سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

Title Cover of book پرھہ جي پڪار

مهاڳ

ڪنهن به ڪتابي ترجمي جي باري ۾ روايتي خيال ان مخصوص ڪتاب جي لفظي ترجمي کي ئي تصور ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ترجمي جي اصل ڪاميابي صرف لفظن تائين محدود نه ٿي رهي، پر اصل ڪتاب جي صحيح اسلوب، مقصديت ۽ پيغام کي پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچائڻ سان ئي ڪنهن ترجمان جي ڏاهپ ۽ ان جي ڪيل محنت جي خبر پوي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته ترجمان کي ٻنهي زبانن تي ڀرپور عبور هجي ۽ هو لفظن ۽ استعارن جي ترجماني دوران ڪتاب جي اصل روح معنويت تي سمجهوتو ڪندي نظر نه اچي.
زير نظر ڪتاب The 5 AM Club جنهن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو محترم بلوچ صحبت علي جي زير ڪاوش پنهنجي تڪميل تي پهتو، ان کي جيئن جيئن مان پڙهندو ويس، ته مون کي ڪنهن به جاءِ تي اهو احساس ئي نه ٿيو ته مان ڪنهن ڪتاب جو ٿيل ترجمو پڙهي رهيو آهيان. بلوچ صحبت جي محبت ۽ مروت جو قائل ته اڳ ۾ ئي هيس، مگر هن ڪتاب ۾ هڪ فطري وهڪرو، خيالن ۽ لفظن جون گلڪاريون ۽ ننڍن ننڍن لفظن ۾ مهارتي سلاست سان زندگي جي وڏن سبقن کي جنهن طرح هڪ لڙي ۾ پويو ويو آهي، ائين لڳو جيئن بلوچ صاحب پنهنجي ئي فن ۽ ڏات کي پنهنجي شوق ۽ ذات سان هم آهنگ ڪري ڇڏيو هجي.
مان ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته اڄ ڪلهه جي معاشي، معاشرتي ۽ اخلاقي خلفشار جي هن دور ۾ جتي نوجوان نسل هڪ قسم جي وچڙاءَ ۽ ڪنفيوزن (complain) جو شڪار آهي، زير نظر ترجمو نوجوانن لاءِ ڪنهن ترياق کان گهٽ نه آهي. ڪتاب جو مرڪزي ڪردار اسپيلبائينڊر (spellbinder) پنهنجي نالي وانگر پوري ڪتاب ۽ ان جي مختلف مضامين دوران مسلسل هڪ گفت شنيد ۽ (Dialogue) جي ڪيفيت ۾ آهي ۽ اڄڪلهه جي دور جي مختلف مونجهارن، مشڪل ۽ بي ترتيبين کي هو هڪ تجربيڪار استاد وانگر سمجهائيندي نظر اچي ٿو. پوري ڪتاب ۾ صحبت صاحب هن ڪردار جو مسلسل ترجمان بڻيل آهي ۽ ان ڪردار جي نزاڪتن ۽ سلوڪن سان پوري طرح سان انصاف ڪندو نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۽ ڪتاب جي ترجمي جي هڪ وڏي خوبي اها آهي ته ڪنهن به مقام تي هي ڪتاب پاڻ کي (impose) نه ٿو ڪري، مگر پڙهندڙ کي پنهنجي اسلوب، انداز ۽ پيرائتي بيان جي ذريعي پاڻ ڏي متوجهه ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ پاڻ کي به ڪتاب جي ڪردار جي شڪل ۾ ئي تصور ڪري ٿو. ڪردارسازي هر (motivational narratives) جو بنيادي مقصد هوندوآهي ۽ ان حساب سان هن ڪتاب جو مصنف ۽ مترجم پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچن ٿا. هن ڪتاب جي سنڌي زبان ۾ ترجمي جي ضرورت ان لاءِ به هئي ته جيئن گهربل معاشرتي تبديلي لاءِ ڪردار سازي تي نظرون مرڪوز ڪيون وڃن. مثلا هڪ جاءِ تي مصنف (Spartan) جي زبان ۾ پنهنجي نوجوان فوجين کي هن جملي جي شڪل ۾ حوصله افزائي ڪري ٿو ته ”جيڪو تربيت جي دوران وڌيڪ پگهر وهائي ٿو، ته ان کي جنگ جي دوران گهٽ رت وهائڻو پوي ٿو“. ان کان علاوه مختلف تاريخي حوالن کي پنهنجي سمجهاڻين ۾ تمام خوبصورت ۽ مهارت سان سمويو ويو آهي، جنهن سان ڪتاب جي اصل موضوع کي ڄڻ چار چنڊ لڳي ويا هجن.
مان خاص طور تي محترم بلوچ صحبت علي صاحب کي هنن جي هن فني ۽ ادبي ڪاوشن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ دعاگو آهيان ته پاڻ ان ساڳي دلچسپي ۽ همت سان قلم ۽ ادب جي هن ميدان ۾ سينه سپر رهندا. مان ان سان گڏ اهو به چاهيندس ته پڙهندڙ، خاص ڪري اسان جا نوجوان بلوچ صحبت علي جي هن ڪوشش ۽ ڪاوش سان پوري طرح سان مستفيد ٿيندا ۽ هن ڪتاب ۽ ان جي ترجمي مان زندگي جي تاريڪ رستن تي اميد جا ڏيئا ٻارڻ جو فن سکي سگهندا. واسلام

امجد علي اعواڻ
اسلام آباد