عظيم انسان بڻجڻ لاءِ روز مرهه جو فلسفو
A daily philosophy On becoming legendary
عظيم انسان بڻجڻ لاءِ روز مرهه جو فلسفو
Do not allow your fire to go out, spark by irreplaceable spark in the hopeless swamps of the not quite, the not yet, and the not at all. Do not let the hero in your soul perish in lonely frustration for the life you deserved and have never been able to reach. The world you desire can be won. It exists. It is real. It is possible. It is yours” . Ayn Rand
پنهنجي اندر جي باهه کي وسامڻ نه ڏيو! شعلو بڻجي چمڪو اُن نااميدي واري دلدل ۾، جنهن جو وجود ڪونهي، جيڪا بلڪل نه آهي، جنهن جو ڪو به نعم البدل ناهي. پنهنجي خالي فرسٽيشن جي ڪري پنهنجي اندر جي هيرو کي ان زندگيءَ ۾ ختم نه ڪيو، جنهن زندگيءَ جا توهان مستحق آهيو. جنهن دنيا جي توهان تمنا ڪيو ٿا ۽ اتي توهان ڪڏهن به پهچي نه سگهيا هجو. توهان جنهن دنيا جي خواهش ڪيو ٿا، اها توهان ماڻي سگهو ٿا. ان جو وجود آهي. اها حقيقي آهي. اها ممڪن آهي. اها توهان جي آهي. ايني ريڊ
هو هڪ بهترين مقرر هيو، ڄڻ ته لفظن جو ڪو جادوگر هجي. ۽ هاڻي، 80 سالن جي ڄمار ۾، پنهنجي شاندار ڪيريئر جي پڄاڻيءَ تي بيٺل هيو. هن جي شهرت سڄي دنيا ۾ ڇانيل هُئي. هو تحريڪ ۽ ترغيب جو باڪمال ماهر ۽ ليڊرشپ جو ابو سمجهيو ويندو هو. ماڻهو هن کي مخلص سياستدان سمجهندا هُئا، جيڪو هرروز ماڻهن جي زندگين ۾ اتساهه بخشي، انهن ۾ نوان جذبا، جوش، جنون جو رنگ لڳائي، انهن کي غيرمعمولي بڻائي رهيو هو.
هڪ اهڙي معاشري ۾ جتي عدم استحڪام، غير يقيني واري حالت، عدم تحفظ چارسو ڦهليل هجي. اُتي اسپيلبائنڊر (Spellbinder) کي ٻڌڻ لاءِ، ان جي سيمينارن ۾ تمام گهڻي رش هوندي هئي ۽ اسٽيڊيم ماڻهن جي انبوهه سان ڀريل هوندا هُئا. هن جي محفلن ۾ نه فقط تخليقي(creativity)، بهترين پيداوار (productivity) ۽ خوشحالي (prosperity) جي ڳالهه ٿيندي هُئي. بلڪ ان ۾ نهايت ئي پيار سان انسانيت جي جذبي کي پڻ هٿي ڏني ويندي هئي. ته جيئن، ماڻهن ۾ اعتماد جي هوا اڃان به تيز گهلڻ سان گڏ محسوس به ٿئي ۽ انهن کي اهو محسوس به ٿئي ته انهن پنهنجي پٺيان شاندار ورثو ڇڏيو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پنهنجا نشان واضح ڇڏيا ۽ پوءِ اهو نسل ان جي پوئواري ڪندو.
هن شخص جو ڪم نج هيو. هن ۾ ڪا اهڙي شاندار بصيرت هئي، جيڪا جنگجوئن، بهادرن، جوڌن ۽ جوانن کي ان خيال سان مضبوط ڪري انهن ۾ روح ڦوڪي ٿي ڇڏيو.هن پنهنجن حوالن ۾ انهن عظيم ڏاهن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪري اهڙن روحاني شاعرن جو مان وڌائي انهن جي دل سان عزت ڪئي. هي اهي تخليقار هيا جيڪي ماڻهن جي دلين ۾ راڄ ڪندا هيا. هن جي پيغامن مان عام ماڻهن کي اهو تاثر ملي پيو ته ڪاروبار جي وڏي منزل تي پهچڻ لاءِ ڪيئن ڪاميابي ماڻجي. اسان جا ماڻهو هن جون ڳالهيون ٻڌي اهو بانور ڪرائن پيا ته اسان جي زندگي جادو جيان پل جهپ ۾ گذري ٿي. جيڪا شاهاڻي انداز گذاري اسان پنهنجو وقت پورو ڪيون ٿا. ان لاءِ اهو ضروري هيو ته اسان پاڻ عقل کان ڪم وٺون ۽ جيترو جلد ٿي سگهي حقيقتن کي سمجهي، اصليت ڏانهن واپس ورون ته جيئن سرد جنگ ۽ گرم جنگ جي دورن کان پوءِ جنهن ڏيکاءَ واري ٽيڪنالاجي سان پنهنجي منتشر خيالن واري زندگيءَ ۾ ڦاٿل ڄار کان پاڻ کي آجا ڪري سگهون. ان کان اڳ ۾ جهڙي ريت فطري طور طريقن سان زندگي گذاري پئي وڃي، ٻيهر ان ئي زندگي ڏي واپس اچون“.
جيتوڻيڪ اسپيلبائنڊر قداور شخصيت جو مالڪ هو. هن جي وڏي عمر هن کي جهڪائي ٿورو ڪٻڙو ڪري وڌو هو. سيمينار دوران جڏهن هو اسٽيج تي هلندو هو ته آهستي آهستي قدم کڻي پُروقار نموني سان زمين تي رکندو هو. سرمئي رنگ جي ويس ۾ ۽ ان تي وري سفيد رنگ جون پٽيون تمام شاندار ڏيک ڏين پيون. جڏهن ته وري نيري رنگ جي چشمي هن جي خوبصورت شخصيت ۾ اڃان به اضافو ڪري ڇڏيو هو.
اسپيلبائنڊر هزارن جي تعداد ۾ موجود ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته، ”زندگي ايڏي مختصر آهي/ننڍي آهي/ ٿوري آهي جو توهان جو عقل ان سان راند نه ٿو ڪري سگهي“. توهان جي اها زميواري به آهي ۽ سمورا موقعا به اوهان وٽ موجود آهن ته توهان هن زندگيءَ ۾ غيرمعمولي(Legendary) ٿي وڃو. توهان کي هن ننڍڙي معمولي سياري /گرهه تي بهترين مهارت سان ڪم ڪرڻ ۽ چڱائي جي بهترين نمونو پيش ڪرڻ لاءِ تخليق ڪيو ويو آهي.
توهان جي اندر ۾ اهڙي قوت سمايل آهي جيڪا پنهنجي اصلي عظمت جي ذريعي هڪ اهڙي معاشري کي، جيڪو بد تهذيب ٿي چڪو آهي، ان کي مهذب بڻائي سگهي ٿي. اهڙي معاشري ۾ جتي ماڻهو عمده جوتا ۽ مهانگيون شيون خريد ڪن ٿا ۽ پنهنجي منهن سان پاڻ تمام وڏي سيڙپڪاري ڪن ٿا پر اهي مشڪل سان پاڻ تي خرچ ڪن ٿا.
توهان جي ذاتي ليڊرشپ کي ”ڪنهن به شي“جي ضرورت نه آهي. ان جي ضرروتن جي پورائي ڪرڻ لاءِ، توهان کي سائبرزومباءِ * (cyber-zombie) ٿيڻ کي ترڪ ڪرڻو پوندو. جنهن کي مسلسل ڊجيٽل اوزار پاڻ ڏانهن ڇڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي جديد دور سان ٻيهر جوڙيو/ٺاهيو. اخلاقي مجسما بڻجي ماڻهن جون دليون فتح ڪري ڏيکاريو ۽ خود غرضي کي صفا ترڪ ڪري ڇڏي ڏيو. انهن براين جي ڪري ئي سُٺا ماڻهو توهان کان پري رهن ٿا. دنيا جا سڀ عظيم مرد ۽ عورتون ”ڏيڻ وارا“ هئا، نه ڪي ”وٺڻ وارا“. عام وهم/ڌوڪي کي ذهن مان ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ اهو سوچڻ بند ڪري ڇڏيو ته ”اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿين ٿا، جيڪي گهڻي دولت وارا آهن“. نه ائين بلڪل ڪونهي. ان منفي سوچ جي بدران اهڙو ڪم ڪيو جيڪو مثالي بڻجي وڃي. جيڪو توهان جي معشيت کي اصلي معيار ۽ ان جي توسط سان ملڻ واري مدد کي هيٺان کان مٿي ڪري. جڏهن توهان اهي ڪم ڪندا، ته ان لمحي منهنجي صلاح اٿو ته توهان ان سان گڏ هڪ اهڙي نجي زندگي به تخليق ڪيو ٿا، جيڪا اخلاق ۾ ايتري ته جاندار ۽ بلند هجي ٿي ۽ شاندار سونهن سان امير هجي ٿي ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ نه ٿي جهڪائي ۽ اها ئي ڳالهه توهان جي اندروني سڪون جي تحفظ لاءِ اڳيان اچي ٿي. منهنجا دوستو! اهڙي ريت ئي توهان کي فرشتن سان ملائي سگهجي ٿو ۽ خدائن جي ويجهي رهي سگهو ٿا.
اسپيلبائنڊر ٿورو بيٺو. جبل جيڏو وڏو ساهه ڇڪي ڪڍيو. جڏهن ساهه کي ٻاهران ڇڪيو ته هن آواز به وڏو نڪتو. هن جو ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو ۽ هن سيٽيون لڳڻ وارو(whooshing ) آواز ڪڍيو، جيئن ئي هن ساهه مٿي کنيو. هن دوران هو پنهنجن ڪارن اسٽالش جوتن کي تڪي ڏٺو. جيڪي ڪنهن فوجي افسر جي بوٽن وانگي چمڪايا ويا هُئا.
جيڪي ماڻهو هن جي ويجهو ويٺا هُئا، انهن ڏٺو ته هن جي اک مان ڳوڙهو نڪتو ۽ هن جي ڳل تان ڳڙي ڪِري پيو.
اهي ماڻهو جيڪي اڳين صف ۾ بيٺل هيا، انهن هڪڙو ڳوڙهو هن جي ختم ٿيل چهري تان، جيڪو ڪنهن دور ۾ ڏاڍو سهڻو هيو، وهندي/ڪرندي ڏٺو.
هو مسقتل هيٺ گهوري رهيو هو، هن جي خاموشي طوفاني هُئي. ائين پيو لڳي ته اسپيلبائينڊر بيچين هجي.
تمام وڏي تڪليفده لمحن /گهڙين ۾، جڏهن ماڻهو پنهنجين جاين تي منتقل ٿيا هئا، هن پنهنجو مائڪرو فون هيٺ رکيو، جيڪو هن جي کاٻي هٿ ۾ هيو. پنهنجي ٻي هٿ سان هن پنهنجي ٽرائوزر واري کيسي ۾ هٿ وجهي ويڙهيل لينن جو رومال ڪڍيو، هن پنهنجا ڳل اگهيا.
ان مائڪروفون کي صاف ڪري چوڻ لڳو،” توهان مان هر ڪنهن جي زندگيءَ سان ملاقات ٿيندي آهي. توهان مان هر ڪو پنهنجي اندر رُوح ۾ مثالي جبلت کڻي هلندو آهي. هن ڪمري ۾ موجود ڪنهن به فرد کي پاڻ کي ايوريج ۾ ڄمائي محدود ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. يا وري معاشرتي سطحي روين سان گڏ اجتمائي غير پيشاوراڻي ڪاروبار جو شڪار ٿيڻ پسند نه ڪندو. ”محدوديت“ سواءِ هڪ ذهني ڪيفيت جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. جنهن جي مشق ڪيترائي سٺُا ماڻهو ايسيتائين روزاني ڪن ٿا جيسيتائين اهي حقيقت سمجهڻ شروع نه ٿا ڪن. اها ڳالهه منهنجي دل ٽوڙي ڇڏي ٿي ته ڪيترائي ماڻهو جيڪي تمام وڏي صلاحيت وارا ۽ وڏي اهليت ۽ قابليت رکن ٿا، خبر ناهي ڇو اهي ان ڳالهه ۾ ڦاسي پون ٿا ته اهي پيشاوراڻا ۽ ذاتي طور تي غير معمولي نه ٿا ٿي سگهن. توهان کي ياد رکڻ کپي ته توهان جا بهانا excuses توهان کي هرکائن، ڌوڪو ڏين ٿا، توهان جا خوف ڪوڙا ۽ توهان جا شڪ توهان جا چور آهن.
You need to remember that your excuses are seducers, your fears are liars and your doubts are thieves.
ڪيترن ماڻهن پنهنجا ڪنڌ لوڏيا/ ڌوڻيا. ڪيترن وري تاڙيون وڄايون. ڪيترن وري ان ڳالهه جي ساراهه ڪئي.
”مان توهان کي سمجهايان ٿو ته ڇا واقعي ئي ائين آهي“. اسپيلبائنڊر ڳالهه جاري رکي. ”مون کي خبر آهي ته توهان کي زندگي ۾ ڏکن کي منهن ڏيڻو پيو هوندو/ ڏکيو وقت به آيو هوندو. سڀني جي زندگين ۾ ڏکيو وقت ايندو آهي. توهان اهو محسوس ڪيو ته توهان جا ڪم ائين نه ٿيا آهن، جيئن توهان چاهيو پيا، جڏهن توهان ٻار هيو، باهه/ڪاوڙ، خواهش ۽ حيرت سان ڀريل. توهان هرروز ڪو به پلان/منصوبو نه ٺاهيو، ڇا ٺاهيو؟ اهڙي نوڪري جنهن مان توهان جي روح تي بار هئي. پنهنجين ڌڪاريندڙ پريشانين ۽ نه ختم ٿيندڙ زميوارين کي منهن ڏيندي ڏيندي، توهان جي اصليت تي رڪاوٽ وجهي ۽ توهان جي توانائي کي چورائي. غير اهم/بيڪار شين جي پُٺيان ڊوڙي ڊوڙي ۽ ننڍين ننڍين خواهشن ذريعي هڪدم سڪون لاءِ بي سڪون ٿين. اڪثر جديد ٽيڪنالاجي ۾ لڙهي ويندڙ آهن، جيڪي اسان کي آزادي ڏيڻ جي بجاءِ اسان کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏين. هڪ جهڙو هفتو ڪيترا ئي هزار ڀيرا ساڳيو گذاريندا آهيون ۽ پوءِ به اسان ان کي زندگي چوندا آهيون. مون کي توهان کي اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته اسان ۾ ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي 30 سالن جي عمر ۾ مري چڪا هوندا آهن. جيتُوڻيڪ انهن جي تدفين وڃي 80 سالن جي عمر ۾ ٿئي ٿي.I need to tell you that too many among us die at thirty and are buried at eighty. ان ڪري مان توهان کي سمجهان ٿو.توهان ان ڳالهه جي اميد رکي ته معاملا مختلف ٿيندا. وڌيڪ دلچسپ. وڌيڪ مڪمل، خاص ۽ سحر انگيز هوندا“.
جڏهن اسپيلبائنڊر اهي آخري الفاظ چيا ته هن جو آواز ڀرجي آيو ۽ هن جي آواز ۾ ڏڪڻي پيدا ٿي پئي، هن هڪدم ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پريشاني جي ڪري هن جا ڀرون ڇڪجي ويا. هو ڪريم ڪلر جي ڪرسي ۾ هڪدم ويهي رهيو. جيڪا هن جي ساٿين مان ڪنهن هڪڙي اسٽيج تي ڪنڊ ۾ رکي ڇڏي هُئي.
” ۽ ها، مون کي خبر آهي ته هتي اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن. جيڪي پنهنجي مرضي مطابق پنهنجي زندگي گذارين ٿا. توهان کي دنيا ۾ ڪاميابي ملي ۽ توهان جي خاندان ۽ ڪميونٽي کي اهڙي طاقت ملي، جنهن جي انتها ٻي دنيا تائين ڦهليل آهي. بهترين ڪم. شاباس. توهان پنهنجي زندگي ۾ اهڙا موسمن جا تجربا ڪري چُڪا هوندو، جڏهن توهان اونده جي خطرناڪ وادي ۾ گم ٿي ويا هوندو. توهان به اهڙي حادثي کان آگاهه ٿيا هوندو، جڏهن توهان جي تخليقي اهليت ۽ اعليٰ ڪارڪردگي بي آرام، خوف ۽ بيزاري جي واچوڙي ۾ ڦاسي چڪا هوندو. جنهن جي ڪري توهان جي اندر ۾ موجود مهارت جو محل ۽ جرئت جا خزانا، تباهه ۽ برباد ٿي ويا هوندا. توهان به ڪمزور زندگي جي سرد موسم ڪري ڏڪي رهيا هوندو. توهان به پنهنجي ننڍپڻ جي ڪيترن ئي خوابن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو هوندو. توهان کي به اهڙيون ڪيتريون ئي اهڙن ماڻهن کان لتون لڳيون هونديون، جن تي توهان ڀروسو ڪندا هوندو. توهان جا ارادا به چڪنا چور ٿيا هوندا. توهان جي معصوم دل به مجروح ٿي هوندي زندگي ۾ تڪليفون برداشت ڪيون هونديون، ان ملڪ جيان جنهن کي ٻاهرين فوجين حملو ڪري تباهه و برباد ڪري ڇڏيو هجي“
تمام وسيع ۽ ڪشادي ڪانفرس هال ۾ خاموشيءَ جو راڄ هو.
” ڪو مسئلو ڪونهي، توهان کڻي زندگيءَ جي ڪنهن به رستي/موڙ تي بيٺا هُجو. پنهنجي اڻپوري ماضيءَ جي تڪليف جي باهه کي پنهنجي شاندار مستقبل جي شان جي ويجهو اچڻ نه ڏيو، توهان هن وقت جيترو پاڻ کي طاقتور سمجهو ٿا، ان کان تمام گهڻو وڌيڪ طاقتور آهيو. عظيم فتحون، زبردست نعمتون / رحمتون. توهان جي رستي ۾ داخل ٿي رهيون آهن ۽ توهان بلڪل اُتي ئي موجود آهيو. جتي توهان کي اها شي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن جي مدد سان توهان پنهنجي زندگي جي تلخ تجربن کان پوءِ، غير معمولي ڪارڪردگي، حيرت ۾ وجهندڙ نتيجا ۽ انتهائي متاثر ڪندڙ زندگي گذارڻ جي قابل آهيو. هينئر ڪجهه به غلط نه آهي. ڀلي کڻي توهان کي اهو لڳي به ته سڀ ڪجهه توهان کان پري ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن توهان کي ائين به لڳي ته توهان جي زندگي هاڻي بيڪار آهي. ته اهو صرف ان ڪري توهان کي لڳي رهيو رهيو آهي جو توهان جي اندر موجود/ويٺل ”خوف“ توهان جي ”يقين“ کان وڌيڪ مضبوط/طاقتور ٿي ويو آهي. ان لاءِ مشق ڪري توهان پنهنجي ڊنل ”پاڻ“ جي آواز کي گهٽ ڪري سگهو ٿا ۽ پنهنجي فاتح هئڻ واري آواز کي وڌائي سگهو ٿا. حقيقت اها آهي ته توهان جنهن به چيلينج ڪندڙ تجربي کان گذريا هوندو ۽ جنهن به غلط ماڻهوءَ سان مليا هوندو، جنهن توهان جي رستي ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي هوندي، انهن مڙني سببن جي ڪري توهان ائين ٿي ويو، جيڪو توهان اڄ آهيو. انهن تجربن ۽ فردن کان جيڪو سبق توهان سکيو، توهان کي انهن جي مدد سان پنهنجي اندر م لڪيل صلاحيتن، ٽيلينٽ ۽ ٻين قوتن کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪو به اتفاق يا حادثو نه هوندو آهي. ٻڙي به ضايع نه ٿي آهي. توهان بلڪل اُتي ئي موجود آهيو جتان کان توهان کي شروعات ڪرڻ جي ضرورت آهي. توهان هڪڙي شاندار عمارت تيار ڪري سگهو ٿا ۽ ان سان گڏ دنيا کي بدلائي سگهو ٿا ۽ شايد ڪا تاريخ به لکي وڃو“.
”اهي سڀ ڳالهيون، ظاهري طرح تمام سوليون لڳن ٿيون، پر حقيقت ۾ تمام ڏکيون آهن“. هڪڙي ماڻهو رڙ ڪري چيو، جنهن کي ڳاڙهي رنگ جي بيس بال ٽوپي پاتل هُئي ۽ پنجين قطار ۾ ويٺل هو. هن کي سرمُئي ٽي شرٽ پاتل هُئي ۽ ڦاٽل جينز جي پينٽ، جيڪا توهان پنهنجي شهر جي بازار مان آساني سان خريد ڪري سگهو ٿا. جيتوڻيڪ لهجي ۾ بي ادبي هُئي، پر هُن جي باڊي لينگوينج مان لڳي رهيو هو ته هو اسپيلبائنڊر کان متاثر آهي.
”مان توهان سان متفق آهيان اي عظيم انسان!“، اسپيلبائنڊر جواب ڏيندي چيو. هِن جا ٻڌندڙ هُن کان متاثر هئا ۽ هن جو آواز ڪجهه قدر ڳورو ٿي ويو هو، جيئن ئي هي پنهنجي ڪرسيءَ مان اٿيو. ”خيالن جي اوسيتائين ڪا به حيثيت نه آهي، جيسيتائين، انهن کي عمل جي بٺي ۾ نه تپايو وڃي. هڪ ننڍو عمل به انتهائي وڏي ارادي کان به وڏو هوندو آهي. جيڪڏهن حيرت ۾ وجهندڙ فرد ٿيڻ ۽ غير معمولي زندگي گذارڻ ايترو سولو هجي ها ته هر شخص اهو ڪم ڪندو هجي ها. منهنجي خيال ۾ ته توهان سمجهي ويا هوندو، جيڪو مان چوڻ چاهيان ٿو“.
”جي بلڪل يار!“، ڳاڙهي رنگ واري ٽوپي واري مڙس پنهنجي هيٺين چپ کي پنهنجي آڱر سان مهٽيندي چيو.
”معاشري اسان کي منافقاڻا ۽ غير حقيقي/ڪوڙا خيال کپائي ڏنا آهن“ اسپيلبائينڊر پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”خوشيءَ کي خوف تي ترجيح حاصل آهي پر تنهنجي باوجود جادوئي حقيقت اها آهي ته هر ممڪنات جي گهرج محنت آهي. مسلسل ٻيهر وجود ۾ اچڻ يا ٻيهر ايجاد ڪرڻ ۽ ارپي ڇڏڻ به بلڪل اهڙي نموني سان جيئن گهرو سمونڊ روزانو اسان جي منهوڙن کي محفوظ بنائيندو هجي. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن کي اخلاقي طور تي گمراهه ڪرڻ بنسبت آسان زندگي گذارڻ جي هزار ڀيرا ظالماڻو/ خطرناڪ عمل آهي، ان زندگيءَ کان جنهن ۾ توهان پنهنجن روشن خوابن جي تعمير لاءِ بي پناهه ، ناقابل شڪست ڪوششون ڪندا آهيو/موقف اختيار ڪيو ٿا. عالمي سطح جو معيار اُتان کان شروع ٿئي ٿو جتان کان توهان جي آرام (ڪمفرٽ زون ) جي پُڄاڻي ٿئي ٿي، مطلب ته جتان کان توهان جو سڪون ختم ٿئي ٿو.‘‘
ان ماڻهو پنهنجو ڳاٽو لوڏيو، هال ۾ موجود ٻيا ماڻهو به ائين ئي ڪري رهيا هئا.
”ننڍي عمر کان ئي وٺي اسان جي سوچ جي اهڙي پروگريمنگ ڪئي ويندي آهي يا ننڍي عمر ۾ ائين اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاري ويندي آهي ته مهارت (mastery)، حڪمت(ingenuity) ۽ شائستگي/معقوليت (decency) جي قدرن واري زندگي گذارڻ لاءِ، اسان کي ٿوري محنت ڪرڻي پوندي. ان ڪري جڏهن روڊ خراب آهي ۽ ٿوري صبر جي ضرورت آهي ته اسان سمجهندا آهيون ته اسان سڌي رستي تي آهيون“. اسپيلبائنڊر پنهنجي ٻانهن ڪاٺ جي ڪرسي تي رکندي چيو.
”اسان اهڙن نرم (soft)، ڪمزور(weak) ۽ لطيف (delicate)مزاج رکندڙ ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي جيڪي پنهنجو واعدو نڀائي نه ٿا سگهن. جيڪي ٻين جي ڳالهين تي شڪايت ڪندا آهن ۽ ٿورڙي مشڪل اچڻ تي، هٿ پير ڍرا ڪري ويهي رهندا آهن“ اهو چئي مقرر ٿڌو ساهه ڀريو.
”سختي ته سُٺي شي آهي. توهان جي حقيقي عظمت ۽ اصل /خانداني ذهانت جي احساس جو مطلب اهو ٿئي ٿو ته راند ڏکي آهي. اهي جيڪي سڀني کان بلند چوٽين جي حدن تائين وڃڻ /پهچڻ جو ارادو رکن ٿا، اُهي ئي پاڻ کي اڳتي وڌائي سگهن/اهي ئي ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا ۽ پنهنجن خاص صلاحيتن، خاص خوبين جي انسپائر ڪرڻ واري منزلن ماڻن کي عملي شڪل ڏيڻ جي دوران جيڪي تڪليفون ملن ٿيون/ سفر دوران، جيڪي سختيون سهڻيون پون ٿيون، اهي ته انسان لاءِ اطمينان جو اصل ڪارڻ بڻجن ٿا. خوشي جي چاٻي ۽ دائمي سڪون اهو ڄاڻڻ آهي ته توهان پنهنجي شخصيت لاءِ اهو سڀ ڪجهه همت سان ڪيو جيڪو توهان لاءِ ضروري هو. موسيقي جي بي تاج بادشاهه جيز مائلز ڊيوس Miles Davis پنهنجي زندگي ۾ پاڻ کي تمام گهڻي تڪليف ڏيڻ کان پوءِ ڪاميابي سان همڪنار ڪيو/ پاڻ ۾ سمايل مڙني خوبين کي ڳولي ڪڍيو ۽ وڌايو. مائيڪل اينجلو Michelangelo پنهنجو زبردست فن ڏيکارڻ لاءِ، ذهني، جسماني، جذباتي ۽ روحاني طور تي تمام گهڻي قرباني ڏني. ڪارن ماڻهن جي حقن جي علمبردار عورت روزا پارڪس Rosa Parks/هڪ ڪاري رنگ جي درزڻ، تمام وڏي همت واري، تمام گهڻي بي عزتي برداشت ڪئي، جڏهن هن کي الڳ الڳ بس واري سيٽ ڪنهن گوري کي نه ڏيڻ تان گرفتار ڪيو. ان ڪري هن جو آواز انساني حقن جي هڪ تمام وڏي تحريڪ بڻجي ويئي. چارلس ڊارون Charles Darwin جيڪو انساني نظريو پيش ڪيو ”عينڪ“، جي ها عينڪ barnaclesتي خاموشي سان 8 سال تحقيق ڪندو رهيو. ان کان پوءِ ان جي ”نظرئي ارتقا“ کي شهرت ملي. اهڙن قسمن جي مضبوط ارادن وارن ماڻهن کي اڪثر ڪري دنيا وارا ”چريائپ“ جو نانءُ ڏيندا آهن ۽ وري پاڻ (پنهنجي زندگي جيڪا ٻيهر نه ٿي ملي سگهي)، ان ۾ پنهنجيون سيلفيون يا وري مجازي/خيالي دوستن سان ناشتا ڪندي ۽ خطرناڪ وڊيو گيمز کيڏندي نظر ايندا آهيون“. اسپيلبائنڊر جيئن ئي هال ۾ ائين گُهوري ڏٺو ڄڻ ته هو هر هڪ جي اکين ۾ اکيون وجهي گهوري نهاريندو هجي.
”اسٽيفن ڪنگ پنهنجو مشهور ناول ”ڪيري“(Carrie)، کپائڻ کان اڳ ۾ هڪ هاءِ اسڪول ۾ لکڻ ۽ سيکارڻ واري استاد طور ڪم ڪري خدمتون سرانجام ڏيندو هيو. هي اهو ناول هو جنهن هن کي مشهور ڪري ڇڏيو“. وڏي عمر واري پوڙهي شخص ڳالهائيندڙ پنهنجو ليڪچر/ ڳالهه جاري رکي. “مهرباني ڪري توهان اها ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ رکو ته هن ناول جو ليکڪ پنهنجي ان ناول مان تمام گهڻو مايوس ٿي ويو هو. ڇو ته ان ناول کي ڪيترن ئي پبلشرن ڇپڻ کان انڪار ڪري رد ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو هن همت هاري ان ناول کي ڊسٽ بن ۾ اڇلي ڇڏيو هو. پوءِ ائين ٿيو جو هڪڙي ڏينهن هن جي غير موجودگي ۾ هن جي گهرواري جڏهن هن جي سگريٽن جي اِيش ٽري صاف ڪري رهي هُئي، ته هن ڊسٽ بن مان اهو ناول ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ هوءَ حيران ٿي ويئي. هن پنهنجي مڙس کي چيو ته تو جيڪو ڪجهه لکيو آهي، غضب جو لکيو اٿو. ان کان پوءِ اسٽيفن ڪنگ پنهنجي ناول کي ڇپرائڻ لاءِ وري موڊ ٺاهيو. ان جي باوجود ان جي ٽائيٽل جي حقن لاءِ رقم پنجويهه سو ڊالرن کان به گهٽ رقم هُئي“.
”ڇا توهان سنجيده آهيو؟“، هڪڙي عورت جيڪا اسٽيج جي ڀرسان ويٺي هئي، چپن تي ڀڻ ڀڻ ڪئي. هن کي سائي رنگ جي ٽوپي پاتل هئي ۽ ان جي مٿان هڪڙو کنڀ به لڳل هو.
”مان بلڪل مطمئن آهيان“ اسپيلبائنڊر Spellbinder چيو، ” ۽ جڏهن ته ونسٽن وين گوف Vincent Van Gogh پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ نو سو پينٽنگ ۽ هزار کان مٿي ڊرائنگز ٺاهيون پر هن جي مشهوري جي شروعات هن جي موت کان پوءِ ٿي. تخليق ڪرڻ واري هن جي سوچ مشهور ٿيڻ جي اتان نه ٿي هئي پر پنهنجي ڏاهپ واري جبلت، جنهن هن کي فقط اهو ڏيکارڻ لاءِ هرکايو ته هو پنهنجي اندر ۾ لڪل تخليقيت کي ڪيترو وڌيڪ استعمال ڪري سگهي ٿو. کڻي ان لاءِ هن کي ڪيتري به محنت ڇو نه ڪرڻي پوي. غيرمعمولي ٿيڻ ڪڏهن به آسان نه رهيو آهي. پر مان ان سفر کي دلشڪتو ٿيڻ واري، ان عام انداز سان ترجيح نه ڏيندس، جن جو غيرمعمولي شخصيتن سان واسطو پوندو رهندو آهي“. اسپيلبائنڊر سٺي انداز سان بيان ڪندي چيو.
”بهرحال، مون کي سادن لفظن ۾ اهو چوڻ ڏيو ته جنهن جاءِ تي توهان جي بي آرامي شروع ٿئي ٿي، جتي توهان کي تڪيلف ٿئي ٿي، ان ئي جاءِ تي توهان لاءِ عظيم موقعا لڪل هوندا آهن. اهي يقين/ڀروسا/اعتماد جيڪي توهان کي پريشان ڪن ٿا، اهي احساس جيڪي توهان کي ڊيڄارين/ڌمڪائن ٿا، اهي منصوبا جيڪي توهان کي ٿڪائي وجهن ٿا/توهان کي دلشڪستو بڻائين ٿا ۽ توهان جي ذهانت جو انڪشاف جيڪو مزاحمت ڪري ٿو، اُتي ئي توهان کي وڃڻ جي ضرورت آهي. انهن دروازن مان داخل ٿي تخليقڪار، شخصي آزادي جا متلاشي ۽ موقع شناس ٿيڻ گهرائي سان سکي وٺي ٿو ۽ پوءِ توهان جي اها زندگي جيڪا مايوسي جي پيغامن تي بيٺل رهي آهي، ان جي بجاءِ، انهن اعتمادن، احساسن ۽ منصوبن کي جلدي دل سان قبول ڪيو . انهن مڙني شين ڏانهن وڌي وڃڻ، جيڪي توهان کي ڊيڄارين ٿيون، اصل ۾ اهو ئي طريقو آهي، جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي وڃايل قوت کي واپس آڻي سگهو ٿا. اهڙي ريت توهان پنهنجي ننڍپڻ جي وڃايل معصوميت ۽ تجسس جيڪو ننڍپڻ کان پوءِ توهان کان کسيو ويو هو، ان کي ٻيهر حاصل ڪري سگهو ٿا.‘‘
اوچتو اسپيلبائنڊر کنگهڻ شروع ڪيو، پهرئين آهستي آهستي، پوءِ تمام شديد زور سان، ڄڻ ڪنهن ڏائڻ /شيطاني روح هن کي گلي کان پڪڙي ورتو هجي ۽ هن کان پنهنجو پلاند وٺندي هجي.
هڪڙي ڪنڊ کان هڪڙو ڪاري وڳي ۾ ماڻهو هن ڏي تيزي سان ڊوڙڻ لڳو ۽ اچي اسپيڪر تي ڳالهائڻ لڳو. هال جون بتيون اڳ ۾ ئي ٻري وسامڻ ۽ وري وسامي ٻرڻ لڳيون ۽ چمڪا ڏيڻ لڳيون. اهي ماڻهو جيڪي اسٽيج جي ويجهو هيا، سي ماڻهو اٿي بيٺا هئا، پر اهي ان مونجهاري جو شڪار ٿي ويا ته هاڻي هنن کي ڇا ڪرڻ گهرجي،
ڪارن وارن واري هڪ خوبصورت عورت جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا جنهن تي اڇي رنگ جو ڀرت ڀريل هو، پاتل هُيا، چپ ڀڪوڙيندي، ان لوهي ڏاڪڻ کان ڀڄندي آئي، جتان اسپيلبائنڊر تقرير ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو هو. هن جي هڪڙي هٿ ۾ فون ۽ هڪڙي هٿ ۾ هڪ نفيس نوٽ بوڪ پڪڙيل هيو. جڏهن هو ان طرف ڊُڪي رهي هُئي ته هن جي هلڪي ڳاڙهي رنگ جي سينڊل جي کڙي مان” ٽڪ ٽڪ ٽڪ ٽڪ “ جو آواز صاف ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. تنهن باوجود، ان خاتون کي اُتي پهچندي ٿوري دير ٿي چُڪي هئي.
اسپيلبائنڊر فرش تي ائين ڌڙام سان اچي ڦهڪو ڪيو هيو، ڄڻ ڪنهن باڪسر وڙهندي پنهنجي فائنل رائونڊ ۾ هن کي زوردار ٺونشو وهائي، هن کي ڪيرائي وڌو هجي. هن جي مٿي مان ٿورو رت وهي رهيو هو. اهو پوڙهو مقرر هيئنر تائين ليٽل هو. فرش تي ڪِرڻ سبب هن جي مٿي مان رت وهي رهيو هو. هن جو چشمو هن جي ويجهو ئي ڪِريل هو. هن جو رومال هينئر به هن جي هٿ ۾ هو. هن جون چمڪندڙ اکيون، هينئر بند ٿي چڪيون هيون.