ خاندان به بڻجي ويو. مان هڪ وڏي علائقي ۾ رهندو هوس. مان هڪ سٺي ڪار هلائيندو هوس، منهنجي زندگي تمام سٺي هُئي، ڪجهه سچا دوست هيا. مون کي جيڪا پگهار ملندي هئي، ان منجهان منهنجا بل ۽ ٻيا خرچ پورا ٿي ويندا هئا. منهنجو هر ڏينهن هڪجهڙو گذرندو هيو. دلڪشي جي بجاءِ بيزاري. جڏهن مان پوڙهو ٿيس، ته منهنجا ٻار پنهنجون پنهنجون زندگيون گذارڻ لاءِ گهر ڇڏي هليا ويا. منهنجي عمر وڌي ته منهنجي طاقت به گهٽجي وئي ۽ بدقسمتي سان خواب ۾ ئي منهنجي زال به مري وئي. جڏهن مان اڃان به وڌيڪ پوڙهو ٿيس ته منهنجي نظر به ڪمزور ٿيڻ لڳي ۽ مان ٻوڙو ٿيڻ لڳس ۽ منهنجي ياداشت تمام گهٽجي وئي“.
”مون کي اهو ٻڌي افسوس ٿيو“، ڪاروباري عورت ڏکاري ٿيندي چيو.
”۽ جڏهن مان صفا پوڙهو ٿي ويس ته مان اهو به وساري ويٺس ته مان ڪٿي رهندو آهيان، مون کا پنهنجو نالو به وسري ويو. ۽ منهنجا سڀئي حواس جواب ڏيئي ويا. پر... هاڻي مون کي ياد اچڻ شروع ٿيو آهي ته مان واقعي ئي ڪير هيس.“.
”هڪ جن، هڪ سامونڊي ڌاڙيل، ها نه؟“.
”ها، واقعي ئي!“، آرٽسٽ جواب ڏنو .
”خواب مون کي اهو سمجهايو ته مان حيران ڪندڙ ڪم کان پاڻ کي نه ٿو روڪي سگهان. مان پنهنجي صحت، پنهنجي خوشي، پنهنجو اعتماد ۽ ايتري قدر جو پنهنجي پياري زندگي کي بهتر بنائڻ ۾ وڌيڪ دير نه ٿو ڪري سگهان“.
” واقعي ئي ؟“، ڪاروباري عورت حسرت ڀري لهجي ۾ حيرت جو اظهار ڪيو.
”واقعي ئي !“ آرٽسٽ جواب ڏنو
پوءِ هو اڳتي وڌيو ۽ هن جي پيشاني تي چمي ڏنائين.