سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

Title Cover of book پرھہ جي پڪار

سڄي حياتي جي 10 وڏن گُرن تي 5 اي ايم ڪلب جي رهبري

15

The 5 AM Club is mentored on the 10 tactics of lifelong genius
سڄي حياتي جي 10 وڏن گُرن تي 5 اي ايم ڪلب جي رهبري


If you knew how much work went into it, you would not call it genius. Michelangelo


”جيڪڏهن توهان کي اها خبر پئجي وڃي ته هن تي ڪيترو ڪم ٿيو، ته توهان ان کي ذهين نه چوندو”. مائيڪل اينجلو


سائو پائلو ڏاڍو خاص آهي، آهي نه؟ ارب پتيءَ چيو، هن جي ڀرسان هڪڙي اڪانامي ڪلاس جي ڪار کي هڪڙي ڊرائيور اچي بيهاريو. ڊرائيور کي شارٽ سِليو (اڌ ٻانهن واري قميص پاتل هُئي) ۽ هن شهر جي گُنجان آبادي واري شهر مان هلڻ شروع ڪيو. هي ماريٽوريشس جيان اڳيان سيٽ تي ويٺو.
ٽيئي ساٿي ايئرپورٽ تي اچي لٿا ۽ اهي لاطيني آمريڪا Latin America جي مرڪزي گادي واري هنڌ واري هوٽل ڏانهن هلڻ لڳا.
”هي هڪڙو وڏو شهر آهي“، آرٽسٽ وڏي بلڊنگ ڏانهن ڏسندي اشارو ڪيو.
”توهان اسان کي هتي برازيل Brazil جي شهر شادي لاءِ وٺي آيا آهيو، اسين توهان جا دل سان ٿورائتا آهيون“. عورت جوش ۾ چيو.
”ادا توهان جي مهرباني“، آرٽسٽ چيو.
”هن جي خواهش هُئي ته شادي جي رسم توهان جي گهر جي ڪمپائونڊ ۾ سمونڊ جي ڪناري تي ٿئي“ عورت پنهنجي منڱيندي آرٽسٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”بلڪل ائين ئي آهي“، آرٽسٽ متفق ٿيندي چيو. ”اها جاءِ جنت هُوندي، جنت“. That place paradise
”مان به اهو ئي چوان ٿي پر، سچي ڳالهه اها آهي ته مان هتي صرف ان ڪري آئي آهيان ته مان برزايل ۾ پنهنجي والد کي هن ريت اعزاز ڏيئي هن جو ڪنڌ فخر کان بلند ڪرڻ چاهيان ٿي“. ڪاروباري عورت واضح ڪيو.
”۽....جيڪڏهن زال خوش ته زندگي خوش“ آرٽسٽ ڏند ڪڍيا.
And a happy wife means a happy life.
آرٽسٽ پنهنجي زال جي باري ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي، ته ارب پتي کي پنهنجي زال جون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. هاڻي هو هر روز هن جي باري ۾ سوچيندو هو. صرف اهو نه ته هن کي هُن سان گڏ ڪيل سفر ياد هجن، پر مزيدار کاڌن ۾ پڻ هن جي ياد هن جي جيءَ کي جهوري وجهي ٿي ۽ هن کي اڃان به اهي يادگيريون تڙپائن ٿيون، جيڪي هن پنهنجي گهر واريءَ سان عام ۽ سادن حالتن ۾ زندگي جا ڏينهڙا گهاريا ها. جڏهن هڪڙو سستو پر لذيذ پيزا جنهن مان زيتون جو تيل ڳڙِي رهيو هو. هن جي گهرواريءَ هن لاءِ ٺاهيو هو. سياري جي سرد راتين ۾ جڏهن هو باهه تي هٿ سيڪيندي هئي، ان مهل هڪڙو شاندار ڪتاب هن جي سامهون پڙهڻ وارو منظر به هن کان نه ٿو وسري، صبح جو وري قدرتي هوا ۾ چهل قدمي ڪرڻ ۽ وري ڪنهن رات جو گڏجي فلم ڏسڻ، يا وري مقامي دڪان کان خريداري. ياد ڪرڻ ته هن ڪئين نه وڏي صبر سان ارب پتيءَ کي اطالوي ٻُولي سيکاري هئي. ڪاوڙ ۾ اچي ڪري کنگهڻ، جڏهن هو کلڻ لاءِ صفا تيار نه هجي ۽ پنهنجي اڪيلي پُٽ لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏڻ. هو هن جي زندگي جي سڀني کان وڏي دولت هُئي، جيڪو سڀني کان سادن لمحن ۾ به گڏ رهي آهي. هي روزاني جي زندگي جا اهي واقعا آهن، جن کي اسان ڪنهن به نموني ڳاڻيٽي ۾ نه ٿا آڻيندا آهيون ۽ جڏهن اهي اسان جي هٿ مان نڪري وڃن ٿا، پوءِ اسان ان تي هٿ مليندا آهيون.
عورت پنهنجي منڱڻي واري مُنڊي مٿي ڪري خوشي مان ان تي ٽڪ ٻڌي نهارڻ لڳي ۽ آرٽسٽ وري هن کي محبتن جي گهرائي واري نگاهه سان نهاري گهوري ڏٺو. ڪار پنهنجي رستي ۾ سفر تي محو هئي.
”مان هن سان ڏاڍي محبت ٿو ڪيان“ I love her hard آرٽسٽ مسٽر رائلي سان مخاطب ٿيندي چيو. ”هي مون کي سج جي اڀرڻ جيان عزيز آهي. هاڻي جيڪڏهن هي مون سان گڏ آهي ته مون کي ٻي ڪنهن به شيءَ جي ضرورت نه آهي. مون کي ڪڏهن به اندازو نه ڪيو هو ته حقيقي محبت ڇا آهي. هاڻي ته مان هن جي بغير جيئڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهان.“
ڪاروباري عورت غور ڪيو ته هن تي ڪيڏي نه مهرباني آهي. اسپيلبائينڊر جي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ کان پوءِ، هن جو مانئيڊ سيٽ mindset ، هارٽ سيٽ heart set ، هيلٿ سيٽ health set ، ۽ سول سيٽsoul set ڪيڏو نه ٿانيڪو ۽ بهتر ٿي چڪو آهي. هن جي ننڍپڻ ۾ جيڪو هن تي پورو اعتبار به نه پئي ڪيو وڃي، جيڪي زهريلا جذبا ماضي جي تلخ تجربن جي ڪري پنهنجون پاڙون پختيون ڪيو ويٺا هئا. اهي هاڻي نيڪال ٿي رهيا هئا. هن کي پنهنجن سرمائيدارن جي طرفان ڏنل تڪليفن ۽ خطرن کي به خدا حافظ چئي ڇڏيو هو. ارب پتي بلڪل صحيح هو. هو هڪڙي واقعي جي گهڻي گهرائي ۾ وڃي پئي. اسان سڀ پنهنجي ڏاهپ، پختگي ۽ شخصي تحفظ جي سطح تي پنهنجي سوچ کي بهتر کان بهتر ڪيون ٿا. جيڪي ماڻهو ٻين کي نقصان پهچائن ٿا، اصل ۾ اهي پهريائن پاڻ کي نقصان پهچائن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي ان عظمت جي ليلول تي جاچڻ جي ۽ ڏسڻ جي قابل ٿي وڃن ته اهي ان شي کان بچي سگهن ٿا ۽ ڪاروباري عورت ائين ڪري پنهنجي اندر معافي جا ٻج ڇٽي ڇڏيا هُيا. جڏهن هُن پهريون ڀيرو اسپيلبائينڊر کي اُن ڪانفرنس ۾ ٻڌو هو ته اُن وقت ان جي اندر علم جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي مزاحمت موجود هُئي. پر هُن جيڪو هتي اچي ڪري پڙهيو ۽ سکيو ان تي غور ڪندي رهي، ايتري قدر جو هاڻي هوءَ ان علم جو دل سان قدر ڪري ان سان پيار ڪري ٿي. هي اهو انقلاب هيو، جيڪو ان جي اندرمان ئي سکي سگهجي پيو.
روم مان ايندي ٽي ڏينهن گذري ويا ها. ان دوران ڪاروباري عورت صبح جو پنجين وڳي، ويهن منٽن لاءِ چهل قدمي ڪندي هُئي، ٿورو وزن کڻڻ واري مشق به ڪندي هُئي، ان کان پوءِ وري پنج لڳي ويهه منٽن تي ٻين مرحلي ۾ سڪون ۽ آرام وٺندي هُئي. پنهنجي جرنل ۾ اهڙين شين جي فهرست ٺاهيندي هئي جيڪا هن وٽ موجود هئي ۽ ان تي وري ٿورائتي ٿيندي هئي ۽ پوءِ وري مراقبو ڪندي هُئي. آخري ويهه منٽ، يعني پنج لڳي چاليهن منٽن ۾ ڪاروباري موضوع تي مشتمل ڪو ڪتاب ڊائون لوڊ ٿيل آڊيو ۾ ٻڌندي هُئي. ٽيم ورڪ ۽ ليڊرشپ جي باري ۾ ڪو ڪتاب پڙهي وٺندي هُئي. هن هڪڙو ٻيو ڪم به ڪيو...جيڪو هن لاءِ ڏاڍو مشڪل هيو، جنهن جي ڪري هن ٽيڪنالاجي واري عادت کان جان ڇڏائي ڇڏي هئي. هي نشو هن کي اڳ ۾ به هيو...جنهن جي ڪري هو ڪا به ڪارڪردگي نه پئي ڏيکاري سگهي. اهڙي ريت هوءَ واپس پنهنجي حقيقي زندگيءَ ڏانهن اچي ويئي هُئي. پنهنجي دفتر کان پري رهڻ وارن شاندارن ڏينهن ۾ هن پنهنجي ڪريئر جا بهترين ڪم ڪيا. ارب پتيءَ هن کي جيڪي قائدا پڙهايا ها، انهن کي سمجهڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي قابل ٿي ۽ اهو دانش ۽ فهم هن حاصل ڪيو، جنهن جو تجربو هن پهريان اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڪيو هو. ان ڪري اندروني آسودگي...جيڪا ڪيئي سال اڳ ۾ وڃائجي ويئي هُئي، ....ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي.
هوءَ جن جن شين تي عمل ڪري رهي هُئي، ان جا شاندار نتيجا هن کي هاڻي ملي رهيا هُئا. ايئن لڳي پيو ته هن جي زندگي جي رونق واپس اچي وئي هجي. هو سالن کان ايتري خوش، تندرست نظر نه پئي آئي، جيڪا هو گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ نظر پئي آئي.
اهو سڀ فائيو اي ايم ڪلب جو ڪرشمو هو، جنهن جي ڪري هوءَ ٻيهر پنهنجي ٽيلينٽ ۽ خوبين کي ادا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي. نه ته ڪاروباري ۽ تجارتي دنيا جون تڪليفون، ڪرڀ ۽ بيجا مداخلتن هن کي پاڻ کان ئي ڏور ڪري ڇڏيو هو. فتح واري ڪلاڪ جي ڪري ئي هوءَ ڏينهن جي ابتدا ۾ ئي خلوت نشيني اختيار ڪري، هوءَ پنهنجون چار ئي زمينون تيار ڪرڻ جي قابل ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ پنهنجي بيروني دنيا، بيروني زندگي ءَ کي سنوارڻ لڳي.
هن کي اُميد Hopefulness، اعتماد confidence ۽ معافي forgiveness جي جرئت ملي ته هو پنهنجن سرمائيدارن سان بهتر حل لاءِ ڳالهيون ٻولهيون ڪرڻ جي لائق ٿي. هن کي هن ڳالهه جي ڏاڍي خوشي ٿي ته هاڻي هن جي خطرناڪ آزمائش جلدي ختم ٿي ويندي.
جلدي هن جي شادي ٿي ويندي. هوءَ هميشه اهو چاهيندي هئي ته هوءَ پنهنجين خوشين ۽ ڪاميابين جو ڪنهن خاص ماڻهو سان ذڪر ڪري، شيئر ڪري،. هن جي هميشه اها خواهش رهي ته هو پنهنجي ڪاروبار ۽ خاندان جي باري ۾ هڪڙي متوازن زندگي جي واڳ يا ڏور سنڀالي. اهڙي قسم جي خاندان جو ننڍپڻ کان ئي اها خواهش رهي هُئي.
ڪاروباري عورت اڃان انهن سوچن ۾ ئي گم هئي ته اوچتو هڪڙو فائر ٿيو، واقعي ئي اهو گولي جو آواز هُو. ڪار جو شيشو ٽٽي پيو هو، پر اهو مکين جي ڪنهن ڄار وانگر بڻجي ويو هو. ٻاهر ٻه ڏنڊا مُٽا ماڻهو جن جي منهن تي ٻوٿاڙو لڳل هو، جن جي هٿ ۾ مشين گنون هيون، اُهي وحشياڻي انداز سان رڙيون ڪري رهيا هُئا. لاڪ کوليو، دوروازو کوليو ۽ پوءِ انهن وري هڪڙو ٻيو فائر ڪيو، جيڪو ڊرائيور جي ڪن جي مٿان/ پاسي کان سرراٽ ڪندي گذري ويو ۽ هن جي ڪن کي گولي جو ڇهاءَ محسوس ٿيو، جنهن جي ڪري هن جي ڪن مان رت وهي رهيو هو.
”دروازو کولي ڇڏيو“ open the door مسٽر رائلي اطمينان سان ڊرائيور خاتون کي چيو. ”مون کي خبر آهي هي ڪير ماڻهو آهن“، ۽ ائين چئي هن پنهنجن ٻانهن جي پويان لڳل لڪل بٽڻ کي دٻائي ڇڏيو.
دروازا کُلي چڪا هئا. انهن مان هڪڙو همراهه جنهن وٽ بندوق هئي، سو اندر آيو ۽ رڙ ڪري چوڻ لڳو، ” توهان سڀئي گاڏي ءَ مان ٻاهر نڪري اچو، هينئر ئي، نه ته سڀ مارجي ويندو!“. Everyone out of the car. Now! Or you die.
جڏهن سڀ يرغمال بڻايل مسافر گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري آيا ته هڪڙي بندوق واري همراهه ڪاروباري عورت کي ڳچي مان وٺي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، ”اسان توکي چيو هو نه ته تون ڪمپني ڇڏي وڃ، اسان توکي ٻڌايو هو نه ته اسان توکي ماري ڇڏينداسين، اسان توکي چيو هو نه ته اسان ائين ضرور ڪندا سين“. We told you to leave the firm. We told you we’d kill you. We told you this was gonna happen.
اوچتو هڪڙي وڏي ايس يو وي SUV جيئن جنگ جي دوران ليڊر استعمال ڪندا آهن، اِن دهشتناڪ منظر ۾ داخل ٿي. وڌيڪ چار ماڻهو ٻه مرد ۽ ٻه عورتون پڻ موٽر سائيڪل تي پهچي ويا. هي ارب پتيءَ جي حفاظتي ٽيم هُئي، روڊ تي لڙائي شروع ٿي ويئي، ڇريون نڪري آيون ۽ گوليون هلڻ لڳيون. سيٺ هينئر به هڪڙي جاءِ تي بيٺو هو، جيئن ڪنهن جنگي مشين جي دوران ڪو جنرل پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏيندو هجي. بس، هن لاءِ اهي الفاظ هيا. ”منهنجن مسافرن کي بچائجو هي منهنجي گهر جا ڀاتي آهن“.
هاڻي هڪڙو هيلي ڪاپٽر به مٿان کان اڏامي رهيو هو. جي، هيليڪاپٽر، هن جي هڪڙي پاسي سفيد رنگ تي، نارنگي اکرن سان 5 AC لکيل هو. سيٺ جي حفاظتي دستيءَ ٻن بندوق وارن مڙسن کان هٿيار کسي ورتا ها. جيڪي عورت کي دٻائي ڌمڪائي رهيا هُئا ۽ هن کي ايس يو ويSUV تائين حفاظت سان پهچايو هو. پر آرٽسٽ، بدقسمتيءَ سان غائب هو.
”مون کي هن کي ڳولڻو آهي“، عورت هٿيارن وارن همراهن کي روئي چئي رهي هُئي.
”مون کي پنهنجي مڙس کي ڳولڻو آهي، هن اهڙي پختي لهجي ۾ چيو جو سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا.
”اتي بيهو“ هڪڙي هٿيار واري همراهه هن کي نرمي سان پڪڙيندي التجا واري آواز ۾ چيو.
Stay there, ordered one of the security agents, firmly, holding her by the arm.
پر ڪاروباري عورت جيڪا هن وقت پنهنجي نئين سوچ، نئين جذبي، پختي ذهني ڪيفيت ۽ جسماني تندرستي ۽ روحاني بي خوفي جي ڪري وڌي طاقتور ٿي پئي هئي، جيڪو سڀ صبح جي سوير واري فارمولي جو نتيجو هو. .... هن پاڻ کي ان محافظ کان ڇڏائي ورتو، لت هڻي دروازو کوليو ۽ ٽريفڪ جي سمونڊ جي باوجود، روڊ تي ڪنهن وڏي رانديگر جيان ڀڄڻ شروع ڪيو. هو هڪڙي ڪيفي ۾ گهڙي پئي، هن کي اُتي به پنهنجو ماڻهو نظر نه آيو. پوءِ وري هوءَ هڪڙي ريسٽورنٽ ۾ هلي ويئي، پوءِ وري هو ڀڄندي ڀڄندي هڪڙي گهٽيءَ ۾ داخل ٿي، جيڪا ڪاسائين جي دڪانن جي ڪري مشهور هئي.آرٽسٽ اتي به هن کي نظر نه آيو.
پوءِ هڪڙي جاءَ تي هن جي منڱيندي جو نوٽ بوڪ مليو. هن نوٽ بوڪ تي هو اسپيل بائينڊر ۽ ارب پتيءَ جا سبق ۽ چيده چيده ڳالهيون نوٽ ڪندو ويندو هو. هي نوٽ بوڪ عورت پهريون دفعو هن جي هٿ ۾ ان وقت ڏٺو هو، جڏهن هي ٻيئي اسپيلبائينڊر جي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو مليا هُيا ۽ جڏهن هي عورت پنهنجي زندگي جي اونداهي دور مان گذري رهي هئي ۽ جڏهن هو هن کي ملي هُئي، ڪجهه ئي وقت ۾ هوءَ پاڻ کي هن سان محفوظ، مطئمن ۽ خوش محسوس ڪرڻ لڳي هُئي.
پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ڏاڍو دُکدائڪ آهي، ڪاروباري عورت جڏهن هڪڙي سوڙهي گهٽي ۾ داخل ٿي ته اُتي هن کي رت نظر آيو. هي رت....تازي رت جا دُٻا هئا، جيڪي هڪڙي جاءِ کان شروع ٿي، اڳتي تائين هلندا پئي ويا.
”اي منهنجا رب، ائين نه، منهنجا خدا“ هن رڙيون ڪيون.
هوءَ چرين جيان رت جي نشانن جي پٺيان ڊُڪندي پئي ويئي، هوءَ ڪارن، انسانن ۽ عاليشان گهرن جي هجوم جي وچان لنگهي پئي، پر هن کي هُن جي ڪابه خبر نه هئي.
”منهنجا رب رحم ڪجانءِ، هن کي مرڻ نه ڏجان،“ عورت رڙيندي چيو. ”يا خدا، ڪرم ڪر“،
”مان هيڏي آهيان هيڏي“، هڪڙي مريل آواز آئي.
عورت ان طرف نهارڻ لڳي، جتان آرٽسٽ جو آواز آيو هو. هوءَ هن ڏي وڌڻ لڳي ته هڪدم ئي هن کي پنهنجي سامهون هڪ ماڻهو هٿيار سان بيٺو هو، جنهن جي هٿ ۾ ريوالور هيو، جيڪو ريوالور هن جي منڱيندي جي پيشاني تي رکيل هو. بدمعاش پنهنجو نقاب/ٻوٿاڙو لاهي چڪو هو. هن جي چهري کي ڏسي سولائي سان اهو اندازو لڳائي سگهجي پيو ته هو ڏاڍو ڊنل نظر اچي رهيو هو.
”منهنجي ڳالهه ٻڌ“، عورت جرئت سان ڳالهائيندي چيو، ”ڏس منهنجي ڳالهه ٻڌ“، عورت پنهنجي ڳالهه دهرائي، ”مون کي خبر آهي ته تون هن کي نقصان پهچائڻ نه ٿو چاهين، مون کي اها به خبر آهي ته تون پنهنجي باقي زندگي جيل ۾ گذارڻ نه چاهيندي، مون کي هي بندوق ڏيئي ڇڏ ۽ تون هتان ڀڄي وڃ، مان تنهنجي باري ۾ ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪنديس“.
”هٿيار بند همراهه ڏاڍو ڊنل هو. هن جي زبان مان ڪو به لفظ نه پيو نڪري، ڊپ مان ڏڪي رهيو هو. هن جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته آهستي آهستي پنهنجو هٿيار آرٽسٽ جي پيشاني کان هٽائي ڇڏيو ۽ پوءِ عورت جي سيني ڏي تاڻي ڇڏيو.
”آرام سان“ هن منٿ واري انداز سان چيو ۽ ان سان گڏ وري اڳتي پڻ هلڪو هلڪو چرڻ لڳي.
”مان توکي ماري ڇڏيندس“، بدمعاش رڙ ڪئي، ”اتي ئي بيٺي رهه، اڳتي نه وڌ“.
عورت احتياط سان اڳتي قدم وڌائڻ جاري رکيو، هن جون نظرون مسلسل ان هٿار بند ماڻهو سان ڪانٽيڪٽ ۾ هيون ۽ چهري تي هلڪي مسڪراهٽ به هئي. هي اها جرئت هئي، جيڪا هن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ئي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪئي هئي. ان جرئت هن جي اعتماد ۾ واضح اضافو ڪيو هو.
هڪڙي وڏي وٿيءَ کان پوءِ مجرم اٿي بيٺو، عورت کي عجيب نظرن سان گهُوري رهيو هو. جنهن ۾ انتهائي عزت ۽ اڻڄاڻ بي يقيني جا گڏيل جذبا شامل هُئا. پوءِ هو تڪڙي اُتان ڀڄي ويو.
”۽ توهان ٺيڪ ته آهيو نه“، عورت آرٽسٽ جي ويجهو پهچي هن کي هڪڙو زوردار ڀاڪر هنيو.
آرٽسٽ جو پگهر نه پيو بيهي، پر پوءِ به هن پنهنجي پاڻ کي سموري هوش ۽ حواس کي گڏ ڪري جواب ڏنو،” ها، ها، مان بلڪل ٺيڪ آهيان، تو منهنجي جان بچائي، تو مون کي بچائي ورتو“ آرٽسٽ ٿورائتو ٿيندي چيو.
”مون کي خبر آهي“، عورت چيو. ”هي مون ان ڪري نه ڪيو جو اسان ٻنهين جي شادي ٿيڻ واري آهي ۽ نه ئي وري ان ڪري مون اهو ڪم ڪيو جو مان توهان کي سڃاڻان ٿي“.
”ڇا“، آرٽسٽ حيران ٿيندي چيو. ”ته پو توهان اهو سڀ ڪجهه ڇو ڪيو“؟ منهنجو مطلب آهي ته تو انهن بدمعاشن جي سامهون اچي پنهنجو سر خطري ۾ وڌو، ڇو؟“.
”اهو مون ڪلب جي ڪري ڪيو“،
”اهو تون ڇا ٿي چوين“، آرٽسٽ بيچين ٿيندي پڇيو.
”مون جيڪو ڪجهه ڪيو ان جو ڪارڻ اهو آهي ته اها قوت منهنجي اندر فائيو اي ايم ڪلب جي ميمبر ٿيڻ کان پوءِ پيدا ٿي. ان جي ڪري ئي مان ان قابل ٿيس، جو اهو سڀ ڪري سگهان. واقعي هي شيون ڪم ڪن ٿيون. سڀئي. اسان جيڪو ڪجهه ماريشيس، انڊيا ۽ روم ۾ سکيو، اهو سڀ ڪم جو نڪتو ۽ توهان کي بچائڻ جو ڪارڻ اهو نه آهي ته اسان ٻيئي شادي ڪري پنهنجو گهر وسائڻ وارا آهيون ۽ هڪڙي خوشحال ازدواجي زندگي گذارڻ چاهيون ٿا“. عورت ڳالهه جاري رکي.
”۽ وري ان ڪري به پنهنجي جان جوکي ۾ نه وڌم ته توهان فائيو اي ايم ڪلب جا ڪارڪن آهيو ۽ وري ان ڪري به نه جو مسٽر رائلي تاڪيد ڪئي هُئي ته اسان کي هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ کپي“.
”ڇا تون سنجيده آهين“، آرٽسٽ بلند آواز ۾ چيو. هوءَ جيڪو ڪجهه چئي رهي هُئي، هي ان مان صفا خوش نه هو.
”بلڪل ائين ئي آهي“، عورت کلڻ لڳي. ”مان تنهنجي تمام گهڻي عزت ڪندي آهيان، منهنجي سڄي زندگي توکي لڳي وڃي، چڱو، هلون، هاڻي هلي مسٽر رائليءَ کي ڏسون ته هو به ٺيڪ آهي نه“.
****
اڳئين ڏينهن جڏهن هي ڪالهوڪي ڊرامائي انداز واري تجربي مان هن جا هوش بحال ٿيا ته هي سڀ گڏجي ارب پتي جي عاليشان محل ۾ مليا. مسٽر رائلي تمام خُوش نظر اچي رهيو هو.
”ڀاءُ!، ڪالهه ته ڪمال ٿي ويو“، سيٺ ان انداز سان چيو، ڄڻ ته هن لاءِ اهو واقعو پارڪ ۾ چهل قدمي جي هڪ تجربي کان وڌ ٻيو ڪجهه به نه هيو.
”خطرناڪ“ آرٽسٽ جواب ڏنو، ”سِر ويو هو“،
”دوستو، توهان ڪالهه جي واقعا جا سورما آهيو“، ارب پتيءَ عورت ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”مائي، تو ته معجزو ڪري ڏيکاريو“.
”مهرباني“ عورت ٿورائتي ٿي.
”مان توهان کي ڏسي رهيو هوس، توهان بلڪل مطئمن هيا، ايڏي وڏي دٻاءُ جي باوجود، توهان جي اندر ۾ غضب جي توجهه هُئي. توهان سپر هيومن جيان ڪم ڪري ڏيکاريو“.
”هن خدا جي بنديءَ منهنجي جان بچائي آهي“، آرٽسٽ شڪرگذار ٿيندي چيو.
”هينئر تائين توهان فائيو اي ايم ڪلب جو ذائقو چکيو آهي، ٿورو تصور ڪيو ته 66 ڏينهن تائين مسلسل توهان جڏهن هن کي استعمال ڪندو ته توهان کي ڪهڙو ڪهڙو فائدو نه پوندو ۽ پوءِ وري ڇهن مهينن کان پوءِ، صبح جي مشق ڪندي ڪندي توهان ڪيڏا نه غيرمعمولي فرد بڻجي ويندو. تصور ڪيو ته توهان ان عادت جي ذريعي ايندڙ هڪ سال ۾ پنهنجن لڪل مهارتن ۽ ڪارڪردگين کي استعمال ڪندي سرمائيڪاري ڪري سگهندو. اها ڳالهه هميشه ياد رکو ته تاريخ جا مڙئي عظيم رهنما (ليڊرز) اصل ۾ خادم هيا. توهان جيترو گهڻو پنهنجي لاءِ ڪرڻ جي بجاءِ، ٻين کي فائدي پهچائڻ جوجيترو ڪم ڪندو، توهان کي اوتري سڃاڻپ ملندي ۽ پوءِ، توهان هڪڙي تاريخي شخصيت بڻجي ويندو“.
”جي سمجهي وياسين“، عورت تصديق ڪئي ۽ پنهنجي هٿ ۾ پڪڙيل پاڻي جي بوتل مان ڍُڪ ڀرڻ لڳي. هو ان ڳالهه جو خيال رکندي هُئي ته هن جي جسم ۾ پاڻي جي مقدار بلڪل پورو رهي ته جيئن هو بهترين توانائي محسوس ڪري سگهي.
”توهان جيڪو ڪالهه بهادري جو مظاهرو ڪيو، مان اُن تي توهان کي هڪڙو انعام ڏيڻ چاهيان ٿو“، ارب پتيءَ پيشڪش ڪئي، ”توهان لاءِ هڪڙي خاص خبر آهي، ۽ مان سمجهان ٿو ان جي ڪري توهان جي زندگي ۾ اڃان به مزو پيدا ٿيندو“.
”جي ضرور ٻڌايو“، عورت چيو. ”جيتوڻيڪ هاڻي مون کي ڪنهن به شي جي ضرورت ناهي، توهان کي به خبر آهي، مون اهو ڪيو جيڪو مون کي سُٺو لڳو. بس، فقط ڳالهه ايتري هُئي.
”اڇا ته توهان ٻيئي تيار آهيو“ سيٺ پڇيو.
”جي تيار آهيون“.
”اڄ منهنجن ماڻهن اهي سڀ شيئر خريد ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي توهان جي ڪمپني ۾ ٻين سرمائيدارن جا حصا هئا. ائين سمجهو مون انهن کي اهڙي پيشڪش ڪئي، جو اُهي انڪار ڪري نه سگهيا ۽ ان سان گڏ هڪڙو قانوني معاهدو به ڪيو ويو، ته اهُي ٻيهر هن ڪمپني جي ويجهو به نه ايندا ۽ ان کان پوءِ انهن جو نه توهان سان ۽ نه ئي وري توهان جي مڙس سان ڪو تعلق رهندو“.
”ڪمال ڪري ڇڏيو“، ارب پتيءَ فرش تي بيٺي بيٺي ڊانس ڪرڻ شروع ڪئي، بلڪ هو سڄي ڪمري ۾ نچي رهيو هو، جهومي رهيو هو.
”مان جيترن ماڻهن سان ملي آهيان، لکن ماڻهن سان، هي ماڻهو انهن سڀني ۾ عجيب ۽ نرالو آهي.“ ڪاروباري عورت چيو. ”پر هي نهايت ئي عظيم انسان آهي ۽ ڪنهن حد تائين سحر انگيز به“.
عورت ۽ آرٽسٽ هڪٻئي ڏانهن نهاريو ۽ ڏند ڪڍڻ لڳا ۽ پوءِ اهي ٻيئي به مسٽرا رائلي سان رقص ۾ شريڪ ٿي ويا. مسٽر رائلي ڪڏهن ڪڏهن آزاد منش ۽ عاجزي جو مرڪب نظر آيو. رقص کان پوءِ انهن ٽنهين ڀاڪر پاتا، جيڪي هاڻي هڪٻئي جا زبردست رهبر، زنده دلي پيدا ڪرڻ وارا ۽ مخلص دوست بڻجي چُڪا هُئا.
ڪاروباري عورت پنهنجي محسن جي ٿورائتي ٿي، خاص ڪري اهڙي ڪٺن صورتحال مان نڪري اچڻ ۾ هن جي مدد ڪئي. ان مشڪل مان ٻاهر نڪري اچڻ سچ پڇو ته هن لاءِ ته هڪڙو معجزو ئي هو. هر شي بهتر کان بهتر ٿي رهي هُئي. هُن تصور به نه ڪيو هو ته هن جي زندگي جا معاملا ايڏا سُٺا ٿي ويندا. هاڻي هوءَ انتهائي مشڪل مرحلي کان نڪري آئي هُئي ۽ زندگيءَ جي اوچين چوٽين تائين اڏامي رهي هئي.
هن گهڙي هُن کي اندازو ٿيو ته ڏکن ۽ ڏولاون جي پٺيان يا وري انهن جي ٻي پاسي عظمت ۽ راحت جون رهائشون آهن. واقعن جي اڳيان فتح جي دنيا تائين وٺي وڃڻ واري پل آهي. ....جيڪڏهن ڪو هن کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ چاهي ته....
”بهرحال.“ ارب پتيءَ چيو، اڄ جو سيشن ٿورو جلدي ۾ ٿيندو. مون جئين ته اڳ ۾ چيو هو ته منهنجي اسٽاف جو چيف توهان جي شادي جي مڙني معاملن کي ڏسي رهيو آهي. توهان جن گلُن جي خواهش ڪئي هئي، اُهي توهان کي ملي ويندا. توهان جي پسند جي موسيقي جو انتظام ٿي ويندو ۽ سڀ ڪجهه بهتر کان بهترين ٿيندو. مان ۽ منهنجي ٽيم اهڙي ريت ڪم ڪندا آهيون. توهان جا سڀ مهمان مختلف جهازن جي ذريعي هتي پهچايا ويندا. هڪ هڪ ماڻهو هتي هوندو. سڀ خوش آهن، خاص ڪري مان پاڻ“.
سيٺ کي هڪدفعو وري ٻيهر زور سان کنگهه آئي، هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ هو ويجهي پيل ڪاٺ جي هڪڙي ڪُرسي تي ويهي رهيو. هي ڪرسي سوئيڊن ۽ ڊينمارڪ جي جنڊيءَ جي ڪم جي شاهدي ڏيئي رهي هُئي. جيڪا پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪرسي تي اڇي رنگ جو غلاف چڙهيل هو جيڪو ان انتهائي دلڪش بڻائي رهيو هو. هن جي اکين ۾ پهريون ڀيرو خوف جو رنگ جهلڪي رهيو هو.
”مان ان خبيث کي شڪست ڏيئي ڇڏيندس“، هن پنهنجي منهن سان ڳالهايو، ”تو غلط ماڻهوءَ ۾ هٿ وڌو آهي“.
هن پنهنجو پرس ڪڍيو، ان مان پنهنجي گهرواري جي تصوير ڪڍي، جيڪا ڪيئي سال اڳ ۾ هن دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هُئي ۽ پنهنجي دل جي جاءِ تي رکي، هن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”فائيو اي ايم ميٿڊ جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ڄاڻڻ جي ضرورت آهي، توهان اهو سڀ ڪجهه هاڻي ڄاڻو ٿا. مان توهان کي هتي هڪڙو اهڙو گُر ٻڌايان ٿو، جيڪا توهان جي پيشيوراڻي ۽ نجي زندگي ٻنهي جي رفتار کي تيز ڪري ڇڏيندو. هي روزانو بهادري واري مزاج جا ڏهه اشارا آهن. ويهه ويهه ويهه فارمولا توهان کي توهان جي صبح شاندار اندازسان گذارڻ ۾ مدد ڪندا ته هي ڏهه گُر وري ان ۾ رهي سهي ڪسر به پوري ڪري ڇڏيندا. ائين توهان جو سڄو ڏينهن شاندار گذرندو. هن کي پنهنجي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻائي ڇڏيو ته جئين توهان کي زندگي ۾ ڪو به شڪست نه ڏيئي سگهي ۽ پوءِ اهڙي ريت پنهنجي ڪاميابي جي مٿين چڙهندڙ ڏاڪڻ تي ڄمي بيٺل رهندو، جتي توهان جي زندگي جو هر پهلو، هر عنصر، هر ڪلاڪ کان پوءِ بهتر کان بهتر ٿيندو“.
ٻيهر معمول جي مطابق هڪڙو هٿ وري مٿي ٿيو. هڪڙو خدمتگار هڪڙي عمارت مان هن ڏي اچڻ لڳو، جنهن جي هٿ ۾ هڪڙي وڏي فريم ۾ هڪڙي ڊرائينگ هُئي. ارب پتيءَ اڳتي وڌي ان کي پڪڙي ورتوته جيئن خدمتگار جي مدد ڪري سگهي. سامهون سفيد ٽي شرٽ پاتل نوجوان، تندرست، خوش شڪل خدمتگار هيو. جنهن ان ڊرائنگ تي لکيل الفاظ پڙهڻ شروع ڪيا؛ هر فرد جو اهو خواب هوندو آهي ته هو ليجنڊ بڻجي، ايسيتائين جو وقت اچي ويندو آهي جو ماڻهو ليجنڊ بڻجڻ وارا ڪم ڪندو آهي“.
Everyone dreams of being a legend until it comes time to do the work that legends do.
”هي منهنجي طرفان توهان جي شادي جو هڪڙو تحفو آهي،“ ارب پتيءَ عظيم سائنسدان ٿامس ايڊسين Thomas Edison جي تيار ڪيل شاهڪار پينٽنگ ڏي اشارو ڪندي چيو. ايڊيسن جي چهري تي پراڻي اسٽائل ۾ سائنسدان جا پنهنجا اکر لکيل هيا. ”بهترين خيال خلوت ۾ سوچي سگهجي ٿو، ۽ بدترين خيال وري افراتفري واري ويل ۾“،
The best thinking has been done in solitude. The worst has been done in turmoil:
”هي مون توهان ٻنهين کي جيڪو تحفو ڏنو آهي، اهو مون خاص طور تي برلن جي هڪڙي ماهر مصور کان ٺهرايو آهي. هُن منهنجي زيورخ واري فليٽ ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي هو شايد ئي ڪا شي ٺاهيندو هجي. هي تصوير ٺاهڻ هن جو خاص احسان آهي، جيڪڏهن توهان هن کي کپائي ڇڏيو ته ....توهان سڄي زندگي ويهي کائو. هن کي ابتو ڪري ڏسو.“. ارب پتيءَ آهستي گذارش ڪئي ۽ ٻيهر ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هو ان وقت شهر جي سڀ کان وڏين عمارتن تي نظر وجهي رهيو هو. جن مان اڪثر جي ڇتن تي هيلي پيڊ ٺهيل هيا، جيڪي هتان جي امير ترين صنعتڪار ۽ سرمائيدار استعمال ڪندا هيا. ڇو ته توهان کي خبر آهي ته وقت سڀ کان وڏي قيمتي شي آهي ۽ اڄ تمام گهڻو وقت ٽريفڪ ۾ ۽ هل هنگامي ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو. پر، ڪم ڪار وارا ماڻهو پو به ان کان ئي ڪم وٺن ٿا“.
ان تصوير جي چوگرد ٺهيل بي عيب فريم کي ڦيرائي ابتي ڪرڻ سان ڪا شي لکيل نظر پئي اچي، جنهن ۾ لکيل هيو؛ تا حيات ذهين ماڻهن جا ڏهه گُر.
ارب پتيءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ٿامس ايڊيسن تاريخ جي ڪجهه ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪو انتهائي ذهين ۽ مثالي زندگي گزاري ويو. هڪ هزار ٽيانوي ايجادون ته خود هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيون، جن ۾ بجلي جي بلب کان وٺي ڪري 1901 ع ۾ تيار ٿيندڙ، متحرڪ ڪيمرا، بيٽري، وغير شامل آهن. هو فقط هڪڙو سائنسدان نه هو، پر هن هڪڙي مستحڪم ڪمپني به ٺاهي هُئي“.
”ها“، ارب پتيءَ ڳالهائڻ جاري رکيو. ”هن جي زندگي اصل ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي قابل آهي. هن کي توهان پاڻ پنهنجي جرنل ۾ لکي وٺو ته جئين توهان کي جوش، ولولو ۽ شوق ٿئي ته ڪئين هن شخص ترقي ڪئي. ايڊيسن هڪڙي دفعي چيو هو؛ ته مصروف هئڻ جو مطلب اهو ناهي ته واقعي ئي ماڻهو سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهي، هر ڪم جو مقصد ڪارڪردگي، يا پيداوار يا تڪميل/حاصلات آهي.“.
Being busy does not always mean real work. The object of all work is production or accomplishment.
”۽ جڏهن توهان هن سائنسدان جي تفصيل ۽ گهرائي ۾ وڃو ٿا ته توهان کي هن جي لاتعداد خوبين جي خبر پوي ٿي. ايڊيسن اهو به چيو هو،” توهان سڄو ڏينهن ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهندا آهيو. ائين نه؟ هرڪو ڪم ڪندو رهندو آهي. جيڪڏهن توهان صبح جو ستين وڳي اٿندا آهيو ۽ رات جو يارنهين وڳي سمهندا آهيو ته توهان يارنهن ڪلاڪ ڪم ڪيو ٿا ۽ يقينن هر ماڻهو انهي دوران ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهي ٿو. مسئلو اهو آهي جو اهي سڀئي ماڻهو تمام گهڻو اهم ڪم ڪندا آهن، پر مان فقط هڪڙو ڪم ڪندو آهيان. جيڪڏهن اهي سوال ڪرڻ ۽ سکڻ لاءِ وقت ڪڍن ۽ پوءِ ان تي عمل ڪن، ته اهي به ڪامياب ٿي ويندا“.
“You do something all day long, don’t you? Everyone does. If you get up at seven o clock and go to bed at eleven
”اها آهي نڪتي جي ڳالهه“، آرٽسٽ ساراهيو، جيڪو اڄ ڪارا ڪپڙا پائي آيو هو. اڄ هو پنهنجي مخصوص ڏاڙهي به ڪوڙائي آيو هو. ”توهان اسان کي اها ڳالهه ماريشس ۾ ٻڌائي چڪا آهيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو محدود ذهني سوچ سان جاڳي ٿو ته هن جي سامهون ايندڙ هر مداخلت ان جي توجهه کي روڪي ڇڏي ٿي ۽ نتيجي جي طور مهارت واري سوچ جا امڪان گهٽجي ويندا آهن. جيڪڏهن اسان هن جي پرواهه نه ڪئي ته اسان ڊجيٽل ڊيمينشيا Digital Dementia جا شڪار ٿي وينداسين، جنهن جو ذڪر توهان روم جي رهائش دوران پنهنجي آخري خاڪي ۾ ڪيو هو. مون کي توهان جي اها ڳالهه اڄ چڱي ريت سمجهه ۾ اچي رهي آهي. مان جڏهن واپس پنهنجي گهر ويندس ته پنهنجي اسٽوڊيو جو ماحول اهڙو ٺاهيندس جو، جتي بلڪل خاموشي هجي، ڪو به اوزار نه هجي، مان ٽيڪنالاجي جي خطرناڪ اثرن جي باري ۾ پڻ تدبيرون به ڪندس. نه ڪا سوشل ميڊيا، نه ئي وري ڪا سائبر سرفنگ...گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه هفتن لاءِ ته بلڪل به نه. اهڙي ريت، مان پنهنجي توجهه واپس پنهنجي ڪمن ۾ ڏيڻ جي قابل ٿي سگهندس.جيڪڏهن مان توهان جي ڳالهه سمجهه رهيو آهيان ته ان جو مطلب هي آهي ته مون کي بلڪل سڪون ۽ خاموشيءَ واري جاءِ ۾ رهڻ گهرجي. هڪڙي وقت ۾ فقط هڪڙي ئي منصوبي تي فوڪس ڪرڻ گهرجي. ....نه ئي وري پنهنجي ڪائي تخليقي قوت ۽ جسماني توانائيءَ کي ڪيترين ئي شين ۾ ورهائي ڇڏجي. مان ته ايڊيسن جي لفظن مان اهو ئي سمجهي سگهيو آهيان. جيڪڏهن مان هڪڙي ئي ڪم تي پنهنجي توجهه لڳائي ترقي ڪري سگهان ٿو ته مون کي پنهنجي ذهانت ۽ توجهه کي ڪيترن ئي سٺن ڪم ۾ لڳائي ان کي ضايع نه ڪرڻ گهرجي“.
”مان به ان ڳالهه کي سمجهي سگهان ٿي ته جيڪڏهن مان هڪ اهم نئين منصوبي جي باري ۾ سوچي رهي آهيان ته انهي دوران هڪڙي مداخلت به مون کي لکن ڊالرن جو نقصان پهچائي سگهي ٿي. ... يا شايد وري ان کان به وڌيڪ.“ ڪاروباري عورت جوشيلي انداز ۾ چيو.
”جيڪڏهن پنهنجي فطري ٽينلينٽ کي بهتر بنائڻ ۽ پنهنجي ذهني عظمت کي انتها درجي تائين پهچائڻ لاءِ واقعي ئي سنجيده آهيو ته توهان ٻنهين جيڪو ڪجهه چيو، اهو توهان ٻنهين لاءِ تمام اهم آهي.“. ارب پتي خوش ٿي پنهنجن شاگردن جي دليلن جي ساراهه ڪئي.
”ايڊيسن جبل ۾ پنهنجي مينلو پارڪ جي ليبارٽري ۾ بند ٿي ويندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته وري هفتن جا هفتا پنهنجي ڪم ۾ محو رهندو هو. هي شخص باريڪ بيني جو متوالو هو.“
ارب پتيءَ پينٽنگ جي پٺي تي ٺهيل فريم ورڪ ڏانهن اشارو ڪيو.
”مون کي خبر آهي، اڃان توهان ٻنهين کي تقريب جون تمام گهڻيون تياريون ڪرڻيون آهن. هي تحفو به پاڻ سان گڏ کنيو وڃو. پر ان کان اڳ ۾ مان چاهيندس ته هن تي جيڪو ڪجهه لکيل آهي، ان کي توهان هڪ دفعو اڳ ۾ پڙهي وٺو، ڇو ته اهي ڏهه اشارا توهان کي فائيو اي ايم ڪلب ۾ توهان جي سوچ جي رفتار کي تيز ڪندا ۽ توهان جو پنهنجو فطري ٽيلينٽ، توهان جون خوبيون ۽ ٻيون قوتون به نڪري نروار ٿينديون. پنهنجي ذاتي زندگي کي بهتر کان بهتر بنائڻ جي لاءِ، صبح جو سوير اٿڻ ۽ پوءِ وري ويهه ويهه ويهه واري فارمولي تي عمل ڪرڻ ته لازمي آهي. هي ڏهه عادتون توهان کي اڃان به وڌيڪ شوق ۽ جذبو ڏيارينديون.

فريم جي پويان پٺ تي لکيل لرننگ ماڊل هيٺين ريت هيو.
سڄي حياتي ياد ڪرڻ وارا ڏهه گُر
The 10 tactics of lifelong genius
”سڄي حياتي ذهن نشين ڪرڻ جا ڏهه گُر“ واري هن نموني سان گڏ، هر خاصيت سان تفصيل گڏ هئا. جيڪا عورت ۽ آرٽسٽ پڙهڻ شروع ڪيا. ان تفصيل مان خبر پئجي سگهي پئي ته، هر گُر مان حقيقتن ڇا مطلب آهي ۽ ان تي عمل ڪئين ڪري سگهجي ٿو.


Tactic # 1: The light bubble of total focus (TBTF)
پهريون گُر: مڪمل توجهه جو ننڍڙو بوڻيو
پرکThe Insight : مداخلت جو نشو توهان جي تخليقي صلاحيت جو موت آهي. توهان جي ڊجيٽل اوزار ۾ جيڪا ڪشش محسو س ٿئي ٿي، ان سبب جي ڪري توهان جي معاشي بيچيني، جسماني ۽ روحاني طور تي ختم ٿي وڃن ٿا ۽ توهان جي توانائين کي وري زنگ لڳندو ويندو آهي. هن وقت دنيا ۾ تمام گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جن جي آمدني ۽ انهن جي شخصيت جو اثر ٻئي تمام گهڻا آهن. جيڪڏهن توهان ائين چاهيو ٿا ته توهان کي ان انداز سان پنهنجو ڏينهن گهارڻو پوندو، جيئن هي ڪجهه ماڻهو گذارين ٿا. ”مڪمل توجهه جو ننڍڙوبوڻيو“ هڪڙو استعارو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته توهان پنهنجي ذهانت وارن اثاثن جي چوڌاري هڪڙو قلعو تعمير ڪيو...ته جيئن نه فقط اهي محفوظ رهن، پر وڌن ويجهن پڻ. وڏن ماڻهن ۽ گهڻي ڪم ڪندڙن جا پنج بنيادي اثاثا هوندا آهن... ذهني توجهه، جسماني توانائي Physical energy، شخصي قوت ارادي personal will power ، اصلي ٽيلينٽ (فطري ۽ پيدائشي خوبي)original talent ، ڏهاڙي وارو وقت and daily time. توهان جي ان بوڻيي جي ويجهو هڪڙي سنهي ڄاري هوندي آهي، جن مان مختلف شيون ان بوڻيي جي اندر اچي سگهن ٿيون. ان ڪري توهان کي هي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي ته ڪهڙي ڄاڻ، ڪهڙي ماڻهوءَ ۽ ڪهڙي قسم جي سرگرمين کي توهان هن ڄاري جي ذريعي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيو ٿا ۽ ڪهڙن کي روڪيندو. بيڪار، ناڪاره ۽ زهريلي شين کي رستي ۾ ئي روڪي ڇڏيو. بنيادي طور تي، اهڙي طرح توهان اهڙين شين جي خلاف پنهنجي دفاع ۾ بُليٽ پروف نظام تيار ڪيو ٿا، جيڪو بيروني دنيا کان توهان کي متاثر ڪري ٿو ۽ توهان کي توهان جي عظمت تائين پهچ ۾ رڪاوٽ ٿي ويندو آهي.
عملThe implementation : ”مڪمل توجهه جو ننڍڙو بوڻيو“، جي حڪمت عملي توهان جي حرڪت ۽ بهترين ڪارڪردگي کي سيبوتاج ڪرڻ وارن سڀني ڪمن کان توهان کي آزاد ڪري ٿي. اهڙي ريت، توهان جي توجهه ۽ بنيادي ذهانت کي تقويت ملي ٿي. هر صبح جو توهان ان بوڻيئي جي دنيا ۾ داخل ٿيو ٿا ۽ ان وقت ان ۾ توهان جي لڪل خوبين کي برباد ڪرڻ وارن پيغامن، ڪوڙين خبرن، افواهن، چُغلين، اشتهارن، بيوقوفياڻين فلمن، بيڪار ڪچهريون ۽ ٻيون شيون موجود نه هونديون. هي توهان جي ڏينهن جو ڄڻ ته مينلو پارڪ هوندو آهي. جنهن ۾ توهان ٿامس ايڊيسن جيان پنهنجي دنيا کان بيخبر ٿي پنهنجي ڪم ۾ جنبي وڃو ٿا ۽ توهان لاءِ تڏهن پنهنجي صنعت ۾ نمايان نتيجا، ڏيڻ ۽ عالمي سطح جو اثر پيدا ڪرڻ ممڪن ٿئي ٿو. ان حڪمت عملي جو مرڪزي نڪتو پنهنجي لاءِ سڄي ڏينهن ۾ خلوت جو هڪ اهڙو مرحلو طئي ڪري ٿو، جتي توهان مثبت ماحول ۾ رهندي، پنهنجي تخليقيت، توانائي، خوشي ۽ ڪم جو اصل مزي وٺڻ جي لائق ٿيو ٿا ۽ اهڙي ريت، انسانيت جي بهتري لاءِ ڪجهه قدم کڻي سگهو. توهان جا هي ڏهاڙي وارا وقفا، توهان جي ڪارڪردگي جي تشڪيل ڪن ٿا. ان تصور يا گُر کي توهان پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ کان علاوه به استعمال ڪري سگهو ٿا. ان ڪري توهان جو نجي وقت، منفيت، توانائي چوسڻ وارن ڪمن ۽ روح کي مجروع ڪرڻ واري فڪر کان آزاد ٿي سگهي ٿو. حقيقت هي آهي ته ان قسم جي اسلحي سان گهٽ ماڻهو پنهنجن پنجن اثاثن کي ڪو محفوظ پناهه گاهه مهيا ڪن ٿا ۽ ائين ئي ان جا سماجي ۽ معاشرتي اثرن سان زندگي عجيب ٿي ويندي آهي. ائين به ناهي ته توهان دنيا کان پاسيرا ٿي ڪري، گوشه نشين ٿي ويا هجو. بلڪ، اصل حڪمت عملي کي استعمال ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان وٽ زندگي جي مختلف گهڙين ۾، مختلف شين سان، لطف اندوز ٿيڻ جا تمام گهڻا موقعا آهستي آهستي توهان کي ملي رهيا آهن. ياد رکو ته ان پاڻي جي بوڻيئي جي ويجهو هڪڙي سنهڙي ڄاري لڳل آهي. ان ڪري ان ڄاري ۾، موجود سوراخن مان ڪنهن به شي ءَ کي اندر اچڻ يا نه اچڻ جو اختيار توهان جو ذاتي معاملو هوندو آهي. اهڙي مخصوص ايپليڪيشنس، جن مان توهان کي خبر پوي ته ٽيلي وزن يا گهر جي سامان کي کپائڻ جي تاريخ اچي پهتي آهي، يا وري ڪنهن پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻو آهي، اهڙي قسم جي بيڪار ڪمن جي توهان کي ضرورت نه آهي. ائين ئي سوشل ميڊيا تي اهڙن ماڻهن کي ان فرينڊ ڪري ڇڏيو، جيڪي توهان جي دماغ جي دهي ٺاهيندا هُجن. سڀني نوٽيفيڪشنس کي آف ڪري ڇڏيو جيڪي مسلسل اعلان کڻي ڪنهن ويب سائيڊ کان ايندا هجن يا وري توهان جي ڪنهن اڪائونٽ مان، انهن کي ختم ڪري ڇڏيو.
Tactic # 2: The 90/90/1 Rule
ٻيون گُر؛ 90/90/1 جو قانون
پرک: هرروز ڀرپور تسلسل سان گڏ مصنوعي ڪم ڪرڻ جي جاءِ تي، اصل ڪم ڪرڻ تي توهان کي، gargantuan competitive advantage ٿيندو. برتري مهارت مان ئي پيدا ٿيندي آهي. انتهائي مهارت جي معيار جي ڪارڪردگي ڏاڍي اڻ لڀ آهي ۽ مارڪيٽ ۾ جيڪا شيءَ ناياب هوندي آهي، ان جي وڏي قيمت ورتي ويندي آهي. وڏا ماڻهو پنهنجي سڄي توجهه ۽ توانائي ان ڳالهه تي خرچ ڪي ڇڏيندا آهن ته اهي هڪڙي منصوبي يا وري هڪڙي ئي ڪم تي سڄو ڌيان ان تي ئي ڌرين ان ئي شعبي ۾ ان جي ناماچار ٿئي. ان انداز ۽ معيار سان ڪم ڪرڻ لاءِ توهان کي پنهنجي وقت جو بهترين حصو استعمال ڪرڻو پوندو ته جيئن توهان کي پنهنجي ڪارڪردگيءَ مان مڪمل نتيجا ملن. جڏهن توهان پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهندو، ته پوءِ ان وقت کي آن لائن شاپنگ to shop online، دوستن يارن سان ڪچهري to gossip ، يا چيٽنگ check messagesوغيره لاءِ توهان وٽ بلڪل وقت نه هجي. اهو ته بس ڪم جو وقت آهي. ڪم، ڪم ۽ بس ڪم. اهو ئي عظيم انسانن جو انداز هوندو آهي.
عملThe implementation : ايندڙ 90 ڏينهن اهڙي ئي طريقي سان سيٽ ڪيو، جو ڏينهن جا پهريائن 90 منٽ صرف هڪ ئي سرگرمي ۾ گذري وڃن. تڏهن ئي توهان جو ڪم توهان جي ميدان ۾ توهان کي سڀني کان بهترين ۽ غيرمعمولي معيار جو بڻائيندو. هي نوي منٽ هر قسم جي گوڙ گمسان، ۽ مداخلت کان پاڪ هجن. پنهنجا اوزار (موبائيل، ٽيپ وغيره)هڪڙي ٿيلهي ۾ رکي ڇڏيو ۽ ان تي لکي ڇڏيو، ”منهنجو نوي /نوي/نوي/1 منٽ جو پيرڊ“، ۽ پوءِ ان بيگ کي ڪنهن ٻي ڪمري ۾ رکي ڇڏيو. پنهنجي ويجهو اهڙي واضح ۽ سخت حدن جو تعين ڪري وٺو، جو جن کي توهان جي غير ضروري خواهش حاصل ڪري نه سگهي. اهي خواهشون ان گُر کي خراب ڪري ڇڏينديون.

Tactic # 3: The 60/10 Method
ٽيون گُر: 60/10 جو طريقو
پرکTactic : تحقيقون ٻڌائن ٿيون ته عظيم ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ فرد، سڌي رستي تي ڪم نه ٿا ڪن. ... يعني اهي مسلسل سخت محنت نه ٿا ڪن (ڇو ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جيڪڏهن مان سخت محنت ڪندس يا وري مسلسل ڪنهن ڪم ۾ مصروف رهندس ته وڌيڪ معياري ڪم ڪري سگهندس. اها غلط فهمي آهي) پر اهي جنهن انداز سان ڪم ڪن ٿا، ان کي توهان چڪر يا گردش جي قوت سان سمجهي سگهو ٿا. اهي ماڻهو پنهنجي ڪمن کي مختلف وقتن ۾ ۽ مرحلن ۾ ورهائيندا آهن ۽ پوءِ ان مرحلن ۾ ڪم کي وقفي وقفي سان ڪندا ويندا آهن. انهن جي توجهه يا ڪارڪردگي جڏهن گهٽجڻ لڳندي آهي ته اهي ڪم ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ان جي ڪري انهن جي توجهه ۽ ڪارڪردگي بهتر ٿيندي آهي. پوءِ وري پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويندا آهن. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته اهي توازن سان گڏ ڪم ڪن ٿا ۽ پنهنجين سرگرمين کي اهڙي وقفن ۾ ورڇ/ورهائن ٿا جو انهن جون قابليتون ۽ صلاحيتون ضايع نه ٿيون ٿين. انهن کي اها خبر هوندي آهي ته جڏهن ماڻهو خوش هوندو آهي ته هو تمام بهترين ڪم ڪندو آهي. پر جڏهن وري ٿڪاوٽ ۽ ڪرڀ جي ڪيفيت ۾ ڪارڪردگي گهٽجي وڃي ٿي ۽ معيار به ڪِري پوي ٿو.
عمل The implementation: جڏهن توهان پنهنجي ڏينهن جي دوران نوي نوي نوي /ون 90/90/1 جو گُر استعمال ڪرڻ شروع ڪندو ته هڪڙي ٽائمر جي مدد سان پهريان سٺ منٽ مڪمل خاموشيءَ سان پنهنجو ڪم ڪيو. هي توهان جي ”مڪمل توجهه جو ننڍڙو بوڻيو “ آهي. پنهنجي تربيت ڪيو ته ان دوران توهان جو ڌيان ڪنهن ٻي ڪم ڏانهن نه وڃي نه ئي وري ڪا اهڙي قسم جي حرڪت ڪيو. ان ئي ڪم تي مڪمل ڏيان ڏيو ۽ معياري کان معياري ۽ وڌ کان وڌ نتيجا، ان دوران توهان لاءِ جيڪو ممڪن هجي، اهو ڪيو. سٺ منٽ ائين ئي ڪم ڪرڻ کان پوءِ، ايندڙ ڏهه منٽ وري پاڻ کي ٻارڻ مهيا ڪري ڏيو، يعني توانائي وٺو. انهن ڏهن منٽن جي دوران، توهان مثال جي طور تي، تازي هوا ۾ چهل قدمي ڪري وٺو، شخصي تصور، يا شخصي مهارت تي ڪنهن معياري ڪتاب جو مطالعو ڪري وٺو، مراقبي يا وري شخصي تصورڪاري جي ڪا مشق ڪري وٺو، ڪو مناسب گانو گنگنايو. ان ريت توهان جي دماغ جي توجهه ٻيهر بحال ٿي ويندي، جيڪا ان ڪلاڪ دوران ڪم ڪرڻ جي ڪري گهٽ ٿي ويندي آهي. ڏهن منٽن جي سڪون واري وقفي کان پوءِ، ايندڙ سٺ منٽ ٻيهر مسلسل پنهنجي ڪم ۾ ڌيان، گيان، خلوص ۽ محنت سان جنبي وڃو. ان کان پوءِ ايندڙ ڏهه منٽن ۾ وري پنهنجي توانائي کي نئين ڪم ۾ استعمال ڪيو.

Tactic # 4: The daily 5 concept
چوٿون گُر: روزانو پنجون تصور

پرک: مطالعو ٻڌائي ٿو ته انتهائي ڪامياب ڪاروباري جيڪي پنهنجي توجهه پنهنجي ترقي ۽ ڪاميابين تي لڳائين ٿا، انهن جا ڪيڏا به حالات خراب ٿي ويا هجن، ڀلي ڪيترن ئي مسئلن ۾ ڇو نه ڦاٿل هجن، پر تنهنجي جي باوجود تمام بهترين ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا. اهڙي ريت اهي پنهنجي دماغ تي ڇانيل منفي اثرن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. اهو اثر ماڻهوءَ کي پنهنجي سوچ کي نه استعمال ڪرڻ ڏانهن مائل ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي توجهه، خامين، مسئلن ۽ مايوسين تي خرچ ڪندو رهي ٿو. سڀني کان اعلي ٰ ڪارڪردگي جي خوبي اها آهي ته پنهنجي توجهه جي مسلسل اهڙي طرح تربيت ڪئي وڃي جو توهان روزانو هڪ سيڪڙو بهتري ڏانهن ۽ ننڍيون ننڍيون ڪاميابيون حاصل ڪندا رهو. جڏهن هي ڪم جيڪو جيتوڻيڪ تمام معمولي نظر ايندو آهي، مسلسل طويل عرصو ڪيو وڃي ته ان جا بهترين نتيجا توهان جي سامهون ايندا. ائين، توهان جنهن رخ ڏي وڌندا هوندو، توهان کي ان ميدان ۾ گهڻو اعتماد ملندو ۽ توهان خوف کي شڪست ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو. ان ڪري توهان کي مختلف ڪاميابيون نصيب ٿينديون وينديون.
عمل؛ هر صبح جو فتح جي ڪلاڪ دوران اهڙن پنج ڪمن يا پنج ٽارگيٽن جي فهرست ٺاهي وٺو، جن کي توهان جڏهن مڪمل ڪندو ته توهان کي اهو احساس ٿئي ته ها مون اهي ڪم پورا ڪري پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪيو آهي. توهان جيڪو ڪجهه سکيو آهي، ان کي عملي شڪل ڏيڻ جو هي هڪڙو طريقو آهي. توهان هي ڪم جيترو وڌيڪ بهتر ڪندو،اها عادت ايتري آسان ٿيندي ويندي... ۽ توهان جي جذبي کي وڌائيندي. ان ڪري ان طريقي تي عمل ڪندا رهو. صرف ٽيهن ڏينهن کان پوءِ توهان ڏيڍ سو ڪم مڪمل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو ۽ صرف هڪ سال ۾ توهان 1825 اهم ڪم، ٽارگيٽ حاصل ڪري چڪا هوندو. توهان پنهنجن ٻارنهن مهينن کي پنهنجي زندگي جي سڀ کان ڪارائتا مهينا بڻائي چڪا هوندو.
Tactic # 5: The 2nd Wind Workout(2WW)
پنجون گُر: دي سيڪنڊ ونڊ ورڪ آئوٽ ( 2 ورزشيون) wind workout
پرک: توهان هرروز جي ورزش جي پٺيان موجود خوبصورت نيورو سائنس کان واقف ٿي چڪا آهيو. جسم کي باقائدگي سان هر ڏيندو رهڻ سان، توهان جي توجهه وڌي ٿي، دماغ جي ڪم ڪرڻ جي رفتار تيز ٿئي ٿي ۽ ان جي سمجهڻ ۽ سکڻ جو عمل به وڌندو رهي ٿو. باقائدي ورزش سان توهان جي توانائي ۾ اضافو ٿئي ٿو. مزاج ۾ اميد پئدا ٿئي ٿي. ننڊ بهتر ٿئي ٿي، ڇو ته ورزش ڪرڻ سان ميلاٽونن جو تعداد وڌي ٿو ۽ هيومن گروٿ جي خارج ٿيڻ جي اضافي جي ڪري عمر وڏي ٿئي ٿي. ان سان گڏ ئي وري (Telomere) جي ڊيگهه به وڌي ٿي. ٽيلومر اسان جي ڪروموز جي مٿن کي، اڍيڙڻ کان محفوظ رکندا آهن. ياد رکو ته اهي جوتن جي ڪهين جي منڍين ۾ لڳل پلاسٽڪ جي سورراخن جيان هوندا آهن، عمر ۾ اضافي سان ٽيلومر ننڍا ٿي ويندا آهن ۽ ائين سمجهو ته بم جي فيوز جيان خطرناڪ هوندا آهن. تحقيقي دستاويز ٻڌائن ٿا ته جسماني ڪثرت يا ورزش ڪرڻ سان ان جي ننڍي ٿيڻ جي رفتار گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ ائين توهان کي صحت مند رهڻ ۾ مدد ملي ٿي. توهان کي اهو به نوٽ ڪرڻ گهرجي ته مراقبو meditation ، نامياتي جنسن سان ڀرپور غذا، ڪافي معياري ننڊ ۽ آهستي آهستي روز (جنهن کي اسپيلبائيڊر 16/8 چون ٿا، ڇو ته سورنهن ڪلاڪ روزانو جنهن جي دوران توهان ڪجهه به کايو پيو نه ٿا ۽ باقي اٺن ڪلاڪن جو وقفو) وغيره اهڙا معاملا آهن، جن جي ڪري به ٽيلومر جو بگاڙ گهٽ ٿئي ٿو. توهان کي ورزش جا حيرت جي حد تائين فائدن جي خبر پئجي وڃي ته توهان اهو سوچڻ لڳندو ته سڄي ڏينهن ۾ فقط هڪڙي ئي وقت ورزش ڇو ڪئي وڃي؟ پنهنجي توانائي کي تمام گهڻو وڌائڻ لاءِ هن نسخي جو استعمال وڌ کان وڌ ڇو نه ڪيو وڃي، ته جئين نه صرف پنهنجي شعبي ۾ سڀني کان وڏو نالو ڪمايو، بلڪ تمام گهڻي خوشي ۽ ڪارڪردگي واري زندگيءَ جو به مزو وٺو.
عمل:پنهنجي صبح جيان پنهنجي شام کي به شاندار بنائڻ جي لاءِ، پنهنجي ڪم جي وقت شام لاءِ به هڪڙو وقت جسماني ورزش لاءِ به مقرر ڪيو. اهڙي ريت توهان ان ٿڪاوٽ کي مارڻ جي قابل ٿي ويندو، جو اڪثر ماڻهو سڄي ڏينهن جي ڪمن ڪارين کان پوءِ شام جو محسوس ڪن ٿا. خالي توهان جي خود اعتمادي کي ٻيهر قوت ملندي ۽ توهان شام جي ڪمن جي چونڊ به بهتر نموني سان ڪري سگهو ٿا. جيتوڻيڪ رات جو توانائي گهٽ هئڻ جي ڪري، پيدا ٿيندڙ مٺي شي جي طلب ۾ به واضح گهٽتائي ٿيندي. شام جو توهان جيڪي بهترين ڪارڪردگيون اختيار ڪري سگهو ٿا انهن مان هڪڙي فطري ماحول ۾ هڪڙي ڪلاڪ جي چهل قدمي آهي. انهي دوران توهان کي هڪڙو ڪلاڪ ٻيو به ملي ويندو، جنهن ۾ توهان ڊجيٽل مداخلتن کان بلڪل آزاد هوندو ۽ توهان خيالن جي گهرائي سان سوچڻ جي قابل ٿي ويندا. انهي دوران توهان کي پوندڙ سج جا هلڪا هلڪا ڪرڻا، توهان جي مائينڊ سيٽِ Mind set ، هارٽ سيٽHeart set ، هيلٿ سيٽ health set ، ۽ سول سيٽ soul set کي به فرحت بخشيندا. فطرت جي ماهرن (نيچرلسٽ) جان موئير John Muir ان ڳالهه کي اهو چئي بهتر بيان ڪيو آهي ته،” فطرت جي وچ ۾ چهل قدمي سان ماڻهو کي پنهنجي تلاش ۽ توقع کان گهڻو وڌيڪ ملندو آهي“In every walk with nature one receives far more than he seeks. ان کان علاوه جيڪڏهن موقعا مليا ته ان ڪلاڪ جي دوران جبل تي سائيڪل هلائي سگهجي ٿي. اهڙين قسمن جي سرگرمين سان توهان جي جسم جي اضافي چرٻي به جلندي ۽ توهان جي صحت به بهتر ٿيندي. جسماني سڻڀ به گهٽ ٿيندي ۽ توهان ۾ چستي ايندي. ٻن وقتن ۾ جسماني ڪسرت انقلاب آڻي ڇڏيندو.


Tactic # 6: The 2 massage protocol (2 MP)
ڇهون گُر: ٻه مالشون

پرک: مطالعيءَ مان خبر پئي ٿي ته مساج ٿيراپي يعني مالش ٿيراپي ڪرڻ سان دماغي ڪاڪردگي، مزاج، ذهني دٻاءُ سان وڙهڻ جي اهليت سان گڏو گڏ، سڄي صحت ۾ تمام گهڻي بهتري ايندي آهي. مالش ڪرائڻ سان هي فائدا حاصل ٿيندا آهن. ڪارٽيسول (خوف جو هارمون) ۾ ايڪٽيهه سيڪڙو گهٽتائي، ڊوپامين (مووٽيويشن جو نيوروٽرانسميٽ) ۾ ايڪٽيهه سيڪڙو اضافو، سيروٽونن (اينگزائٽي کي قابو ڪرڻ ۽ خوشيءَ کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۾ نيوروڪيميڪل ) ۾ اٺاويهه سيڪڙو اضافو، جسماني اسٽريس ۾ گهٽائي، درد کان نجات جي اهليت ۾ اضافو، مائٽوڪونڊرريا ٺاهڻ وارن خلين جي اشارن ۾ اضافو. ان سلسلي ۾ اصل نڪتو اهو آهي ته جسم جي کل جي گهرائي ۾ مالش ڪئي وڃي، جيڪڏهن مساج يا مالش ڪرڻ سان، هلڪي تڪليف يا درد جو احساس ٿيندو ته اهو وڌيڪ فائديمند ٿيندو. اهڙي طرح ٽيلومر کي بگاڙڻ واري اسٽريس ۾ گهٽائي ٿيندي آهي ۽ اصل صحت بهتر ٿيندي.
عمل: پنهنجي سڄي هفتي دوران نوي نوي منٽ جو مساج ڪرايو. ڇو ته جنهن ڪم کي پنهنجي روز مره هي روٽين ۾ شامل ڪيو ويندو ته اهو ڪم ٿيندو. مبهم منصوبا بندي سان مبهم ڪارڪردگي ملي ٿي ۽ تمام وڏي نيت ڪرڻ کان بهترآهي ته ننڍو عمل ئي ڪجي. سڀني کان ماهر ماڻهو اهي ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي وزن سان هم آهنگ ٿيندي، پنهنجي پاڻ کي عمل لاءِ وقف ڪري ڇڏين ٿا. توهان اهو به چئي سگهو ٿا ته مان ته تمام گهڻو مصروف رهندو آهيان ان ڪري هر هفتي ٻه ڪلاڪ مالش لاءِ نه ٿو ڪڍي سگهان. پر حقيقت اها آهي ته انهن ٻن ڪلاڪن جو جيڪو فائدو توهان جي ذهني سطح تي ٿيندو ۽ جنهن لطف، صحت ۽ وڏي عمر جو احساس توهان کي ٿيندو، اهو ايڏو ته زبردست آهي جو توهان ان عادت کي اپنائڻ بنا نه ٿا رهي سگهو. ها، اهو ضرور آهي جو، نوي نوي منٽن جي ٻن سيشن تي تمام گهڻو خرچ اچي ويندو، پر توهان جي بيماري تي ايندڙ خرچ کان اهو گهڻو گهٽ هوندو.

Tactic # 7: Traffic University
ستون گُر: ٽريفڪ يونيورسٽي

پرک: جيڪي ماڻهو روزانو ڪم تي ايندي ۽ ويندي پورو ڪلاڪ وڃائن ٿا، ته هڪڙي عام زندگي ۾ اهي تقريبن 1200 ڏينهن ان سفر ۾ خرچ ڪن ٿا. ان جو مطلب اهو آهي ته اهي پنهنجي زندگي جا ٽي ڀرپور سال ٽريفڪ، يا بس يا وري ٽرين ۾ گزاري ڇڏين ٿا ۽ جيئن جيئن فاصلا وڌن ٿا ۽ ان وقت ۾ به اضافو ٿئي ٿو. ان دوران گهڻو ڪري ماڻهو زهريلون خبرون، ريڊيو تي هلندڙ تباهي وارا پروگرام ۽ ٻين منفي سرگرمين ۾ مصروف رهندا آهن، جو جن جي ڪري انهن جي اندروني سڪون وارو ٻيڙو غرق ٿي ويندو آهي. جيڪي ماڻهو دوران سفر اهڙن ڪمن ۾ مصروف رهندا آهن يا وري ٽٽل ڦٽل ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اهي زندگي ۾ شديد سردمهري جو شڪار ٿي ويندا آهن. پاڻ کي انهن کان الڳ ڪيو.
عمل: ٽريفڪ يونيورسٽي ۾ شرڪت ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته توهان سفر جي وقت کي بهتر ڪيو.... خود توهان گهريلو خريداري لاءِ ايندا ويندا رهيا آهيو، يا وري ڪنهن ٻي مقصد لاءِ سفر ڪري رهيا آهيو....ان وقت کي سکڻ لاءِ استعمال ڪندا ڪيو. پنهنجي پيشوراني ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ استعمال ڪيو. پنهنجي ذاتي معلومات ۾ اضافي لاءِ استعمال ڪيو. ان لاءِ توهان سفر جي دوران ڪو معلوماتي ڪتاب (آڊيو بوڪ) ٻڌي سگهو ٿا. يا وري ڪو آن لائين ڪورس ڪري سگهو ٿا. يا وري ڪا مفيد پوڊ ڪاسٽ جيڪو اڄڪلهه تمام عام ۽ مفت آهي، سان پنهنجي علم ۽ ڏاهپ ۾ اضافو ڪري سگهو ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سفر جي دوران، توهان جيڪو به نئون ڪتاب، نئون ڪورس مڪمل ڪندو، اهو توهان جي ان وقت جو بهترين استعمال هوندو. گهٽ ۾ گهٽ توهان جي تخليقيت creativity ، ڪارڪردگي productivity ، ڪارگذاري، توانائي energy، روحاني تسڪين spirituality exponentially ته ڪاڏي نه وئي. اڄ جي دور ۾ پنهنجي تعليم ۽ سوچ تي سرمائيڪاري ڪرڻ کان بهتر ٻي ڪابه سرمائيداري نه آهي.

Tactic # 8: The dream team technique
اٺون گُر: خوابن جي ٽيم جي ٽيڪنڪ

پرک: پيشاور کلاڙي عالمي سطح تي بهترين کلاڙي ٿيڻ لاءِ پاڻ سان گڏ هڪڙي ڀرپور ٽيم تيار ڪن ٿا. اهڙي طرح اهي پنهنجي ذهانت جي پنج اثاثن کي چڱي ريت مانجهين ٿا ته جيئن اهي پنهنجي راند ۾ ڪٿي نمايان ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي قابل ٿي سگهن. مائيڪل جارڊن Michael Jordan پنهنجو اسپورٽس ڊاڪٽر پاڻ نه هيو. نه ئي وري محمد علي ڪُلي پنهنجي باڪسنگ جو پاڻ ٽرينر هو. وڏا ڪم ڪندڙ ماڻهو جنهن ڪم ۾ پاڻ کي ماهر بنائڻ چاهين ٿا، اهي ان لاءِ ٻيا ماهر تلاش ڪن ٿا ۽ ائين انهن جون مڙئي سرگرميون ان کي مهارت جي ضمن ۾ خودڪفيل ڪري ڇڏين ٿيون. اهي پنهنجي وقت کي تمام گهڻي ڌيان سان استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي ويندا آهن. نتيجي طور انهن جا نتيجا گهٽ وقت ۾ مددگار ٽيم استعمال نه ڪرڻ سان گهڻو اڳتي ۽ گهڻو نمايان ٿي ويندا آهن.
عمل: اهڙا ڪم جنهن ۾ توهان جو وقت گهڻو لڳي يا وري توهان جي خوشيءَ کي چوسڻ وارا آهن، اهي ٻين جي ذمي لڳايو. پنهنجي سڄي زندگي ان انداز سان ترتيب ڏيئي ڇڏيو، ته جيئن توهان کي انهن ڪمن لاءِ وقت ملي وڃي، جيڪي توهان لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهن ...۽ اهي ڪم ڪرڻ سان توهان کي مزو ٿو اچي. اهڙي ريت، توهان جي ڪارڪردگي ۾ واضح طور تي اضافو ٿيندو. ڇو ته توهان پنهنجي وقت کي اهم ڪمن جي حساب سان سيٽ ڪندو ۽ ان لاءِ توهان پنهنجا اهي مخصوص چند ڪم ئي ڪندو. ان سان گڏ ئي وري توهان کي شخصي آزادي ءَ جو مزو ۽ اطمينان پڻ ملندو. ڇو جو توهان جي ٽيم ۾ اهي ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ماهر آهن. توهان صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿندو ته توهان جي طبيعت ۾ نرمي هوندي. ڇو جو توهان کي اطمينان هوندو ته توهان کي جيڪي سڄي ڏينهن ۾ ڪم ڪرڻا آهن، ان لاءِ بهترين ماڻهو توهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهن. توهان جي ان ٽيم جو مخصوص ميمبر توهان جي فٽنيس جو ميمبر ٿي سگهي ٿو، جنهن سان گڏجي توهان روزانو جسماني ڪسرت ڪندو. غذائيت جي ماهر، مساج ٿيراپسٽ، هڪ فئنانشل ڪوچ جيڪو توهان کي معاشي ۽ مالي معاملن ۾ مدد ڪري توهان جي رهنمائي ڪندو، اهو رشتن جو صلاحڪار جيڪو توهان کي خاندان ۽ ٻين اهم فردن سان گڏ توهان جي تعلقاتن کي مضبوط ۽ متوازن رکڻ ۾ توهان جي مدد ڪندو ۽ هڪ روحاني رهنما جيڪو توهان جي روحاني جلا لاءِ ابدي قانون کان آگاهه رهندو.
Tactic # 9: The weekly design system (WDS)
نائون گُر: هفتيوار ڊزائن

پرک: هاڻي توهان کي خبر پئجي ويئي ته جن ڪمن کي پنهنجي شيڊيول ۾ ترتيب سان آندو ويو، اهي ڪم ٿي ويندا آهن. پنهنجي ايندڙ هفتي جي ستن ڏينهن کي باريڪ بيني سان ڊزائن نه ڪرڻ ائين ئي آهي، جئين ڪي ٽي کي ڪنهن به حڪمت عملي ۽ تياري بنا ان کي سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، يا وري ڪنهن گهاٽي جهنگل ۾ قطب نمان جي بغير نڪرڻ. ها، چڱائيءَ جي اميد ڪرڻ ۽ اچتو ٿيندڙ معجزن جو به اميد رکڻ به ضروري آهي. پر ان جو مطلب اهو ناهي جو توهان انسان جي حيثيت سان ڪا به زميواري نه کڻو. توهان جي پختگي ۾ ان وقت اضافو ٿيندو، جڏهن توهان سوچ ويچار کان پوءِ واضح طور تي، پنهنجي هفتي جي ڪمن ڪارين کي تعين ڪرڻ جي مشق ڪندو، جنهن مان توهان جي توانائي ۽ توازن ۾ بهتري ايندي.
عمل: ايندڙ ”خوبصورت هفتي جو نقشو“/چارٽ تيار ڪيو ۽ ان لاءِ هر آچر جي صبح جو ٽيهه منٽ ڪڍو. پنهنجي جرنل تي گذري ويل هفتي جي ستن ڏينهن جون جهلڪيون ڪهاڻي واري انداز ۾ لکو ۽ پوءِ وري ايندڙ هفتي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي لاءِ، انهن سبقن کي ياد ڪيو جيڪي توهان سکيا. پوءِ هڪڙي وڏي ڪاغذ تي، جنهن تي صبح جو پنجين وڳي کان وٺي رات جي يارنهن وڳي تائين جا ڪلاڪ لکيل هجن، ان ۾ سڀ ڪم لکي ڇڏيو. هتي اهم ڳالهه اها آهي ته ان فهرست ۾ پنهنجي ڪاروباري ملاقاتن ۽ منصوبن کان به وڌيڪ فهرست ٺاهيو. پنهنجي فتح جي ڪلاڪ، نوي نوي هڪڙو سيشن، سٺ ڏهن جي گردش ۽ ٻيهر ڪسرت کان علاوه پنهنجي زال سان وقت گذاريو ۽ پنهنجي شوق لاءِ مخصوص وقت جو تعين ڪرڻ.... سڀ ڪجهه ان ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. توهان هرهفتي اهو ڪندو ته توهان جي ڏينهن ۾ توهان جي توجهه غيرمعمولي وڌندي ويندي. حيرت جي حد تائين تسلسل پيدا ٿيندو/برقرار رهندو، ڪارڪردگي تمام گهڻي نمايان ٿي ويندي ۽ زندگي ءُ ۾ واضح توازن اچي ويندو.
Tactic # 10: The 60 minute student
ڏهون گُر: 60 منٽن جو شاگرد

پرک: توهان کي جيتري گهڻي ڄاڻ ٿيندي ويندي، اوترو ئي وڌيڪ توهان بهتر ڪري سگهو ٿا. ذهين ليڊرن ۾ بيحد تجسس ۽ سوچ جي لامحدود خوبي ملندي آهي/موجود هوندي آهي. تعليم انتشار جي خلاف تحفظ مهيا ڪري ٿي. چوٽيءَ جا محنتي ماڻهو سڄي زندگي سکندا رهندا آهن. پاڻ کي دنيا جي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي پنهنجي هنر ۽ فن کي بهتر ڪرڻ ۽ پاڻ کي اڃان به وڌيڪ ماهر ڪرڻ /بنائڻ لاءِ اهي هميشه شاگرد ئي رهندا آهن. يعني سکندا رهندا آهن.
عمل؛ روزانو گهٽ ۾ گهٽ 60 منٽن تائين مطالعو ڪيو. اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جنهن جي ذريعي توهان مسلسل ترقيءَ جي قابل ٿي سگهو. روزانو سيکارڻ سان توهان جي فنڪاري وڌندي ۽ دانش ۾ گهرائي ايندي ۽ پاڻ کي اڃان به اڳتي وڌائڻ جو جذبو پيدا ٿيندو. توهان جي سوچ ۾ وزن هوندو ۽ توهان پنهنجي شعبي جا سپر اسٽار ٿي ويندو. انهن سٺ منٽن جي دوران توهان ڪو به ڪتاب پڙهي سگهو ٿا ۽ پنهنجي استاد کان مشورو وٺي سگهو ٿا. فن جي ماهرن جون وڊيوز به ڏسي سگهو ٿا. جڏهن توهان پنهنجين فطري خوبين ۽ ظاهري صلاحيتن تي سيڙپڪاري ڪندو ته نه صرف توهان هڪڙا سٺا ماڻهو ٿي ويندو، پر ماڻهن جي ضرورت به بڻجي ويندو. توهان پنهنجي ڪم ۾ ايڏا ته ماهر ٿي ويندو جو توهان جو ادارو، توهان جو شعبو، توهان جي بنا، ٻين جي هلائڻ جي وس جي ڳالهه نه هوندي. توهان پنهنجي ميدان جا شهسوار بڻجي ويندو. توهان پنهنجي ساٿين، گراهڪن ۽ دوستن يارن کي تمام گهڻو فائدو ڏيڻ جي قابل ٿي ويندو. ان سيڙپڪاري جا نتيجا، توهان کي توهان جي آمدني، ۾ اضافو، منفرد حيثيت ۽ خوشيءَ جي صورت ۾ ملڻ شروع ٿي ويندا. توهان هڪڙا نفيس فرد، غير معمولي ڪارڪن ۽ زندگي جي عظيم مقصد رکڻ واري انسان جي حيثيت سان اڀرندا.
________________
”توهان کي پنهنجي شادي ۾ وڃڻ کان اڳ ۾، مان توهان ٻنهين کي هڪڙو ٻيو تحفو ڏيڻ چاهيان ٿو.“، ارب پتيءَ اظهار ڪيو. ” هي هڪڙو نظم آهي، جيڪو مون وينيسيا Vanessa لاءِ ياد ڪيو هو“، هو ان وقت پنهنجي گهرواري جي تصوير کي هٿ ۾ نپوڙي رهيو هو. He was clutching her picture as he said this.
”هر ويلنٽائن ڏينهن تيEvery Valentine’s Day ، اها اسان جي ريت هئي ته هن کي هڪ سو اٺ گلابن جا گل، مزيدار چاڪليٽ ۽ ڪنهن پسند واري هوٽل تي ماني کارائيندو هئس. ان کان پوءِ مان هنجي سامهون گوڏا کوڙي ويهي هي شعر پڙهندو هئس“.
اهو چئي ارب پتي هڪڙي ميز جي پٺيان هليو ويو، جيئن ننڍڙا ٻار وڏن کان لڪي ڪري راند ڪندا آهن. هن پنهنجن ٻنهي اکين تي پنهنجا هٿ رکي ڇڏيا ۽ پوءِ اسپينسر مائڪل فري Spencer Michael Free جو نظم وڏي جوش سان پڙهڻ شروع ڪيو؛

“Tis the human touch in this world that counts,
The touch of your hand and mine,
Which means far more to the fainting heart
Than shelter and bread and wine.
For shelter is gone when the night is o’er,
And bread lasts only a day.
But the touch of the hand and the sound of the voice
Sing on in the soul always.
ترجمو؛
اهو هن دنيا ۾ انساني ڇهاءُ آهي، جيڪو ڪائونٽ ٿئي ٿو،
تنهنجن ۽ منهنجن هٿن جو ڇهاءُ،
جنهن جو مطلب مرجهائيندڙ دلين ،
پناهه گاهه، ۽ ماني ڳڀو،
۽ شراب کان به گهڻو پري،
۽ ماني ڳڀو بس رڳو هڪڙو ڏينهن ئي هلي ٿو،
پر هٿن جو ڇهاءُ ۽ وري اهو آواز،
روح ۾ وڄندو رهي ٿو هميشه.

”تمام بهترين شعر آهن هي“، آرٽسٽ چيو.
مسٽر ريلي ان ڳالهه جا قائل ٿيندا پئي ويا. هي هپي نما مصور جيتوڻيڪ ظاهري طور تي کرو هيو، پر دل جو تمام نرم هيو. ظاهري طوري تي لڳي رهيو آهي ته آرٽسٽ جي دلچپسي ايتري ناهي، پر حقيقت ۾ ڪاروباري خاتون/عورت لاءِ هن جي چاهت هن جي انا جي گهرجن تي حاوي آهي. هن جي جيڪا به مهرباني آهي ان کي هن جي ڪمزوري سان ڀيٽ نه ڪئي وڃي. آرٽسٽ حقيقت ۾ هڪ تمام وڏو ماڻهو/طاقتور انسان هو.
”مون پاڻ به تولاءِ هڪڙو نظم لکيو آهي، اهو تنهنجي لاءِ آهي، منهنجي پياري“.
”مهرباني. اسان کي اهو پڙهي ٻڌايو“ ڪاروباري عورت التجا ڪندي چيو.
”ٺيڪ آ“آرٽسٽ پنهنجو گلو صاف ڪندي چيو. ان جو عنوان آهي، ”شال اسان هڪٻئي کي ڪڏهن به الوداع نه چئون“، هن نظم شروع ڪيو.
May we never say goodby

جنهن لمحي مون پهريون ڀيرو توکي ڏٺو،
A chance encounter and that very first glance,
تنهنجي سونهن مون کي متاثر ڪيو، Your beauty moved me
And your strength calmed me,
۽ تنهنجي طاقت مون کي سڪون بخشيو
Life’s unexpected window of opportunity
زندگي ۾ موقعن جون غير متوقع دريون هونديون آهن.
Sent by a knowing intelligence
جيڪو اسان پنهنجي ذهن جي مطابق استعمال ڪندا آهيون
Asking us to do our part. By Taking a risk.
اهي موقعا اسان کي عمل ڪرڻ ۽ رسڪ کڻڻ جو چون ٿا،
Only those who dare will win.
فقط اهي ئي کٽيندا آهن، جيڪي همت ڪندا آهن،
Only those willing to face rejection will find their salavation.
نجات انهن جي مقدر هوندي، جيڪي رد ڪندڙن کي منهن ڏيندا،
Only those who reclaim their power will experience a resurrection.
۽ پنهنجي طاقت کان آشنا هئڻ وارا ئي حشر برپا ڪري ڇڏيندا
I’ve never known true love.
مون کي سچي محبت جي صفا خبر ڪانه هئي،
I’ve never believed in double rainbow.
مون ڪڏهن به ٻٽي انڊلٺ تي يقين نه ڪيو هو،
Romantic walks and holding hands at sunrise.
هٿن ۾ هٿ وجهي سج اڀرڻ مهل پيار سان چهل قدمي ڪرڻ
I never imagined that first kiss would lead to this.
مون کي خبر نه هئي ته مون کي پهريئن چمي هتي وٺي ايندي.

When you fall, I will support you.
جڏهن تون ڪرندي ته مان تنهنجو ٻانهن ٻيلي ٿيندس،
Should you be scared, I will hold you.
جڏهن تون ڊپ ۾ ڊڄندي ته مان تنهنجو ساٿ ڏيندس
When you are in doubt, I will stand by you.
۽ جڏهن تون وهمن وسوسن ۾ مبتلا ٿيندي ته مان تو سان گڏ بيٺو هوندس،
When you enjoy success, I will raise my glass to you.
جڏهن تون ڪاميابي جو مزو ماڻيندي ته مان پنهنجنجو گلاس/جام کڻي ايندس
And when you feel like leaving, I won’t let you go.
۽ جڏهن تون مون کان پري وڃڻ چاهيندي ته مان توکي ائين ڪرڻ نه ڏيندس.
I think of you constatntly.
مان هر وقت تنهنجي باري ۾ ئي سوچيندو آهيان
I feel you deep within me.
مان پنهنجي اندر جي گهرائي ۾ توکي محسوس ڪندو آهيان
I’m not sure what I ‘ve done to deserve you.
مون کي خبر ناهي ته تون جنهن شي جي مستحق آهيان، اهو مان ڪري رهيو آهيان يا نه،
But my dream now is to grow old with you.
پر منهنجا خواب هاڻي تو سان گڏ وڌي پوڙها ٿي ويا آهن.
May we never say goodbye.
شال اسان هڪٻئي کي ڪڏهن به الوداع نه چئون.

آرٽسٽ گوڏا کوڙي ويهي رهيو ۽ پنهنجي ٿيڻ واري گهرواري/ڪنوار جي هٿ کي چمي ڏني. شرم وچان هن جو چهرو صفا ڳاڙهو ٿي ويو (شرم وچان). پوءِ اوچتو وري هال ۾ ڪنهن جي زور سان روئڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. انهن ٻنهي شاگردن پنهنجي استاد کي هٿ ۾ ٽشو پيپر ڏنو ته جيئن هو پنهنجا ڳوڙها اگهي سگهي.