سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

Title Cover of book پرھہ جي پڪار

تاريخدانن جا چار اهم مرڪز

10

The 4 focuses of history-makers
تاريخدانن جا چار اهم مرڪز


“The life given us, by nature is short, but the memory of a well-spent life is eternal” –Cicero

اسان کي قدرت طرفان مليل زندگي مختصرآهي.پر سٺي گذاري ويل زندگي جون ساروڻِيون اڻ وسرندڙ هونديون آهن. سيسيرو

سج آسمان تي بيٺل هيو، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ گڏو گڏ ساحل تي هلندي هلندي ان جاءِ تائين وڃي رهيا هُئا، جتي انهن کي ارب پتيءَ سان گڏ سڀاڻي صبح جو ملڻ لاءِ ٻڌايو ويو هو.
جڏهن اهي اُتي پهتا ته مسٽر رائلي اڳ ۾ ئي اتي، واري تي پلٿي هڻي اکيون ٻوٽيل گهري مراقبي ۾ ويٺل هو.
هن کي قميص پاتل نه هئي ۽ ڪيموفلاج اسٽائيل جهڙو پاجا مو پاتل هو، جهڙو اسپيلبائنڊر پهرئين ڏينهن سمونڊ جي ڪناري تي آيو هو ته ان کي پاتل هو. پيرن تي رٻڙ جون جتيون پاتل هيون. جنهن تي مسڪرائيندڙ چهري وارا يموجي منتشر ٺهيل هيا. جيڪڏهن توهان جي نظر انهن تي پئجي وڃي ته توهان کلي ڏيو.
جيئن ئي ارب پتي فتح جو نشان ٺاهي آسمان ڏي پنهنجو هٿ مٿي ڪيو، ته هڪ مددگار ساحلي گهر مان ڀڄندو هن ڏي آيو. هن ُ ٽي ڪڙڪ ڪاغذ، وڏي احتياط سان رکيل چمڙي جي ٿيلهي مان ڪڍي، هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا ۽ بناڪجهه چوڻ جي واپس هليو ويو. اسٽون رائلي ٿورو هلڪو جهڪي هن جو ٿورو مڃيو. پوءِ هن پنهنجي ٻنهي شاگردن کي هڪڙو هڪڙو ڪاغذ ڏيئي ڇڏيو.
ان وقت صبح جا پنج ٿيا هُئا.
ان کان پوءِ ارب پتي هڪڙو سپ seashell کنيو ۽ ان کي پاڻيءَ ڏي پري اڇلي ڇڏيو. ائين لڳي پيو ته اڄ صبح کان هن جي ذهن ۾ ڪا خاص ڳالهه آهي.
”توهان ٺيڪ ته آهيو“؟ عورت پنهنجي بريسليٽ کي ڇهندي پڇيو. جنهن تي هي الفاظ اڪريل هُئا، ” تڪڙ ۾ اڳتي وڌو، ترقي ۽ اڻٿڪ محنت ڪيو، پاڻ آرام فقط تڏهن ڪنداسين، جڏهن مري وينداسين ته“.
نواب صاحب ان چوڙي تي لکيل الفاظ پڙهي ورتا. هن پنهنجي هڪڙي آڱر پنهنجي چپن تي رکي.
”تنهنجي موت تي ڪنهن کي ڏک ٿيندو“. هن پڇيو.
”ڇا“، آرٽسٽ سوال ڪيو
”توهان کي جيڪي سڃاڻين، اهي ڪهڙي قسم جي سُس پُس ڪندا، ته توهان زنده رهيو، جڏهن توهان هن دنيا ۾ نه هوندو؟. ارب پتيءَ هڪ ماهر اداڪار جيان هن جي سوال جو جواب ڏنو.”توهان اهڙي زندگي گذاريندا آهيو، جيئن توهان کي ڄڻ ته سدائين زنده رهڻو هجي، پنهنجي فنا هجڻ جو ڪو به خيال دل ۾ نه ٿو اچي توهان کي ۽ ائين ئي خبر ناهي ڪيترو وقت گذريو وڃي، توهان وقت ڇو ضايع ڪيو ٿا. ڄڻ وقت جو انتهائي گهڻو ڍڳ هجي ۽ ائين وهندو هجي“.
”اهي توهان جا خيال آهن؟ بهترين“ آرٽسٽ چيو.
آرٽسٽ ٿورو لڄي ٿيو، ”ڪاش! نه، اهي ته يوناني فلسفي سينيڪا Seneca جا الفاظ آهن. اهي هن جي ڪليات ” جيون جي کوٽ تي“ On the shortness of life ۾ موجود آهن.“
” ڀلا اسان ههڙي خوبصورت صبح جي پهر ۾ موت جون ڳالهيون ڇو ڪري رهيا آهيون“. ڪاروباري عورت سوال ڪيو، جيڪا ان وقت ڪجهه بيچين لڳي رهي هئي.
”ڇو جو اسان مان گهڻو ڪري جيڪي اڄ زنده آهن، اهي خواهش ڪري رهيا آهن ڪاش!ڪجهه اڃان گهڻو وقت زنده رهون. جڏهن ته اسان وٽ جيڪو وقت هوندو آهي، اهو اسان ضايع ڪري چڪا هوندا آهيون. موت جي باري ۾ سوچيندا آهيون ته اسان جي توجهه انهن شين ڏانهن هلي وڃي ٿي، جيڪي اسان لاءِ سڀني کان وڌيڪ اهم آهن. تنهنڪري اهڙي حالتن ۾ توهان ڊجيٽل انتشار (موبائيل فون، سوشل ميڊيا وغيره) سائبر تفريحون ۽ آن لائين هٻڙ ڌٻڙ وغيره ڇڏي ڏيندا آهيو، جيڪي سڀ کان وڏي نعمت يعني زندگي تي ناقابل تلافي ڪلاڪن تي ڌاڙو هڻون ٿا، توهان کي خبر آهي ته توهان جو ڪالهه وارو ڏينهن واپس نه ٿو اچي سگهي“. ارب پتيءَ دوستاڻي پر معقول لهجي ۾ چيو. ”مان ڪالهه ميٽنگ کان واندي ٿيڻ کان پوءِ چيسنگ ڊي لائٽ (Chasing daylight ) پڙهي. هي هڪ انتهائي پر اثر سي اي او يو جين او ڪيلي CEO Eugene O’ Kelly جي سچي ڪهاڻي آهي. جڏهن هن جي ڊاڪٽرن هن کي ٻڌايو ته توهان جي دماغ ۾ ٽي رسوليون آهن ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته توهان جي زندگي باقي چند ڏينهن آهي.“.
”پوءِ هن ڇا ڪيو“. آرٽسٽ آهستي پڇيو.
”هن آخري ڏينهن کي اهڙ ڊسيپلين سان ترتيب ڏنو جيئن هو پنهنجي ڪاروباري زندگيءَ ۾ گذاريندو هو. اوڪلي O’Kelly پنهنجي اسڪول جي هڪڙي فنڪشن ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪو موقعو هو وڃائي چڪو هو. هن پنهنجن گهروارن سان ماضي ۾ گهمڻ ڦرڻ وارو وقت گذاريو هو ۽ اها دوستي جيڪا هو وساري چڪو هو. ڪتاب جي هڪ حصي ۾ هن ٻڌايو ته هن ڪيئن پنهنجي هڪڙي دوست کي فطري ماحول ۾ سير ڪرڻ جي گذارش ڪئي ته اهڙي پرسڪون چهل قدمي آخري دفعو ناهي، پر پهريون دفعو آهي“.
”افسوسناڪ“ ڪاروباري عورت پنهنجي بريسليٽ سان بي ڌياني ۾ کيڏندي چيو. هن جي پيشاني تي پريشانين جا گهنج پنهنجي جوڀن ۾ هيا.
”پوءِ مون ڪالهه رات ”The Diving Bell and the Butterfly ڏٺي، جيڪا منهنجي پسنديده فلمن منجهان آهي.“ ارب پتي ڳالهه جاري رکي. ”هي به هڪ سچي ڪهاڻي آهي. هڪ بهترين ماهر ماڻهو جي، جيڪو فرانسيسي ايلي Elle ميگزين جو ايڊيٽر هيو. جين دومينڪيو بابي Jean-Dominique Bauby وٽ سڀ ڪجهه هيو ۽ پوءِ هن کي اسٽروڪ ٿيو ۽ پوءِ هو پنهنجي جسم جو ڪو به عضوو چوري پوري نه پئي سگهيو. سواءِ کاٻي اک جي ڇپر جي. اها ڪيفيت لاڪڊ ان سائنڊروم (Locked in syndrome چوائي ٿي. جيتوڻيڪ هن جو ذهن اڄ به صحيح سلامت ڪم ڪري رهيو هو. پر هن جو سڄو جسم مفلوج هو ، ڄڻ ته هن جي سڄي جسم کي ڪنهن هڪڙي پيتيءَ ۾ بند ڪيو ويو هجي“.
”افسوس“ آرٽسٽ رحمدلي واري لهجي ۾ چيو.
”هن کي سمجهو“، مسٽر رائلي چيو. ”هن جي ٿيراپسٽ هن کي گفتگو جو هڪڙو طريقو /انداز سيکاريو. جنهن کي سائلينٽ الفابيٽ (خاموش الف ب) اکر چئجي ٿو. هن ٿيراپي جي ذريعي هن کي پنهنجي اک کي ڇنڀي ان مان الف ب جا اکر ٺاهڻا پوندا هئا، اهڙي ريت هو گفتگو ڪندو هو ۽ پنهنجي اوسي پاسي جي ماڻهن کي اهو ٻڌائيندو هو ته هي ڇا ٿو چاهي. هن ٿيراپي جي مدد سان هن پنهنجي تجربي جي باري ۾ هڪڙو ڪتاب لکي ورتو. جنهن جو زندگي جي لازمي مفهوم سان تعلق آهي. هن ڪتاب کي لکڻ لاءِ هن کي پنهنجن پنبڻين کي 2 لک ڀيرا ڇنڀڻو پيو، پر هن نيٺ ڪتاب لکي مڪمل ڪري ورتو”.
”مون وٽ ته شڪايت لاءِ ڪجهه به نه آهي“. ڪاروباري عورت خاموشي سان چيو.
”ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ، ٿوري عرصي ۾ ئي هو مري ويو“. ارب پتيءَ گفتگو جو سلسلو جاري رکيو.”پر اهو ٻڌائڻ جو منهنجو مقصد اهو آهي ته زندگي انتهائي تمام تمام گهڻي نازڪ آهي. هتي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي صبح جو اٿندا، پنهنجا ڪپڙا پائيندا، ڪافي پيئندا، ناشتو ڪندا.... ۽ پوءِ وري دفتر ويندي ڪنهن روڊ حادثي جو شڪار ٿي مري ويندا. ان ڪري، توهان ٻن انتهائي اهم ماڻهن کي منهنجي گذارش/صلاح آهي ته ڪو به اهڙو ڪم نه ڇڏيو، جنهن مان توهان جي فطري ذهن /سوچ جو اظهار ٿيندو هجي. اهڙي انداز واري زندگي جيئو جو، جنهن مان پاڻ سان سچا رهو، .... ۽ .... روزانو جي زندگي ۾ جيڪي ننڍا ننڍا معجزا ٿيندا آهن ان تي توجهه ڏيو“.
”مان توهان جي ڳالهه ٻڌي رهيو آهيان“. آرٽسٽ پنهنجي قميص کي درست ڪندي ۽ پاناما ٽوپلي کي صحيح ڪندي چيو، جيڪا هو اڄ صبح تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊ ڪري پائي آيو هو.
”مان به“ ، ڪاروباري عورت اداسي مان چيو.
”هر گرهه/سنبوسي جو مزو وٺو“ آرٽسٽ اضافو ڪيو.
”تمام گهڻي عقل واري ڳالهه“، مسٽر رائلي چيو.
”هي جملو منهنجو نه آهي“ آرٽسٽ گهٻرائيندي جواب ڏنو. هي گيتن جي شاعر وارن ويورن Warren Zevon جا الفاظ آهن. اهي الفاظ هن گهڻو بيمار رهڻ کان پوءِ چيا هئا“.
”هر لمحي جا ٿورائتا ٿيو ۽ جڏهن معاملو توهان جي شوق جو هجي ته پوءِ بزدلي نه ڏيکاريو، پنهنجو وقت غيراهم شين تي وڃائڻ ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي اندر موجود پنهنجي تخليقيت، جوش ۽ صلاحيتن کي نئين سر جنم ڏيڻ ۾ شامل ڪيو. ائين ڪرڻ تمام ضروري آهي. توهان اهو ڇو نه ٿا سوچيو ته افلاطون ڇو اسان کي ”پاڻ کي سڃاڻو know thyself “تي همٿايو. هو دلي طور اهو سمجهي چڪو هو ته اسان جي اندر خوبين جا ڍير لڳا پيا آهن، جن تائين پهچڻ ۽ استعمال لازمي آهي. ته جيئن اسان تازا توانا، مزي سان، پرسڪون ۽ مقصد واريون زندگيون گذاري سگهون. پنهنجي اندر ۾ لڪل ان قوت کي نظر انداز ڪرڻ، زندگي ۾ تڪليف، بيزاري ۽ پريشاني جي پوک جو لڻڻ آهي“.
هڪڙو لغڙ زوڪاٽ ڪندو مٿان اڏري ويو ۽ هڪڙو مڇين جو جهنڊ پاڻي ۾ ترندو اڳيان نڪري ويو، اهو اهڙو واضح هو، جئين ڀولڙي لنڪولنس Abe Lincoin’s conscience جو شعور.
هي اسان کي خوبصورتي سان اُتي پهچائي ٿو، جنهن جي باري ۾ اڄ صبح جو مان توهان سان ڳالهائڻ چاهيان پيو، پنهنجي پني کي غور سان ڏسو“. ارب پتي هدايت ڏني.
ان تي انهن ٻنهي شاگردن لاءِ هڪ ماڊل (لرننگ ماڊل) ٺهيل ڏٺو، جيڪو انهن کي سکڻو هو. هي ڪجهه هيٺين ريت نظر اچي رهيو هو.
تاريخدانن جي سوچ جا چار مرڪز
تاريخدان جي توجهه جو مرڪز؛ پهريون
هن وڏي سيڙپڪار (ڪيپيٽيلائيزيشن) ڪرڻ جو تصور واضح ڪيو، جيڪو مشهور نفسيات جي ماهر جيمس فلين James Flynnتشڪيل ڏنو هو. هن جيڪو قابل قدر ڪم پيش ڪيو، هن نفسياتدان اهڙو ئي تصور ڏنو، اهو هي هيو ته جيڪا شي ماڻهو کي صاحبِ حيثيت بڻائي ٿي. اهو اصل ۾ فطري صلاحيت يا ٽيلينٽ جي باري ۾ ناهي جيڪا پيدائشي طور ملنديون آهين. بلڪ ان جو تعلق ان ٽيلينٽ سان آهي، جيڪو هو پاڻ پيدا ڪري ٿو. ....۽ پوءِ ان کي اڳتي وڌائي ٿو.”دنيا ۾ ڪيترائي سُٺا کلاڙي، پنهنجي سامهون واري رانديگر کان گهٽ فطري مهارت رکن ٿا“. مسٽر رائلي ءَ ڳالهه شروع ڪئي. ”پر اهو انهن جي انتها واري محنت، پڪو ارادو ۽ اڻ ٿڪ جستجو جو نتيجو آهي، جيڪا هن کي ناليوارو بڻائي ٿي“.
پراڻي چوڻي آهي ته ڪتي جي لڙائي ۾ ڪتي جو قد ڪاٺ اهميت نه ٿو رکي. پر ڪتي جي دماغ ۾ لڙائي جو ڪيترو سائيز آهي، اهو اهم آهي“. ارب پتيءَ پنهنجي نڪتل پيٽ کي بي ڌياني مان سڌو ڪندي چيو ۽ نئون اُس جو چشمو لڳائي ڇڏيو. جيئن توهان جنوبي ڪليفورنيا جي سرفر سرفنگ ڪندي پاتل ڏٺو هوندو.
”فائيو اي ايم ڪلب ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ، اوائلي اسپيلبائنڊر مون کي اهو سيکاريو هو ته هر صبح جو مون وٽ موقعن جي وڏي دري کُلي ٿي، جيڪا منهنجي تمام وڏن اثاثن جي آبياري ڪري ٿي. ان لاءِ مون کي پنهنجي هر ڏينهن کي جوهر ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ، روزانو ڪجهه وقت ڪڍڻو پوندو. انڪري مون کي اهو سمجهڻ ۾ منهنجي مدد ملندي ته ڪامياب ماڻهو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اٿندا آهن ۽ پنهنجي صبح کي ڪيڏي نه سٺي نموني استعمال ڪن ٿا. مون کي پهرئين فتح حاصل ڪرڻي پوندي ته جيئن شاندار ڏينهن جو بنياد رکي سگهان“.
”مون وٽ ڪڏهن پنهنجي لاءِ وقت نه نڪتو“، ڪاروباري عورت چاپلوسي ڪندي چيو. ”منهنجي ڪم جون گهڙيون انتهائي مصروف رهيون آهن“ هن ڳالهه دهرائي. مون کي پنهنجين بيٽرين کي ريچارج ڪرڻ لاءِ صبح جو ڪجهه وقت ڪڍڻ، مون کي تمام گهڻو وڻندو ۽ مان ان دوران ڪجهه اهڙو ڪري سگهنديس جيڪو مون کي هڪ خوش ۽ بهتر انسان بڻائي سگهي“.
”بلڪل“ ارب پتي تبصرو ڪيو، ”اسان مان ڪيترائي ماڻهو ان ڳالهه جا هوندا آهن ته انهن وٽ وقت ٿورو آهي. اسان کي روزانو صبح جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ پنهنجي توانائي جي بحالي، وڌڻ، صحتمند ٿيڻ ۽ وڌيڪ پرامن /پرسڪون ٿيڻ لاءِ کپندو آهي. صبح جو پنجين وڳي اٿڻ ۽ ويهه ويهه ويهه واري فارمولي تي عمل ڪرڻ، جيڪو جلدي توهان مون کان سکندو. توهان جي ڏينهن جي غير معمولي شروعات جي بنياد وجهندو. توهان پاڻ تمام چوٽي وارين/وڏين سرگرمين ۾ توجهه ڏيڻ جي قابل ٿي ويندا، نه ئي وري ڏينهن توهان کي ڪنٽرول ڪندو. توهان اهڙا توانائي وارا تجربا محسوس ڪندو، جن جو توهان ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. توهان کي جيڪو مزو ايندو، اهو توهان کي زمين تي پير رکڻ نه ڏيندو ۽ توهان جي شخصي آزادي واري حس توهان کي چوٽين تائين پهچائي ڇڏيندي“.
ان کان پوءِ مسٽر رائلي هڪ عارضي ٽيٽو ڏيکارڻ لڳو جيڪو هن جي پُٺيءَ تي ٺهيل هو. ان تي هڪڙي فرانسيسي مفڪر البرٽ ڪيمس Albert Camusجو قول لکيل هيو؛ ” هڪ غلام لاءِ غير آزاد دنيا کي منهن ڏيڻ جو فقط هڪڙو ئي طريقو آهي، پاڻ کي مڪمل طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ توهان جو هر وجود هڪ باغياڻو قدم/عمل هجي“.
صنعتڪار جي پُٺيءَ تي انهن لفظن جي هيٺان فونيڪس جو خاڪو هيو جيڪو شعلن مان نڪري رهيو هيو، يا وري بلڪل ائين نظر اچي رهيو آهي.

”مون کي ان جي تمام گهڻي ضرورت آهي“. ڪاروباريءَ عورت چيو. ”مون کي خبر آهي ان ڪري مون کي روزانو صبح جو ڪجهه وقت پاڻ لاءِ ڪڍي وٺڻ گهرجي...ان کان اڳ ۾ جو منهنجي مصروفيتون شروع ٿي وڌي وڃن....ائين ڪرڻ سان منهنجي پيداواري صلاحيت /ڪارڪردگي، احسانمندي ۽ خاموشي واري ڪيفيت ۾ بهتري ايندي“.
”مون کي به ائين ڪرڻ گهرجي“ آرٽسٽ چيو. ”صبح جو سوير پاڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ ڪڍڻ ۽ تياري ڪرڻ، منهنجي فن لاءِ انقلابي عمل ثابت ٿيندو ۽ منهنجي زندگي لاءِ به“.
”اسپيلبائينڊر مون کي سيکاريو هو ته صبح جي سوير اٿڻ وارن لمحن ۾ شروعاتي سٺ منٽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي اهم صلاحيتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ ڪرڻو آهي. انهن شروعاتي لمحن کي (The victor hour) چيو يعني ”فتح جو ڪلاڪ“، جيڪو منهنجي باقي سڄي زندگيءَ کي ذهني، جسماني، جذباتي ۽ روحاني طور تي بهتر ڪري ڇڏيندو. ان مان مون کي Gargantuan Competitive Advantages ان مان مون هڪڙو فائدو حاصل ٿيندو، جنهن جو ذڪر مان ڪري چڪو آهيان ۽ انسانيت جي تخليقيت، دولت، خوشي ۽ مدد جي هڪ مضبوط رياست تعمير ٿي سگهي ٿي. مون کي چوڻ ڏيو ته هو بلڪل درست هو“.
”بهرحال“ ارب پتي، ڏاڍو خوش ٿيو. اسان واپس سيڙپڪاري ۽ انهن قيمتي نعمتن جي اهميت طرف وڌون/ واپس اچون ٿا. جنهن سان توهان نوازا ويا آهيو. اسان مان تمام گهڻا ماڻهو ان ڳڻتي ءَ ۾ ورتل آهن ته غير معمولي مهارت رکڻ وارا ماڻهو مختلف ڪپڙن مان ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن کي خدا طرفان ڪي انتهائي اهم خوبيون عطا ڪيل هونديون آهن. پر، اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي“. ارب پتيءَ ڪنهن هاري/ٻهراڙي جي ڇوڪري جيان پنهنجي شخصيت جو اظهار ڪندي وضاحت ڪئي.
”هفتي جو هر ڏينهن، نظم وظبط، ۽ پڪو ارادو، ذهانت/صلاحيت ۽ ڏات /ڪارڪردگي کي مات /شڪست ڏيئي ڇڏي ٿو ۽ بهترين کلاڙي تيزيءَ سان خوش قسمت نه ٿا بڻجي وڃن. اهي خوش قسمت بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هر دفعي جڏهن توهان پنهنجي خواهش/شوق/هرکائڻ سان مزاحمت ڪندي، شخصيت جي اصلاح/ ان جي پيروي ڪيو ٿا/ان جي پٺيان ڊوڙو ٿا، ته ڄڻ ته توهان پنهنجي هيروازم ۽ سورميائي کي تقويت/آواز ڏيو ٿا. جڏهن توهان اهڙو ڪو ڪم/فعل ڪيو ٿا، جيڪو توهان سمجهو ٿا ته اهو درست آهي، توهان عاليشان ڪامياب ماڻهوءَ جي هال آف فيم ۾ داخل ٿي وڃڻ واري قطار ۾ شامل ٿي وڃو ٿا“.
ارب پتيءَ هڪڙي سامونڊي بدڪ کي گهوري ڏٺو، جيڪو گپ ۾ لٿ پٿ ٿيل ناشتو پڪڙي رهيو هو. پوءِ هن هڪ وڏو ڏاڪار ڏنو. ”او معاف ڪجو“ هن معافي وٺڻ واري لهجي ۾ چيو.
”جيئن ته مان پهريائين ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪامياب ماڻهن تي ٿيندڙ ڪيترين ئي تحقيقن اها تصديق ڪئي آهي ته اسان جي خوبين جي باري ۾ اسان جي نجي ڪهاڻي، اها بنيادي نشاني آهي جنهن مان خبر پوي ٿي ته آيا اسان پنهنجون لڪل مهارتون برباد ڪيون ٿا يا نه“.
”توهان جو ڇا مطلب آهي“. عورت پنهنجي ڊوائس تي نوٽ وٺڻ ڇڏي، ارب پتيءَ جي اکين ۾ نهاريندي پڇيو. هن کي ان وقت ڳاڙهي رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هُئي. جنهن تي لکيل هيو: تڪليفن ۾ ايندڙ ماڻهو پاڻ وٽ وڏي سائيز جي ٽي وي رکندا آهن، جڏهن ته ليڊرن وٽ پنهنجي وڏي لائبريري هوندي آهي“. Victims have big TVs. Leaders own large libraries
جڏهن توهان جي ذهن ۾ ڪو خيال اچي، توهان کي چوي ته ڪاروباري ذهن يا وڏن ليڊرن يا فن جي مڃيل ماهرن جي اندر ۾ ڪا وڏي ڳالهه هوندي آهي ۽ اها توهان جي اندر ۾ ناهي...ته پوءِ توهان اوسيتائين پهچڻ جو ايڊوينچر به نه ڪري سگهندو، ڇا ڪري سگهندو؟ ورلڊ ڪلاس ٿيڻ تائين پهچڻ لاءِ هڪڙو طريقو آهي نه ئي وري ڪو ايونٽ. اهڙو نفسياتي پروگرام هلائڻ جيڪو توهان کي روزانو اهو چوي ته ماڻهو عظيم نه ٿا ٿي سگهن يا وري اهو چون ته عظيم ذهن ٺهندا ناهن، بلڪ اهي پيدا ٿيندا آهن. توهان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ته رڳو پنهنجي گهربل مقصدن جي حاصلات لاءِ پڙهڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ مشق ڪرڻ ۽ پنهنجي دلي خواهشن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي روز مرهه جي ترجيحن جو تعين ڪرڻ، اصل ۾ وقت جو زيان آهي. هي تمام مشقت، محنت ۽ وقت لڳائڻ جو نتيجو ڇا ٿيندو.... ته اهڙن قسمن جي يقينن مطابق توهان جهڙي ڪنهن به فرد لاءِ حاصل ڪرڻ ۽ ٿيڻ ناممڪن آهي ۽ جيئن ته توهان جو روز مرهه جو ورتاءٌ/رويو، هميشه توهان جي پختي ۽ گهري يقين جو پرتو ٿيندو آهي. ته اهو اندروني تصور آهستي آهستي، حقيقت بڻجي وڃي ٿو“. ارب پتيءَ توجهه ڇڪائي.”انسان هميشه پاڻ کي جيڪو سمجهي ٿو، ان جو عمل ان جهڙو ئي ساڳيو هوندو آهي. توهان پنهنجي شخصي ڪهاڻيءَ کان ڪڏهن به مٿي نه ٿا نڪري سگهو. هي تمام اهم پرک آهي“.
پوءِ وري هن سمونڊ جي اندر هڪڙي ننڍڙي ٻيڙي کي ڏسڻ شروع ڪيو. جيڪا مڇيون پڪڙڻ لاءِ هُئي ۽ هن جي هڪڙي پاسي کان ڄار ٻڌل هو. هڪڙو ملاح ڳاڙهي قميص پائي سگريٽ ڇڪي رهيو هو ۽ ان سان گڏو گڏ هو خطرناڪ جبلن سان ٽڪرائجي وڃڻ کان ماڻهن کي آگاهه ڪري سيٽيون وڄائيندو رهيو هو. ارب پتيءَ پنهنجي لاءِ چپن ۾ ئي هڪڙو منتر پڙهڻ شروع ڪيو.
”مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان I am grateful ۽ مان معاف ڪرڻ وارو به آهيان And I am forgiving مان ڏيڻ وارو آهيان I am giving ، منهنجي زندگي حسينmy life is beautiful ، تخليقيcreative ، پيداواري productive (ڪنهن جي ڪم ايندِڙ)، خوشحال prosperous ۽ جادو جهڙي magical آهي“.
پوءِ هن وري ٻيهر سِيڙپڪاري بابت ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”هاڪاري /مثبت ماهرِ نفسياتن، ان سوچ کي ته اسان ڪير آهيون ، اسان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا ۽ پوءِ پنهنجي ان اندر ۾ يقين ڪيون ٿا جنهن ۾ خواب حقيقت بڻجي وڃن ٿا، ان عمل کي ”خود عملي جي پيشنگوئي“ جو نالو ڏنو آهي. اسان جو اهڙو خيال هوندو آهي، جيڪو اسان لاشعوري طور تي پنهنجي ابتدائي عمر ۾/ننڍپڻ ۾ ئي انهن ماڻهن کان وٺندا آهيون، جن کان اسان تمام گهڻا متاثر هوندا آهيون. اهي بااثر ماڻهو اسان جا پيءَ ماءَ، اسان جا استاد ۽ دوست هوندا آهن. اسان انهن جي ڏسيل راهه ۽ هدايتن تي عمل ڪيون ٿا ۽ اسان جيڪو ڪجهه ڪيون ٿا، سو ان جو ئي نتيجو هوندو آهي ۽ اسان جي اها غلطي اسان جي ذاتي ڪهاڻي بڻجي ويندي آهي ۽ پوءِ اسان ان حقيقت جا اسان پاڻ ئي ڪارڻ هوندا آهيون، اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي، صحيح آ نه؟. اسان مان گهڻا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جا سال ائين ئي گذاري ڇڏين ٿا. ڄڻ هي دنيا انهن لاءِ ڪو آئينو هجي.اسان سان ائين اڪثر ٿيندو آهي ته اسان کي زندگيءَ ۾ اهو ناهي ملندو، جيڪو اسان چاهيندا آهيون. پر اسان جيڪو آهيون اهو ئي حاصل ڪندا آهيون/اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو اسان آهيون.‘‘
The world is a mirror. And we get from life not what we want, but that which we are.
’’اسان جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيندا آهيون، ان جي بهترين نتيجن لاءِ، پنهنجي قابليت جي باري ۾ پنهنجي ڀروسي کي اسان جيترو وڌيڪ سمجهون ٿا، ايترو وڌيڪ اسان ان تي زور ڀريو ڏيون ٿا ۽ ائين ئي اهو ڀروسو اسان جي اندر ۾ اوترو ئي پڪو ۽ پختو ٿيندو ويندو آهي، ايستائين جو اها اسان جي روز مرهه جي عادت بڻجي ويندي آهي.“ صبح جي ان خاص تازي هوا ۾ آرٽسٽ مفسراڻي انداز ۾ گفتگو جاري رکندي چيو.
’’تمام سٺي ڳالهه ڪئي اٿو“، ارب پتيءَ جوشيلي انداز ۾ جواب ڏنو. ”تمام بهترين“. جيڪڏهن اڄ توهان جي مُلاقات اسپيلبائينڊر سان ٿي وڃي ٿي ته توهان هنُ کي اها ڳالهه ضرور ٻڌائجو. منهنجي خيال ۾ هو مڇيون پڪڙڻ ويو آهي ۽ ٿوري دير کان پوءِ هو سمونڊ ڪناري اُس وٺڻ ضرور ايندو“.
ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي. ”هر انسان ۾ عظمت ماڻڻ جي جبلت هوندي آهي. سورمي بڻجڻ جي بُک ۽ بهترين صلاحيت کي بُلند ڪرڻ جي آسمان ڏانهن اڏام، ڀلي کڻي اسان شعوري طور تي اها ڳالهه مڃون يا نه. اسان مان اڪثر ماڻهو پنهنجي اوسي پاسي جي اونداهي ۽ زهريلن اثرن کان متاثر ٿي هيٺ هليا ويا آهن. اسان اهو وساري ويٺا آهيون ته اسان حقيقي طور تي ڇا آهيون. اسان حالتن سان ٺاهه ڪرڻ جا ماهر ٿي ويا آهيون. آهستي آهستي، تسلسل سان ڪن پهلوئن/رخن کي ايترو حاوي ڪري ڇڏيندا آهيون، جو هي اسان جو اسٽينڊرڊ آپريٽنگ سسٽم( (standard operating system ايس او پي ٿي وڃي ٿو. پر حقيقي ليڊر پنهنجي معيار تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ٿو ڪري. ڇو ته هن کي خبر هوندي آهي ته هميشه بهتري جي گنجائش هوندي آهي. انهن کي ڄاڻ هوندي آهي ته جڏهن اسان پنهنجي بهترين نتيجن تائين پهچي رهيا آهيون ته اسان پنهنجي فطرت سان ٺهي ويندا آهيو. سڪندر اعظم Alexander the Great هڪ دفعي چيو هو ته ،” ڏهن شينهن جي فوج جي اڳواڻي ڪا رڍ ڪري ته مون کي ان شينهن جي فوج مان ڊپ نه ٿو لڳي، پر جڏهن، رڍن جي فوج جي اڳواڻي ڪو شينهن ڪري ته مون کي ان فوج مان ڊپ لڳندو آهي“.
“I am not afraid of an army of lions led by a sheep; I am afraid of an army of sheep led by a lion”.
ارب پتيءَ پنهنجي آواز سان گڏ ٿڌو ساهه ڀريو، هڪڙو پوپٽ اتان اڏرندو گذري ويو، ان سان گڏ وري هڪڙو ٻيو کيکڙو اتان ريڙهيون پائيندي لنگهي ويو.
”مان هتي توهان کي ياد ڪرائڻ چاهيان ٿو “، هن ڳالهه جاري رکي. ”ته اسان سڀني جي اندر ۾ ليڊر شپ جون خوبيون موجود هونديون آهن ۽ جيئن ته هاڻي توهان کي خبر پئجي ويئي آهي ته هتي ليڊرشپ جو مطلب ڪو ٽائٽل، ڪو عهدو، يا وري ڪو اعليٰ مقام نه آهي، مان هتي جنهن ليڊرشپ جي ڳالهه ڪيان پيو، اها ان کان گهڻي حد تائين وزندار ۽ ان کان وڏي ڳالهه آهي. هي وڏيون آفيسون، وڏيون ڪارون، وڏا بئنڪ بيلنس عارضي/وقتي طور تي ڪنهن به ٻي طاقت جي ڀيٽ ۾ انساني دل ۾ سچي ۽ حقيقي ”طاقت“ آهن. مان ڪم ڪرڻ واري جنهن طاقت يا پوٽينسي جي ڳالهه ڪيان ٿو، يا ڪري رهيو ، اها ايڏي وڏي آهي جو اسان پنهنجون نظرون ان کان هٽائي نه ٿا سگهون. مارڪيٽ ۾ تمام گهڻي ويليو پيدا ڪرڻ جي اهليت ۽ خوبي، ساک جي سڄي صنعت تي اثراندازي ۽ اهميت، خوبي ۽ ....عزت، شرافت، بي باڪي ۽ وقار سان جيئڻ جي ئي حقيقي اهميت آهي، ائين ڪرڻ سان توهان کي کي پنهنجي اصلي تاريخ لکڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ان سان ان ڳالهه جو به تعلق نه آهي ته توهان ڪنهن ڪمپني جا مالڪ آهيو يا ان ۾ پٽيوالا آهيو يا توهان ڪنهن ڪمپني جا سي اي اوري ڪو چوڪيدار .يا ياBillionaire آهيو يا وري ڪو کڏ کوٽڻ وارو مزدور، Ditch digger ، فلم اسٽار Movie Star ، اداڪار آهيو يا ڪو شاگردstudent جيڪڏهن توهان جي اندر ۾ بغير ڪنهن ٽائٽل جي اڳواڻي ڪرڻ، رهنمائي ڪرڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو پويان ڇڏڻ جي اهليت موجود آهي، ڀلي کڻي موجوده محدود تصور جي سبب جي ڪري توهان کي اهو يقين به نه هجي ته توهان ائين به ڪري سگهو ٿا. توهان جو تصور، توهان جي حقيقت نه آهي Your perception isn’t reality، پر ائين نه آهي. اهو توهان جي حقيقت تي مبني موجوده تصور آهي. اهو ته هڪڙو لينس آهي جنهن جي ذريعي توهان ان لمحي ورلڊ ڪلاس جي لاءِ، حقيقت کي اکين سان پسي رهيا آهيو. مون کي جرمن فلسفي آرٿر شوپنهار Arthur Schopenhauer جا لفظ ياد ٿا اچن، جنهن لکيو ته ”گهڻا ماڻهو پنهنجي نظرئي/سوچ کي دنيا جي حدن تائين محدود رکن ٿا، پر ڪجهه وري ائين نه ٿا ڪن، توهان انهن سان شامل ٿي ويندو.
“. Most people take the limits of their vision to be the limits of the world. A few do not. Join them.
”ان ڪري، حقيقت ۽ حقيقي تصور جي وچ ۾ تمام گهڻو فرق آهي، ٺيڪ آهي“. ڪاروباريءَ عورت پڇيو. ”ائين لڳي ٿو ته توهان اهو چوڻ ٿا چاهيو ته اسان دنيا کي هڪڙي فلٽر ذريعي ڏسون ٿا جيڪو اسان جي پنهنجي شخصي پروگرامنگ مان ٺهي آهي. پر جيئن ته اهو پروگرام اسان پاڻ اهڙي ريت هلائيندا آهيون، جو اسان برين واش ٿي اهو سوچڻ شروع ڪندا آهيون ته جنهن انداز سان اسان دنيا کي ڏسون ٿا ۽ ان کي حقيقي سمجهڻ شروع ڪري ڇڏيون ٿا، صحيح آ نه؟. توهان مون کي منهنجي سوچڻ واري انداز تي ٻيهر سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو“. هن تسليم ڪيو، ان دوران هن جي پيشاني جي کل ائين سڪي وئي، جيئن سياري ۾ ڪو گلاب ڪومائجي ويندو آهي.
”مان تمام گهڻا سوال ڪرڻ چاهيان ٿي“، هوءَ ڳالهائيندي رهي، ”پهرئين ته مون پنهنجو ڪاروبار ڇو شروع ڪيو. مون لاءِ سوشل اسٽيٽس ايترو اهم ڇو آهي. انتهائي خوبصورت هوٽل ۾ ماني کائڻ، بهترين پاڙي ۾ رهڻ ۽ اسٽائلش ڪار هلائڻ جي تمنا منهنجي اندر ۾ ڇو ٿي پيدا ٿئي، منهنجي خيال ۾، منهنجي وڏي خواهش جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڪمپني جي ملڪيت آهي ان ڪري مون پنهنجي سُڃاڻپ هڪ انسان جي حيثيت سان ڪرڻ جي بجاءِ، ڪمپني جي باني جي حيثيت سان ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هئي، سچي ڳالهه اها آهي ته مان پنهنجي ڪريئر بنائڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويس جو، حقيقت ۾ مون سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ شايد شعوري سطح تي جيئڻ به ۽ ڪالهه جڏهن توهان اسان کي ٽن مرحلن وارو ڪاميابي بابت فارمولا پڙهايو هو ۽ ان کان پوءِ ئي مان پنهنجي سوچ کي روزاني جي بنياد تي بهتر شعور حاصل ڪرڻ جي قابل ٿيس ۽ اهو ڄاڻڻ شروع ڪيم ته مان جيڪو ڪجهه ڪيان ٿي، اهو ڇو ٿي ڪيان. مان روزانو بهتر چونڊ ان ڪري ڪنديس ته جئين مون کي روزانو نتيجا ملي سگهن.“
عورت خاموش رهڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي.
”مون کي پنهنجي حقيقي قدرن جو ڪو به ڇيڙو ئي نه ٿو ملي جو هڪ ليڊرشپ جي حيثيت سان چوڻ چاهيان، مان جيڪو ڪجهه ٺاهڻ چاهيان ٿي، اهو ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿي ٺاهڻ چاهيان، مون کي آخر ڪهڙي شي خوشي ڏيئي ٿي ۽ جڏهن مان هن دنيا ۾ نه هونديس، ته ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا مون کي يادگار بڻائيندي. اُن سي اِي او جي ڪهاڻي ۽ ميئگزين ايڊيٽر جي ڌڪ مون کي واقعي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. زندگي اصل ۾ انتهائي نازڪ آهي ۽ هاڻي مان اها ڳالهه کُلي عام ڪيان ٿي ته مان ڪافي عرصي تائين غلط شين جي پُٺيان ڊوڙي رهي هيس. مان پيچيدگي جي لُڙ ۾ ڦاسي پئي هيس، جيتوڻيڪ مون کي پنهنجي ڪيريئر ۽ نجي زندگي ۾ اعليٰ ترين قدرن جي نشانين تي ڌيان ڏيڻو هو، ڇو ته اهي قدر منهنجي زندگي ۾ نواڻ پيدا ڪن ها. مان پنهنجي ماضي جي باري ۾ به تمام گهڻو سوچي رهي آهيان. منهنجي ننڍپڻ ۾ مون سان ڇا ٿيو. مون وٽ ته ڪنهن سان دوستي ڪرڻ جو به وقت نه هو. منهنجي اندر ڪو به حقيقي شوق يا ڪو به جنون نه آهي. مون اڄ تائين سج کي اڀرندي نه ڏٺو آهي ۽ مون کي ڪڏهن سچو پيار نه مليو“. ڪاروباري عورت اهو چئي رهي هئي ۽ پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي چوڙي کي به رڳڙي رهي هئي.
ڪاروباري عورت آرٽسٽ ڏي ڏسندي چيو،”اڄ ڏينهن تائين“.
هن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا.
”هن ڪائنات ۾ کربين سيارا آهن“. آرٽسٽ چيو،” ان سياري تي اربين انسان آهن ۽ مان خوش قسمت آهيان جو تو سان منهنجي ملاقات ٿي وئي“.
عورت ٿورو مرڪي پئي ۽ هلڪي آواز ۾ جواب ڏنائين،” مون کي اُميد آهي ته مان توکي ڪڏهن به نه وڃائينديس“.
”پاڻ سان ايڏي سختي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي“. ارب پتي وچ ۾ ٽپو ڏنو،” اسان سڀ هن دنيا ۾ پنهنجي پنهنجي رستي تي آهيون. توهان منهنجو مطلب سمجهو ٿا“؟ اسان بلڪل ان جڳهه تي آهيون، جتي اسان اهو سڀڪجهه سکي سگهون ٿا، جيڪو اسان کي پنهنجي بقا لاءِ سکڻ گهرجي. مان توهان سان بلڪل متفق آهيان ته انسان جي اندر ۾ هڪ عادت آهي، ته هو اهڙيون شيون ياد ڪندو آهي، جنهن کي وسارڻ بهتر هوندو آهي ۽ اهڙيون ڳالهايون وساري ويهندو آهي، جيڪي ياد رکڻ گهرجن. بهرحال مان توهان جي ڳالهه سمجهان ٿو. مهرباني ڪري اعتبار ڪري منهنجي اها ڳالهه سمجهو ته توهان جي شخصيت جو سڀني کان سٺو ۽ اعليٰ حصو ئي توهان کي هلائي رهيو آهي/توهان جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. پنهنجي حيثيت ۽ زندگي کي اهم بنائڻ لاءِ، ڪو به رستي تي حادثو يا اتفاق نه هوندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان مون کا پڇو ته عاليشان گهرن ۾، بهترين ڪارن ۾ ۽ وافر مقدار ۾ پئسو هجڻ ۾ ڪا برائي ته نه آهي. مان چاهيندس ته توهان ان جي باري ۾ منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌو. خدارا! جيئن هڪڙو پراڻو قول آهي ته بيشمار پئسو هجڻ اها شي آهي جيڪا زندگي توهان کان گهري ٿي. هن ڪائنات ۾ ڪنهن به شي ءَ جي کوٽ نه آهي. گلن جي، ليمن جي وڻن جي، آسمان تي موجود تارن جي. پئسو توهان کي ان قابل ڪندو آهي جو توهان پاڻ پنهنجي لاءِ، انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي توهان لاءِ تمام گهڻو اهم آهن، تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهو ۽ پيسي جي ئي بدولت توهان ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ جي قابل هوندا آهيو“.
انهي دوران هڪڙي ڪاري رنگ جو هوڙهو، اتان تيزي سان لنگهي ويو. توهان ان جي زندگيءَ جي ڀرپور خوشي مان نڪتل آواز ٻڌي سگهو ٿا.
”مان توهان سان هڪڙي راز جي ڳالهه شيئر ٿو ڪريان“، امير ماڻهو پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”مان پنهنجي تمام گهڻي دولت ورهائي چڪو آهيان. ان جي باوجود مون وٽ اڄ به جيٽ جهاز ۽ زيورخ ۾ فليٽ آهي ۽ هي سمونڊ جو ڪنارو به منهنجي ملڪيت آهي. جيتوڻيڪ مان اڄ به ان جي ڪري ئي ڪاروبار ڪندو آهيان ته مان ارب پتي ئي هجان، پر مون کي ان ۾ ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه آهي، مان انهن مان ڪنهن به شيءِ تي انحصار نه ٿو ڪيان“.
”مان توهان کي هڪڙي ڪهاڻي پڙهي ٻڌايان ٿو، منهنجي خيال ۾ ته اها توهان کي وڻندي“. آرٽسٽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ڪرٽ وون گٽ Kurt Vonnegut جيڪو هڪ مصنف آهي ۽ جوزف هيلر Joseph Heller جيڪو ڪيچ 22 Catch- 22, جو ليکڪ آهي، هڪڙي دعوت ۾ مدعو هُئا. هي دعوت هڪڙي وڏي جزيري Long Island جي مالڪ سرمائيدار ڪوٺائي هئي. وانا گٽ پنهنجي ساٿيءَ کان پڇيو ته توهان کي اهو ڄاڻي ڪيئن ٿو لڳي ته توهان جي ميزبان هڪڙي ڏينهن جي دعوت تي ايتري رقم خرچ ڪري ڇڏي، جيتري توهان سڄي زندگي پنهنجن سمورن ڪتابن کي کپائي به ڇڏيو پر توهان ايتري رقم ڪمائي نه ٿا سگهو. هيلر جواب ڏنو،”مون وٽ اها شيءَ آهي، جيڪا هو ارب پتي ڪڏهن به حاصل نه ٿو ڪري سگهي. وون گٽ پڇيو، ”زمين تي اهڙي ڪهڙي شيءَ آهي جيڪا هو حاصل نه ٿو ڪري سگهي“؟ هيلر جو جواب لاجواب هو؟ مون وٽ جيڪو اڻ کٽ علم جو خزانو آهي“.
“ The knowledge that I’ve got enough”.
”لاجواب/زبردست“ ارب پتي پرجوش لهجي ۾ چيو. مون کي تمام گهڻو وڻيو. “Love it” هو زور سان ائين رڙيون ڪري چوڻ لڳو ڄڻ ته هو آرٽسٽ کي زوردار ڀيٽا ڏيندو هجي. پوءِ وري هو ٻيهر پنهنجي خاص ناچ ۾ مصروف ٿي ويو، جيڪو ناچ/رقص هو ان وقت ڪندو هو، جڏهن هو تمام گهڻو خوش هوندو هو. هن جون اکيون بند هيون ۽ هو ڪنهن مست جيان پنهنجي مستي ۾ مست هيو. ڏاڍي عجيب ڳالهه هئي.
آرٽسٽ پنهنجي ڳالهه جاري رکي،”بهرحال، مان اهو سمجهان ٿو ته توهان هن جاءِ تي اسان کي سيڙپڪاري ۽ پاڻ کي مڪمل ڪرڻ جو فلسفو سيکاري رهيا آهيو. ڪو به اسان تي ان وقت تائين يقين نه ڪندو، جيسيتائين اسان پنهنجي اندر موجود عظمت تي يقين نه ٿا ڪيون... ڪو به ماڻهو اسان جي وڏن ڪمن ڪرڻ واري صلاحيت تي يقين نه ڪندو ۽ پوءِ ان کي مخلصاڻي ۽ سخت محنت واري ڪوششن کي محسوس ڪرائڻو پوندو. ڇا توهان کي خبر آهي ته پيبلو پڪاسوءَ Pablo Picasso هڪڙي ڀيري ڇا چيو هو“.
”ٿورو اسان کي به ٻڌايو“، ڪاروباري عورت عرض ڪيو. هن جو انداز اهو ٻڌائي رهيو هو/ظاهر ڪري رهيو هو ته هوءَ ان معاملي ۾ گهڻي دلچسپي رکي پئي.
پڪاسو چيو هو ته، ”منهنجي والده مون کي چيو هو ته جيڪڏهن توهان فوجي/سپاهي آهيو ته توهان جنرل ٿي ويندو. جيڪڏهن توهان مونڪ (راهب) آهيو ته پادري بڻجي وڃو، پر ان جي جاءِ تي مان هڪ پينٽر هئس ۽ مان پڪاسو بڻجي ويس“.
”ڪمال جا ڳالهه آ “ ارب پتيءَ ڳالهه کي وڌائيندي چيو،” ائين ٿيندو آهي اهو ئي ڪنهنجي پوٽينشل تي يقين ۽ اعتماد جو اهڃاڻ آهي“.
ارب پتيءَ پنهنجي مُٺ پنهنجي کاڏي جي هيٺان رکي ۽ ٿوري دير لاءِ سفيد واريءَ تي نهارڻ لڳو.
”۽ اهي نه فقط اسان جا والدين ان محدود پرومنگ جا ذميوار هوندا آهن، پر اڪثر ماڻهو پنهنجن شاندار ڏينهن جي بهترين ڪلاڪن ۾ پنهنجن ذهنن ۾ هلندا آهن. پر مان ته چوندس ته تمام سٺا پر اڻڄاڻ استاد به اسان جي دماغن ۾ اهي خيال ٺوڪيندا آهن ته، آرٽس، سائنسز، اسپورٽس ۽ هيومينٽيز جي سورما بڻجڻ/ٿيڻ لاءِ، ڪنهن خاص ذهنن جي ضرورت هوندي آهي ان ڪري اسان کي اها ڳالهه تسليم ڪرڻ کپي ته ”اسان عام ماڻهو “ آهيون ۽ اسان غير معمولي ٽيم ورڪ ڪرڻ ۽ لاجواب زندگي تشڪيل ڏيڻ جي به اهل نه آهيون. ان سان گڏ اسان جي دوستن جا مشورا، ارد گرد ميڊيا کان ايندڙ پيغام اسان کي اهڙو ئي احساس ڏياريندا آهن. بنيادي طرح سان اسان هڪڙي پاسي مسلسل هيپناٽائيز جي اثر هيٺ هوندا آهيون، جو ان جي ڄاڻ بنا ئي اسان جي اندر ذهانت جي باه ٺري وڃي ٿي ۽ اهي آواز جيڪي جذبي سان ٽمٽار هوندا آهن اهي چپ سبي ڇڏين ٿا ۽ اسان پنهنجين صلاحيتن کي پنهنجن هٿن سان گهٽا ڏيئي ماري ڇڏيندا آهيون ۽ سڄي زندگي ان مشتمل عمل جي ذريعي گذاري ڇڏيون ٿا ۽ پنهنجن قوتن/طاقتن جي چوڌاري قيد/جيل تعمير اڏي ڇڏيون ٿا. اسان ليڊر، تخليقار ۽ امڪان پيدا ڪندڙ فرد جو ڪردار ادا ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهيون ۽ ڏتڙيلن جو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهيون“.
” ڪيترن ئي ماڻهن سان اهڙي قسم جا جيڪي به معاملا ٿيندا آهن. اها انتهائي ڏک جي ڳالهه/ مايوس ڪندڙ ڳالهه آهي ۽ اسان مان اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات /اندر جي خول ۾ بند هئڻ جي ڪارڻ، اهو برين واش نه ٿا ڏسي سگهن“. ڪاروباري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
”ها“، ارب پتيءَ جواب ڏنو. پر ان کان به بدتر، جيڪو پوٽينشل سامهون اچي ٿو اهو درد ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، مون کي ان تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي“.
”ان مان توهان جو ڇا مطلب آهي“. آرٽسٽ پنهنجي نگاهه حيراني ۽ پريشاني جي عالم ۾ ڏور ڪنهن شيءَ تي وجهندي پڇيو. ” هي ڪجهه نروس نظر اچي رهيو هو. هن بيچيني سان ڳالهه کي ڦيرائيندي چيو،”شايد مان پنهنجي تخليقي آرٽ کي حقيقي ۽ غيرمعمولي آرٽ، جيئن وڏي آرٽسٽ ڳالهه ڪئي، ان جي برعڪس سيبوتاج ڪري رهيو آهيان، ڇو ته مون پنهنجي پوٽينشل جي وڌاءُ تي زور ڏيڻ ڇڏي ڏنو ۽ ان عمل مون کي اندران ئي زخمي ڪري وڌو“.آرٽسٽ سوچيو.
”ها، اسان جي سڀ کان وڏي ذات selves ئي سچ ڄاڻي ٿي. اسان سڀني جي اندر پنهنجن انساني نعمتن کي استعمال ڪندي، حيرت ۾ وجهندڙ شيون تيار ڪرڻ ۽ پنهنجي ٽيلينٽ کان ڪم وٺندي، حيرت ۾ وجهندڙ ظاهري روپ ۾ سمائڻ جي اهليت هوندي آهي. لفظ ”ايسٽانش“ astonish (حيرت ۾ وجهڻ) لاطيني ٻولي جي لفظ ”ايڪسٽونيئر“ (Extonare) مان ورتل آهي. جنهن جو مطلب آهي ڪنهن کي گجگوڙ ۾ ڦاٿل ڇڏي ڏيڻ. هر انسان جيڪو اڄ زنده آهي. ان جي قلب ۽ روح ۾ ائين ڪرڻ جي گهري خوبي ۽ صلاهيت سمايل هوندي آهي. اسان جيترو گهڻو غير صحتمند نڪته نظر، جنهن کي (نيوروبايولاجيڪلي اسپيڪنگ) جنهن کي سائنسن جي ٻولي ۾ جسماني نظام جي تخليق چوندا آهيون. اوترو ئي اسان اهو آواز حياتي ۾ پنهنجي خاص سطح تي ٻڌندا آهيون. اهو سچ آهي، توهان ڀلي ڪنهن وڏي تنظيم جا سپروائزر آهيو/هجو، يا وري ننڍا پروگرامر، هڪ اسڪول ۾ استاد هجو، يا ڪنهن هوٽل جا بيرا. توهان جي اندر ۾ يقينن پنهنجي ڪم کي اعليٰ سطح تي پهچائڻ ۽ انسانيت جي بهتري لاءِ، ان کي اڳتي وڌائڻ جي قوت /صلاحيت موجود آهي ۽ تنهنجي باوجود اسان پنهنجين زندگين کي رحم جوڳي صورتحال ۾ ڇڏي ڏيون ٿا، ان ناقص تصور کي، اسان اصل ۾ ڇا آهيون ۽ ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا جي ڪارڻ اسان اڌ مرده زندگي گهاريندا آهيون. هتي هڪڙو واقعي وڏو خيال آهي؛ جڏهن اسان پنهنجي سچي قوت سان دغا ڪندا آهيون ته اسان جي اندر جو هڪ حصو مرڻ شروع ٿي ويندو آهي“. ارب پتيءَ توجهه ڏني.
”تمام حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه“، آرٽسٽ تسليم ڪيو. ”مون کي پنهنجي اندر واقعي ئي ڪجهه سنجيده تبديلين جي ضرورت آهي. مان ٿڪاوٽ محسوس ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهيان، I’m tired of feeling tired ۽ پنهنجين تخليقي خوبين کي نظر انداز ڪندي ڪندي. مون کي اهو محسوس ٿيڻ شروع ٿيو آهي ته مان سڀني کان خاص آهيان“.
”ها، توهان آهيو“. ڪاروباري عورت چيو. ”توهان آهيو“. هن نزاڪت سان پنهنجي ڳالهه دهرائي.
”مون کي اهو احساس ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ مون کي ان ڳالهه جو سڀني کان وڌيڪ اونهو آهي ته ماڻهو ڇا چوندا. منهنجا ڪجهه دوست منهنجن فنپارن تي چٿرون ڪندا آهن ۽ چون ٿا ته مان صفا احمق آهيان. مون کي لڳي ٿو ته مون کي، منهنجي سوچ ۽ منهنجي فن جي تصور کي اهي نه ٿا سمجهن“. ”توهان کي ته خبر هوندي ته ڪيترن ئي عظيم ذهنن کي هي دنيا نه سمجهي سگهي، پر انهن جي موت کان پوءِ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ انهن کي سمجهي سگهيا“. ارب پتي سس پس ڪرڻ واري انداز ۾ جهيڻو ڳالهايو.
. “Many of the great geniuses of the world were not appreciated until decades after they dies, you know.
”۽ جيتري قدر توهان جي ڳالهه ۽ توهان جي دوستن جو تعلق آهي، مون کي خبر ناهي ته آيا توهان جو صحيح ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ آهي يا نه ۽ ٿي سگهي ٿو ته وقت اچي ويو هجي ته توهان پنهنجي ٽيلينٽ ۽ زنده دليءَ کي فقط ان ڪري محدود ڪري ڇڏيو هجي جو توهان ٻين جي ڳالهه کي پنهنجي سر تي سوار ڪري ڇڏيو هجي، ڪرٽ ڪوبين Kurt Cobain مون کان وڌيڪ بهتر لفظن ۾ هي ڳالهه چئي ته ؛ مان ٻين سان گڏ هلڻ ۽ ٻين کي دوست بنائڻ خاطر ۽ انهن جيان ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي ٿڪجي پيو آهيان“.
”I was tired of pretending that I was someone else just to get along with people, just for the sake of having friendships”.
”هون.... آرٽسٽ بس ايترو ئي ردِعمل ڏيکاريو.
”مان توهان سان جيڪو ڪجهه ڳالهائي رهيو آهيان، اهو بلڪل صحيح آهي. اسان پاڻ ئي پنهنجا واسطيدار ٿي ويندا آهيون ۽ توهان جا پنهنجي دنيا ۾ ڪڏهن به هاڪاري/مثبت اثر نه هوندا ۽ جيڪڏهن توهان ناڪاري/منفي ماڻهن سان تعلق رکندا ته توهان کي ڪڏهن به خوبصورت زندگي نه ملندي. ارب پتيءَ گفتگو جاري رکي....”اوه ...۽ مان جنهن درد جي ڳالهه ڪيان ٿو، جيڪڏهن ان تي ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ان کي ڇڏيو/آزاد نه ڪيو ويو ...ته ان مان اسان جي اندر خوف جي ۽ پاڻ سان حقارت ڪرڻ وارن ذخيرن جا ڍير لڳڻ شروع ٿي ويندا. اسان مان اڪثر ڪري ماڻهن کي ان خاموش عذاب جنهن کي بي ادبي تخليق ڪيو، جيڪو اسان پنهنجي حساب سان ظاهر ڪري چڪا آهيون، جي ڳالهه جو شعور ئي ناهي هوندو يا وري انهن کي اهو سليقو ئي نه ٿو اچي ته ڪيئن اُن دٻيل اذيت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون. ان ڪري اسان ان ڳالهه کان انڪار ڪري ڇڏيندا آهيون، جڏهن به ڪو ماڻهو اسان کي صلاح ڏيندو آهي ۽ جڏهن اسان کي ان جي اظهار جو موقعو ملندو آهي ته اسان ميدان ڇڏي ڀڄي ٿا وڃون. اهڙي ريت اسان لاشعوري طور تي پنهنجي ٽيلينٽ جي انڪار کان ۽ پيدا ٿيندڙ درد کان فراريت حاصل ڪيون ٿا“.
”مثال جي طور؛“. عورت سوال ڪيو.
“Like what?” quizzed the enterpreneur
”مثال جي طور؛ نشو، لاڳيتو پيغام پڙهندي يا پنهنجي پوسٽ تي لائڪيس likes ڳڻندو رهڻ يا وري گهڻي حد تائين ٽي وي ڏسڻ، اڄڪلهه ٽي وي شو تمام دلچسپ ٿي ويا آهن. جو انهن جي ڄار ۾ ڦاسڻ نهايت ئي آسان ٿي ويو آهي ۽ جڏهن هڪڙي قسط ختم ٿيندي آهي ته ٻي قسط وري پاڻ ئي شروع ٿي ويندي آهي. اسان مان ڪيترائي ماڻهو ان ميدان مان ڀڄڻ لاءِ چيٽنگ ڪندا آهن يا وري گپ شپ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ضايع ڪري ڇڏين ٿا ۽ انهن کي اها خبر ئي نه پوندي آهي ته مصروفيت ۽ پيداواريت ۾ تمام وڏو فرق آهي“.
”گهڻو اثر رسوخ رکڻ وارا ماڻهو ۽ حقيقي دنيا ٺاهڻ وارن ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ انهن کان وقت وٺڻ ايترو آسان نه آهي. انهن تائين پهچ ڏاڍي ڏکي هوندي آهي، اهي تمام گهٽ گهڙيون ضايع ڪندا آهن ۽ حقيقي ڪمن ۾ تمام گهڻو ڌيان ڏيندا آهن. نه ئي وري ڪي هٿ ٺوڪين ڪوڙن ڪمن ۾ محو هوندا آهن. ان ڪري اهي ماڻهو اهڙا ته نتيجا حاصل ڪن ٿا، جو هڪڙي دنيا انهن کان فائدو وٺي ٿي. ان جي مقابلي ۾ پنهنجين لڪل مهارتن کي دٻائڻ سان جيڪو درد پيدا ٿئي ٿو، ان کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ٻين طريقن ۾ غائب دماغي سان گڏ مسلسل آن لائن سرفنگ، اليڪٽرونڪ شاپنگ، تمام گهڻي مصروفيت، تمام گهڻو نشو، تمام گهڻو کائڻ، تمام گهڻيون شڪايتون ۽ تمام گهڻو سمهڻ شامل آهي.“
رئيس پنهنجي بوتل مان پاڻي جو هڪ ڍڪ ڀريو. انهي دوران مڇيءَ جي شڪار ڪرڻ واري هڪ ٻي ٻيڙي اُتان گذري، جيڪا عورت هلائي رهي هُئي، مسٽر رائلي کي اتان ڏسندي، سلامي ٿي ۽ مسٽر رائلي سر جهڪائي/ جهڪي ان جي سلام جو جواب ڏنو.
”اسپيل بائنڊر هن تمام عمل کي ”اعليٰ درجي جي مظلوميت (Learned Victimhood) جو نانءُ ڏين ٿا. ارب پتيءَ پنهنجي مخصوص جوشيلي انداز ۾ پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”جڏهن اسان پنهنجي نوجواني ڇڏي اڳتي نڪري اچون ٿا، يعني وڏا ٿيون ٿا، ته مروتون اسان کي پاڻ ڏي ڇڪي وينديون آهن. جڏهن اسان سمونڊ جي ڪناري طرف وڌڻ شروع ڪندا آهيون ته اهي شيون جن سان اسان آشنا آهيون، انهن سان ئي تعلق وڌائيندا آهيون ۽ پنهنجن سرحدن ۾ وسعت جي خواهش تي نظر ثاني ڪندا آهيون. پوءِ اسان بهانا ڪندا آهيون ۽ پوءِ انهن جو دور ايترا دفعا ڪندا آهيون ۽ پوءِ اسان پنهنجي لاشعور کي ان ڳالهه تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندا آهيون ته اسان صحيح آهيون. اسان ٻين ماڻهن تي الزام لڳائيندا آهيون، پنهنجن ذاتي جهڳڙن تي پنهنجي ماضي جي واقعن کي ننديندا /لوئيندا آهيون. اسان ڏوهاري ٿيندا ويندا آهيون ۽ تجسس، حيرت، شفقت ۽ معصوميت جيڪا ٻارن کي خبر هوندي آهي، ان کي وڃائي ويهندا آهيون. اسان بيحس ٿي ويندا آهيون. تنقيدي. سختي. ان ذاتي ايڪو سسٽم جي اندر، اسان جي گهڻائي اسان لاءِ تخليق ڪندي اعتدال پنسد بڻجي ويندي آهي ۽ پوءِ اها شي قابلِ قبول بڻجي ويندي آهي ۽ ڇاڪاڻ ته اها مائينڊ سيٽ/سوچ هر روز اسان جي اندر ۾ پئي ڊوڙندي آهي، ته اهو نقطه نظر viewpoint اسان کي حقيقي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اسين ان ڳالهه تي سچائي سان يقين ڪندا آهيون ته جيڪا ڪهاڻي اسان گهڙي/هلائي رهيا آهيون، اهائي سچي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ان جي تمام گهڻا ويجها آهيون/ان سان گهرو تعلق آهي. ان ڪري پنهنجي شعبي ۾ ليڊرشپ جي اظهار ڪرڻ بجاءِ ۽ زندگيءَ کي پُرلطف ڪرڻ بجاءِ، اسان کي جيڪو ٿورو گهڻو ملي ٿو ان تي ئي راضي ٿي وڃون ٿا. ڏسو، اهو سڀ ڪئين ٿو ٿئي؟“.
”ها، اهو سڀ آخرڪار واضح ٿي رهيو آهي. ان ڪري هتي اهم نڪتو اهو آهي ته پنهنجي زندگيءَ جي شخصي ڪهاڻيءَ تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ ٻيهر لکيو وڃي، ٺيڪ آ نه؟“. ڪاروباريءَ عورت سوال ڪيو.
”بلڪل“، ارب پتيءَ ڳالهه کي مڃيندي چيو،”هر دفعي جڏهن توهان کي اهو لڳي ته توهان پاڻ کي تڪليف ۾ وجهندا ٿا وڃو ته توهان وڌيڪ همت واري چونڊ ڪري پنهنجو داستان هاڪاري انداز ۾ ٻيهر لکو. توهان پنهنجي ذاتي سڃاڻپ کي وڌايو، پنهنجي عزت ۽ مان مرتبي (عزت نفس) کي وڌايو ۽ پنهنجي خود اعتماديءَ کي جلا بخشي امر بڻايو. هر دفعي جڏهن توهان پاڻ پنهنجي عاليشان شخصيت کي ووٽ ڏيندو، ايترو ئي ڀيرا توهان پنهنجي ڪمزور پهلو کي شڪست ڏيندا ايندو. ...پنهنجي خانداني (ورثي ۾ مليل) موروثي طاقت/ قوت کي غذا ڏيندو ۽ توهان جڏهن اهو ڪم پاڻ هر ڀيري تسلسل سان ڪندا ويندو، جيئن مهارت جو ڪمال ۽ ڪيپيٽيلائيزيشن آهي ڪيو، يعني پنهنجي پيدائشي صلاحيتن ۾ اظافو ڪندا وڃو.
ارب پتيءَ انهن ٻنهين شاگردن کي سامونڊي ساحل واري رهائشگاهه جي بالڪوني تي دعوت ڏني، ته جئين اهي تاريخ اڏيندڙن جي چئني مرڪزن ۾ صبح وارا سبق جاري رکي سگهن.
History-maker focus # 2: Freedom from distraction
تاريخ اڏيندڙ فوڪس نمبر 2؛ خلفشار/ڌيان هٽائڻ واري عمل کان آزادي
ارب پتيءَ مٿين ماڊل ڏانهن پنهنجي ننڍي آڱر سان اشارو ڪيو؛
”ڇا توهان کي ڪامياب ماڻهن جي سوچ ياد آهي؟ ”انتشار جي علت توهان جي تخليقي ڪارڪردگي جي موت آهي“ An addiction to distraction is the death of your creative production، اهو نڪتو اسان کي اڄ جي صبح واري سيشن جي اُن حصي ۾ اڳتي وڌڻ ۾ رهنمائي ڪندو ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته انتشار خلاف جنگ جي فتح ۽ سائبر انتشار جي معاملي ۾ گهرائي ۾ وڃان، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي ڪلچر ۾ انتهائي اهم معاملو آهي. ڪنهن قدر نئين ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا نه صرف اسان جي ڪارڪردگي ۽ مهارت جي عاليشان ڪي ٽو جبل کي هڙپ/ختم ڪري رهيا آهن، بلڪ ان جي ڪري ئي اسان شايد انسان به نه رهي سگهيا هجون. اسان تمام گهٽ حقيقي گفتگو ڪندا آهيون، تمام گهٽ حقيقي تعلقات رکندا آهيون تمام گهٽ ڪنهن بامقصد ۽ نتيجي وارا رابطا رکندا آهيون“.
”اوه، ها، جيئن جيئن اهڙي قسم جا صبح وارا پهر هن سامونڊي ڪناري تي گذاري رهيا آهيون، تيئن تيئن مان اوترو ئي اها ڳالهه محسوس ڪندي پئي وڃان “. ڪاروباري عورت تسليم ڪيو.
”پنهنجي قيمتي وقت کي بي مقصد حرڪتن ۽ ڪمن ۾ گذاري ڇڏڻ تمام گهڻن ماڻهن جو نشو/شوق آهي“. ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”جيسيتائين ڄاڻ جو تعلق آهي ته اسان کي اها ڀلي ڀَت خبر آهي ته اسان کي پنهنجو قيمتي وقت ڪنهن به غير ضروري ڪم ۾ ضايع نه ڪرڻ گهرجي. پر جذباتي طور تي اسان لالچ/هرکائڻ کي شڪست نه ٿا ڏيئي سگهون. اسان ان رڪاوٽ سان جهيڙو نه ٿا ڪري سگهون. اهو ورتاءُ/سلوڪ/رويو ڪاروباري ادارن کي ڪارڪردگي جي اعتبار سان اربن روپين جو نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ معيار جو به ٻيڙو غرق ٿي رهيوآ هي. جيئن ته مان اڳ ۾ صلاح ڏيئي چڪو آهيان ته ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻيون غلطيون ڪري رهيا آهن. ڇو ته اهي جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ان ۾ هو پاڻ حاضر ئي نه هوندا آهن.(حاضر دماغي سان ڪم نه ڪندا آهن). هنن جو قيمتي ڌيان ان بي تڪي ٽيڪنالاجي جي هٿان يرغمال ٿي چڪي آهي. ائين، اُن لاءِ پنهنجي ڪم کي بهترين بنائڻ ۽ زندگيءَ کي اڃان به سٺي گذارڻ جا ٿورا گهڻا امڪان به ختم ٿي وڃن ٿا“.
صبح جي شروعاتي ڪلاڪن واري خاموشي ۽ سڪون اڃان تائين واضح هيو.
ارب پتي بس ڪري بيهي رهيو. هن سڄي منظر جو جائزو ورتو، گهر جي اوسي پاسي ۾ ترتيب سان لڳل /رکيل گلن کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ وري ساحل تي بيٺل ڪارگو جهازن تي نظر وڌي ۽ سڀني کان آخر ۾ سامونڊي ڪناري کي گهوُري نهارڻ شروع ڪيو.
”ڏسو ڀائرو“، نيٺ هن ڳالهايو“. مون کي اها جديد دنيا پسند آهي... واقعي ئي پسند آهي، هن جديد ٽيڪنالاجي جي بغير اڄ جي زندگي تمام گهڻي ڏکي آهي. منهنجو ڪاروبار سڀاڻي ايترو ڪامياب نه ٿيندو جيترو اڄ آهي، مان سڀاڻي ايترو قابل نه هوندس/ٿيندس جيترو مان اڄ هن مهل آهيان ۽ اهو به ممڪن آهي ته مان توهان سان هتي به ...“
”ڇو“؟ آرٽسٽ حيرت ۾ پئجي ويو ۽ ان گهڙيءَ هڪڙي ڊالفن تمام نفاست سان ترندي اتان گذري ويئي. هو پاڻي ۾ وهنجدي، ٻاهر هوا ۾ نڪرندي چار دفعا اتان نڪتي وري ٽٻي ڏيئي پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويئي.
مسٽر رائلي خوش نظر اچي رهيو هو. ”مون کي ان تي خوشي آهي ته مون اهو دريافت ڪيو آهي ته ڪيئن حيرت ۾ وجهندڙ ڪمن ڪرڻ/معجزن لاءِ چقمق ڪيئن بڻجي“. هن پاڻ سان ڳالهايو ۽ مان انهن ٻنهي ماڻهن کي پاڻ جيان ڪامياب بنائڻ لاءِ سبق ڏيڻ ۾ گهڻي دير نه ٿو ڪري سگهان. پوءِ هن ڳالهه جاري رکي.
”جڏهن مان بيمار هئس ته صحت جي اصولن جي جديد ٽيڪنالاجيءَ منهنجي جان بچائي“. ارب پتيءَ وضاحت ڪئي. ”بهرحال، سٺي انداز سان ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ اصل ڳالهه آهي. هي اهو بيوقوفاڻو طريقو آهي جيڪي سڀ ماڻهو هن ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي اختيار ڪندا آهن. ۽ مون کي ان ڳالهه تي ڏاڍي ڳڻتي آهي. تمام گهڻا ذهين ۽ قابل ماڻهو سوچ جي کوٽ جي بيماري /مسئلي جو شڪار آهن. ڇو ته انهن پنهنجون پيشيوراڻيون ۽ ذاتي زندگيءَ کي بيشمار گجيٽس، خلل ۽ ايپس ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي راند ۾ ڪاميابي چاهيو ٿا ته مهرباني ڪري تاريخ جي عظيم ماڻهن جي زندگي جا اصول اپنايو ۽ هر روز ايندڙ پيچيندگين جي ڳنڍين/تهن کي کولي/هٽائي ڇڏيو. رعمل کي سادو ۽ هر شيءَ کي ترتيب ڏيو. مڪمل خالص شخصيت رهو.” ٿورو“ واقعي ئي ”تمام گهڻو“ هوندو آهي. ڪيترن ئي ڪمن تي توجهه/ ڌيان ڏيڻ جي بجاءِ، چند ڪم ۽ منصوبن تي توجهه ڏيو . ايئن ئي سماجي سطح تي ڪي ٿورڙا ئي دوست ٺاهيو. پر انهن سان گهرائي ۾ وڃو ته جيئن توهان جا سٺا تعلق/واسطا پيدا ٿين. ٿوريون دعوتون قبول ڪيو، واندڪائي لاءِ وقت ڪڍو ۽ مطالعو ڪيو ۽ مطالعو اهڙو جو ڍڳ ڪتابن تي نظر وجهڻ بجاءِ چند ڪتاب پڙهو ۽ انهن کي پي وڃو. جن ماڻهن لاءِ واقعي ئي فتح اهم هوندي آهي، اهي انتهائي توجهه سان ڪم ڪندا آهن. سادگي، سادگي، سادگي“.
”پنهنجي وقت کي مينيج ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ پنهنجي توجهه کي مينيج ڪرڻ شروع ڪيو“. ارب پتيءَ وڌيڪ چيو.” اسان جنهن ضرورت کان وڌيڪ محترڪ معاشري ۾ رهون ٿا، ان ۾ هاڻي عظمت جواهو اصول آهي“.
”توهان جي ان سکيا جي وڏي مهرباني“. آرٽسٽ چيو. ”مان هاڻي سمجهي ويو آهيان ته مصروفيت جو مطلب اهو ناهي ته توهان تخليقار /ڪم ڪري رهيا آهيو، مون کي هاڻي اها به خبر پئي ته جڏهن مان ڪنهن نئين تصور/پينٽنگ تي ڪم ڪندو آهيان ۽ جڏهن مان ڪو شهپارو /شاهڪار تخليق ڪرڻ وارو هوندو آهيان ته ان وقت منهنجي اندر جو ڪو اونداهو پاسو منهنجي خيالن کي منتشر ڪري ڇڏيندو آهي، ان ڪري مان ڪو حيرت ۾ وجهندڙ ڪم نه ڪري سگهندو آهيان. مان سمجهان ٿو ته مون سان ائين اڪثر ڪري ٿيندو آهي. جڏهن مان ڪنهن زبردست ڪم کي مڪمل ڪرڻ وارو هوندو آهيان ته پوءِ مان پنهنجي ڪم جي ان تسلسل کي روڪي ڇڏيان ٿو. مان يا ته آئن لائن ٿي ويندو آهيان ۽ بس سرفنگ ڪندو رهندو آهيان. مان دير سان ئي سمهي پوان، يا وري پنهنجي پسند جي ٽي وي شو جو مڪمل سيزن/ قسط ڏسڻ ويهي رهندو آهيان ۽ پوءِ پنهنجن آن لائين دوستن سان سڄي رات گيمز کيڏندو رهندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن مان تمام گهڻو سستو ڳاڙِهو شراب پيئندو آهيان“.
”توهان جيترو وڌيڪ پنهنجي ذهانت جي ويجهو هوندو، اوترو ئي وڌيڪ توهان پنهنجي خوف کي سيبوتاج ڪندو“. ارب پتي مڪمل طور تي اتفاق ڪيو. ”توهان ماڻهن جي اڪثريت کان جان ڇڏائڻ ۾ خوف محسوس ڪندو/گهٻرائيندو ۽ توهان جي اندر پنهنجي ڀيٽ ۾ جيڪي اثر مثال جي طور ٻين ماڻهن کان مختلف نظر ايندڙ، پنهنجي مخالفن کان نفرت /ساڙ پيدا ٿيندو ۽ پنهنجي اڳين منصوبي کي بهتر ڪرڻ جي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ کان ڪيٻائيندو. توهان ناڪامي جي باري ۾ محتاط ٿيندو/ توهان ناڪامين جي ور چڙهي ويندو ۽ توهان جي سٺي ڪارڪردگي نه هجڻ جو خوف توهان تي غالب رهندو ۽ اهڙي ريت دماغ ۾ بادام جي شڪل جو حصو Amygdala وري ٻيهر روشن ٿي ويندو ۽ توهان ان پيداواري قوت تائين ٻيهر پهچي ويندو، جيڪا توهان کي پيدائشي طور تي ملي. اسان جي اندر ۾ هڪڙو لاشعوري طاقت ويٺل هوندي آهي. اسان جي ڪمزور پاڻ selves جي اندر، توهان کي خبر آهي؟، سٺي خبر اها آهي جڏهن توهان ان صورتحال کان آگاهه ٿي ويندا آهيو.
”مان هر روز بهتر چونڊ ڪري سگهان ٿو، جيڪي مون کي روزانو سٺا نتيجا ڏيندا آهن“، آرٽسٽ ڳالهه ڪاٽي، هن جي ڪيفيت ايئن هئي جيئن ڪو ننڍو گلر پنهنجي مالڪ کي وڏي عرصي کان پوءِ ڏٺو هجي.
”بلڪل“ ارب پتيءَ چيو. ”هڪ دفعو جڏهن توهان ان حقيقت کان واقف ٿي وڃو ٿا، ته توهان پنهنجي تمام وڏي ٽيلينٽ جي ويجهو ٿي ويا آهيو ۽ توهان جي اندر جي ڊيڄاريندڙ/ڊنل شخصيت توهان جي ڌيان کي هٽائڻ ۽ منتشر ڪرڻ تي اثر ڇڏي ٿي ۽ توهان پاڻ ئي ان رويي کي منهن ڏيڻ جي قابل ٿي سگهو ٿا ۽ توهان ان ڪيفيت کان ٻاهر اچي سگهو ٿا. توهان اُن کي ڪمزور ڪري سگهو ٿا، صرف پري ويهي ڪري ان جي ناڪام ڪوششن کي ڏسي ڪري.
”واقعي تمام بهترين سوچ آهي“. عورت به گفتگو ۾ شريڪ ٿي وئي. ان ڳالهه مان مون کي خبر پئجي وئي ته مان پنهنجي ڪمپني ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ پنهنجي اثر رسوخ کي ڇو محدود ڪري ڇڏيان ٿي.
هاڻي مان پنهنجو اهم ٽارگيٽ مقرر ڪنديس ۽ ان ڪم ۾ ٽيم سان ملنديس، اسان پيداوريت جي سپلاءِ جو طريقو طئه ڪيو، پوءِ مان ان ڪم ۾ مصروف ٿي وينديس. مان هن موقعي کي قبول ڪنديس يعني ”ها“ ڪنديس، جنهن جي ڪري اسان جي ڪاروبار ۾ وڌيڪ ڏکيائي پيدا ٿي ويئي، مان اهڙن ماڻهن سان هروڀرو به ملنديس جيڪي رڳو پنهنجي مرضيءَ جي ڳالهه ٻڌندا هجن. مان پنهنجو هر نوٽيفيڪيشن ڏسنديس، هر گهڙي جي ايندڙ خبر جي ڄاڻ رکنديس. اڄ جي صبح مون تي اهو بلڪل واضح ڪري ڇڏيو آهي ته مان ڪيڏو نه بيدردي سان پنهنجي ذهانت کي تباهه ڪري رهي آهيان ۽ اهو به طئي آهي ته توهان جنهن ڊجيٽل غلاظت جي ڳالهه ڪيو ٿا، ان جي علت ۾ به تمام گهڻو ڦاسي چڪي آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته مان انهن شين کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪري نه سگهي آهيان ۽ ٻين جي زندگين کي سوشل ميڊيا تي ڏسڻ، مون لاءِ تمام آسان آهي. مان اها ڳالهه سمجهي ته مان جيترو وقت آن لائن مصروف رهان ٿي، جيڪڏهن ائين نه ڪيان ته اهي ڪيئي ڪلاڪ استعمال ڪري مان نهايت ئي تخليقي ٿي سگهان ٿي. مسٽر رائلي جيئن توهان ٻڌايو ته اها هڪڙي قسم جي فراريت جي شڪل آهي، مان پنهنجي ڊوائس تي آن لائين شاپنگ کان پاڻ کي روڪي ئي نه ٿي سگهان. ڇو ته اها تمام آسان آهي ۽ ائين ڪرڻ سان مون کي خوشي به تمام گهڻي ٿئي ٿي. ... چند منٽن لاءِ. هاڻي مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته ايپل ڪمپني جي باني اسٽيو جوبس جيڪا شي ( آئي فون، آئي پيڊ) سڄي دنيا کي کپائي ڇڏي، پر پنهنجن ئي ٻارن جي هٿن تائين ڇو نه پهچائي. هن کي خبر هُئي ته هي شيءَ، جيڪڏهن هن جو صحيح استعمال نه ڪيو ويو ته ڪيتري تيزي سان نشو ڪندي، ۽ ان آلات جي ڪري اسان انسان گهٽ ٿيندا وينداسين ۽ زنده به گهٽ رهنداسين“.
ارب پتيءَ پنهنجو هٿ مٿي ڪيو. هڪڙو ٻيو خدمتگار ساحلي پٽي جي جهوپڙي کان ڀڄندو ، اُس تي چمڪندڙ، راهه تي هليو آيو. هن کي سفيد قميص، سُرمئي پاجامو ۽ چمڙي جا ڪارا سينڊل پاتل هُئا.
” سائين! اچي هي وٺو“، نوجوان هڪڙي ٽري ارب پتيءَ کي ڏيندي، فرانسيسي لهجي ۾ چيو. ان ٽري تي عجيب قسم جا نقش ٺهيل هُئا. وچ ۾ انساني دماغ جو نمونو ٺهيل هيو.
”جوان !تنهنجي وڏي مهرباني ۽ هاڻي اسان پاڻ کي سيبوتاج ڪرڻ جي عمل جي سائنس (نيورو سائنس) جي باري ۾ ڄاڻينداسين.
توهان دوستن کي ائين اها ڳالهه بهتر نموني سان سمجهڻ ۽ پوءِ ان کي منهن ڏيڻ ۾ گهڻي مدد ملندي.۽ پوءِ ان کي شڪست ڏيئي سگهو ٿا. ياد رکو، اسان سڀني جي اندر جيئن اسپيلبائنڊر چيو ته هڪڙو قديم ۽ موروثي دماغ هوندو آهي. هي جسماني دماغ / نظام ( لمبڪ سسٽم) Limbic systemمان ٺهيل هوندو آهي. دماغ جو اهو ڍانچو جيڪو وچ دماغ (ٿيلي مس) thalamus جي ٻنهي طرفن کان سيربرم cerebrum جي بلڪل هيٺ موجود هوندو آهي. ان جو هڪڙو حصو، لوزتان (ايميگڊالا) Amygdala آهي جو جيڪو بادام جي شڪل جو هوندو آهي. جنهن جو ذڪر مان ٿورو اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، هي بنيادي ۽ هيٺين فعل جو دماغ هوندو آهي، جيڪو اسان کي ڪيترن هزارن سالن کان محفوظ رکندو اچي پيو ۽ ابتدائي زماني/دنيا کي پيش آيل تڪليفن جهڙوڪ ڏُڪار، تمام وڏي گرمي، مخالف قبلين جي ماڻهن جا حملا ۽ وحشي جانورن (وڏن ڏندن وارن شينهن کان) جي حملن کان اسان جي حفاظت جي لاٰءِ، مسلسل تحرڪ ۾ رهندو آهي. ان دماغ جا ٻه بنيادي ڪم آهن: هڪڙو وڏو ڪم اهو هوندو آهي ته اسان کي ڪنهن خطري جي موقعي مهل اسان کي خطري کان آگاهه ڪندي، هميشه هوش ۽ حواس ۾ رکندو آهي ته جيئن اسان پنهنجي بقا ڪري سگهون ۽ پنهنجي نسل کي اڳتي وڌائي سگهون“.
”ڇا توهان منهنجي ڳالهه سمجهو پيا؟“ ارب پتيءَ نرمي منجهان آهستي پڇيو.
”جي سمجهون ٿا“. عورت ۽ آرٽسٽ هم آواز ٿي جواب ڏنو. انهيءَ دوران هڪڙي خدمتگار هنن کي ليمي جي چانهه ۽ ادرڪ جا ٽڪرا پيش ڪري چڪو هو.
”تمام سٺو. اسان جي قديم دماغ جي هڪ خاصيت ان جو منفي تعصب هجڻ آهي. اسان کي محفوظ رکڻ لاءِ هن کي شايد ئي ڪو ان ڳالهه سان مطلب/دلچسپي هجي ته اسان جي ماحول ۾ /زندگيءَ ۾ مثبت سوچ ڇا آهي ۽ وڌيڪ اهم ڳالهه جيڪا اسان کي اها ڄاڻ ڏيئي ٿي ته برائي ڇا آهي؟.
”دماغ جو اصل ڪم اسان کي خطري کان آگاهه ڪرڻ آهي“. ارب پتيءَ پنهنجي ڳالهه وڏي خوشيءَ سان جاري رکي.” ان ڪري جيڪڏهن اسان ٿورو پوئتي هلون ته اسان کي خبر پوندي ته زندگي ڏاڍي ظالم هئي، اسان نرمي سان/آرام سان پنهنجو ردعمل ڏيکاريو ۽ زنده رهياسين. ان ميڪينزم اسان جي ابن ڏاڏن جي تمام گهڻي مدد ڪئي، پر، اڄ جي دنيا ۾، اسان مان گهڻن کي، هر روز موت کي منهن نه ٿو ڏيڻو پوي. اصل حقيقت اِها آهي ته عام ماڻهو اعليٰ معيار جي زندگي گذاري رهيو آهي، جيڪا اڄ کان ڪجهه سو سال اڳ تائين بادشاهن کي به ميسر نه هُئي. ٿورو ان نعمت جي باري ۾ سوچيو“.
سيٺ چانهن جو ڍُڪ ڀريو.
”۽ تنهنجي باوجود اسان جي قديمي دماغن ۾ منفيت، مخالفت، فطري تعصب جي ڪري ئي اسان مستقل طور تي پنهنجي حفاظت جي ڳڻتي ۾ مسلسل رڌل رهون ٿا. اسان انتهائي خبرداري جي موڊ ۾ رهندا آهيون، جيتوڻيڪ سڀ ڪجهه صحيح هلي رهيو هجي، تڏهن به اڪثر پريشاني ۽ ڳڻتي واري حالت رهي ٿي. ائين ئي آهي نه، دلچسپ ڳالهه؟“.
”ها ان ڳالهه مان گهڻي حد تائين وضاحت ٿي وڃي ٿي ته /ان مان خبر پوي ٿي ته اسان اهڙي ريت ڇو ٿا سوچيون؟“. ڪاروباري عورت نوٽ ڪيو. ان سان گڏ هو چانهه جو به مزو وٺي رهي هُئي. ”هاڻي مون کي خبر پئي ته مان ڇو هر وقت اهو محسوس ڪندي رهان ٿي ته مان گهڻو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهي آهيان، حالانڪ مان جيترن ماڻهن کي سڃاڻان ٿي، انهن مڙني کان مون وٽ تمام گهڻو ڪجهه آهي“. عورت ڳالهه جاري رکي.
”مون وٽ ايترو ڪامياب ڪاروبار آهي، وڏي دولت آهي ۽ پنهنجي سيڙپڪاري جي لالچي سازش ڪرڻ کان اڳ ۾ منهنجي زندگي تمام بهترين هُئي. تنهنجي باوجود هاڻي سڀڪجهه هوندي به منهنجو دماغ فقط ان ڳالهه تي توجهه ڏيئي ٿو، جيڪو مون وٽ نه آهي، جيڪو مون وٽ تمام گهٽ آهي ۽ پوءِ مايوس ٿيندي وڃان ٿي ته مان اهو حاصل ڪري نه سگهنديس. اها وڏي بيوقوفي آهي، مون کي سڪون وڏي مشڪل سان ملندو آهي“.
ڪاروباري عورت پنهنجون ٻانهون سيني تي ورائي ڇڏيون. جڏهن ته آرٽسٽ هن ڏي نهاري هڪڙي فلائنگ ڪس (چمي) اشارن ۾ موڪلي.
”ٿيوڊور روز ويلٽ Theodore Roosevelt چيو هو ته/ان جو قول آهي ته، جيڪو منهنجي خيال ۾ توهان لاءِ ٻڌڻ ضروري آهي“. ارب پتيءَ اضافو ڪيو.
”هن ڇا چيو؟“، عورت پڇيو، جنهن جا هٿ زور سان سيني تي مڙيل/ ويڙهيل هئا.
”ڀيٽ ڪرڻ خوشي جو دشمن آهي“. ارب پتيءَ جواب ۾ چيو. ”ڪيترا ماڻهو ته اهڙا هوندا، جن وٽ توهان کان به گهڻي دولت، شهرت ۽ ٻيون شيون هونديون، منهنجي پهرئين نڪتي تي غور ڪجو ، جنهن ۾ مون عرض ڪيو هو ته ان ڏاهپ کي اختيار ڪيو، جڏهن گهڻو تمام گهڻو هوندو آهي“.
”ها، مون کي ياد آهي“. ڪاروباري عورت وڏي مهذب انداز ۾ چيو.
”توهان وٽ جيترو گهڻو ايندو ويندو، کوٽ جي وڏي احساس جي باوجود ايترو حرس ۽ بُک وڌندي ويندي آهي ۽ اُن جون اڪثر پاڙون توهان جي قديمي دماغ سان جڙيل آهن. اهو توهان جي ارد گرد جي ماحول جو جائزو وٺندو/ڪندو آهي ۽ منفيت جي تعصب کي متحرڪ رکندي، ته جيئن توهان کي ان وقت به خوشيءَ/سٺين شين کان مزو وٺڻ نه ڏي، اوڪي/ ٺيڪ“. ارب پتيءَ چيو. ”هلو اڃان به هيٺ گهرائي ۾ هلون ٿا، جيئن جيئن زماني ترقي ڪئي، اسان جو دماغ به ترقي ڪندو ويو. دماغ جي پري فرنٽل ڪوريٽيس prefrontal cortex جي به واڌ ٿيندي رهي. هي اسان جي دماغ جو اهو حصو آهي، جيڪو بهترين سوچ جو زميوارآهي. نيورو سائنٽسٽ جو خيال آهي ته هي توجهه جو ماهر آهي. اسپيل بائنڊر هُن کي” ماسٽر برين“ چون ٿا. ائين سمجهو ته اهو انسان جي مهارت وارو دماغ آهي. پر هتي هڪڙي ٻي شي به آهي: جڏهن اسان وڏا خواب ڏسڻ شروع ڪيون ٿا، تڪڙي سکون ٿا ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيت ۽ قابليت کي بلند ڪيون ٿا، تڏهن قديم دماغ ۽ مهارتي دماغ ۾ جنگ لڳي ٿي وڃي. اُهي هڪٻئي سان جهيڙو جوٽي ويهي رهن ٿا. پراڻو دماغ اسان جي ارادن کي محسوس ڪري وٺي ٿو ۽ اهو ڄاڻي ٿو ته اسان پنهنجي محفوظ پناهه گاهه کي ڇڏي رهيا آهيون ۽ ٿي سگهي ٿو ڪٿان کان حملو ٿي وڃي، ڇو ته اسان پنهنجن روايتي ۽ مانوس طريقن کان هٽي رهيا آهيون. هو خطري کي اڳ ۾ ئي محسوس ڪري وٺي ٿو... کڻي اهو خطرو اسان جي شخصي ترقي ۽ پيشوراڻي بلندي لاءِ ضروري ئي ڇو نه هجي. اسان کي انهن مڙني دريافت نه ٿيل جڳهن کي کوٽي کولڻ گهرجي، جتي اسان کي اهي موقعا ملن، جن جي ذريعي اسان ان لائق ٿيون، جنهن لاءِ اسان جي ذهانت بيتاب ۽ تجسس ۾ رهندي آهي. اهو سمجهي وٺو ته اسان جي اندر تمام گهڻو ٽيلينٽ ۽ وڏي جرئت موجود آهي. مشهور نفسيات جي ماهر ابراهيم ماسلو Abrham Maslow هڪ دفعي چيو هو ته ؛ جيڪڏهن توهان پاڻ کي ان صلاحيت کان گهٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو/ ڪرڻ محسوس ڪندو، جيڪو توهان حقيقت ۾ آهيو ته شايد زندگي جي هر ڏينهن ۾ توهان خوش نه رهو/هجو. پر جڏهن اسان مايوسي جي دائري مان نڪري ۽ ڪجهه نئون ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان جي دماغ جو ايمگڊالا اسان کي لت هڻي ٿو ڪڍي. ويڪس نرو (ويڪس نروَ) جهٽڪو ڏيئي بيدار ٿئي ٿي ۽ خوف جو هارمون ڪاٽيسول خارخ ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو. ۽ پوءِ اسان پنهنجي نيت ۽ ارادن جيڪي اسان جي مهارتي دماغ سان تعلق رکن ٿا، انهن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃون ٿا“.
”ان مان خبرپوي ٿي ته ڇو ٿورڙا ماڻهو تمام گهڻي تخليقي ۽ انتهائي ڪارڪردگي ڏيکارڻ وارا هوندا آهن“. آرٽسٽ غور ڪيو. ”جيئن ئي اسان پنهنجي حد آرام ( ڪمفرٽ زون Comfort zones ) ڇڏيندا آهيون، قديم دماغ جاڳي پوي ٿو، جيئن ئي اسان پنهنجي مشق وڌائيندا آهيون ۽ پنهنجو اثر مٿي ڪندا آهيون، ته هي تبديلي مان گهٻرائجي ويندو آهي“.
”بلڪل“، مسٽر رائلي تعريف ڪئي، ”پوءِ ڪارٽيسول cortisol خارج ٿيندو آهي. اسان جو تصور سوڙهو ٿي ويندو آهي. اسان دل جي ڌڙڪڻ وڌي ويندي آهي ۽ اسان ”وڙهو يا ڀڄو“ (فائيٽ آر فلائيٽ Fight or flight ) جي حالت ۾ هليا وڃون ٿا. دراصل خوف جا ٽي اختيار آهن. ڀڄو (فلائيٽ)، وڙهو (فائيٽ) يا وري ڄمي وڃو (فريز)“.
آرٽسٽ اضافو ڪيو، ”اسان جي اعليٰ سوچ اسان کي سوچ ڏيڻ، اڳتي وڌائڻ ۽ وڌيڪ مهارت وارو ڪم ڪرائڻ چاهي ٿي. ته جيئن اسان بهتر زندگي جي سگهون ۽ دنيا کي متاثر ڪري سگهون.“. آرٽسٽ ڳالهه جاري رکي. ”پر انهن ٻنهي دماغن جي جنگ جاري رهندي آهي ۽ قديمي، گهڻو پراڻو ۽ هيٺون دماغ، ... جيڪو اسان سڀني جي اندر ملي ٿو، اسان جي ارتقا کي روڪڻ چاهي ٿو“.
”بلڪل ائين ئي آهي“ ارب پتيءَ آرٽسٽ کي مُڪ هڻندي چيو.
”۽ ان ڪري، تاريخدانن جي نگاهه جي ٻئين فوڪس جي بابت ڳالهائيندي، جنهن ماڊل تي توهان اسان سان گڏ هلي رهيا آهيو.... پريشاني کان آزادي.....(freedom from distraction) مان سمجهان ٿو ته اهو خوف جي ڪري ئي آهي جنهن کي اسان منهن ڏيون ٿا، اهو اسان بهتر محسوس ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ موڙ مٽائيندا/ بدليندا آهيون. پوءِ کڻي اهو هڪڙي منٽ لاءِ ئي ڇو نه هجي“ ڪاروباري عورت سوال ڪيو.
”سچ آ“ ارب پتيءَ تصديق ڪئي ۽ اسان سان گڏ ايندڙ ان بي آرامي ڏانهن راغب رهڻ جي ڪري، اسان جي موروثي ذهانت جي انداز جو خيال مٿانهون هوندو آهي“.
”اها ڳالهه مون لاءِ تمام اهم آهي“، آرٽسٽ پنهنجو شوق/اتساهه دٻائي نه سگهيو. ”توهان اتان ڳالهه شروع ڪئي هُئي ته ڇو اسان جو معاشرو پريشاني جي علت ۾ مبتلا آهي ۽ ڇو اسان جي اڪثريت عظمت جو تجربو نه ٿي ڪري. ان لحاظ کان منهنجي خيال ۾ تخليقار ۽ پيداواريت وارا ماڻهو ئي هن معاشري جا حقيقي جنگجو/جوڌا آهن. اسان کي نه رڳو تنقيد ڪرڻ وارن کي منهن ڏيڻو پوندو، جيڪي اسان جي فن کي نه ٿا سمجهن، پر اسان کي پنهنجي ماضي جي دماغ کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي، جيڪو هميشه تنبيهي گهنٽي وڄائيندو رهي ٿو ۽ اسان کي اسان جي فطري ذهانت تائين پهچڻ نه ٿو ڏيئي“.
”توهان تمام بهترين نموني سان شاعراڻي ڳالهه کي پورو ڪري ويا“. ارب پتي ساراهه ڪندي چيو. هو وري نچڻ لڳو. نوڪرياڻي جيڪا ان وقت ورانڊي ۾ ٻهاري ڏيئي رهي هُئي، ان به پنهنجي سر لوڏيو.
”سچي شخصي ۽ پيشاوراڻي سوچ جي دهشت کي محسوس ڪرڻ ۽ ان کي جاري رکڻ لاءِ زبردست جرئت کپي. ..اڳتي وڌڻ جاري رکو... خاص ڪري جڏهن توهان کي لڳي ته هاڻي بس، توهان مرڻ تي آهيو“. سورمي هڪ نڪتو سيکاريو. پر جڏهن توهان خوف ۾ ورتل هئڻ جي باوجود پنهنجو سفر جاري رکو ٿا، تڏهن ئي وڃي ڪا حيثيت ماڻيو ٿا. توهان عظيم معمار ۽ تخليقار بڻجي سگهو ٿا ۽ سڀئي وڏا معمار هميشه هر روز پنهنجي سڀني کان مٿانهين جرئت جي سطح کي محسوس ڪن ٿا ته جيئن اعليٰ درجي جي بلندي، انساني آزادي ۽ اثر حاصل ڪري سگهن ۽ ها... جڏهن توهان پنهنجين خوبين جو اظهار حقيقي طور طريقن سان/ڀرپور نموني سان ڪندو ته ان جي نتيجي ۾ ملندڙ ڪاميابي فقط توهان جي سورمائي ڪوششين جو سلو نه هوندو، بلڪ توهان پاڻ ئي هوندو، جيڪي پنهنجي خوف/ڊپ جي باهه ۽ پنهنجي ٽرائل جي تپش جي عمل جي دوران امتحان جي وحدت ۾ ڪاميابي سان گڏ هوندو. توهان کي خبر پئجي ويندي ته توهان ڪير آهيو. توهان کي پنهنجيون خوبيون واضح طور تي چٽيون نظر اينديون. توهان جو اعتماد وڌندو، توهان بناوتي زندگي جي جاءِ تي مستند ۽ اهل زندگي جيئڻ شروع ڪندو، اها هٿراڌو زندگي جيڪا هن دنيا ٺاهي، جيڪا توهان کي آزاد ڪرڻ نه ٿي چاهي“.
ارب پتي ءَ پنهنجي پاڻي جي بوتل مان ڍڪ ڀرڻ کان اڳ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ شروع ڪئي ته حالات جي مايوسي ۽ ڊجيٽل موڙ ۽ ان جي قاتلاڻي حملي کان بچي وڃڻ جي اهميت تي ڳالهايو.
”۽ هتي فائيو اي ايم ڪلب جو ميمبر ٿيڻ توهان لاءِ جادو جهڙن نتيجن جو ذريعو ٿيندو“. هن پنهنجن ٻن ٻڌندڙن کي ٻڌايو. ”دنيا جا عظيم مرد ۽ عورتون هر روز جي تڪليفن کان جهڙي طرح پاڻ کي بچائين ٿا ۽ سڪون وٺندا رهن ٿا. هي انهن طريقن مان ئي آهي. هي خوبصورت عمل انهن کي زندگي جي مزي جو وقت مهيا ڪري ٿو. اهي پنهنجي تخليقي خزاني کي ڀرڻ جي قابل ٿيا ۽ اهي پنهنجي ”پاڻ“ کي ترقي ڏين ٿا، پنهنجن نعمتن کي شمار ڪن ٿا ۽ انهن چڱاين کي جاءِ ڏين ٿا، جو انهن کي پنهنجي روز مره جي زندگيءَ بهتر لڳي ٿي. اسان جي تهذيب جي ترقيءَ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ وارن جي گهڻائي صبح سوير اٿڻ واري عادت کان آگاهه هئي“.
”ڇا توهان انهن مان ڪجهه نالا ٻڌائي سگهو ٿا“؟ عورت سوال ڪيو/ پڇيو.
”مشهور ناول نگار جان گريشم John Grishamانهن مان هڪ آهي“ ارب پتيءَ جواب ڏنو. ”ٻيا ماڻهو جيڪي صبح جو سوير اٿندا هُئا، انهن ۾ هي ماڻهو شامل آهن. وولف گينگ اماڊيس موزارٽWolfgang Amadeus Mozart ، او ڪيفي O Keeffe، فرينڪ لائڊ رائٽ Frank Lloyd Wright ۽ ارنيسٽ هيمنگوي Ernest Hemingway, جن چيو هو ته صبح جو سوير، ان وقت توهان کي مداخلت ڪرڻ وارو ناهي هوندو. ان وقت ٿڌ هوندي آهي ۽ جڏهن توهان ڪم تي ايندا آهيو ۽ پوءِ توهان لکندا ويندا آهيو، گرم ٿيندا ويندا آهيو“.
”بيٿوون Beethoven به صبح جو سوير اٿندو هو“. آرٽسٽ چيو.
”تمام عظيم ماڻهو پنهنجو گهڻو وقت اڪيلائي ۾ ئي گذاريندا هُئا“. ارب پتيءَ چيو.
”تنهائي، اها گهڙي آهي، جنهن تائين توهان صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي پهچي سگهو ٿا. ....اها طاقت جيڪا توهان جي قوت ۽ مهارت کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪري ڇڏي ٿي ۽ انسان ٿيڻ /پنهنجي پاڻ سان ملائي ڇڏي ٿي. پنهنجي پاڻ کي عروج تائين وٺي وڃڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي ۽ توهان جي ايڪسيليريشن توهان جي تنهائي جي ضرورت آهي. ڏسو، سڄو ڏينهن توهان فون تي ماڻهن سان هزارين بيڪار ڳالهيون ڪندي، ڏينهن گذاري سگهو ٿا..يا وري توهان پنهنجي ٽيلينٽ جو بهترين استعمال ڪندي/ پنهنجي مهارت کي بهتر ڪندي/، پاڻ کي ٻين کان بهتر ڪندي/، دنيا کي بدلائي سگهو ٿا. پر ائين ٿي نه ٿو سگهي. توهان ٻئي ڪم نه ٿا ڪري سگهو. پرنسٽن جي نفسيات جي ماهر ايلڊر شافر Eldar Shafir هڪ اصطلاح استعمال ڪئي آهي ته ڪاگنيٽِوَ بئنڊوِد (Cognitive bandwidth) جنهن جي تحت هو ٻڌائي ٿو ته هر صبح جو جڏهن اسان اٿون ٿا ته اسان وٽ محدود ذهني گنجائش هوندي آهي ۽ جڏهن اسان تمام گهڻن ڪمن ۾ پنهنجي توجهه ڏيون ٿا ته ....حالات حاضره جون خبرون، پيغام ۽ آن لائن پروگرامن کان وٺي ڪري ، پنهنجي گهر جي ڪمن، صحت ۽ روح جي ڄاڻ....ته انهن سڀني سرگرمين تي اسان پنهنجي سموري توجهه نه ٿا ڏيئي سگهون. ان سلسلي ۾ سڀني کان اهم ڳالهه اها غور ڪرڻ جي آهي ته اڪثر ڪري ماڻهو منجهند تائين پنهنجي ڪمن تي ڌيان نه ٿا ڏيئي سگهن. اسان پنهنجي توانائي ماڻي چڪا آهيون.. سوفي لورائي Sophie Leroy جيڪا يونيورسٽي آف ميني سوٽا University of Minnesota ۾ بزنس پروفيسر آهي، ان اهو معلوم ڪيو ته جڏهن ماڻهو سڄو ڏينهن پنهنجي توجهه هڪڙي ڪم کان ٻي ڪم ۾ منتقل ڪن ٿا ته گهڻن ئي اهم ڪمن ۾ انهن جي توجهه وڃي ئي نه ٿي. ڇو جو انهن جي توجهه ٻين اهم ڪمن ۾ صرف ٿي چڪي هوندي آهي. ان جو حل اهو ئي آهي جيڪو مان ٻڌائي رهيو آهيان ته هڪڙي وقت ۾ هڪڙو ئي اهم ڪم ڪيو وڃي. نه ئي وري ڪيترن ڪمن کي هڪڙي وقت ۾ ڇيڙيو وڃي ....۽ اهو ڪم بلڪل خاموش ماحول ۾ ڪيو وڃي. البرٽ آئنسٽائن Albert Einstein بلڪل اها ئي ڳالهه لکي آهي،”صرف اهو ئي ماڻهو سچو ماهر ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي سوچ، سڀني صلاحيتن ۽ روحن کي هڪ ئي مقصد تي ترجيح ڏيئي. ان سبب جي ڪري مهارت جي ڪمال لاءِ ماڻهو کي ان ڪم ۾ پاڻ کي کپائي گم ڪري ڇڏڻ انتهائي لازمي آهي. اهو بنا ڪنهن شڪ جي تاريخدانن جي زندگي جو هڪ تمام وڏو راز آهي. اهي پنهنجي ذهني توانائي، جنهن کي اسان ڪاگنيٽو بيڊ وڊٿ جو نالو ڏيون ٿا، اها ضايع نه ٿا ڪن. اهي پنهنجين تخليقي خوبين/صلاحيتين کي رستي ۾ ايندڙ هر ڪم ۽ هر دلڪش موقعي جي پٺيان برباد نه ٿا ڪن. ان جاءِ تي اهي ٿورڙا ئي ڪم پر تمام سٺي نظم و ضبط سان گڏ... پر تمام وڏي معيار سان. اهو بلڪل ائين ئي آهي جيئن مان اڳ ۾ چئي چڪو آهيان. عظيم ماڻهو اها ڳالهه سمجهي ٿو ته هڪڙو شاندار اهڙو فن پارو تخليق ڪرڻ جيڪو نسلن کي متاثر ڪري، اهو ان کان تمام گهڻو بهتر آهي جيڪو ماڻهو هزار فن پار تخليق ڪري ۽ انهن مان هڪڙو به ڪم جو نه هجي ۽ ڪنهن کي بنهه نه وڻي ساڳي ريت مهرباني ڪري اهو به ياد رکو ته پنجانوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجو وقت ضايع ضايع ڪن ٿا، پر عظيم انسانن جا پنج سيڪڙو ماڻهو ان کي وري خزانو بنائي ڇڏين ٿا. صبح جو پنجين وڳي جو وقت انتهائي گهٽ گوڙ گمسان وارو وقت هوندو آهي، ان وقت انسان جوڀن تي هوندو آهي ۽ تمام پرسُڪون. ان ڪري فتح جي ان هڪڙي ڪلاڪ مان تمام گهڻو فائدو وٺو. توهان پنهنجي ڪارڪردگي ۽ شخصي مهارت ۾ ڪيترا ئي دفعا اڳتي وڌڻ ۾ قابل ٿيندا. مون اڄ صبح جو جيڪي نيورو سائنس جون توهان سان ڳالهيون ڪيون آهن، ان جي باري ۾ وڌيڪ نه ٿو ڳالهائڻ چاهيان. مون هڪ اهڙو منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن جو توهان ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويندا. پر ان کان اڳ ۾ مان توهان سان هڪڙو تصور بيان ڪرڻ چاهيان ٿو. ان کي ٽرانسيئنٽ هاءِ پوفرنٽيلٽي (Transient Hypofrontality) چيو وڃي ٿو“.
”ٽرانسيئنٽ Transient عارضي جو ڇا مطلب آهي“؟ آرٽسٽ کلندي سوال ڪيو.
ارب پتي هڪڙي وڏي قداآور کجي جي وڻ ڏانهن هليو ويو، جنهن جو ٿلهو ٿُڙ هن جي وڏي عمر ٻڌائي رهيو هو. ان جي هيٺيان ڪاٺ جي ٺهيل هڪڙي ميز رکيل هُئي. ان ميز تي هڪڙو شاندار ماڊل ٺهيل هو. جيڪڏهن توهان هن کي ڏسو ها ته توهان جون اکيون ٺري پون ها.
سيٺ پنهنجو ڳلو صاف ڪيو ۽ ٿوري ليمي واري چانهن پيتي. چند سيڪنڊن کان پوءِ هو گراڙا ڪرڻ لڳو، جي ها گراڙا.. پوءِ وري هن پنهنجي ڳالهه شروع ڪئي،”جڏهن توهان صبح جو سوير اٿو ۽ توهان بلڪل اڪيلا هجو ۽ گوڙ گمسان کان ڪوهين ڏور، توهان جو ذهن /ڌيان ٽيڪنالاجي، ميٽنگز ۽ ٻين اهڙين مداخلتن کان آزاد هجي، ڇوته انهن جي ڪري توهان جي ڪاڪردگي گهٽجي ٿي“. ارب پتي سرگوشي ڪئي. ”۽ ائين توهان جي دماغ جو منطقي سوچ وارو حصو... ان کان علاوه مستقل فڪرمندي... سوچ جو ذميدار حصو، پري فرنٽل ڪارٽيڪس...prefrontal cortex پريشانين جي ڪري ٿوري دير لاءِ رڪجي ويندو آهي. تمام سٺي معلومات ؟ صحيح آ نه؟. هي ٽرانسيئنٽ transient آهي، جيڪو هائپوفرونٽيلٽي ٽرانسيئنٽ Hypofrontality جو حصو آهي. ائين عارضي طور تي ٿيندو آهي. توهان جو مسلسل تجزياتي/مشاهداتي عمل ۽ فڪر آميز سوچون بيهي رهن ٿيون. توهان هر شي تي ڌيان ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو ۽ ان جي جاءِ تي اهڙين شين تي غور ڪندو، جيڪي وري ٻيهر توهان جي سامهون نه اينديون.توهان جون دماغي لهرون اصل ۾ بيٽا Beta کان الفا Alfa ڏانهن منتقل ٿينديون آهن. پر ڪڏهن ڪڏهن وري ان کان به هيٺ ٿيٽا Theta جي حالت ڏانهن هليون وينديون آهن. صبح سوير واري تنهائي، خاموشي ۽ سڪون نيوروٽرانسميٽرز ۾ تيزي جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. ايئن توهان پاڻمرادو فطري طور تي ان صورتحال ۾ داخل ٿي ويندا آهيون، جنهن کي مان ”وهڪري واري حالت The Flow State “ چوان ٿو.
مسٽر رائلي ءَ کاٻو هٿ ميز تي رکيل خاڪي تي رکيو جيڪو ڪجهه هن ريت ڏسجي پيو.
”وهڪري جي ڪيفيت اهو چوٽي جو مائنڊ سيٽ آهي جيڪو تمام غير معمولي فنڪار (سارنگي نوازViolinists)، مشهور کلاڙي(Iconic athletes ، ممتاز/چيدا بورچي(Elite chefs، ناليوارو سائنسدان، انتهائي وڏا ڪاروباري ماڻهو ۽ وڏي حيثيت وارن ليڊرن جي اندر ان وقت اسان کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي جڏهن اهي پنهنجي بهترين ڪم کي تڪميل تائين پهچائيندا آهن يا انهن جي پيداواري صلاحيت پيش ڪندا آهن. صنعتڪار جوشيلي انداز ۾ چيو.
”جڏهن توهان پنهنجي مصروفيتن کان وقت ڪڍي، صبح جي سڪون واري لمحي جو تحفو پنهنجي پاڻ کي ڏيو ٿا ته انساني دماغ ۾ خالص ذهانت وارو حصو هڪدم حرڪت ۾ اچي وڃي ٿو. تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه اها آهي ته درست قدم کڻي توهان ان ڪيفيت کي پنهنجي اندر پيدا ڪري سگهو ٿا ۽ ان جي عادت وجهي سگهو ٿا. ائين توهان پنهنجو مٿيون ارادو استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي سگهو ٿا“.
”ٽرانسيئنٽ هائيپو فرنٽيلٽي هڪ تمام اهم مددگار ماڊل آهي“.Transient hypofrontality يعني عارِضي دماغي جمود، ڪاروباريءَ عورت واضح ڪيو، جيڪا هن وقت پنهنجو فون احتياط سان پنهنجي کيسي ۾ رکي رهي هُئي.
”جيڪڏهن ماڻهن کي اها خبر پئجي وڃي ته سڄي دنيا بدلجي سگهي ٿي“. آرٽسٽ چيو.
”اهي سڀ شيون ته ٻارن کي اسڪول ۾ پڙهايون وڃن“. ڪاروباري عورت پنهنجي راءِ ڏني.
”بلڪل درست“، ارب پتيءَ اتفاق ڪيو. ”پر هڪ دفعو ٻيهر مان جيڪو توهان کي معلومات ۽ حيرت ۾ وجهندڙ فلسفو ٻڌائي رهيو آهيان ۽ منهنجي وڃڻ کان پوءِ توهان ان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ استعمال ڪندو. مون کي ٻيهر اهو تسليم ڪرڻ ڏيو ته اهو سڀ ڪجهه مون کي اسپيل بائنڊر مان ئي مليو آهي. هو عظيم استاد آهي ۽ بنا ڪنهن ڳالهه جي مان جيترن ماڻهن کي ڄاڻان ٿو، هو انهن مان سڀني کان بهتر آهي. هنر سان گڏ جيڪڏهن وقار نه هجي ته منهنجي نظر ۾ اهو فضول آهي. اهو ڪم جنهن ۾ همدردي نه هجي، بي حسي آهي ۽ ها، جيڪڏهن سڄي دنيا کي هي معلومات ڏني وڃي ۽ ان کان پوءِ ان تي عمل ڪرڻ جو ارادو ڪيو وڃي ته سڄي دنيا اڳتي وڌي ويندي. ڇو ته اسان مان هر هڪ پنهنجي زندگي جي هڪ زميواري پاڻ قبول ڪندو آهي ۽ پوءِ غير معمولي نتيجن لاءِ پنهنجين قوتن جو استعمال ڪندو ته اهي ماڻهو به انتهائي بهترين ٿي ويندا.
History-maker focus # 3: personal Mastery Practice
ذاتي ماسٽري واري مشق
ارب پتيءَ پنهنجن ٻنهي شاگردن کي وٺي، اُن قيمتي ٽيرس ڏي روانو ٿي ويو. جتان هن جي گهر جي سامهون، سمونڊ جو دلچڪش منظر نظر اچي رهيو هو. هڪ خوبصورت، پياري ايس يو وي ڪاري رنگ جي رستي ۾ نظر آئي، جنهن تي سج جي ڪرندڙ ڪرڻن، هن کي وهنجاري ڇڏيو هو.
”اسان ڪاڏي وڃي رهيا آهيون؟“، ڪاروباري عورت پڇيو.
”مون توهان ٻنهي سان پنهنجي پهرين حيرت ۾ وجهندڙ مُلاقات ۾ هي وعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان مون وٽ ماريشيس ۾ آيو ته مان توهان کي ڊالفن تي چڙهائي، سمونڊ جو سير ڪرائيندس ۽ هاڻي مان پنهنجو اهو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان. اسان هن جزيري جي اولهندي طرف وڃي رهيا آهيون. جيڪو هن ڳوٺ فلڪ ان فليڪ جو ننڍڙو ڪنارو آهي. ٻه نوجوان خوشي ۾ اسان جو انتظار ڪري رهيا آهن. اهي ڀلي ڀت واقف آهن ته ڊولفن کي ڪئين ڳولهجي/انهن کي خبر آهي ته ڊولفن ڪٿي هونديون آهن. مطلب ته اهي ڊولفن جي تلاش جا ماهر آهن. دوستو، هاڻي جيڪو تجربو توهان ڪرڻ وارا آهيو، ان لاءِ پنهنجا سندرا ٻڌي ڇڏيو، هي تجربو توهان ڪڏهن به وساري نه سگهندو؟“.
انهن جي ايس يو وي گاڏي جلد ئي اتان نڪري هڪ ننڍڙي حسين ماڳ ڏانهن وڌڻ لڳي، ارب پتي پنهنجي ڊرائيور سان اڳين سيٽ تي ويٺو هو ۽ ان کان هنُ جي ٻار ن ٻچن بابت پڇي رهيو هو ۽ هن جي مستقبل ۽ هن جي خواهشن جي باري ۾ پڻ پڇي رهيو هو، ان سفر جي دوران مسٽ رائليءَ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سوال ڪيو هوندو ۽ پوءِ هو پوئتي هٽي ڌيان سان سڀ ڪجهه ٻڌي رهيو هو. جيڪڏهن ڪو به هُن کي ڏسي ها ته، اندازو ڪري سگهي ها ته هن جي شخصيت ۾ گهرائي آهي ۽ هو وڏي دل جگر وارو ماڻهو آهي.
جڏهن گاڏي هڪڙي خوبصورت وارِي واري بندرگاهه وٽ بيٺي ته اتي ڪجهه جهوپڙيون نظر آيون، عجيب نموني جون هوٽلون ۽ ڪيتريون ئي ٻيڙيون پاڻي تي پينگهه لڏي رهيون هيون. هڪڙو ٻانگو صبح جي ٻانگ ڏيئي رهيو هو ۽ آسمان تي انڊلٺ جا خوبصورت رنگ نظر اچي رهيا هئا.
ٻن ملاحن ارب پتي کي ڀاڪر پائي ڀليڪار ڪيو. پوءِ اهي سڀ وڏي بحر هند سمونڊ ۾انهن ڊولفن جي تلاش ۾ نڪري پيا، جن سان هنن کي هينئر ترڻو ۽ کيڏڻو هو. ٻيڙي ۾ هڪڙو پراڻي زماني جو ٽيپ لڳل هو جنهن تي هڪڙو اُتان جي ٻولي ۾ اتان جي فنڪار شيگي Shaggy جي آواز ۾ گانو”عورت جي طاقت“ strength of womanهلي رهيو هو. موٽر جي پوئين حصي مان اڇل کائي ايندڙ پاڻي، هنن جي چهرن تي ڇڻڪار ڪري رهيو هو، جيئن بارش کان پوِءِ ننڍن ٻارن جي چهرن تي پاڻي جا ڦڙا پيل هوندا آهن.
ٿوري دير جي ڪوشش کان پوءِ، هنن کي هڪ مختصر علائقي ۾ خوشي سان ترندي هڪڙي ڊولفن نظر اچي وئي، جنهن جي پاسي ۾ ٽڪريون هيون جيئن توهان پيسفڪ ساحل تي ڪلوفورينيا جي هاِءِ وي ته ڏسندا آهيو. اهي جنهن انداز سان خوشي ملهائي رهيون هيون، انهن کي ڏسي اهو لڳي پيو ته هن ننڍڙي جاءِ ۾ هي هزارن جي تعداد ۾ آهن. پر انهن جو انگ يارنهن يا ائين ڪو هو.
ارب پتي تيزي سان هڪڙو ڊائونگ (ٽٻي ڏيڻ وارو) ماسڪ (ٻوٿاڙو) پاتو ۽ ٻيڙي جي پوئين حصي کان پاڻي ۾ ٽپو ڏنو. ”اچو دوست“، هن جوشيلي آواز ۾ چيو، ”اچو نه، هليا اچو“.
ان کان پوءِ ڪاروباري عورت پاڻي ۾ ٽپو ڏنو، هن جون اکيون جاڳيل هيون، هن جي دل خوشي جي ڪري زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ڇو ته هو اهڙي ڪيفيت جو تجربو ننڍپڻ کان پوءِ نه ڪري سگهي هُئي. هن جي ساهه کڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هُوش هوش هوش.
ڪاروباري عورت کان پوءِ آرٽسٽ به سمونڊ ۾ لهي پيو.
هڪڙي نوجوان ملاح هنن ٽنهي جي رهنمائي ڪئي،جنهن کي سامونڊي رنگ برنگي چڍو پاتل هيو، رٻڙ جا بوٽ هن کي پاتل هيا ۽ پاڻي جي هيٺان مزي سان ڊولفن سان گڏ آساني سان تري رهيا هئا. جڏهن اهي پاڻي ۾ هيٺ وڃن پيون ته هي ٽيئي به پاڻي ۾گهرائي ۾ هليا وڃن پيا. جڏهن اهي گول ڦرن پيون ته فائيو اي ايم ڪلب جا هي ماڻهو به گول ڦرڻ لڳن پيا. جڏهن اُهي هڪٻئي سان حرڪتون ڪن پيون ته آرٽسٽ ۽ عورت به پاڻ ۾ اهڙيون مڇين واريون حرڪتون ڪن پيا.
اهو تجربو ڪو پندرنهن منٽ ئي جاري رهيو هوندو، پر تمام مزيدار ۽ حيرت ۾ وجهندڙ.
”يقين نه پيو اچي“، آرٽسٽ وڏي مشڪل سان ساهه کڻندي چيو. هو ڪوشش ڪري پاڻيءَ کان ٻيڙي جي اندر اچي چڪو هو ۽ موٽر جي ويجهو واري پاسي کان . ويهي رهيو.
”منهنجي زندگيءَ جو انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ تجربو“ عورت جي واتان بي اختيار نڪري ويو ۽ هن کي جوش مان چمي ڏيندي چيائين.
ارب پتي جلدي ئي مٿي اچي ويو. هو انهن ٻنهين سان کلي مزاق ڪري رهيو هو. ”دوست ڪيڏو نه زبردست هيو .
بندرگاهه کان واپسي تي صبح جو ڪلاس ٻيهر سمونڊ ڪناري شروع ٿي ويو. جتي مڇي کي ترسائڻ لاءِ پٿرن جو ڍڳ لڳايل هو. جيڪو مڇي جي شڪار کي باربي ڪيو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. آسمان هينئر به انتهائي خوبصورت انڊلٺي رنگن سان سهڻو لڳي رهيو هو.
ارب پتيءَ پنهنجو هڪڙو هٿ آسمان ڏي کنيو، چار ڳيرا خبر ناهي ڪٿان کان نمودار ٿيا، پوءِ وري گلابي ۽ ڦڪي رنگ جي پوپٽ جو ميڙ اُتان اڏرندو نظر آيو.
”بهترين“، رئيس انهن کي ڏسندي چيو. ڪجهه ڀيرا کنگهڻ کان پوءِ، هن تاريخدانن جي چئن مرڪزي نگاهن جي موضوع مطابق، مرڪز نگاهه چوٿون ”تاريخي فوڪس“، جو ذڪر شروع ڪيو. هن جي سامهون مٿيون خاڪو هو. جنهن تي ”شخصي مهارت جي مشق“ جا لفظ اُڪريل هيا.
”اسان هتي ڇا ڳالهائڻ آيا آهيون“؟ آرٽسٽ حيرت جو اظهار ڪندي پڇيو. هن جي مٿي تان وڏا وار لڙڪي رهيا هئا، ۽ هن جو هڪڙو هٿ ڪاروباري عورت جي ڪلهي تي هو جيڪا ٿڌ جي ڪري ڏڪي رهي هئي.
”توهان جي بهترين رخن جي تربيت“، سڌو جواب ملي ويو. ”اسپارٽن جنگجو جو عقيدو توهان کي ياد آهي، جيڪو اسپيلبائنڊر سيمينار ۾ ٻڌايو هو؟. مشق جي دوران وڌ کان وڌ پگهر وهائيندو ته جنگ جي دوران گهٽ رت وهائڻو پوندو“. توهان جي صبح جي سرگرمين جو معيار، توهان جي سموري ڏينهن جي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿو. جنگيون شروع کان ئي بهترين تياري جي ذريعي ئي کٽي سگهجن ٿيون، جڏهن ڪو به ڏسڻ وارو نه هوندو آهي. فتح ته جوڌن جي ميدان جنگ تي لهڻ کان اڳ ۾ ئي طئي ٿي ويندي آهي. بادشاهي ان کي ملندي آهي، جيڪو ان لاءِِ پاڻ کي تيار ڪندو آهي. ان ۾ ڪو به وڌاءُ ناهي ، جيڪڏهن توهان ڪنهن به ڪاروبار يا فن ۾ بهترين بڻجڻ چاهيو ٿا ته توهان جي پنهنجي مهارت ۾ اضافو ڪرڻ جي مشق ۾ تمام گهڻو وقت لڳائڻو پوندو. خاص ڪري هڪڙي ڪم ڪار واري کي پنهنجي شعبي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪلاڪ ۽ چوويهه منٽ پنهنجي روزاني جي ترقي لاءِ ڪڍڻ ڪرڻ گهرجن. ...ايندڙ ڏهن سالن تائين. فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي Florada State University جي ماهر سائيڪولوجسٽ اينڊرس اِرڪسن Anders Ericsson پنهنجي نئين تحقيق مان اسان کي اهو سيکاريو آهي ته ڪنهن به ڪم يا ميدان ۾ مهارت ۽ ذهانت جي اظهار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اهو ئي عرصو آهي. ان کان پوءِ ماڻهوءَ جي اندر هن ڪم جي مهارت جون نشانيون نظر اچڻ شروع ٿين ٿيون. جڏهن تمام گهٽ ماڻهو ڏهه هزار ڪلاڪ به ڪنهن به ڪم جي تربيت لاءِ صرف ڪرڻ تي اهميت ڏين ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان مان ڪيترائي ماڻهو پنهنجي اندر جي تخليقت، جرئت، ڏاهپ، محبت ۽ اندروني سڪون جي تالي کي ٽوڙڻ جي قابل ٿيندا آهن. اهو به ممڪن آهي ته اسان پنهنجين زندگين کي بهتر ڪريون. منهنجو مطلب سمجهيو. مان توهان ٻنهين کي دراصل اهو چوڻ چاهيان ٿو ته توهان کي پاڻ پنهنجي شخصي مهارت جي ڪمال لاءِ روزانو ئي ڪم ۽ مشق ڪرڻي پوندي. جئين اسان دنيا جي ٻين غيرمعمولي ۽ شاندار مهارت وارن ماڻهن کي ڏسون ٿا. پنهنجي اندروني زندگي جي مرڪزي رخن کي مضبوط ۽ توانو ڪيو.... ۽ پوءِ منهنجي ڳالهه جو يقين ڪيو ته توهان پنهنجي زندگيءَ کي سو دفعا بهتر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. توهان پنهنجي ٻاهرئين دنيا ۾ ڪجهه ڪيو ٿا، اهو ٺيڪ نتيجو ٿئي ٿو، ان عمل جو جيڪو توهان جي اندر ۾ هلي رهيو هوندو آهي. ان ڪري هن جاءِ تي توهان کي پنهنجي صبح جي تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي. پوءِ توهان ٻاهرئين دنيا ۾ روزانو ان سطح تي سوچڻ، محسوس ڪرڻ، ۽ ڪم ڪرڻ جي قابل هوندو ته ڪو به توهان کي مات نه ڏيئي سگهندو. ان نعمت ۽ خوبي جا مالڪ توهان پاڻ آهيو“.
[1] Hypofrontality is a state of decreased cerebral blood flow (CBF) in the prefrontal cortex of the brain. Hypofrontality is symptomatic of several neurological medical conditions, such as schizophrenia, attention deficit hyperactivity disorder (ADHD), bipolar disorder, and major depressive disorder.
”اسپيلبائنڊر جي ڪانفرنس کان اڳ ۾ مون ڪڏهن به پاڻ سان پيار ڪرڻ تي يقين نه ڪيو“. عورت چٽي لهجي ۾ واضح ڪيو. ”مون کي ڪڏهن به انهن شين ۾ حقيقت نظر نه آئي“.
”ڇا توهان ڪڏهن ان تي عمل ڪيو“، منهنجو مطلب آهي ته سنجيدگي سان گهڻي عرصي تائين؟“. ارب پتي آهستي هن کان پڇيو. جڏهن ان گهڙي هڪڙو ٻيو ڳيرو مٿان اڏرندو هليو ويو ۽ جڏهن ارب پتيءَ سج ڏي ڏٺو ته اهو بادلن جي پٺيان کان ٻاهر اچي چمڪي رهيو هو.
”اهڙو ڪو خاص نه“، عورت تسليم ڪيو. ”هينئر تائين ته نه ڪيو، ها، هاڻي مان فائيو اي ايم ڪلب کان لطف اندوز ٿي رهي آهيان“.
”ٺيڪ، بلڪ بهتر، ته پوءِ اچو ته اڳتي هلون، ڳالهه هي آهي ته ...“. ارب پتيءَ چيو،” اسان جي فتح جي ڪلاڪ جي دوران، صبح پنجين وڳي کان صبح ڇهين وڳي تائين روزانو....انهن شين کي بهتر ڪرڻ لاء مڪمل ڌيان ڏيو، جن کي اسپيلبائنڊر ”دي فور انٽيريئر امپائرس“ The 4 Interior Empires يعني چار اندروني رياستن جو نالو ڏنو آهي. هي توهان جي زندگي جا سڀ کان سياڻپ واريون/آسان ۽ ممڪن آهي سڀ کان ڏکيو ڪم هجي. پنهنجي اندر ۾ گهرائي سان ڪم ڪرڻ ...پنهنجي اندر جي چئن مرڪزي زمينن جي سارسنڀار...جن جي باري ۾ مان اڳتي هلي ڳالهائيندس. هي تبديلي جا سنهري بنياد آهن. هي ڪم آسان نه هوندو.... مان ان ڳالهه تي ٻيهر زور ڏيئي رهيو آهيان، پر هي نهايت ئي اهم ۽ ضروري آهي.
”ڇو؟“ ڪاروباري عورت حيرت مان پڇيو. هو بحر هند جي ٿڌي پاڻي سان حرڪت ڪرڻ بند ڪري چڪي هئي. آرٽسٽ هينئر به هن سان گڏ هو. هن جا وار هينئر به پيشاني کان هيٺ ڪري رهيا هئا، ڪڪڙين جو ميڙ هينئر به موجود هو.
”ڇو ته بيروني دنيا ۾ پاڻ کي غيرمعمولي ڏسڻ کان اڳ ۾ ان اندروني زمينن تي هر هلائڻ ضروري هوندو آهي. توهان جي قسمت هميشه توهان جي بي خوفي، طاقت ۽ ساک جي پويان اچي ٿي. توهان جو دنيا ۾ اثر، توهان جي نفاست، عظمت، شرافت، زنده دلي جي عڪاسي ڪري ٿي. جنهن تائين توهان پنهنجو پاڻ پهچي چڪا هوندا آهيو. تمام گهٽ ماڻهو آهن اڄ جي سطحي دنيا ۾ جتي ماڻهو مشيني ۽ هٿ ٺوڪي زندگي گذاري رهيا آهن. اُن بنيادي، سچي زندگي کي ياد ڪن ٿا. ٻاهريون ڏيک هميشه اندرئين ڏيک جو اظهار ڪندو آهي. توهان جي تخليقي صلاحيت، خوشحالي، ڪارگذاري ۽ اثر جيڪو توهان دنيا تي وجهو ٿا، هميشه توهان جي اندر جو برتر تاثر هوندو آهي. مثال جي طور جيڪڏهن توهان کي پنهنجين صلاحيتين تي يقين، گهٽ آهي، جن ڪري توهان پنهنجو شوق پورو ڪيو ٿا، ته توهان ڪڏهن به پنهنجو شوق پورو نه ڪري سگهندو. جيڪڏهن توهان اهو محسوس نه ٿا ڪيو ته توهان مقصد حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ توهان ڪڏهن به اهو ڪم نه ڪندو، جنهن جي ڪري توهان کي تڪليف اچي ۽ جيڪڏهن توهان جي اندر، پنهنجي ذهانت کي پئسي ڪمائڻ جي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت ڪمزور آهي ۽ تربيت جي باهه جو شعلو دٻيل آهي ۽ توهان جي اسٽيمنا گذاري جي لائق آهي ته پوءِ اها ڳالهه واضح آهي ته توهان ڪڏهن مهارت جي ڪمال جي، اڏام ڪرڻ جي قابل نه هوندو. ٻاهرين شي هميشه اندرين شي جو اظهار ڪندي آهي. ان ڪري پنهنجي ٻاهرين زندگي ۾ سلطنت اڏاڻ کان اڳ ۾ پنهنجي اندر جي دنيا کي وڌائڻو پوندو“. ارب پتيءَ زور ڏنو.
مسٽر ريلي ان وقت پنهنجي هڪڙي بوتل مان سائي رنگ جو جوس پيئڻ شروع ڪيو، جيڪا هن کي هڪڙي ملاح ان وقت ڏني هُئي، جڏهن هو مشين واري ٻيڙي ۾ سوار هو. جيڪڏهن توهان هن بوتل کي ويجهڙائي کان ڏسندو ته ان تي لفظ لکيل هيا،”هن دنيا ۾ شيطان اسان جي پنهنجن ئي دلين ۾ ويٺل آهن ۽ اها ئي جاءِ آهي، جتي اصلي جنگ وڙهڻ کپي.‘‘
The only devils in the world are those running in our own hearts. That is where the battle should be fought.
”جڏهن توهان پنهنجي اندر ۾ موجود موروثي قوت کي مسلسل وڌائيندو“، مسٽر رائلي ڳالهه جاري رکي،” ته ان جي بدلي ۾ توهان تمام گهڻا موقعا ۽ عاليشان امڪان ڏسڻ جي لائق ٿي ويندا. توهان حيرتن جي ڪائنات ۾ کيڏڻ شروع ڪندو، جتان جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. ڇو ته انهن جون اکيون، شڪ، بي يقيني ۽ خوف جي ڪري انڌيون ٿي چڪيون آهن. عظمت اندر جي هڪڙي راند آهي“. ارب پتيءَ هڪڙو ٻيو خاڪو (ماڊل) واريءَ تي ٺاهيندي چيو.
چار اندريون سلطنتون The 4 interior empires
سلطنت 1؛ سوچ (نفسيات) مائينڊ سيٽ Mind set (psychology)
سلطنت 2؛ دلي جذبات (هارٽ سيٽ ) (Emotionality) Heart set
سلطنت 3؛ صحت (جسماني) هيلٿ سيٽ Health set (Physicality)
سلطنت 4؛ روحانيت (سول سيٽ) Soul set ( Spirituality)
”هلو هن فريم ورڪ جي باريڪبينيءَ تي نظر ٿا وجهون، ته جيئن توهان جي فتح جي ڪلاڪ دوران پنهنجي اندروني زندگيءَ جي پهلوئن جي باري ۾ بلُند ۽ بلڪل واضح شعور حاصل ڪري سگهو. جلد توهان کي صبح جي باري ۾ مڪمل معلومات مهيا ڪندس، جڏهن مان توهان کي ويهه ويهه ويهه فارمولا جي باري ۾ پڙهائيندس. في الحال ته توهان اهو سمجهو ته توهان کي سج اُڀرڻ کان اڳ ۾ هنن چئني زمينن کي تيار ڪرڻو آهي. مائنڊ سيٽ Mind set ، هارٽ سيٽ Heart set ، هيلٿ سيٽ Health set ۽ سول سيٽ Civil set . هي چارئي نجي ميدان يا وري يا سلطنتون گڏ ٿي ڪري سچي اندروني قوت کي بنياد مهيا ڪن ٿيون. جيڪا هر زنده انسان جي اندر ۾ ملي ٿي. اسان ۾ گهڻا ماڻهو بيروني شين جي پويان ڊوڙي ڊوڙي پنهنجو سڄو ڏينهن وڃائي ڇڏين ٿا. پر اسان سڀني جي اندر اهي چار حيرت ۾ وجهندڙ قوتون پڻ موجود آهن ۽ پنهنجن انهن چئني زمينن جي تياري ۽ آب ياري جو بهترين وقت صبح پنجين وڳي کان ڇهين وڳي تائين آهي. اهو ڏينهن جو سڀني کان اهم وقت هوندو آهي. پنهنجي ”صبح جا مالڪ بڻجو ۽ پنهنجي زندگيءَ کي بلند ڪيو“، رئيس حوصله افزائي ڪئي.
”هڪڙو سوال؛ جيڪڏهن مان اهو ڪم هفتي ۾ صرف پنج دفعا ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ هفتي جي آخري ڏينهن ۾ نه ڪيان ته ؟ هي فائيو اي ام ميٿڊ ڪيترو ڏکيو آ؟“ ڪاروباري عورت چيو. هڪڙو ڪُتو اتان گذريو، انهي دوران مڇي واري هوٽل کان قديم اطالوي موسيقار جو گانو ٻڌڻ ۾ آيو. توهان کي منظر ڏاڍو عجيب لڳندو پر ائين ئي آهي.
”هي توهان جي زندگي آهي. اهو ڪيو جيڪو توهان جي حساب سان توهان لاءِ بهترين هجي ۽ توهان کي درست محسوس ٿي. مان ته توهان کي اها ڄاڻ ڏيئي رهيو آهيان جيڪو اسپيلبائنڊر ءَ مون کي ٻڌائي هئي. هن جي ڪري منهنجي ته قسمت ئي کُلي پئي ۽ مون کي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ لطف ۽ مسلسل سڪون حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملي. يقينن انهن سڀني جي ڪري، مون کي شخصي آزادي به نصيب ٿي. توهان پنهنجا قدر، دلچسپي ۽ زندگي جي مناسبت سان هي معلومات جتي ۽ جيئن منتقل ٿي سگهي ٿي، ان کي استعمال ڪيو ۽ اتي، توهان کي اها ته خبر آهي نه جزُ وقتي ڪم جا نتيجا به جز وقتي هوندا آهن“Yet also know that part-time commitment truly does deliver part-time results ارب پتيءَ هڪڙي مک پنهنجي مُٺ ۾ پڪڙيندي، پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪئي.
”ڇا توهان اندروني زمينن/سلطتنن جي تفصيل ۾/گهرائي ۾ وڃڻ پسند ڪندو“. ڪاروباري عورت چيو.
”توهان جيڪو ڪجهه مون کي سمجهائي رهيا آهيو، ان جي ذريعي مان ايتري مضبوط ٿي سگهان ٿي جو مان پنهنجن مخالف سرمائيدارن سان وڙهي سگهان ۽ ڪٿي وڌيڪ خوشي ۽ اعتماد واپس حاصل ڪيان. مون توهان کي اهو ناهي ٻڌايو ته مان جڏهن کان توهان سان گڏ آهيان ۽ توهان جيڪو ڪجهه اسان کي سچي دل سان سيکاري رهيا آهيو، مان ان تي عمل پئي ڪيان ۽ جيئن توهان ڏٺو، مان پهريان اسپيلبائنڊر جي خلاف هئس ۽ هن جي سيمينار ۾ وڃڻ ئي پسند نه پئي ڪيان. پر گهٽ ۾ گهٽ ان جي ۽ توهان جي تعليم/ليڪچرن جي باري ۾ سمجهه رکان ٿي. ڀلي کڻي مان دل سان اهو ڪم نه به ڪيان. توهان کي خبر آهي، مون کي زندگيءَ سان محبت آهي ۽ مان هاڻِي گهڻو وقت زنده رهڻ جي منصوبه بندي پئي ڪيان.“
”بهترين“، آرٽسٽ چيو ۽ پاڻيءَ مان هڪڙي دل جي شيپ جهڙي سپ کڻي ڪاروبارو عورت جي هٿ تي انتهائي نفاست مان رکيو ۽ هن جي آڱرين کي پنهنجي هٿ سان بند ڪري ڇڏيو ۽ هن جو هٿ پنهنجي سيني تي رکيو.
”مان اڳ ۾ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ بهتري ڏسي رهي آهيان“. عورت ڳالهه جاري رکي.
”پنجين وڳي اٿڻ سان مان پاڻ کي ڪجهه وڌيڪ، حاضر دماغ، گهٽ ڳڻتي، گهڻو تحفظ ۽ گهڻي صحتمند محسوس ڪري رهي آهيان. منهنجي زندگي ۾ جيڪو ڪجهه مثبت آهي، مان ان تي گهڻو شڪر گذار ٿي وئي آهيان ۽ پنهنجي ڪمپني جي باري ۾ گهٽ پريشان آهيان. ۽ پنهنجي مستقبل جي باري ۾ وڌيڪ پُرجوش آهيان. ڏسو اهي سرمائيدار ماڻهو ڏاڍا خراب آهن ۽ انهن کي هينئر تائين منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيان. مان ان جي باري ۾ سوچينديس، پر ان جي باري ۾ اڳ ۾ جيڪو خوف ۽ نااُميدي ۽ اونداهي مان محسوس ڪندي هُيس، اها هاڻي گهڻي حد تائين، ڌنڌلو ٿي چڪي آهي“.
”زبردست“ ارب پتي چيو، هڪڙو سلينگ ورڊ استعمال ڪندي چيو. ارب پتيءَ پنهنجي سامونڊي ڪناري تي پنهنجي ٽي شرٽ مٽائي. ايس يو وي واپس اچي چڪي هُئي ۽ ڊرائيور ان کي بلڪل هوٽل جي سامهون اچي بيهاريو.
”توهان عقلمند ماڻهو آهيو“، ارب پتي اضافو ڪيو. ”هي سڄي ڄاڻ انمول آهي، پر جيئن ته توهان کي خبر آهي ته جيسيتائين توهان اڻٿڪ مشق ۽ روزانو ان تي عمل نه ڪندو،....صرف هي معلومات توهان کي هڪڙو غير معمولي انسان ۽ ڪاروبارو جو متاثر ڪندڙ ليڊر نه ٿي بڻائي سگهي. مان توهان کي ان ڳالهه تي مبارڪ پيش ڪيان ٿو ته توهان پنهنجي ماضي کي ڇڏي ڏنو. ڪو به توهان کي غير ذميدارڻو طريقڪار اختيار ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪمپني جي مخالفن سان منهن نه ڏيڻ جي صلاح نه ڏيندو، جيتوڻيڪ توهان جو ماضي توهان جي اها جاءِ آهي، جتان توهان کي سکڻو آهي پر اُتي توهان کي رهڻو ناهي“.
ٽيئي دوست اوسيئڙي ۾ بيٺل گاڏي ءَ ۾ اچي ويهي رهيا، جيڪا هنن کي ساڳي رياست ۾ واپس وٺي آئي.
”اچو ته ماڊل جي باري ۾ وڌيڪ ڳالهايون، ڇو ته اها توهان جي ڪاميابي ۽ خوشيءَ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي“. ارب پتيءَ تبصرو ڪيو جڏهن ته ايس يو وي، سمونڊ ڪناري سان گڏو گڏ هلي رهي هُئي. ”ڪيترائي گُرو مائينڊ سيٽ جي باري ۾ ڳالهائيندا آهن. اهي مفروضن جي نفسيات کي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي ڳالهائينداآهن. هارڊ ورڊ جي نفسيات جي ماهر ايلن لينگر Ellen Langer جو به ائين ئي چوڻ آهي...اهي توهان کي روزانو اميد پسند سوچ رکڻ جي تربيت ڏيندا آهن. هي استاد ٻڌائيندا آهن ته توهان جي سوچ توهان کي حقيقي ظاهر ڪندي آهي ۽ پنهنجي ذهن کي بهتر ڪري، توهان پنهنجي زندگي کي بهتر ڪري سگهو ٿا. يقينن پنهنجي مائينڊ سيٽ کي بهتر بنائڻ شخصي مهارت ڏانهن هڪڙو لازمي قدم آهي. جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي بيروني حقيقت کي عاليشان بڻائي سگهو ٿا“.
”تنهن جي باوجود“، ارب پتيءَ گفتگو جاري رکي. ”هڪڙي پوائنٽ هن سلسلي ۾ تمام ضروري آهي ۽ توهان ٻنهي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان ڪري اها چڱي طرح سان سمجهي وٺو. ڇو ته گهڻو ڪري اڪثر ماڻهو اها ڳالهه نه ٿا سمجهي سگهن؛ اسپيلبائنڊر مون کي سيکاريو ته پنهنجي مائنيڊ سيٽ (دماغ جي مثبت سوچ) کي بهتر کان بهتر رکڻ... جيڪو چئني اندروني سلطنتن مان هڪڙو آهي. شخصي مهارت جي مساوات ۾ صرف پنجويهه سيڪڙو آهي“.
” واقعي ئي“؟ آرٽسٽ پڇيو. ”مان ته هميشه اهو ئي سوچان ٿو ته اسان جي سوچ ئي سڀ ڪجهه طئي ڪندي آهي، ان کان سواءِ ٻي ڪا به شي نه هوندي آهي، بس، ”پنهنجي سوچ کي مٽايو ۽ پوءِ ڏسو ته توهان جي زندگي ڪيئن ٿي بدلجي ۽ ٻڌايو ويو ته توهان جو رويو ئي توهان جي منزل طئي ڪندو آهي“.
”ڏسو“، ارب پتيءَ چيو،” اها يقينن سچي ڳالهه آهي ته توهان جا گهرا ۽ پخته ارادا ئي توهان جي روزانو جي ورتاءُ کي قابو ڪن ٿا. توهان کي خبر آهي ته منهنجو به ان تي يقين آهي ۽ توهان کي اها به خبر آهي ته مان ان ڳالهه سان به متفق آهيان ته توهان جنهن انداز سان تصور ڪيو ٿا، انهيءَ انداز سان دنيا توهان کي موٽ ڏيئي ٿي، پر هڪ پڪي مائنڊ سيٽ سان گڏ جيڪڏهن مضبوط هيرٽ سيٽ (دل) نه هوندو ته اها شان ۽ شوڪت بيڪار ويندي. فقط پنهنجي مائنڊ سيٽ سان ڪم ڪرڻ سان توهان پنهنجي ذهانت جو اظهار نه ٿا ڪري سگهو ۽ نه ئي وري پنهنجي آزادي ءَ جو استعمال ئي ڪري سگهو ٿا“. صنعتڪار وڏي وضاحت سان چيو.
”منهنجي خيال ۾ مان توهان جي ڳالهه سمجهان پيو“. آرٽسٽ ڌيان ڏيندي چيو.”چارلس بوڪو وسڪي جو قول آهي ”پنهنجي کوپڙي جي صفائي ڪرڻ تي زور نه ڏيو....ان جي جاءِ تي پنهنجي دل کي صاف ڪيو.
“Charles Bukowski said, “ Stop insisting on clearing your head…..Clear your heart instead”.
”هو بلڪل درست هو“، ارب پتي اتفاق ڪيو ۽ ايس يو وي جي چمڙي سان ٺهيل سيٽن تي اڃان به زور ڏيئي هيٺ ويهي رهيو.
”هن صحيح چيو هو“ ارب پتيءَ متفق ٿيندي چيو ۽ هن پنهنجي ايس يو وي جي چمڙي واري سيٽ تي پرسڪون ويهندي چيو.
”اڙي ٿورو مون کي به سمجهايو ته هي هارٽ سيٽ ڇا هي“؟ ڪاروباريءَ پڇيو.
هو اسڪول ويندڙ ٻارن جي هڪڙي گاڏي کي راند جي ميدان ۾ ڀڄندي ڏسي رهي هُئي، هن جي سوچ هن کي پنهنجي ننڍپڻ ڏانهن ڇڪي وئي.
”هارٽ سيٽ توهان جي جذباتي زندگي آهي، توهان جو يقين کڻي ڪيترو به هجي ۽ توهان جو مائنڊ سيٽ کڻي ڪيترو نه واضح ۽ نمايان هجي، جيڪڏهن توهان جي دل، ڪاوڙ، غم، مايوسي، استحصال ۽ خوف سان ڀريل آهي ته توهان کي هن دنيا ۾ فتح ناهي ملڻي. ٿورو ان جي باري ۾ سوچيو؛ جيڪڏهن توهان جا زهريلا جذبا توهان کي شڪت ڏيڻ جا زميوار آهن ته پوءِ، توهان ڀلا ڪيئن غير معمولي ڪارڪردگي ڏيئي سگهو ٿا ۽ حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا آڻي سگهو ٿا؟. اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اڄڪلهه هر هڪ صحتمند، ڪڏهن به شڪست نه کائيندڙ مائنڊ سيٽ تشڪيل ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. توهان اها ڳالهه هر جاءِ تي ٻڌندا هوندو، پر ڪو به هارٽ سيٽ جي ڳالهه نه پيو ڪري... نه ئي وري هيلٿ سيٽ ۽ سول سيٽ جي. توهان جي اندر جيڪا حيرت ۾ وجهندڙ قوت موجود آهي، ان کي چمڪائڻ ۽ ان مان ڪم وٺڻ لاءِ انهن چئني اندروني زمينن کي تيار ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن توهان پنهنجي اندر ۾ موجود ان فطري طاقت سان پنهنجو رشتو مضبوط نموني سان ڳنڍيو ٿا. اها طاقت توهان کي توهان جي ماهرين ۽ سورمن جي محفل ۾ پهچائي سگهي ٿي. جڏهن توهان پنهنجي اندروني چئني زمينن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪندو ته توهان ان جي باري ۾ سوچيو به نه هوندو ته ايئن به ٿي سگهي ٿو. ان کي ائين سمجهو ته توهان جي هٿ ۾ جادو جي لٺ اچي ويئي آهي. توهان پنهنجي موجودگي جي ذريعي، ٻين جي قوت وڌائڻ شروع ڪندو. توهان کي توهان جي روز مره جي زندگي ۾ مسلسل يقين نه ايندڙ ڪرشما ڏسڻ ۾ ايندا. توهان جي عمل ڪرڻ جي ئي نتيجي ۾ زندگي توهان کي انتهائي مزو ڏيندي ۽ سڄي دنيا اوهان جي خدمت ۾ لڳي ويندي“. مسٽر رائليءَ گاڏي جي دريءَ مان ٻاهر ڏٺو ۽ پنهنجي گفتگو جاري رکي.
”ان ڪري اسان مان گهڻا ماڻهو اهو ته ڄاڻن ٿا، ذهني سطح تي ڇاڪرڻ گهرجي، پر ڪجهه غيرمعمولي نه ٿو ٿي سگهي، ڇو جو انهن جي جذباتي زندگيءَ ۾ اڃان بگاڙ هوندو آهي. اسان ماضيءَ ۾ ڦاٿل هوندا آهيون. اسان ماضي مان هٿ نه ڪڍيا آهن. اسان اُهي مڙئي غير صحتمنداڻا جذبا، جيڪي اسان کي نقصان پهچائيندا آهن. انهن کي ڇڪي دٻائي رکندا آهيون. سگمنڊ فرائڊ Sigmund Freud لکيو ته ”جن جذبن جو اظهار نه ڪري سگهجي، اهي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن، بلڪ اهي زنده اسان جي اندر دفن ٿيندا رهندا آهن. ۽ جڏهن به وري انهن کي موقعو ملي ويندو آهي، اهي غلط اندازي سان ظاهر ٿيندا آهن ۽ پوءِ اسان حيرت ۾ پئجي ويندا آهيون ته اسان جون مثبت سوچ واريون ڪوششون ڇو ڪامياب نه ٿيون وڃن“. Unexpressed emotions will never die. They are buried alive and they will come forth later in uglier ways”. مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو پنهنجي تعريف پاڻ ڪرڻ وارا ڪتاب اڪثر ڪري گهڻي دير تائين اثرائتا نه ٿا ٿين پر فقط ڪجهه ڪانفرنسون مستقل تبديلي آڻي ڇڏين ٿيون. جيستائين اسان جي ذهن جو تعلق آهي ته اسان جي نيت صاف هوندي آهي، اسان يقينن هڪڙا نمايان ڪارگذار ۽ بهتر انسان بڻجڻ چاهيون ٿا. پر اسان جيڪا معلومات حاصل ڪيون ٿا، اها فقط سوچ تائين ئي محدود هوندي آهي ۽ پوءِ مايوسي سان اسان پنهنجون شاندار خواهشون ماري ڇڏيون ٿا. ان ڪري نه ڪجهه بدلجندو آهي ۽ نه ئي وري ڪجهه اڳتي وڌندو آهي. نتيجن ڪا به تبديلي نه ٿي اچي. پر جيڪڏهن توهان پنهنجي سٺي سوچ جو تجربو ڪرڻ ۽ بي مثال ڪارڪردگي ڏيکارڻ چاهيو ٿا ته توهان کي مائينڊ سيٽ ۾ مهارت سان گڏو گڏ هارٽ سيٽ تي به توجهه ڏيڻو پوندو. ماضي جي تڪليفن سان جڙيل سڀئي ڪارا ۽ زهريلا جذبا، اتان نڪري هليا ويندا. دل پاڪ، صاف ۽ سٺي ٿي وڃي ٿي، هميشه لاءِ ۽ ائين توهان جي دل جيڪا زندگيءَ ۾ مليل ڏکن ڏولاون جي ڪري پڪي ٿي وڃي ٿي، اها ٻيهر ڪائنات جي رنگينين ۾ گم ٿي وڃي ٿي“.
”وڏي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي“، عورت ساراهه ڪئي، ”پر مان پنهنجي فتح واري هڪڙي ڪلاڪ پنج کان ڇهه اي ايم جي دوران اهو ڪم ڪيئن ٿي ڪري سگهان“.
”توهان کي تمام جلدي اهو سيکاريو ويندو ته فائيو اي ايم ميٿڊ جو استعمال ڪئين ڪجي“. ارب پتيءَ جواب ڏنو. ”توهان ٻيئي هاڻي پاڻ ۾ هري مري ويا آهيو، ان ڪري توهان کي جلدي ويهه ويهه ويهه فارمولي جي خبر پئجي ويندي ۽ جيئن مان اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته هڪ دفعو جڏهن توهان کي ان جي خبر پئجي ويندي ۽ توهان کي ان جي استعمال جي به ڄاڻ پوندي، پوءِ توهان جون زندگيون ائين نه رهنديون. ويهه ويهه ويهه 20x20x20 وارو فارمولو يقين ڪيو ته زندگي بدلائڻ وارو فارمولو آهي. مهرباني ڪري اها ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪجو ته منهنجي نظر ۾ سُٺا ماڻهو ان ڪري ڪاميابي ماڻڻ ۾ ناڪامي جي ور چڙهي ويندا آهن جو، هڪ ته هو عظيم مائنڊ سيٽ ته رکن ٿا پر پنهنجي هارٽ سيٽ کي مضبوط نه ٿا ڪن. مائنڊ سيٽ جيڪڏهن مضبوط آهي ۽ هارٽ سيٽ ڪمزور...ته پوءِ اهو مسئلو ٿيندو“.
”۽ ها“ ارب پتيءَ وڌيڪ اضافو ڪندي ڳالهايو،” مون کي هتي اها ڳالهه به واضح ڪري ڇڏڻ گهرجي ته هارٽ سيٽ تي ڪم ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته توهان پنهنجن منفي جذبن کي پنهنجي اندران ٻاهر ڪڍو، جيڪي زندگيءَ جي مايوسين، پريشانين ۽ تڪليفن جي ڪري وجود ۾ آيا. بلڪ هن لاءِ صحتمند رهڻ به ضروري آهي. اهو ئي سبب آهي جو صبح جي معاملن ۾ توهان کي ٿورائتي ٿيڻ جي هڪڙي مشق ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي. ته جيئن توهان پنهنجي اندر ۾ ٿورائتي ٿيڻ وارو احساس پيدا ڪري سگهو“.
”مون کي اها ڳالهه تمام گهڻو وڻي“، آرٽسٽ جواب ڏنو. ”ڀاءُ، جيڪو توهان ٻڌائي رهيا آهيو، اها تمام بهترين آهي، انقلابي. مان مڃان ٿو“. هن پرُزور انداز ۾ چيو.
”ها، بلڪل، اسپيلبائنڊر مون کي فتح جي ڪلاڪ واري هر صبح ڪجهه ڪم پنهنجي هارٽ سيٽ تي ڪرڻ سيکاريا. ان ڪري هتي به هڪڙو اهم نڪتو آهي؛ جيڪڏهن توهان پنهنجي هارٽ سيٽ کي مائنڊ سيٽ سان گڏو گڏ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ٿا ته تڏهن به توهان پنهنجي شخصي مهارت جي مد ۾ پنجاهه سيڪڙو ئي ڪم ڪندا آهيو. مائنڊ سيٽ ۽ هارٽ سيٽ کان پوءِ، توهان کي هر صبح جو هيلٿ سيٽ جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو“.
”هيلٿ سيٽ....مون لاءِ ته اهو بلڪل نئون لفظ آهي. عورت سوچيو.”پسند آيو“.
”ان کي ائين ڪري سمجهو ته ان جو تعلق توهان جي جسماني پهلو سان آهي“. ارب پتيءَ واضح ڪيو. ان وقت ايس يو وي ماريشيس جي چانهه واري فصل جي ويجهو کان گذري رهي هُئي. ”حيثيت وارن ماڻهن ۾ شامل ٿيڻ ۾ هڪڙو عرصو لڳي ٿو. جيڪڏهن توهان پنهنجي شعبي ۾ رهنمائي ڪرڻ ۽ تسلسل سان اڳتي وڌڻ چاهيو ٿا ته توهان کي مان هڪڙو گُر ٻڌايان ٿو؛ مرجو نه. جيڪڏهن توهان مري ويو، ته توهان ڪڏهن به پنهنجي شعبي جي عظيم ماهر، نالي وارن، جن تاريخ ٺاهي، نه ٿا ٿي سگهو“.
ارب پتيءَ جهنگل ۾ نورئيڙن جي هڪڙي خوش خاندان کي کيڏندي ڏٺو. ته هن زور سان تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون. عورت ۽ آرٽس هن جي ان حرڪت کي ڏسي اندر ئي اندر ۾ کلڻ لڳا.
”مان سنجيده آهيان، سٺيون شيون تڏهن ئي وجود ۾ اينديون آهن، جڏهن سنجيدگي سان پڪو پهه ڪندا آهيو ۽ پنهنجي عمر کي گهٽ رکڻ ۾ سخت محنت ڪندا آهيو. ٿورو سوچيو ته توهان کي اڃان ڪجهه سال زنده رهڻو آهي ۽ اهڙي ئي چستي سان ڪم ڪندا رهو، جهڙو توهان هينئر ڪيو پيا، اهڙي طرح توهان کي پنهنجي فن کي مضبوط ڪرڻ، نکارڻ ۽ اثرائتي بنائڻ، شاهڪار تخليق ڪرڻ، پنهنجي خوشحالي کي ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪرڻ ۽ انسانيت لاءِ تمام وڏو ورثو ڇڏي وڃڻ جا تمام گهڻا موقعا ملندا. حيرت ۾ وجهندڙ، تمام عظيم ماڻهو ان نڪتي کي چڱي طرح سمجهن ٿا، ته توهان جيسيتائين توانا ۽ تندرست نه آهيو، تيستائين مهارت جي ڪمال درجي تائين نه ٿا پهچي سگهو. ان سلسلي ۾ جيسيتائين توهان روزانو ڪا مشق ڪندو، ته توهان جو هر ڏينهن بهتر کان بهتر گذرندو. جڏهن توهان بلڪل تندرست هوندو، ته توهان جون ٻيون شيون به سٺيون نظر اينديون. مان توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته توهان جو هيلٿ سيٽ توهان جي جسماني پهلو کي بهتر ڪرڻ جي باري ۾آهي ۽ جڏهن توهان اهو ڪندو ته پوءِ توهان جو دماغ پنهنجي تمام اوچائي تي پهچندو، پوءِ توهان جي توانائي وڌي ويندي، پوءِ توهان جو ذهني دٻاءُ (اسٽريس) گهٽجندو ۽ پوءِ وري توهان جي خوشي ۾ اضافو ٿيندو. توهان کي خبر ناهي ته صحتمند ۽ مثالي تندرستي مان مون کي منهنجي ڪاروبار ۾ تمام گهڻي مدد ملي“.
ارب پتي بيهي ويو. هن پنهنجن ٻنهي ٻانهن کي ملائي نمستي چئي سلام عرض ڪيو.
”دوستو سٺي صحت مون کي روحاني سوچ سول سيٽ تائين پهچايو آهي. . مرد ۽ عورت! مون اهو سکيو آهي ته اسان مان هر هڪ جي اندر هڪڙو نفيس ۽ صاف روح موجود آهي. جيڪا اسان جي ذات جي بلڪل وچ ۾ موجود آهي. دنيا جي اڪثريت جي ان جي ڪمن ۽ ضرورتن ۾ ڪا به دلچسپي نه هوندي آهي. هڪ انسان جي طور تي اسان پنهنجي ذات جي هن رخ کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي، حالانڪ هي پاسو مڙني پاسن کان تمام گهڻو ڏاهپ، حيرت ۾ وجهندڙ ۽ لافاني آهي. دنيا جي ماڻهن جي گهڻائي معاشري جي پروگرامنگ تحت هلندي آهي. جنهن جي مطابق اهڙو سامان گڏ ڪرڻ جنهن سان انهن جي مشهوري وڌي ۽ انهن کي قانوني جواز ملي سگهي. پر تنهن جي باوجود اصلي ليڊرشپ جي ايمانداراڻي سرگرمي اها به هوندي آهي ته هو پنهنجي روح کي روزانو غذا مهيا ڪري “.
”۽ مسٽر رائلي مون کي ٿورو اهو به ٻڌايو ته جڏهن توهان سول سيٽ soul set روحاني سوچ جي ڳالهه ڪيو ٿا ته ان مان توهان جو ڇا مطلب هوندو آهي؟“. عورت سوال ڪيو، جيڪا آهستي آهستي اسپيلبائينڊر جي تعليم جي لائق شاگردياڻي ٿيندي پئي وڃي. هو هاڻي اڳ کان ٿورو وڌيڪ حاضر، مضبوط ۽ پرسڪون/آزاد لڳي رهي هئي.
”ها ادا، مان به ان معاملي ۾ اڃان گهڻو ڪليئر نه آهيان “. آرٽسٽ سچي ڳالهه ڪئي ۽ گاڏي جي سيٽ تي ڄمي ويهي رهيو، جيڪا ان وقت رئيس جي گهر ڏانهن روان دوان هُئي.
ڪيترائي پوپٽ پاسي مان اڏرندي لنگهي ويا. آسمان تي هينئر ڊبل انڊلٺ صاف شفاف نظر اچي رهيو هو. ارب پتي هڪڙي نظر ان تي وڌي پوءِِ وري شروع ٿي ويو.
”اجنبيت جي احساس جي بغير حسن ۾ ايتري ڪشش نه هوندي آهي “. جيئن ئي هن پنهنجي مالهي کي هٿ لوڏي ڀليڪار چيو ۽ ڏيڏر کي پنهنجي زبان ٻاهر ڪڍي ڏيکاري. ”انگريزي شاعر ڪرسٽوفر مارلو Christopher Marlow اها ڳالهه ڪئي ۽ دوستو! حقيقت اها آهي ته هن وڏي سچي ڳالهه ڪئي، بهرحال، چوٿين اندروني زمين کي سمجهڻ جي لاءِ، مون کي اجازت ڏيو ته مان انهن چئني جو ذڪر ڪندو هلان. مائنڊ سيٽ Mind set جو تعلق توهان جي نفسيات سان آهي. هارٽ سيٽHeart set جو تعلق توهان جي جذبن سان آهي، هيلٿ سيٽ Health set جو تعلق توهان جي جسماني وجود سان آهي، جڏهن ته سول سيٽSoul set جو تعلق توهان جي روحانيت سان آهي. هي آهي ڳالهه. هن ۾ ڪابه صوفياڻو رنگ ڪونهي، ڪو به مذهبي پهلو نه آهي، جادو ئي ۽ حرامپاين وارو ڪو به ڪم ڪونهي، هن۾ “.
”ٿورو اڃان به گهرائي ۾ ٻڌايو“ عورت انگل ڪيو. ”انهن سڀني ڳالهين سان توهان منهنجي تصور/سوچ کي نئو ن رخ ڏيئي رهيا آهيو“.
”هي سڀ اسپيلبائنڊر جو ڪم آهي، پر منهنجو ناهي، مهرباني ڪري اها ڳالهه ضرور ياد رکجو .مان اهو هر حال ۾ چاهيندس ته مان هڪ عملي روحانيت پسند ٿي وڃان. ڇا انهن لفظن توهان کي ڊيڄاري ته نه ڇڏيو آهي....متان توهان اڳتي سکڻ کان ڪيٻايو. منهنجي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان جي اندر جيڪا جرئت ۽ همدردي آهي، ان کي واپس آڻڻ جي لاءِ، روزانو صبح جو ڪجهه وقت خاموشي سان گذاريو.ان دوران سج اڀرڻ کان اڳ ۾ توهان پنهنجي روح سان مُلاقات ڪيو ۽ جيڪو توهان جي اندر سڀ کان سچو ۽ سخت آهي، ان کي سلام پيش ڪيو. ان کان پوءِ ئي توهان پنهنجي اندر جي سڀ کان بهترين روشني کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ جي قابل هوندا. سول سيٽ Soul set اهو ياد ڪرڻ جي باري ۾ آهي ته توهان واقعي ئي ڇا آهيو. اوليا، صوفي ۽ درويش جيڪي تاريخ ۾ ٿي گذريا آهن، اهي سڀ پنهنجي اندر جي بٺيءَ کي ڀڙڪائڻ لاءِ صبح جو سوير اٿندا رهيا ۽ اهو سڀ اسان جي اندر ۾ به موجود رهيو آهي. عدم تحفظ جو احساس، وحشت، خود غرضي ۽ ناخوشي سڀ خوف جي پيداوار/ٻچا/اولاد آهن. اهي خوبيون توهان کي سيکاريون ويون آهن. اهي حقيقت ۾ توهان جون پيدائشي خوبيون ناهن. اسان پيدا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي روحاني قوت کان انڪار ڪرڻ شروع ڪندا آهيون ۽ هي بيڪار دنيا جيڪو ڪجهه اسان کان چاهيندي آهي، ان طرف سفر ڪندا آهيون. اسان پنهنجي ڀيٽ الائي ته ڪهڙن ڪهڙن شخصيتن سان ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيون ۽ جڏهن ته ان جي جاءِ تي اسان کي تخليق ڪرڻ، ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ دنيا کي دريافت ڪرڻ گهرجي. صبح جو سوير ان خاموش گهڙين ۾ جاڳندڙ انسان ، سڪون، خاموشي ۽ تنهائي جي عالم ۾ پنهنجي روحاني سوچ کي جلا بخشڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنهنجي ذات جي اميد واري اصلاح جي ذريعي، پنهنجي ڪردار ۾ خامين ۾ خامين جي بنا باقي واندڪائي واري وقت ۾ اميد ڀريل مراقبو ڪندا آهن ۽ زندگيءَ جي تيز رفتاري ۽ موت جي اداسي تي غور ۽ پنهنجي عملن جي گهرائي سان ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ته جيئن دنيا کي ان بهتر حالت ۾ ڇڏي سگهو. بلڪل ائين جيئن توهان جي پيدائش وقت حالت هئي. هي اُهي چند طريقا آهن، جن جي مدد سان توهان پنهنجي سول سيٽ (روحاني سوچ) کي سڀني کان مٿانهون ڪري سگهو ٿا“.
”۽ ها“، ارب پتيءَ هلڪي آواز ۾ پنهنجي دل جي گهرائي سان گڏ ڳالهه ڪندي پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”توهان ٻنهين جي اندر هڪڙو بهادر، پيار ڪرڻ وارو، انتهائي طاقتور سورمو ويٺل آهي. مون کي خبر آهي ته گهڻن ماڻهن لاءِ اها ڳالهه تمام بيوقوفياڻي هوندي. پر مان جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهيان، اهو بلڪل سچ آهي ۽ فتح جي ڪلاڪ جي دوران پنهنجي سول سيٽ (روحاني سوچ) سان گڏ پنهنجو ڪجهه وقت روزانو گذاري... توهان پنهنجي سڀني کان بهترين سوچ واري حصي ۽ ڏاهپ سان سٺو تعلق جوڙي سگهو ٿا. ان ڪري توهان پنهنجي بُکايل انا جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن جو الهه تلهه کائي چٽ ڪري ڇڏڻ جي بجاءِ، معاشري جي خدمت ۾ محو ٿي سگهو ٿا“.
”۽ توهان پنهنجي مائنڊ سيٽMind set، هارٽ سيٽHear set ، هيلٿ سيٽ Health set ۽ سول سيٽSoul set سان گڏ روزانو بهتر شعوري ڪوششن جي ڪري بهتر شروعات ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ ان جي ڪري اسان جي روزه مرهه جا معاملا اڃان به بهتر کان بهتري جي طرف ويندا. ائين ئي آهي نه“؟. عورت جو آواز اڀريو، جيڪا ان وقت هڪ صبح جي سيشن ۾ بيان ڪيل ڪاميابي جو ٽن مرحلن وارو فارمولا پڙهي رهي هُئي.
”ٺيڪ آ “، ارب پتيءَ ساراهه ڪئي. ”بلڪل صحيح“. هن سر لوڏيندي چيو.
”۽ ها، مهرباني ڪري انهن شين سان هميشه سچا رهو. جيڪو عظيم زندگي گذارڻ جي لاءِ، سڀ کان اهم آهي“. ارب پتيءَ گذارش ڪئي.
”انهن هلڪين شين جي ڄار ۾ نه ڦاسو، جيڪي انساني روح جي نڙي تي لت ڏيئي ۽ اسان جي بهترين پاڻ سان ڳانڍاپو ٽوڙي ڇڏين ٿا“.
هن پنهنجي کيسي مان هڪڙو ننڍڙو بٽون ڪڍيو ۽ اتان هڪڙي ڪاغذ جو ننڍڙو ٽڪڙو ڪڍي ان تي ٽالسٽاءِ Tolstoy جا لکيل لفظ پڙهڻ شروع ڪيا. جيڪڏهن توهان ايس يو وي SUV ۾ هجو ها ته توهان هن جي پروقار آواز ۾ هي الفاظ ٻڌو ها؛
هڪ خاموش ڪنڊائتي/ٻهراڙي واري زندگي جتي انهن ماڻهن جي مدد جو امڪان هجي، جيڪو ڪم جن لاءِ آساني سان ڪري سگهجي پر انهن سان چڱائي نه ٿي ڪئي وڃي، پر پوءِ وري اهڙو ڪم جنهن سان ڪو اميد جو ڪرڻو اڀري پوي، پوءِ آرام، فطرت، ڪتاب، موسيقي ۽ پاڙيوارن لاءِ محبت....هي آهي خوشيءَ لاءِ منهنجو خيال/خواب آهي.
اهي ٽيئي ساٿي هاڻي ان قدآور شخص جي گهر جي ٻاهر بيٺا هئا. هڪڙو چٻرو ليمي جي وڻ جي ٽار تي ويٺو هو. هن ارب پتيءَ کي ڏسي، عجيب آواز ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ارب پتيءَ چيو؛ ”تو سان ملي خوشي ٿي، گهر پهچندي پهچندي ايڏي دير ڇو ڪري ڇڏيئي؟“.

History Maker Focus # 4: Stacking
تاريخدانن جي نگاهه جو چوٿون مرڪز ؛
”ياد رکو، توهان جو هر قيمتي ڏينهن ، توهان جي قيمتي زندگيءَ جو هڪڙو نمائندو آهي“ ارب پتيءَ جواب ڏنو. ”توهان هرروز جيئن گذاريندا آهيو، اهڙي ئي توهان جي سڄي زندگي ٺهي وڃي ٿي. اسان سڀني جو پنهنجي مستقبل ۾ ايترو فوڪس ٿيل هوندو آهي جو اسان هڪڙي ڏينهن جي اهميت کي نظر انداز ڪري ويهندا آهيون. ان ڪري، اسان اڄ جيڪو ڪري رهيا آهيون، اهو اسان جو مستقبل تخليق ڪري پيو، ان جو مثال ان ٻيڙي جيان آهي.“. مسٽر رائليءَ هٿ سان سمونڊ تي ترندڙ ٻيڙي ڏي اشارو ڪندي چيو.
”ٻيڙي ۾ چپو هلائڻ ايڏو اهم ناهي، پر جيڪڏهن مستقبل مزاجي سان سفر جاري رکيو وڃي ته وڏا سفر طئي ٿي ويندا. اهو سفر ڪڏهن برازيل تي ختم ٿيندو آهي، يار وري ڪڏهن بهترين جاپان تي. توهان جيڪي ڪم ڪندا آهيو اهي وڏي ڪاميابي جي ضمانت ۽ انتهائي مقصد واري زندگي جو هڪ ڪرڻو آهي. پنهنجي سفر ۾ هي هڪڙي درستگي ڪري بهتري ڪيو. توهان چوويهه ڪلاڪن ۾ فقط هڪ سيڪڙو بهتري ۽ صحيح ڪيو، ته اها سوچ، ڏينهن ۾، ڏينهن وري هفتن ۾ ۽ وري هفتن کان مهينن ۾ ۽ مهينن کان سالن ۾ تبديل ٿي وڏي تبديلي آڻيندا. اسپيل بائنڊر روزاني جي ان شخصي ۽ پيشاوراڻي درستگي کي”مائڪرو-ونز“ Micro wins مطلب ته ننڍي ڪاميابي چون ٿا. پنهنجي روزاني جي صبح واري ڪاروباري مهارت کان وٺي ڪري، پنهنجي ذاتي تعلقات تائين، سڀ ڪجهه شامل ڪري سگهو ٿا. هي هڪ سيڪڙو جي بهتري توهان جي ٽيهه سيڪڙو جي بهتري آهي ... جي ٽيهه سيڪڙو ....پهرئين ئي مهيني ۾ ٽيهه سيڪڙو بهتري جو ذريعو ٿي سگهي ٿو. هن پروگرام کي ايندڙ هڪ سال تائين جاري رکو ته توهان جي هي بهتري وڌندي وڌندي، ٽي سو پنجهٺ سيڪڙو تائين هلي ويندي. ان سلسلي ۾ منهنجو اصل نڪتو اهو آهي ته پنهنجي عظيم ڏينهن جي تشڪيل لاءِ، توهان انتهائي توجهه سان ۽ پنهنجو ڌيان هڪڙي پاسي ۾ ئي ڌريو. توهان جي توجهه ان ڪم کان علاوه ٻي ڪنهن ڪم ڏانهن نه وڃي... ته توهان زندگيءَ ۾ ڪشادگي ۽ وسعت حاصل ڪري وٺندو“.
”روزانو ظاهر ۾ ننڍڙيون ۽ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ بهتريون، جڏهن لڳاتار ڪنهن محدود وقت لاءِ ڪيون وڃن ته، ان جا نتيجا حيرت ۾ وجهندڙ ٿيندا“، عورت هن کي ٻيهر چيو.
”جي“ ارب پتيءَ خوشيءَ مان چيو، هو پوءِ هيٺ جهڪيو ۽ پيرن جي آنڱوٺي تي هٿ رکيا ۽ وري پوءِ پاڻ سان هم ڪلام ٿيو. ”زندگي سُٺي آهي ۽ ان کان اڳ ۾ جو دير ٿي وڃي، مون کي هنن ٻنهي پيارن جي مدد ڪرڻي پوندي“.
”۽ هاڻي ڳالهايون ٿا اصلي فائدي تي“، ارب پتيءَ ڳالهه جاري رکي.
”انتهائي ڪم ڪار وارا ماڻهو ۽ سورما اهو بخوبي سمجهن ٿا ته توهان روزانو جيڪو ڪجهه ڪيو ٿا، اهو هڪ دفعو تمام گهڻو ڪرڻ سان (يعني وري وري ڪرڻ سان) تمام گهڻو اهم هوندو آهي. لڳاتار ڪنهن به ڪم کي ڪرڻ، اصل ۾ ان کي ڪاميابي ڏانهن وٺي وڃڻ جي برابر آهي ۽ جيڪڏهن توهان جا ارادا پڪا آهن ۽ توهان کي تاريخ ٺاهڻي آهي ته پوءِ، ان ۾ باقائدگي تمام ضروري آهي“.
ان گهڙيءَ عورت جي فون جي اسڪرين روشن ٿي ويئي ته هن جو ڌيان ارب پتيءَ کان هٽي ڪري فون ڏي هليو ويو. حيرت ۾ وجهندڙ لفظ جيڪي هن جي فون جي اسڪرين تي هن کي نظر آيا، اهي هن کي دلي صدمي رسائڻ لاءِ ڪافي هُئا ۽ هوءَ اهو پڙهي صفا ڏڪي ويئي.
”قاتل اچي رهيو آهي“
” بيبي ڇا ٿيو؟“، آرٽسٽ تجسس مان پڇيو. هن بي تڪلفي سان انهن ٻنهين جي وچ ۾ موجود تعلق جي ويجهڙائي جو انڪشاف ڪيو.
”ها ٻڌايو نه ڇا ٿيو“؟، ارب پتيءَ عورت جي چهري جا تاثر پڙهي حيران ٿيندي پڇيو.
” هي...هون.....مون.....کي..... هو صفا مُنجهي پيئي.
هو پنهنجن گوڏن تي، هيٺ گلن جي ٻوٽن تي ڪري پئي،جتي ايس يو وي اچي بيٺي هُئي ۽ پوءِ وري تڪڙي اٿي بيٺي.
”قتل جي هڪڙي ٻي ڌمڪي...هو مون کي ٻڌائن پيا ته ڪو ماڻهو مون کي قتل ڪرڻ هيڏانهن اچي رهيو آهي. سرمائيدار! وري مون کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. اهي مون تي ڪمپنيءَ کي ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن“. ڪاروباريءَ عورت چيو، جيڪا ان وقت انتهائي اعتماد ۽ دفاءَ واري انداز ۾ بيٺي هُئي“. مان نه ڇڏينديس. مون اها ڪمپني ٺاهي آهي. مان پنهنجي ٽيم لاءِ سڀ ڪجهه ڪنديس. اسان جو شيون انتهائي بهترين آهن ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۽ اڳتي وڌائڻ ۾ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، مان انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، هلو ڏسون ٿا، مان ڏسان ٿي انهن کي“.
”ان کي منهن ڏنو ويندو“، ارب پتي آهستي ڳالهايو ۽ جيڪا ڳالهه اڳ ۾ هلي رهي هُئي، ان کي اڳتي وڌائيندي چوڻ لڳو،” توهان جيڪو ڪجهه سکي رهيا آهيو ۽ فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبر جي حيثيت سان، توهان کي جيڪو خاص موقعو مليو آهي، ان تي مڪمل ڌيان ۽ حاضر دماغ رهو. هتي ماريشيس ۾ مون سان گڏجي مزا وٺو“، ارب پتي مسڪرائي ڏنو. ”۽ هڪ ليڊر، ڪم ڪار وارو ماڻهو ۽ انسان جي حيثيت ۾ پنهنجي فطري قوت جي ڏاهپ کي وڌائيندا رهو. مان توهان ٻنهين ۾ همت ڏسي تمام گهڻو خوش آهيان. توهان اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهادر، هلڪا ڦلڪا ۽ خوش نظر اچي رهيا آهيو. توهان سڌي رستي تي آهيو“.
”جيئن جيئن ڏينهن گذرندا وڃن ٿا، تئين تئين صبح جو سوير پنجين وڳي اٿڻ اڃان به سولو ٿيندو وڃي ٿو“، ڪاروباري عورت چيو، جيڪا پاڻ کي هينئر بهتر محسوس ڪري رهي هئي ۽ هن جو آواز به بهتر هو.
”توهان اسان سان جيڪي ڳالهيون ۽ اسان کي جيڪو ڪجهه سيکاري رهيا آهيو، اهو انتهائي اهم آهي، مون کي ته ان مان گهڻو فائدو ٿيو. مان ويهه ويهه ويهه 20x20x20 جو فارمولا سکڻ ۽ باريڪ بيني جي عادت وجهڻ لاءِ ڏاڍي بيتاب آهيان. ان ڪري مان اهو چڱي طرح ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته مون کي پنهنجي فتح واري ڪلاڪ ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. مان ڪنهن دور ۾ سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اونداهي ۾ سامونڊي ڪناري تي يوگا ۽ چهل قدمي ڪندي هيس. پر مون کي ان جي باري ۾ اڃان به مدد جي ضرورت آهي. مون کي خبرآهي ته توهان ائين ڪري سگهو ٿا. بلڪه توهان جي ٻڌايل فلسفي سان مون کي تمام گهڻي مدد ملي آهي“.
”ٺيڪ ۽ بهتر طريقي جي باري ۾ توهان کي تمام جلد خبر پئجي ويندي. في الحال مان توهان ٻنهين کي اهو ٻڌائي ڇڏيان ٿو ته مون توهان ٻنهين کي جيڪو فارمولو سيکاريو آهي، ان کي ڏينهن جي ترتيب واري بنياد The day stacking Foundation چئجي. فتح جي شروعات يقينن ابتدا کان ئي ٿئي ٿي. پنهنجي صبح جي ملڪيت ۽ پنهنجي ڏينهن جو معيار، گڏجي اڳتي وڌن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ زندگي تيزي سان اڳتي وڌندي بلندين ڏي وڃي ٿي. توهان تمام گهڻو توانا، ڪم ڪار وارا، پرُاعتماد، ماهر، خوش ۽ مطمئن ٿي ويندا... ڀلي کڻي توهان کي ڪيتريون ئي ڏکايون ڇو نه هجن...اسان ٽيئي گڏجي اهي حيرت ۾ وجهندڙ ڏينهن گذاري رهيا آهيون. مون کي هن موقعي تي جان ڪيٽس Keats جا خوبصورت لفظ ياد ٿا اچن ؛ ”مان خواهش آهي ته ڪاش!، ته مان پوپٽ هجان ها ۽ موسم/اونهاري جا فقط ٽي ڏينهن زنده هجان ها.... انهن ٽنهي ڏينهن ۾ مون کي اها خوشي ملي ها، جيڪو مون کي پنجاهه عام سال به نه ڏئي سگهن ها“. توهان جو ڇا خيال آهي“؟
“I almost wish we were butterflies and lived but three summer days –three such days with you I could fill with more delight than fifty common years could ever contain”.
”بلڪل“ آرٽسٽ پنهنجو آواز بلُند ڪيو، جيڪو ان وقت پنهنجي قميص جو بٽڻ هڻي رهيو هو. پوءِ هن پنهنجي پيٽ تي ٿپڪي هنئي ۽ پنهنجن جوتن جون ڪهيون ٻڌڻ لڳو.”بلڪل متفق“. Totally agree
”۽ ها، ڀائرو، سڀاڻي صبح جو پاڻ ڪيڏي مهل ملون“؟. ارب پتيءَ سوال ڪيو، جنهن جي اکين مان لڳي پيو ته هن کي خبر آهي ته جواب ڇا ملندو.
”صبح پنجين وڳي“. عورت ۽ آرٽسٽ جوشيلي انداز ۾ جواب ڏنو.