جوکائتو ڪم/خطرناڪ عادت
The dangerous Deed
جوکائتو ڪم/خطرناڪ عادت
بندوق تمام خطرناڪ هٿيار آهي. هاڻي ته ڦاهو به تمام پراڻو طريقو ٿي ويو آهي. ڇُري سان ڪارائي (wrist) تي جِهير ڏيڻ سان به ڪجهه نه ٿيندو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ شاندار زندگيءَ جو ڪيئن، آرام/سڪون سان، گهٽ کان گهٽ ۽ وڌ کان وڌ تڪليف جي بغير، خاتمو آڻجي.(خودڪشي ڪري)
صرف ڪجهه سال اڳ ۾حالتون حيرت جي حد تائين پراُميد هيون. هوءَ ڪاروباري عورت The entrepreneur پنهنجي صنعت جي هڪ واضح پروفيشنل، معاشري جي هڪ اثرائتي شخصيت/ ليڊر ۽ خدمتگار ۽ اعليٰ گڻن جي شخصيت واري عورت جي حيثيت سان سڃاتي وڃي پئي. هن جي عمر 30 سالن جي لڳ ڀڳ هُئي. ڪاليج جي زماني کان ئي ٽيڪنالاجي ڪمپني قائم ڪري چڪي هُئي ۽ مارڪيٽ ۾ تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهي هُئي. هن جي پروڊڪٽ کي هن جا گراهڪ تمام گهڻي اهميت ڏين پيا.
پر هاڻي جن ماڻهن هن جي ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي هُئي، اهي سڀ هن کي مجبور ڪري رهيا هُئا ته هوءَ سڀ ڪجهه ختم ڪري وڃي ڪا ٻي نوڪري ڪري، ڇاڪاڻ ته اهي هن سان ساڙ ڪندا هئا.
ان تمام غيرمعمولي واقعن جي ڪري، هن ڪاروباري عورت لاءِ برداشت ڪرڻ کان ٻاهر ٿيندو پئي ويو. هن جي ٿڌن ساهن جي پُٺيان، هڪ تمام شفيق ۽ پيار ڪندڙ دل لڪل هئي. هن محسوس ڪيو ته زندگي هن سان جيڪا راند ڪري رهي آهي، هو ان جي اهڙي رويي کي برداشت ڪري نه سگهندي، . پر هوءَ چاهي ٿي ته هن سان سٺو رويو اپنايو وڃي.
هن آخرڪار اهو سوچيو ته هُو نشي وارين گورين جي سڄي بوتل کائي پنهنجو انت آڻي ڇڏي ۽ ان معاملي کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي. هي خطرناڪ قدم هن جو رستو ئي صاف ڪري ڇڏيندو.” بس هي سڀ کائي ڇڏ، ته انهن سڀني مسئلن جو خاتمو ٿي ويندو“، هن فيصلو ڪيو ته هن کي هن عذاب مان نڪرڻو آهي.
پوءِ هوءَ صنوبر جي ڪاٺ مان ٺهيل نفيس ڊريسنگ ٽيبل ڏي وڌي، جيڪا هن جي بستر جي ڪنڊ کان رکيل هئي. جنهن تي رکيل ذاتي (پرنسل ڊيولپمينٽ) جي حوالي سان ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس جي ٽڪيٽ کي گهوري نهارڻ لڳي، جيڪا هن جي ماءُ هن کي ڏني هئي ته هوءَ ان ڪانفرنس ۾ وڃي شريڪ ٿئي. پر هي ڪاروباري عورت، خاص ڪري اهڙن پروگرامن ۾ شامل ٿيندڙ حاضرين تي ٽوڪ ڪندي کلندي هُئي ۽ انهن کي ”ٽٽي ويل پر“(broken winged) چوندي هُئي. هن جو چوڻ هو ته هي ماڻهو اهڙا مڪار (گرو) تلاش ڪندا آهن، جيڪي اهڙي قسم جي ڪوڙي دعويٰ ڪري اهو ٻڌائيندا آهن ته انهن جي ڪامياب زندگي آهي ۽ اهي جيڪو ڪجهه چاهن ٿا يا انهن جي ذهنن ۾ سوال اڀرن ٿا، انهن مڙني جا جواب هنن جي اندر ۾ ئي موجود هوندا آهن.(پر اصل ۾ ائين نه هوندو آهي).
شايد اهو لمحو هو يا وري اهائي ڪا گهڙي هئي، جڏهن هن پنهنجي ان خودڪشي ڪرڻ واري سوچ تي نظرثاني ڪئي. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. هن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته هوءَ هن سيمينار ۾ وڃي به يا نه ۽ اُتي متان ائين ٿي پوي جو هن جي زندگي بچي وڃي يا وري جهٽ پٽ واري موت جي ذريعي هوءَ اک ڇنڀ ۾ موجوده تڪيلفن کان پاڻ کي آجو ڪري.