سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

Title Cover of book پرھہ جي پڪار

جيئڻ جو ڏس ڏيندڙ ڪتاب

بلوچ صحبت ڀلوڙ شاعر۽ نثر نويس هجڻ سان گڏ هڪ بهترين مترجم پڻ آهي. هن پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي گڏ ڪري گڏ ٻين ٻولين جي ناليوارن ليکڪن ۽ سندن جڳ مشهورڪتابن کي سنڌي ٻولي جو ويس ڍڪايو آهي. بلوچ صحبت جو ڪيل ترجمواهڙو وڻندڙ۽ سولو آهي جو پڙهندڙ ليکڪ جي اصل تخليق جي رنگ ۾ رنڱجيو وڃي.
”فائيو اي ايم ڪلب“ جڳ مشهور ليکڪ روبن شرما جو شاندار ڪتاب آهي. صحبت هي ڪتاب اهڙي وقت ترجمو ڪيو آهي جڏهن سڄي دنيا تي ڪورونا جا ڪارا ڪڪر پکڙيل آهن. لاڪ ڊاؤن جي وانڌڪائي دوران هن ”فائيو اي ايم ڪلب“ ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻولي جي خزاني ۾ واڌارو ڪيو آهي.
روبن شرما جو هي ڪتاب جيئڻ جو ڏس ڏي ٿو. هن ڪتاب ۾ ٻاروتڻ، جواني ۽ پوڙهپڻي جي مختلف دورن جي منظرڪشي ڪيل آهي. هي ڪتاب پڙهندڙن کي اتساه ۽ ويساه ڏي ٿو۽ زندگي جي لاهن ۽ چاڙهن سان منهن ڏيڻ بابت سکيا ڏي ٿو.
هونئن به ماضي کي نه وساربو آهي خاص طور يادگار لمحا، پوءِ ڀلي اهي خوشگوارهجن يا دک دائڪ، انهن کي سامهون رکي هميشه پاڻ کي ماضي جي آئيني ۾ ڏسندو رهجي. روبن شرما جو هي ڪتاب پڻ اهڙو ئي آئينو ڏيکاري ٿو.

ڪوي شنڪر
ڪراچي