سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

Title Cover of book پرھہ جي پڪار

پنجين وڳي جي ڪلب وارا ميمبر پنهنجين زندگين ۾ هيرو بڻجي وڃن ٿا

17

The 5 AM Club Members become Heroes of their lives
پنجين وڳي جي ڪلب وارا ميمبر پنهنجين زندگين ۾ هيرو بڻجي وڃن ٿا


“Live like a hero. That’s what the classics teach us. Be a main character. Otherwise what is life for?”
J.M. Coetzee

”هيرن جيان زندگي گذاريو. اهائي اصل شِيءَ آهي اسان کي ڪلاسڪ اهو ئي سيکاري ٿي. اهم تاريخي ڪردار بڻجي وڃو. نه ته اها زندگي ڪهڙي ڪم جي“. جي . ايم. ڪوئٽزي

ڪيپ ٽائون ڏکڻ آفريڪا ۾ هيلي پيڊ V & A جي واٽر فرنٽ تي واقع آهي. هي اها جڳهه آهي جتي سياح Cape Wheel تي سواري ڪن ٿا. ٻيڙي وارا سامونڊي مقابلن لاءِ، سامان جمع ڪن ٿا. مڇين جي شڪار ڪرڻ وارا جهاز بڪ ڪري سگهجن ٿا ۽ صبح جي ڪڙڪ ڪافي هتي ملي سگهندي آهي.
ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ارب پتي ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ پنهنجي وچ ۾ معاهدن تي پنهنجون صحيحون ڪري ڇڏيون هيون. پوءِ عورت چمڙي جي هڪڙي صوفي تي اٿي بيٺي ۽ پنهنجي چيڪ لسٽ تي ڪجهه پوائنٽس لکيون جيڪي هن جي ٽن اهم گراهڪن هن کي ڏنيون هيون. ان سان گڏ وري حفاظتي وضاحت به ڏني وئي جيڪا روبن آئي لينڊRobben Island تي هيلي ڪاپٽر تي وڃڻ کان اڳ ۾ لازمي هو.
روبن آئي لينڊRobben Island هڪڙو بنجر، ننڍو پر خطرناڪ جزيرو آهي جنهن جي ارد گرد شارڪ مڇيون موجود هونديون آهن. جيڪو ڪيپ ٽائون جي ڪناري کان گهڻو پري ڪونهن. نيلسن منڊيلا Nelson Mandela کي ان جي قيد جي پنجويهن سالن مان 18 سال ان جاءِ تي هڪڙي ننڍي جيل ۾ قيد رکيو ويو هو. ڪڏهن ڪڏهن ان عظيم سورمي تي حملا به ڪيا ويندا ها، هن کي ماري ڪٽي، ٽارچر ڪري وري ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويندو هو. ان غليظ ورتاءُ جي جاءِ تي، هو صبر ڪندو هو، ڇو ته هو اهڙي آزاد قوم کي پنهنجي اکين اڳيان ڏسي رهيو هو جتي سڀني انسانن جا حق برابر هوندا. مهاتما گانڌي جي باري ۾ هڪڙي ڀيري آئنسٽائن چيو هيو،” ايندڙ نسل شايد ئي ان ڳالهه تي اعتبار ڪري ته هن زمين تي گوشت ۽ رت جو ٺهيل هڪڙو انسان هلندو هيو.‘‘
Generations to come will scarce believe that a such a one as this ever in flesh and blood walked upon this Earth”.

اها ڳالهه منڊيلا لاءِ به ڪري سگهجي پئي.
”هن جزيري جو مختصر دورو منهنجي خوشي جو باعث آهي“. عورت هلڪي لهجي ۾ اظهار ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جا ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويندڙ حد تائين لحاظ ۽ شعور وارا ماڻهو رهياآهن.
ارب پتيءَ کي ويهن بالن واري ڪاري رنگ جي ٽوپي پاتل هئي، جنهن تي هي لکيل هيو” رهنمائي جو مطلب آهي ته توهان قابل اعتبار آهيو“ مطلب ته قيادت ڪرڻ فائديمند آهي.
”جڏهن توهان هيلي پيڊ مان نڪرو ته هن کي لاهي ڇڏجو، ڇوڪرا“، عورت ارب پتيءَ کي چيو. ان وقت هن جي اک ۾ شرارت ڀريل سونهري چمڪ هئي.
حفاظتي اپائن کان پوءِ ارب پتي، عورت ۽ آرٽسٽ عمارت مان ٻاهر نڪتا ته انهن جي سامهون وسيع فرش هيو، جتي موسمي اثرن جي ڪري پاروٿي پئجي ويل ڪاٺ جون ٻه ميزون رکيل هيون. جيتوڻيڪ ان وقت اس نڪتل هُئي، هوا تيز هئي، ان ڪري ارب پتيءَ پنهنجي ٽوپي لاهي ڇڏي.
”مون کي ڪجهه گهٻراهٽ محسوس ٿي رهي آهي“، ارب پتيءَ سوچيو. ”مان ڪڏهن به روبن آئلينڊ نه ويس. مون اتان جي غير انساني ۽ شيطاني نسلي ساڙ /متڀيد باري ۾ تمام گهڻو ڪجهه پڙهيو آهي، ته ڪو زمانو هو جو هت ظلم وغيره انساني رويي جي حڪومت هئي. هتي ماڻهن جي جسم جي رنگ جي حساب سان ورتاءُ ڪيو ويندو هو.
هڪڙو سنجيده قسم جو نوجوان، جنهن کي باراني ڪوٽ، خاڪي پتلون ۽ ٻيڙي هلائڻ وارا جوتا پاتل هئا، اهو هڪڙي پاسي کان نڪري آيو ۽ هن ارب پتي ۽ هن جي شاگردن کي گزارش ڪئي ته اهي هن جي پويان پويان هيلي پيڊ ڏي هلن. ان جاءِ تي فوجي سائي رنگ جو هڪڙو هيلي ڪاپٽر بيٺو هو. جنهن جا پر ڦري رهيا هئا. پائلٽ ڪنٽرول تي هيو، ۽ سامهون لڳل بٽڻن کي ڊائل ڪري صحيح ڪري رهيو هيو.
نوجوان ان ڳالهه مان مطئمن ٿي ويو ته ٽيئي مسافر صحيح نموني سان ويهي ويا آهن ۽ وزن به متوازن ٿي ويو آهي. ته هن هڪڙو مائڪرو فون ڪڍي ارب پتيءَ جي مٿي تي لڳائي ڇڏيو.
”صبح جو سلام“ ارب پتيءَ جوشيلي انداز ۾ هيلي ڪاپٽر جي پائلٽ کي ڀليڪار ڪيو.
مٿي تي هيلميٽ پاتل، اکين تي اُس جو چشمو چڙهيل هجڻ ڪري پائليٽ جو چهرو نظر نه پئي آيو. ان ارب پتيءَ جي ڳالهه تي ڪو به ڌيان نه ڏنو.
”دوست! اهو مزاج نا هي“،ارب پتي چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي. اهي ٽيئي ڪجهه سهميل سهميل هئا، پر ان سان گڏ وري خوش به هيا، ڇو جو اهي هڪ اهڙو تجربو ڪرڻ وڃي رهيا هئا، جيڪو زندگيءَ ۾ فقط هڪڙو ئي ڀيرو ٿيندو آهي.
هيلڪاپٽر مٿي ٿيڻ شروع ٿيو. پهريائن ته آهستي آهستي پر پوءِ وري تمام تيزيءَ سان.
”هي دورو سڀاڻي فقط پنجن منٽن جو هوندو. هوائون ۽ سامونڊي لهرون اڄ تمام گهڻيو ن تيز آهين“. پائلٽ ڳالهايو. هن جو لهجو سخت هيو.
ارب پتي، ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ خاموش رهيا. انهن روبن آئليڊ جا نظارا اکين سان ڏسڻ شروع ڪيا..... جيئن جئين اهي شخس هن جي ويجهو ٿيندا ويا، تيئن تيئن هي زمين وڌيڪ ڪشادي ۽ ان کان به وڌيڪ دهشتانڪ ٿيندي پئي وڃي.
جهاز هڪڙي هيلي پيڊ تي لهي ويو، جيڪو ننڍن ننڍن وڻن سان گهيريل هيو. جيئن ئي هو لٿو، ست هرڻSpringboks ٽپا ڏيئي/ٽاهه کائي اُتان ڀڄي ويا. جي ها، ست هرڻ، هڪڙي ئي وقت. انهي دوران بارش به شروع ٿي ويئي ۽ ٻيڻي انڊلٺ جهڙي ماريشيس ۾ ظاهر ٿي هئي، اها آسمان تي ڦهلجي ويئي.
”تمام زبردست“، آرٽسٽ پنهنجي گهرواري جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي چيو.
”اسان يقينن جادوئي دنيا ۾ داخل ٿي چڪا آهيون“، ارب پتيءَ معززاني لهجي ۾ چيو.
پائلٽ پاڻ کي ڪاڪ پٽ مان کوليو، ڪجهه بٽڻ دٻايا ۽ هيلي ڪاپٽر بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ٽيئي مسافر اسفالٽ جي ٺهيل جڳهه تي اٿي بيهي منظرن جو جائزو وٺڻ لڳا. اوچتو خبر ناهي ڪٿان هڪڙو ٽرڪ جنهن تي KSA جا لفظ لکيل هئا، تيزي سان اچي نڪتو. ان جي اچڻ جي ڪري ان جاءِ تي ڌوڙ ئي ڌوڙ ٿي ويئي.
”توهان کي هتي نه اچڻ گهربو هو“، ڊرائيور رڙ ڪري چيو، جيڪو سيڪورٽي گارڊ هيو. هو هيلي ڪاپٽر تائين پهچي ويو . هو اڃان تائين پنهنجي ٽرڪ ۾ هيو.
”سخت موسم جي ڪري روبن آئي لينڊ عام ماڻهن لاءِ بند آهي“، هن ڏاڍي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو. ”ٻيڙيون بند آهن، ننڍن بحري جهازن تي به بندش آهي ۽ هيلي ڪاپٽر کي به هتي اچڻ جي اجازت نه آهي. توهان کي ان جي باري ۾ خبر هئڻ گهرجي ها، توهان کي هتي نه اچڻ گهرجي ها“، آفيسررڙ لري چيو ۽ وڌيڪ پڇيو ته ،” توهان آهيو ڪير“؟.
گارڊ مڪمل طور تي پيشاوراڻي وقار سان بيٺو هو. تنهنجي باوجود هو ڪجهه پريشان نظر پڻ اچي رهيو هو. ان جي ذهن ۾ ٿورو هلڪو خوف اهو هيو ته ڪٿي هيلي ڪاپٽر وارن ان جاءِ تي حملي ڪرڻ جو منصوبو نه بڻايو هجي. هو سوچي رهيو هو ته ايندڙ ماڻهن جي نيت خطرناڪ نه هجي.
”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي“، پائلٽ اطمينان ۽ اعتماد سان چيو. هو هاڻي هيلي ڪاپٽر مان ٻاهر نڪري آيو هو. آهستي آهستي هلندي ٽرڪ ۾ ويٺل ماڻهوءَ ڏانهن هلڻ لڳو. هن پهريائن پنهنجي قميص صحيح ڪئي پوءِ پنهنجي مٿي تي پيل هيلميٽ کي ٺيڪ ڪيو. پائليٽ جوان نه هيو. هن جي چال مان ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي پيو.
”هي انهن لاءِ انتهائي خاص ڏينهن آهي“، پائلٽ چيو. هن جي آواز ۾ زور اچي ويو هو.
”هي ماڻهو تمام پري کان اهو جيل ڏسڻ آيا آهن، جتي نيلسن منڊيلا کي باندي بڻايو ويو هو. هي ماڻهو اها جاءِ ڏسڻ چاهن ٿا، جتي نيلسن منڊيلا کي چن جي پٿر کي ڪاٽڻ جو چيو ويو هو ۽ ڇتي اس ۾ هن کي لوڙايو پئي ويو ۽ اتان جي جبل سان منسلڪ ٿيندڙ ڇتي اس جي ڪري هن جي اکين جي روشنائي متاثر ٿي رهي هئي. هي ماڻهو اهو احاطو ڏسڻ چاهن ٿا، جتي سائنسدان ورزش ڪندا هيا ۽ پنهنجي ساٿي سائنسدان قيدين سان لڪل پيغام پهچائڻ لاءِ ٽينس بال اڇلائيندا هيا. هي ماڻهو اها جاءِ ڏسڻ جي خواهش رکن ٿا، جتي نيلسن منڊيلا پنهنجي آتم ڪٿا، The long walk to freedom لکيو هو ۽ پوءِ ان کي زمين ۾ کڏ کوٽي پوري ڇڏيو هو. نيلسن منڊيلا جنهن اڙنهن سال ڏکيا ۽ تڪليفن ۾ ڪاٽيا، هي ماڻهو ان جو ڪجهه مشاهدو ڪرڻ چاهن ٿا. انهن کي اها خبر هئڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ هن انسان سان ڪيترائي وحشياڻا ورتاءُ ڪيا ويا، پر جڏهن هو عظيم رهنما جيل مان آزاد ٿيو ته هن انهن سڀني ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيو“.
پائلٽ بيٺل ٽرڪ جي سامهون بيٺو هو. ”مون ٻڌو آهي ته هي ماڻهو به پنهنجي ڪاروباري ۽ ذاتي زندگي ۾ پاڻ کي هيرو بنائڻ چاهين ٿا. انهن جي خواهش آهي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگيءَ جا رهنما بڻجي وڃن ۽ بهتر انسانيت لاءِ رستا روشن ڪن. اڄ دنيا کي جيتري مخلص هيرن جي ضرورت آهي. ايتري ڪڏهن به نه هئي ۽ جڏهن به مان ڪنهن پليٽفارم تي ڳالهايان ٿو ته اهو ئي چوان ٿو ته ،” توهان جيڪو ڪجهه ٿيڻ چاهيو ٿا اهو پاڻ ٿيو ۽ ڪنهن ٻئي جو انتظار ڇو ڪرڻ گهرجي؟“.
Why wait for them when you have it in you to become one of them?
”ڇا توهان ان ڳالهه سان متفق نه ٿيندو، مسٽر اسٽون؟“، پائلٽ ارب پتيءَ ڏانهن منهن ڦيرائي چيو. اوچتو هن جو وات پٽجي ويو. پوءِ پائلٽ پنهنجو آهستي آهستي هيلميٽ لاهي ڇڏيو. ارب پتيءَ، عورت ۽ آرٽسٽ جيڪو ڏٺو، ان تي ٽيئي ڄڻا حيران ٿي ويا.
اهو اسپيل بائنڊر هيو .
ڪجهه ٻرندڙ قمقمن/روشنيءَ جي باوجود روبن آئيلنڊ جي جيل جا منظر وڌيڪ ڀيانڪ نظر پئي آيا، جيتوڻيڪ ڏينهن ۾ به دهشت، وحشت ۽ بي رحميءَ جو احساس ٿئي پيو/ وارو ماحول نظر پئي آيو.
ڏکڻ آفريڪا جي شاندار صبح جو هڪڙو اجنبي هٿ فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبرن جي رهنمائي ڪندي نظر اچي رهيو هو. ڪنهن سبب جي ڪري ارب پتيءَ ان کي جادو جو نالو ڏنو هو. ٽرڪ جو سيڪيورٽي گارڊ اسپيلبائنڊر جو وڏو مداح هيو. هو اسپيلبائنڊر جي ڪم کي ايڏو پسند ڪندو هيو جو پاڻ کي سڀني کان وڏو يا وري ان جي اوسي پاسي جو مداح سمجهندو هيو.
ان ڪري...ٿي سگهي ٿو، توهان يقين نه ڪيو...پر واقعي ئي اهو ٿيو ته ...ان جڳهه جي هائوس ڪيمپنگ جي سربراهه گارڊ کان سائي رنگ جو اشارو ملندي ئي ان بس کي جيڪا موسم جي خرابي جي ڪري نه هلائي وئي هئي، ٻاهر ڪڍي آيو ۽ جتي سياح بيٺا هئا، اُتي ڪاهي آيو، ان وڌيڪ هدايتن جي روشنيءَ ۾ نجي دوري لاءِ جيل به کولرائي ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه صرف ئي صرف ارب پتي، عورت، آرٽسٽ ۽ اسپيل بائينڊر لاءِ هيو.
هر زندگيءَ ۾، خاص ڪري وڏي مشڪل زندگيءَ ۾، امڪان جا دروازا ۽ رستا پاڻهي کلندا ويندا آهن ۽ ان مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿئي ٿي ته هر اهو تجربو جيڪو اسان ڪيون ٿا، ڪنهن نه ڪنهن دانش جو حصو هوندو آهي.... ۽ ها، اڪثر عقل ۽ سمجهه کان بالاتر به... ۽ اسان کي اسان جي عظيم قوتن، بهترين حالتن ۽ بهترين شين تائين وٺي ويندو آهي. اسان جي زندگي جي سفر ۾ اسان سان جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو اهو ايڏو ته منظوم ۽ ترتيب سان هوندوآ هي جو اسان کي اسان جي لڪل خوبين ۽ ٽيليٽ سان متعارف ڪرائيندو آهي ۽ اسان کي اسان جي اندر لڪل عاليشان هيرو سان ملائي ملاقات جو شرف بخشيندو آهي.
ٽور گائيڊ جيڪو پاڻ به هڪڙو اڳوڻو سياسي قيدي هيو، هڪڙو جانٺو، وڏي آواز وارو قدآوار مڙس هيو، جڏهن هو مهمانن کي جيل جي ان ڪمري ڏانهن وٺي وڃي رهيو هو، جتي ڪيئي سال نيلسن کي سخت مشقت واري قيد ۾ رکيو ويو هو، ته ان دوران هن جيڪو به سوال ڪيو، گائيڊ انهن سڀني سوالن جا جواب ڏنا.
”ڇا توهان نيلسن منڊيلا کي سڃاڻو ٿا“؟. اسپيل بائينڊر پڇيو.
”جي، مون روبن آئلينڊ ۾ هن جي اٺ سال خدمت ڪئي.“.
”هو هڪڙي فرد جي حيثيت سان ڪئين هو“؟ آرٽسٽ پڇيو، جنهن کي ڏسي ائين پئي لڳو ته جئين جئين هو ان وحشناڪ رستي مان پئي لنگهيو، ان تي نسلي تعصب جي ان دور ۾ ٿيندڙ ظلمن جي احساس جو بار وڌندو پئي ويو.
”اڙي يار“، گائيڊ، هلڪي مسڪراهٽ چپن تي آندي ، ”هو انتهائي قسم جو ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو“.
”۽ نيلسن منڊيلا هڪڙي رهنما ۽ ليڊر جي حيثيت سان؟“. عورت پڇيو.
”شاندار، پروقار، هن جنهن انداز سان پاڻ کي سنڀاليو ۽ سڀئي تڪليفون برداشت ڪيون، هو تمام گهڻو متاثر ڪندڙ هو. هو جڏهن به پنهنجي ماتحت ليڊر سان ملندو هو ته اڪثر هن احاطي ۾ هن جون ملاقاتون ٿينديون هيون“. گائيڊ هڪڙي وسيع احاطي ۾ قدم رکندي چيو، جتي سياسي قيدي چهل قدمي ڪري سگهن پيا، گفتگو ڪري سگهن پيا، منصوبابندي ڪري سگهن پيا ۽ اتي اٿي بيهي سگهن پيا. هو اڪثر ڪري چوندو هو،” هرڪو ڪنهن نه ڪنهن هڪ کي پڙهائي. Each one, teach one ” اهڙي ريت هو پاڻ کان هيٺين جي رهبري ڪندا رهندا هيا ۽ جيڪو ڪجهه روزانو سکندا هيا، اهو ٻين ماڻهن کي ورڇ ٿي ويندي هئي. مسٽر منڊيلا اهو سمجهندو هيو ته تعليم آزادي جو آخري رستو آهي“. Education is the ultimate highway into freedom
”ان ماڻهوءَ سان ڏاڍو خراب سلوڪ ڪيو ويو. هر وقت هن کان چن جي پٿر ٽوڙڻ جو ڪم ورتو ويندو هو، جيڪو چيلهه کي چٻي ڪري ڇڏڻ وارو ڪم هيو. ڪيڏي نه بي رحمي ۽ بي شرمي جهڙي ڳالهه آهي. ڪجهه سال اڳ ۾ هو جڏهن هتي آيو ته هتي هڪڙي قبر کي کوٽڻ جو حڪم ڪيوويو... ۽ پوءِ ان ۾ ليٽي پوڻ لاءِ چيو ويو“. ٽور گائيڊ ٻڌايو.
He was ordered to dig a grave in the prison yard and then toile in it.
”هن سوچيو هوندو ته هي هاڻي هن جي پڄاڻي آ“. ارب پتيءَ هلڪي آواز ۾ چيو.
”شايد“گائيڊ جواب ڏنو. ”پر....ڇا ٿيو جو محافظن پنهنجن پينٽن جون زنجيرون کوليون ۽ ان تي پيشاب ڪيائون“.
اسپيل بائيڊر، ارب پتيءَ، عورت ۽ آرٽسٽ سر جهڪائي ڇڏيا.
ارب پتي سوچڻ لڳو،” منهنجي خيال ۾، اسان سڀني جي اندر ۾ هڪڙو روبن آئلينڊ آهي، جيڪو اسان کي اسان جي ئي اندر ۾ قيد رکيو ٿو اچي“.
”جيئن جئين اسان زندگي گذاريندا آهيون، اسان جو تعلق آزمائشن، نا انصافين سان پوندو رهي ٿو. هتي جيڪو ڪجهه ٿيو، ان کان وڌيڪ خراب ڀلا ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو. مون نيلسن منڊيلا جي باري ۾ پڙهيو آهي، هن کي سڀني کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو هو ته جڏهن هن جي وڏي پٽ جو ڪار حادثي ۾ موت واقع ٿي ويو ته هن کي پٽ جي تدفين ۾ شامل ٿيڻ جي به اجازت نه ڏني وئي”. ارب پتيءَ بيان ڪيو، هن آسمان ڏانهن نهاريو،” منهنجي خيال ۾ اسان سڀني کي پنهنجا پنهنجا ڏک محسوس ٿيندا آهن ۽ ڪو به فرد ڏکين مرحلن ۽ حادثن جي بغير اڳتي نه ٿو وڌي سگهي“.
I read that Nelson Mandela said his greatest regret was not being allowed out of this prison to attend the funeral of his eldest son after he was killed in a car accident.
ٽور گائيڊ احاطي جي داخلي رستي جي ساڄي پاسي چوٿين دريءَ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيو ،” هي هيو نيلسن منڊيلا جو ڪمرو، اچو ته اندر هلون“.
هي ڪمرو تمام ننڍو هيو. ڪو به بسترو نه هيو، ڪاٺ جي هڪڙي ننڍي ميز هئي، جنهن تي ڪاغذ رکي قيدي ڪجهه لکي سگهن پيا. پر ڪا به ڪرسي نه هئي. ڪنڪريٽ جو فرش هيو ۽ هڪڙو ڀوري رنگ جو ان جو اُڻيل ڪنبل جنهن تي سائي ۽ ڳاڙهي رنگ جا پٽا ٺهيل هئا.
”قيد جي پهرئين سال ته نيلسن منڊيلا کي وڏي پتلون به پائڻ جي اجازت نه ڏني ويئي هئي. ڀلي کڻي هتي پارو ڇو نه پوندو هجي. هن کي فقط هڪڙو پهراڻ ۽ ننڍڙو پاجامو ڏنو ويو هو. جڏهن هو وهنجندو هو ته محافظ هن کي اگهاڙو ڏسندا هئا...۽ اها هن کي جهڪائڻ ۽ تڪليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ماني جو وقت ٿي ويندو هو ته هن کي اهڙي ماني آڻي ڏيندا هيا، جيڪا حيوانن جي به کائڻ جي قابل نه هوندي هئي. جڏهن هن کي پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن جا خط ايندا هئا ته اهي اڪثر ڪري هن کي نه ملندا هئا. يا وري اهي تمام گهڻو سينسر ڪيا ويندا هئا. اهو سڀ ڪجهه مسٽر منڊيلا جي روح کي رنجائڻ لاءِ ڪيو ويندو هو“. گائيڊ واضح ڪيو.
”مون کي ائين لڳي ٿو ته هن ڪال ڪوٺڙي جي تڪليفن، مشقتن ۽ ذلتن ئي هن کي ايترو مضبوط، طاقتور ۽ وڏو ماڻهو بڻايو هو. هن جيل هن جي سڃاڻپ ٺاهي. بي رحمي هن جي آزادي بڻجي ويئي. هو پنهنجي فطري قوت، انسانيت ۽ هيروازم جي ڀرپور ڪيفيت تائين رسائي جي قابل ٿيو. ان خودغرض، بي رحم ۽ انسانيت کان عاري ماڻهن هن سان جيڪو سلوڪ ڪيو، ان سموري حالتن دوران نيلسن منڊيلا پنهنجي سوچ کي بهتر ڪرڻ ۾ استعمال ڪيو. هن ظلم برداشت ڪري، ثابت قدم رهي اهو ثابت ڪيو ته ليڊرشپ، برداشت ۽ محبت ڇا ٿيندي آهي. ان جي نتيجي ۾ هو معافي جي علامت بڻجي ويا ۽ اهو امن جو نهايت ئي عمده مثال آهي“. اسپيلبائينڊ چيو.
”جي، بي شڪ“، ٽور گائيڊ جواب ڏنو. ”جڏهن مسٽر منڊيلا جي روبن آئلينڊ کان مڪمل آزادي ٿي ته هن کي پارل ۽ فرينشوڪ جي وچ ۾ ڊرينڪسٽائن ڪريڪشنل سينٽر منتقل ڪيو ويو. اهو واضح هو ته هن جي اڳين منزل ڏکڻ آفريڪا جي صدارت جو عهدو سنڀالڻو هو. جيتوڻيڪ هن جي باري ۾ اهو خيال ڪيو ويندو هو ته هڪڙو انتهائي غريب شخص هيڏي وڏي قوم جو ليڊر ٿي، ڪيئن ملڪ کي هلائيندو. پنهنجي اسيري جي آخري ڏينهن ۾ هن کي اتي شفٽ ڪيو ويو هو، جتي وارڊ رهندا هيا. جنهن ڏينهن هن کي آزاد ڪيو ويو، هو پنهنجي رهائشگاهه مان نڪتو ۽ گارڊ پوسٽ کان وٺي هو آخري گيٽ تائين پيدل هلندو آيو. جيل جي اهلڪارن هن کان پڇيو ته ڇا توهان کي هن سفر جي ڏانهن گاڏي ڏني وڃي، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سادگي سان وراڻيو ته،” نه!، مان هي سفر پنڌ ڪندس“ ،هو اهو سفر پنڌ طئي ڪندو، ان جاءِ تي پهتو هو. اهڙي ريت، هي انقلابي رهنما ۽ تاريخي شخصيت جنهن هڪڙو تاريخي مثال قائم ڪري، وڏي روايت قائم ڪيئي/هڪڙي وراثت ڇڏي ڏني. پنهنجي طويل جدوجهد تي مشتمل آزادي جي ذريعي ايندڙ نسلن لاءِ تحريڪ ۽ جدوجهد جو وڏو مثال بڻجي ويو“.
ٽور گائيڊ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پوءِ پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
”مسٽر منڊيلا کي هي ملڪ جنگ جي حالتن ۾ ڏنو ويو هو. پر هُن هِن ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي بجاءِ، پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪيو. مون کي هن جا اهي لفظ اڄ به چڱي طرح ياد آهن. جيڪي هن هڪڙي تقرير ۾ چيا هئا؛
”مون پنهنجي زندگي آفريڪي ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. مان انگريزن جي برتري جي خلاف وڙهيو آهيان. مان ڪارن جي تسلط جي خلاف وڙهيو آهيان. مون جهموري ۽ اهڙي آزاد معاشري کي خيالن ۾ رکيو آهي، جتي سڀني ماڻهن کي هڪجهڙا موقعا ملن ۽ گڏ زندگي گذارين. هتي اهو مثالي معاشرو هجي، جنهن جو مان تصور ڪيان ٿو. هتي رهڻ جي اميد ڪيان ٿو. پر.... جيڪڏهن ضرورت پئي ته ان لاءِ مان سر ڏيڻ لاءِ به تيار آهيان“.
During my lifetime I have dedicated myself to this struggle of the African people. I have fought against white domination, and I have fought against black domination. I have cherished the ideal of a democratic and free society in which all persons will live together in harmony and will equal opportunities. It is an ideal for which I hope to live for and to see realized. But….if it needs be, it is an ideal for which I am prepared to die.
مسٽر رائليءَ پنهنجي نڙي صاف ڪئي. هن ننڍڙي ڪمري کي جيڪو سيمينٽ سان ٺهيل هو، ان تي هن هڪڙي گهري نظر وڌي.
”مسٽر منڊيلا هڪڙو بهادر ۽ سچو هيرو هو“، گائيڊ ڳالهه پڪي ڪئي. ”هن جي رهائي/آزاديءَ کان پوءِ، هن هڪ اهڙي وڪيل کي پاڻ وٽ ماني جي دعوت تي گهرايو، جنهن هن لاءِ موت جي سزا جي گهر ڪئي هُئي.After his release he invited the prosecutor who demanded the death penalty for him to dinner. ڇا توهان کي يقين ايندو؟ نيلسن منڊيلا ڏکڻ آفريڪا جي صدر جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کڻڻ لاءِ هڪ اهڙي جيلر کي به گهرايو، جيڪو روبن آئي لينڊ ۾ هن جي پٺي تي چڙهي سوار ٿيو هيو“.
”واقعي“؟ عورت خاموشيءَ سان هن کان پڇيو., the
”ها، اها حقيقت آهي“ گائيڊ جواب ڏنو. ”هو هڪ سچو ليڊر هيو، دل سان معاف ڪرڻ وارو انسان“.
اسپيل بائينڊر پنهنجي آڱر مٿي ڪري اشارو ڪيو ۽ پوءِ چيو ته هو هڪڙي ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ چاهي ٿو.
”نيلسن منڊيلا لکيو آهي ته جڏهن مان دروازي کان هن گيٽ تائين آيس، جيڪو منهنجي آزاديءَ ڏانهن وڃي رهيو هو، جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته مان پنهنجون تلخيون ۽ نفرتون اُتي ڇڏي نه ويندس ته مان اڄ به جيل ۾ هجان ها“.
”هن اهو به چيو هو ته آزادي زنجيرن سان جڙيل ناهي، بلڪ اهڙي ريت جيئڻو آهي جو ماڻهو ٻين جي عزت ۽ آزاديءَ جو خيال رکي“.
He also said that to be free is not merely to cast off one’s chains, but to live in a way that respects and enhances the freedom of others.
گائيڊ پنهنجي ڳالهه ۾ اضافو ڪندي چيو ته،”ڪير به ان جي جسم جي رنگ يا ان رنگ جي پسمنظر يا وري ان جي مذهب جي بنياد تي نفرت ڪندي پيدا نه ٿيو. ماڻهن کي نفرت ڪرڻ سکڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏهن ماڻهو نفرت ڪرڻ سکي سگهن ٿا ته پوءِ ائين ئي وري انهن کي محبت ڪرڻ به سيکاري وڃي ٿي. جيتوڻيڪ محبت ڪرڻ خود انساني دل ۾ فطري طور موجود آهي، پر معاملو الٽو آهي“.
No one is born hating another person because of the color of his skin or his background or his religion. People must learn to hate, and if they can learn to hate, they can be taught to love, for love comes more naturally to the human heart than its opposite.
”مون پڙهيو آهي ته هو صبح جو پنجين وڳي اٿندو هو ۽ پنجيتاليهه منٽ ڊُڪندو هو ۽ پوءِ هو 200 ويهڪون ڪندو هو ۽ سو فنگر پش اپ لڳائيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو هو سدائين صحتمند رهيو“، ارب پتيءَ چيو.
”هون ن ن “، ٽُوئر گائيڊ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو. ” مسٽر منڊيلا جڏهن هن قيد خاني ۾ آيو ته هو هڪڙو ڪاوڙيل، گرم دماغ وارو نوجوان ڇوڪرو هو. اسان جنهن نيلسن منڊيلا سان بي انتها محبت ۽ عزت ڪندا آهيون، اهو منڊيلا ان جاءِ تان منڊيلا ٿيو ۽ هن کي هڪڙي سڃاڻپ ملي“.
”سڀني بهترين مردن ۽ عورتن ۾ هڪڙي شي ساڳي هئي“ اسپيلبائينڊر چيو.
”انتهائي تڪليفون، انهن سڀني ماڻهن پنهنجن تڪليفن کي پنهنجي عظمت ۾ بدلائي پاڻ کي ان سانچي ۾ سمائي ڇڏيو، ان ڪري اهي حالتن کي پنهنجن زخمن جي ٽڪور ڪرڻ جي ِ لائق ٿيا“.
پوءِ اسپيلبائينڊر پنهنجي جيڪٽ مان هڪڙو لرننگ ماڊل ڪڍيو، جيڪو سڀ کان آخري خاڪو هيو ۽ ٻنهي شاگردن کي ڏيکاريو. ان جو عنوان هيو. The heroic human circle جنهن کي اسان سنڌي ۾ انسان جي سورمائي جو دائرو چئ سگهون ٿا. هي خاڪو ڪجهه هن ريت نظر اچي رهيو هو.


انساني سورمائي جو دائرو
”هي اهي نيڪ ڪم آهن جيڪي اسان سڀني کي متاثر ڪن ٿا، اسان کي غيرمعمولي تبديلي جا حامل بڻائن ٿا ۽ معاشري ۾ ٻين کي فائدي پهچائڻ لاءِ سورمن ۾ سمائي ڇڏين ٿا“، اسپيلبائينڊر چيو. اڄ صبح کان هن جي آواز ۾ طاقت، جنبش ۽ جوش سمايل هو.
”ليڊرشپ هرماڻهو لاءِ آهي. اسان مان هرماڻهو جي اها خواهش هوندي آهي ته هو چاهي ڪٿي به رهندو هجي، ڪجهه به ڪندو هجي، هن سان ماضيءَ ۾ ڪجهه به ٿيو هجي ۽ هاڻي هو ڪو به تجربو ڪري رهيو آهي، هن کي پنهنجي اندر جي شڪن جي هٿڪڙين، نفرت جي زنجيرن، بي رحمي وارن ڏنڊا ٻيڙين ۽ سطحي زندگيءَ جي قيد کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي ۽ اسان کي پٺتي پيل جبلت کي اونداهي قوتن جي غلامي واري جيل ۾ بند ڪري ڇڏڻ گهرجي. اسان مان هرهڪ کي صبح جوسوير پنجين وڳي اٿڻ گهرجي ۽ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي ڏاهپ کي نکاري نروار ڪرڻ، پنهنجي ٽيلينٽ کي وڌائڻ، پنهنجي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۽ پنهنجي روح کي جوان رکڻ لاءِ ممڪن ٿي سگهي ٿو. اسان سڀني کي پنهنجي دنيا جي چوڌاري اهو ڪرڻ گهرجي“.
اسپيلبائينڊر ڳالهائيندي ڳالهائيندي روئڻ شروع ڪري ڏنو. ”اسان سڀني کي پنهنجن ذاتي ذهني جيلن مان آزاد ٿيڻ گهرجي. جنهن جي ڪري اسان پنهنجي روشني کي قيد ڪري ٿا ڇڏيون ۽ پنهنجي اشرافيت کي جڪڙي ٿا ڇڏيون. ياد رکو، اسان جون فطري خوبيون ۽ ٽيلينٽ جيڪڏهن نظر انداز ڪيا ويا ته اسان لاءِ نحوست ۽ پڇتاوا بڻجي اسان جي روح کي ڇيهو رسائيندا.
اسپيلبائينڊر ڏڪي پيو.
”اهو توهان جو وقت آهي“، هن ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي چيو.
سورمائي دائري جو خاڪو ڪمري ۾ موجود دريءَ جي شيخن سان گڏ ننڍي ميز تي پڻ سجائي ميز تي وڇائي ڇڏيو هو ۽ اڄ هن خاص ڏينهن تي سڀني جي توجهه ان ڪمري ۾ موجود خاڪي تي هئي.
اسپيل بائينڊر ارب پتي، عورت، آرٽسٽ ۽ ٽوئر گائيڊ کي چيو، ته اهي هن خاڪي جي چوڌاري ميڙ ڪري بيهي رهن ۽ هڪٻئي جو هٿ پڪڙين.
”ان کان هٽي ڪري ته اسان پنهنجي زندگي ۾ ڪهڙي تڪليف سهندا آهيون ۽ اسان جي رستي ۾ ڪهڙيون مصيبتون اينديون آهن. ان کي ڇڏي ڪري ته اسان تي ڪهڙا حملا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن بي رحمي ۽ تشدد سان اسان جو واسطو پوي ٿو. اسان کي اڳتي قدم وڌائڻ گهرجي، اسان کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي. اسان کي مضبوط رهڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي فطرت مطابق جيئڻ گهرجي ۽ اسان کي پنهنجي ذاتي سوچ کي گهڻي کان گهڻو مضبوط ڪرڻ گهرجي. ڀلي کڻي اسان کي پوءِ ائين لڳي ته سڄي دنيا اسان جي مخالف آهيEven if it feels the whole world is against us. هي اها شي آهي جيڪا اسان کي اصل ۾ انسان بڻائي ٿي.This is truly what makes us human beings. جيتوڻيڪ ڀلي کڻي ائين به لڳي ته روشني ڪڏهن اونداهين کي جهيڻو نه ڪندي آهي، تڏهن به آزادي ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائجي،Even if it seems the light will never transcend the darkness, keep making your walk to freedom. توهان ٿورو ان ڳالهه تي غور ڪيو ته اسان لاءِ سڀني کان سٺي شي ڪهڙي آهي. اهو توهان جو اخلاقي فرض آهي ته توهان ڪوشش ڪري ماڻهن جا خيرخواهه بڻجو. سچي محبت جو اظهار ڪيو، هر هڪ کي عزت ڏيو“.
”هاڻي توهان جو وقت اچي ويو آهي“، اسپيلبائينڊر پنهنجو هڪڙو هٿ آرٽسٽ جي هٿ مٿان رکندي چيو. جڏهن ته ٻيو هٿ وري عورت جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو. هن جي چهري تي هڪڙي خاموش مسڪراهٽ ڦهلجي ويئي. هو مطئمن ۽ پرسڪون نظر اچي رهيو هو.
”ڇا جو وقت“، آرٽسٽ حيرت مان پڇيو.
”پنهنجي زيارت جي شروعات ڪرڻ جو وقت“ جواب سادو هيو.
”ڪٿان جي زيارت؟ ڪهڙي زيارت؟“ عورت جي چهري تي پريشاني جا آثار نظر اچڻ لڳا.
”هن سرزمين جي زيارت جنهن کي ”ميراث“ چون ٿا.“ اسپيل بائينڊر واضح ڪيو.
”هن جڳهه جا تمام گهڻا ماڻهو سياح آهن. پنهنجي قيمتي صبح جي چند منٽن مان ڪجهه گهڙيون ڪڍو. توهان جو هي خاڪي جسم، جنهن جي باري ۾ اڪثر ماڻهن جي اها راءِ هوندي آهي ته جڏهن به ماڻهو مري ويو ته هن جو جسم اتي ئي رهندو. ان کان اڳ ۾ جو اهي ماڻهو ذهني طور تي ٻي ڳالهه سوچين۽ ان راءِ کان منتشر ٿي وڃن، اهي پنهنجي ڪارڪردگي جي معيار، پنهنجي شائستگي جي سطح ۽ پنهنجي اثر جي گهرائي تي توجهه ڏين. ان کان اڳ ۾ جو اهي پنهنجي ڏينهن جي ڪمن ۾ ٻيهر مصروف ٿي وڃن. اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجي مصروف وقت مان ٿورو وقت ڪڍي، وقفو ڪري غور ڪندا آهن ته انهن ڪيڏي نه خوبصورت زندگي گذاري آهي ۽ زندگي جا هي پل جنهن ۾ جيئرا آهن، اهي لمحا جيون گهارڻ ۾ ڪيتري گهڻي مدد ڪندا رهيا آهن. اهي ئي هن ڌرتي جا سچا سياح آهن“.
مسٽر رائليءَ پنهنجي استاد جا اهي لفظ ٻڌي پنهنجون ٻانهون مٿي ڪيون. ”مان پنهنجي زندگي سان پيار ڪيان ٿو، مان ان کان به وڌيڪ سٺو ليڊر ٿيندس“، هن چپن ئي چپن ۾ مسڪرايو.
I love my life. I will become an even better leader.
”انسانيت جي ممتاز سورمي”ميراث“ نالي هن رياست جا تا حيات رهاڪو ۽ شهري هيا. هي ان جي اباڻي رهائش گاهه هئي ۽ هي اها ئي شي آهي. جنهن هن کي ان جي لائق بڻايو. ان جو سڀ کان وڏو مشن اهو هيو ته هو پنهنجي زندگي ۾ پاڻ کان وڏي مقصد لاءِ جيئن. ان ڪري اهي جڏهن هن دنيا مان هليا ويا ته ان مهل هي دنيا اوندهه نه پر به ان کان به وڌيڪ روشن هئي. جيڪا هن شاندار نموني سان گذاري هئي“.
”اسان سڀني جي هڪڙي تاريخ اختتام (ايڪسپائري ڊيٽ) آهي“. ارب پتيءَ اضافو ڪيو. ”اسان مان ڪنهن کي به اها خبر ناهي ته اسان جي ڪيتري حياتي آهي“.
”بلڪل صحيح“، عورت اتفاق ڪيو.
اسپيلبائينڊر پنهنجي ڳالهه جاري رکي” اڄ ۽ خاص هن لمحي جو اهو حق آهي ته توهان پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ تخليقي، انتهائي ڪارگذار ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي خدمت لاءِ تيار ڪري ڇڏيو. مهرباني ڪري پنهنجي مهارت جي ڪمال کي معطل ڪرڻ نه ڏيو. پنهنجي فطري قوت ۽ طاقت جي خلاف هاڻي مزاحمت نه ڏيکاريو. پنهنجي خوف، استرداد ،شڪ، مايوسين جي ذريعي پنهنجي ذات جي روشني کي وسامڻ نه ڇڏيو. هي توهان جو وقت آهي ۽ توهان جو ڏينهن آهي... ته توهان پنهنجي اصلي انداز سان ٽپو ڏيو ۽ اهڙا بهترين رهنما بڻجي وڃو، جيڪو هن کان اڳ ۾ ڪڏهن به وجود ۾ نه آيو هجي. سچن ماهرن ۽ مستند هيرن جي دنيا ۾ داخل ٿيو جيڪي تهذيب جي سموري ترقيءَ جا زميوار آهن“.
اهي پنجئي هاڻي هڪڙي دائري ۾ بيٺا هيا.
”رهنمائي ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته توهان جنهن انداز سان کٽي آيا آهيو، ان جي ذريعي ٻين کي متاثر ڪيو. رهنمائي اها ڪرڻي آهي ته توهان پنهنجن ڏکين ڏينهن ۾ باهه ۾ لنگهندي معافي جي دنيا ۾ قدم رکو. رهنمائي اها آهي ته پنهنجي زندگي جي ڪنهن به قسم جي ننڍي/گهٽ سوچ کي خارج ڪري ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي عظيم بڻجڻ واري واٽ تي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏيو. قائداڻي ڪردار جو مطلب آهي ته پنهنجي اندر جي خوف ۽ دهشت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سموري مايوسي کي هيرو بنائڻ جي ڪوشش ۾ منتقل ڪيو ۽ سڀني کان وڌي ڪري رهنمائي اها ڪرڻي آهي ته توهان هن ننڍڙي سياري تي چڱائي جي نشاني بڻجي وڃو. اڄ، توهان کي پنهنجي زندگي جي معيار کي وڌائڻ تي لبيڪ چوڻو پوندو ۽ پوءِ ان جي مطابق ئي پنهنجي سموري زندگي گذاريو“.
”يا وري گهٽ ۾ گهٽ سڀاڻي کان شروع ڪري ڇڏجو“. ارب پتيءَ مسڪرائيندي چيو.
”صبح جو پجين وڳي کان شروعات ڪري“، سڀني هڪڙي ئي آواز ۾ چيو. ” پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگيءَ کي بلند ڪيو“!