سيلف ڊولپمينٽ

پرھہ جي پڪار

روبن شرما کي دنيا جي صف اول جي ليڊر شپ جي ماهرن ۾ شمار ڪجي ٿو. فائيو اي ايم ڪلب جو بنياد هڪڙي اهڙي تصور ۽ طريقي تي رکيل آهي، جنهن مان اهو ظاهر ڪري ٿو تہ مشھور ڪاروباري (Entreprenueurs) (انٽرپرينرس) وڏين ڪمپنين جيCEOs ، سپراسٽار رانديگرن، ميوزڪ جي دنيا جي وڏن ماڻھن کي ئي اها ڪاميابي نصيب ٿي. ليکڪ هي ڪتاب اٽلي، ڏکڻ آفريڪا، ڪئنيڊا، سوئزلينڊ، رشيا، برازيل ۽ ماريشيس ۾ چئن سالن جي عرصي دوران لکيو.

Title Cover of book پرھہ جي پڪار

جنت ۾ تبديلي لاءِ تياري جي شروعات

7

Preparation for a transformation begins in Paradise
جنت ۾ تبديلي لاءِ تياري جي شروعات


“A child has no trouble believing the unbelievable, nor does the genius or the madman. It’s only you and I, with our big brains and our tiny hearts, who doubt and over think and hesitate”.
–Steven Pressfield


”ڪنهن ٻار لاءِ ڪنهن اهڙي شي تي يقين ڪرڻ، جيڪو يقين ڪرڻ جي قابل نه هجي، ڪو مسئلو ناهي ۽ نه ئي وري ذهين ۽ چرئي ماڻهوء لاءِ. پر اهي صرف مون سان، توهان سان يعني اسان جي وڏن دماغن يا وري ننڍين دلين وارن سان ٿئي ٿو، جيڪي شڪ ڪنداآهن ۽ وڌيڪ سوچيندا آهن ۽ ڳڻتي ۾ پئجي ويندا آهن“.
اسٽيون پريسفيلڊ


”اوه وائو!“ ڪاروباري عورت عجيب خوشيءَ سان مسڪرائيندي چيو. جنهن ۾ حيراني سان گڏ خوشي پڻ شامل هئي.
اسان توهان جي سيمينار ۾ هئاسين، هون. توهان ته اسٽيج تي شاندار ڪم ڪري ڏيکاريو“. هن پنهنجن خيالن کي جيئن تيئن ڪري ظاهر ڪيو، ڪائناتي ڪاروبار جي مالڪ جي هلڪي جهٽڪي/نرم شاڪ جي محور جنهن هن کي متاثر ڪري ڇڏيو هو، هاڻي ان جي عادي بڻجي ويئي هئي.”مان هڪ ٽيڪنالاجي ڪمپني هلائيندي آهيان. اسان جي صنعت ۾ اسان ماڻهن کي پنڊت ”راڪٽ شپ“ چئي پڪاريندا آهيون. ڇو ته اسان کي تمام گهڻي واڌ جو تجربو ٿي رهيو آهي. مڙئي ڪارونهوار ڪجهه عرصو پهريائين ٺيڪ هلي رهيو هو. پوءِ وري....“. عورت جي آواز ۾ هٻڪ اچي وئي.
هن اسپيلبائينڊر کان نگاهه هٽائي ڇڏي ۽ آرٽسٽ کي گهوري نهارڻ لڳي. هڪڙي گهڙي لاءِ هو پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي بريسليٽ سان کيڏڻ لڳي. هن جي چهري تي پئجي ويل گهنج وڌيڪ واضح ٿي ويا ۽ هن جي چهري مان هڪ ئي لمحي ۾ هو ٿڪل، ٿڪل ۽ ڪنهن زخمي ٿيل انسان وانگيان نظر اچڻ لڳي، خاص ڪري ان سامونڊي ڪناري تي.
” ڇا ٿيو“؟ اسپيلبائنڊر هن کا پڇيو.”توهان جي ڪاروبار جو“.
”ڪيترن ماڻهن منهنجي ڪمپني ۾ پئسو لڳايو هو، اهي سمجهن پيا ته منهنجا اختيار تمام گهڻا آهن ۽ سي اختيار اهي پنهنجا ڪرڻ چاهين پيا. انتها جا لالچي ماڻهو. سو انهن ڇا ڪيو جو منهنجي ايگزيڪِيوٽو ٽيم کي منهنجي خلاف ورغلايو ۽ منهنجن اهم ملازمن کان منهنجي خلاف احتجاج ڪرايو ۽ هاڻي اُهي مون کي منهنجي ئي اداري مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن پيا، اُهو ادارو مون لاءِ منهنجي سموري ڪائنات آهي“. ڪاروباري عورت جو ساهه منجهي پيو.
ڪجهه حسين رنگ برنگي مڇين جو جهنڊ سامونڊي واري جي ويجهو کان لنگهي ويو.
”مان ته خودڪشي ڪرڻ وڃي رهي هيس“، عورت پنهنجي ڳالهه کي روان رکندي چيو. ”ايتري تائين جو مون توهان جو سيمينار ڏٺو، مون کي توهان جي معلومات مان تمام گهڻي اُميد ملي. توهان جي لفظن مون کي ٻيهر طاقت جو احساس ڏنو . مان يقين سان ته نه ٿي چئي سگهان ته اهو ڇا هو، توهان مون کي پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجي مستقبل تي يقين ڪرڻ جي قابل بڻايو. ان لاءِ مان توهان جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿي“. اهو چئي هن اسپيلبائنڊر کي ڀاڪر پاتو، ”توهان مون کي پنهنجي زندگي کي بهتر بنائڻ جي سفر ۾ لڳايو آهي“.
”توهان جي ان پذيرائي وارن لفظن جي مهرباني“، اسپيلبائنڊر چيو، جيڪو هن ڀيري، گذريل دفعي جي ڀيٽ ۾ بلڪل مختلف انداز ۾ سامهون آيو هو، جيئن هن کي ڪاروباري عورت ۽ آرٽسٽ آخري ڀيرو ڏٺو هو. هينئر نه هن جي چهري تي روشن چمڪ هئي جيڪي صحتمند ماڻهو سج کان حاصل ڪندا آهن، پر هن وقت خاموش بيٺو هو ۽ هن جو ٿورو وزن به وڌي چڪو هو.
”توهان جيڪو ڪجهه چيو، ان تي مان توهان جو ٿورائتو آهيان“ اسپيلبائنڊر ڳالهائيندو ويو. ”پر سچ ته اهو آهي ته مون توهان کي بهتر زندگي جي تلاش جو آغاز نه ڪرايو. توهان پنهنجي زندگي کي مون وارو طريقو استعمال ڪري بهتر بڻائي رهيا آهيو، جيڪو مون پڙهايو...۽ توهان منهنجي ڳالهين تي عمل ڪري اهو ڪم شروع ڪري رهيا آهيو. ڪيترائي گهڻا ماڻهو تمام سُٺيون ڳالهيون ڪندا آهن. اهي توهان کي اهي سڀئي ارادا ڏسي/ٻڌائي ڇڏيندا آهن، جيڪي هو ڪرائڻ وارا هوندا آهن ۽ پنهنجا اهي سڀ منصوبا ٻڌائي ويهي رهندا آهن. مان ڪنهن تي تنقيد نه ٿو ڪيان، مان ته بس ٻڌائي رهيو آهيان، مان ته ڪا شڪايت نه ڪري رهيو آهيان، مان ته بس چئي رهيو آهيان ته ڪيترائي ماڻهو سڄي زندگي هڪڙي جاءِ تي بيٺا هوندا آهن. اهي ايڏا ڊنل هوندا آهن جو هو اهو رستو جيڪو ڪالهه اپنايو هو، ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. عام نموني سان خوش ٿي شادي ڪئي ۽ اصولن جي هٿڪڙين ۾ ٻڌجي ويا ۽ ترقي، ارتقا ۽ ذاتي طور تي اڳتي وڌڻ جي مڙني موقعن جي خلاف اٿي بيهي رهيا. اسان جي وچ ۾ ڪيترا ئي سُٺا روح ايترو ته ڊنل هوندا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو زندگي ۾ ايندڙ موقعي واري سڏ کي رد ڪري ڇڏين ٿا، جيڪا انهن کي امڪانن جي نيري سمونڊ جيان، جتي مهارت، بهادري جي عظمت ۽ حقيقي بي باڪي انهن جي اوسيئڙي ۾ هوندي آهي. توهان جي اندر اها دانش آهي جيڪا سيمينار ۾ معلومات ڏني، ان تي عمل پيرا ٿي سگهو. توهان ان قليل اقليت منجهان هڪ آهيو. توهان اهو ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا، جنهن مان بهتر ليڊر، پروڊيوسر ۽ بهتر انسان ٿي سگهو. اهو سڀ توهان تي آهي ۽ مون کي اها به خبر آهي ته تبديلي ڪا اڪ جي ماکي نه آهي. البته تڏ جي زندگي جي خاتمي لاءِ، پوپٽ جي شاهاڻي زندگي جي چمڪ کي زنده رکڻ بهتر آهي. توهان جي پراڻي ”توهان“کي، توهان جي ”نئين توهان“ جنم ٿيڻ تي مرڻ گهرجي. توهان ايترا ذهين آهيو جو توهان کي لازوال زندگي تائين پهچڻ لاءِ مثالي حالتن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ ضروري نه آهي. عظيم قوت جي شروعات سادگي سان ٿي سگهي ٿي. جڏهن توهان پنهنجين خواهشن سان کيڏندڙ رستن کي بند ڪرڻ جي شروعات ڪيو ٿا ته توهان جي اندر لڪل/موجود مهاراڻا/سورمائي طاقت پاڻ کي ظاهر ڪري ٿي. قدرت توهان پراثر عملن جو نوٽيس وٺي ٿي ۽ پوءِ اڳتي وڌي ٿي ۽ توهان جي وفادار واعدن/ارادن جو جواب ڏيئي ٿي. توهان جي خود اعتمادي اڃان به وڌندي ويندي آهي ۽ توهان جو اعتماد آسمان تائين پهچي ويندو آهي. توهان جي قابليت هوائن ۾ اڏرڻ شروع ڪري ڏيندي آهي. اڄ واري هن سال کان پوءِ، توهان تمام گهڻو خوش هوندا“.
”مهرباني“ ڪاروباري عورت چيو.
”مون هڪڙي ماڻهوءَ کي چوندي ٻڌو هو ته ڀڄڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجي وزن گهٽاڻ جي ضرورت آهي. ٿورو سوچيو. وزن گهٽجي وڃي ته جيئن هن کي ڀڄڻ جي هير پئجي سگهي. اهو ته ان قلمڪار جيان ٿيو، جيڪو انتظار ڪري ٿو ته ان کي ڪا انسپائيريشن ملي ته جيئن هو ڪو ڪتاب لکي سگهي. يا وري اهو مينيجر جيڪو پروموشن جي انتظار ۾ هوندو آهي ته اعليٰ عهدي تي پهچي، هو پنهنجي شعبي ۾ خدمت انجام ڏيندو. يا وري دنيا جو اهو ڪاروباري ماڻهو جيڪو ڪنهن ڪاروبار جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ۾ ڀرپور فنڊ جي اوسيئڙي ۾ هجي. زندگي جو وهڪرو مثبت عمل کي انعام ڏيندو آهي ۽ جيڪو ڊڄي ويندو آهي، ان کي سزا لڳندي آهي. بهرحال مان ان لاءِ پرجوش آهيان، ته توهان جي بهتري ۽ ڪاميابي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجو حصو شامل ڪري سگهان. البته توهان جي شخصي/ذاتي ايڊوينچر جو هي شاندار وقت آهي. هي ڳالهه ياد رکجو ته انا جو خراب ڏينهن، روح لاءِ عظيم ڏينهن هوندو آهي ۽ توهان جي ڊپ جو آواز دعويٰ ڪندو آهي جنهن جي معنيٰ اها هوندي آهي ته توهان جي دانش جي روشني هڪ شاندار تحفو آهي“.
”اسان سمجهيو هو ته توهان مري ويا آهيو“. عورت چيو. ”خدا جو شڪر آهي جو توهان خيريت سان آهيو ۽ توهان جي انڪساري/عاجزي جي ته اسان کي ساراهه ڪرڻ گهرجي“.
”مون کي ان ڳالهه تي ويساهه هوندو آهي ته جيڪو به عاجزي/انڪساري ڪري ٿو، اهو ئي، سڀني کان عظيم آهي. سچا ليڊر پنهنجي ذات ۾ ايترا ته محفوظ هوندا آهن جو انهن جو مقصد/مشين ٻين کي ڪامياب ڪرڻ هوندو آهي. انهن جي اندر ۾ خودداري، عزت نفس، خوشي ۽ دلين ۾ سڪون ملندو آهي، انهن کي معاشري ۾ پنهنجي جهيڻي ڪوشش سان ڪاميابي جي اشتهار ڏيڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. مون کي اهو به چوڻ کپي، جيڪڏهن مون کي چوڻ جي اجازت ڏيو ته،” حقيقي قوت/طاقت ۽ ڪوڙي قوت/پاور ۾ سڀ کان وڏو فرق آهي“. اسپيلبائنڊر وضاحت ڪئي ۽ اهو چوندي هو پنهنجي ماهراڻي ڪيفيت ۾ گُرو جي موڊ ۾ وڌيڪ گهرائي ۾ هليو ويو. جنهن جي ڪري هن کي دنيا ۾ شهرت ملي.
”اسان جو ڪلچر اسان کي ٻڌائيندو آهي ته ٽائٽل، انعام اڪرام، تعريف، آسائشون، پيسو ۽ بنگلن جي پٺيان ڊوڙو/انهن شين ڏانهن اسان کي راغب/مائل ڪري ٿو. اهي سڀ شيون سٺيون آهن... ٺيڪ آهن. اوسيتائين، جيسيتائين، توهان پنهنجو برين واش نه ٿا ڪيو، جنهن ۾ توهان انهن شين بجاءِ، انسان جي حيثيت سان انهن شين جو تعين ڪرڻ شروع نه ٿا ڪريو. اهي شيون ڀلي حاصل ڪريو، پر پنهنجي سڃاڻپ جو بنياد انهن جي ويجهو نه رکو. انهن شين جو قدر ڪيو، پر انهن کي پنهنجي ضرورت نه بڻايو. اهي جڙتو طاقت/پاور جا نمونا آهن، اسان جي تهذيب اسان کي ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ سکياري ٿي ته هي ڪاميابي......۽ سڪون لاءِ بهترين آهي. جڏهن ته حقيقت هي آهي ته جيڪڏهن توهان انهن شين مان ڪنهن هڪ کي به ڇڏيو/وڃايو ٿا ۽ ان جي بدلي ۾ جيڪا طاقت توهان حاصل ڪيو ٿا، ته اها ٻاڦ جيان اڏامي ويندي. لمحي ۾ اها ختم ٿي وڃي ٿي، جو توهان کي هڪدم اندازو ٿي ويندو ته اهو ته فقط هڪ وهم هو“.
” مهرباني ڪري اسان کي وڌيڪ ڪجهه ٻڌايو نه“، ڪاروباري عورت هن جي لفظن کي جذب ڪندي، فرمائش ڪئي.
”حقيقي قوت ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين شي سان نه ٿي ملي“، اسپيلبائنڊر ڳالهه جاري رکندي چيو، ”ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جن وٽ تمام گهڻي دولت آهي، پر اهي دولتمند نه آهن. هن جملي کي ياد ڪري ڇڏيو“. اسپيلبائنڊر اها ڳالهه ڪري پنهنجا پير ڦڪي رنگ جي جوتي کان ٻاهر ڪڍي، واري جي مٿان رکي ڇڏيا. ”اصلي قوت/حقيقي طاقت.... اهو مواد جنهن مان عظيم ماڻهو ٺهندا آهن... انهن شين سان حاصل نه ٿي ٿي سگهي، جيڪي توهان وٽ ٻاهرين سطح تي آهن ۽ توهان جن جا بظاهر مالڪ آهيو. هي دنيا هاڻي وڃائجي چُڪي آهي. سچي ۽ کري قوت ان وقت ظاهر ٿيندي آهي، جڏهن توهان پنهنجا فطري ۽ اصلي صلاحيتن سان ڳانڍاپيل هوندا آهيو ۽ انسان جي حيثيت سان پنهنجن قيمتي صلاحيتن (ٽيلنٽ) کي ڳوليندا آهيو. مون کي اهو چوڻ ڏيو ته حقيقي امير ۽ شاهوڪار ماڻهو اهي آهن، جيڪي پنهنجي ڪارڪردگي، خودنظمي (سيلف ڊسيپلن) جرئت، ديانتداري، همدردي ۽ ساک جهڙين خوبين سان پنهنجي زندگي گذاريندا آهن ۽ پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون پنهنجي معيار مطابق گذارڻ جي قابل هوندا آهن. ان جي برخلاف/ابتڙ وري، عام ماڻهو اهي آهن. جيڪي رڍن جيان پنهنجيون اکيون ٻوٽي، بيمار معاشري جي پيروي ڪندا آهن. اسان جو معاشرو اهڙن ماڻهن جي تربيت ئي اهڙي ڪندو آهي. معاشري ۾ گهڻو ڪري اهڙيون ئي رڍون آهن. بهترين خبر اها آهي ته مون جنهن قسم جي قوت جي ڳالهه ڪئي آهي، اها هن سياري تي رهندڙ هر انسان وٽ موجود آهي. اسان اهڙي قسم جي قوت ۽ خوبي کي وساري چڪا آهيون ۽ ان کي سُٺو نه ٿا سمجهون، جنهن جي ڪري اسان جي زندگي پريشان، مايوس ۽ بي چين آهي. پر هي اڃان به اسان جي انتظار ۾ آهي ته اسان اُن ڏي وڌي ڪري هن سان پنهنجو تعلق ٻيهر جوڙيون ۽ ان کي مضبوط ڪندا رهون. توهان کي خبر آهي، انساني تاريخ جا سڀئي عظيم استاد تمام گهٽ شيون رکندا هُئا. جڏهن مهاتما گانڌي Mahatama Gandhi هن دُنيا مان گذاري ويا هئا، ته هن وٽ فقط ڏهه شيون هن جي ملڪيت ۾ هيون. هن جا سينڊل، هڪڙي واچ، هڪ چشمو، کائڻ پيئڻ لاءِ هڪ سادو پيالو، ... مڌر ٽريسا Mother Teresa دلي طور تي ايتري خوشحال ۽ امير هئي جو هن ڪروڙين ماڻهن کي متاثر ڪيو، پر هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ئي هن جي پڄاڻي ٿي جتي شايد دنياوي ڪا به شي موجود نه هئي. جڏهن هو مسافري لاءِ نڪرندي هئي ته هن جو سڀ شيون فقط هڪڙي اڇي رنگ جي ڪپڙي جي ٿيلهي ۾ سمائجي وينديون هيون“.
”انسانيت جي ايڏن وڏن سورمن وٽ ايتريون ٿورڙيون شيون ڇو هونديون هيون“. آرٽسٽ هن کاپڇيو، جيڪو هاڻي واريءَ تي ليٽي پيو هو.
”ڇو ته اهي انفرادي سطح تي پختگي/ميئچوئرٽي جي ان مٿانهين سطح تي پهچي چڪا هيا، جو انهن کي خبر پئجي ويندي هئي ته انهن شين جي پٺيان ڊوڙڻ ۾ پنهنجو وقت برباد ڪرڻ کان علاوه انهن کي ڪجهه به نه ملندو ۽ انهن پنهنجو ڪردار ايتري حد تائين نفيس ۽ مضبوط ڪري ڇڏيو هو جو انهن سوراخن کي ڀرجڻ جي لاءِ، اهڙي قسم جي آسائشن، آرامن ۽ ظاهري ڏيکاءُ جي ضرورت نه ٿي پوي. جيتري انهن کي مادي قسم جي شين جي حاصلات جي بُک گهٽجندي ويئي، اوتري وڌيڪ انهن جي چاهت، انهن حقيقي شين جي باري ۾ وڌي ويندي آهي، اهي شيون هنن جي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واريون هجن. جيئن تخليق سوچ، خانداني ذهانت جو اظهار ۽ انتهائي بهترين اخلاقي رويا. هاڻي هي چڱي طرح سمجهي ويا هئا ته ڪنهن کي متاثر ڪرڻ لاءِ يا وري ماهر بنجڻ جي لاءِ، بيخوف بڻجڻ جا مڙئي معاملا انسان جي اندر سان تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ڀيرو جڏهن ڪنهن جو سچي قوت سان تعلق ٿي ويو ته ان جي برعس ٻاهريون قوتون جهيڻيو پئجي وينديون آهن ۽ تڪميل ۽ پيٽ ڀرجي وڃڻ جو احساس غالب ٿي وڃي ٿو ۽ ها، تاريخ جا اهي وڏا نالا جڏهن پنهنجي بهترين فطرت جي کوج لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن، ياانهن کي پنهنجي بهترين خوبي جي خبر پئجي ويندي آهي ته انهن کي اهو به ادراڪ ٿي ويندو آهي ته هن حسين انساني زندگي جو سڀني کان وڏو مقصد حصو ونڊڻ (ڪنٽريبيوشن) آهي. اثر انگيزي/تاثر ڇڏڻ، اميد، فائديمند،. ڪاروباري ماڻهو جنهن کي (ان لاڪنگ اسٽيڪ هولڊ ويليو) چوندا آهن. جيئن مان ڪري پوڻ کان اڳ ۾ سيمينار ۾ ٻڌائي آيو آهيان ته ”رهنمائي يا ليڊرشپ جو مطلب آهي خدمت ڪرڻ“. فلسفي رومي Rumi منهنجي ان ڳالهه کي اڃان به وڌيڪ فصاحت سان بيان ڪيو آهي ته ”هڪڙو ڦڙوڇڏي ڏيو، اهو سمونڊ ٿي ويندو.‘‘
Give up the drop, become ocean
”اهڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ توهان جي مهرباني“ عورت وڏي خلوص مان چيو ۽ هوءَ هن وقت آرٽسٽ جي ويجهو واري تي ويهي رهي ۽ هن پنهنجو هڪ هٿ آرٽسٽ جي هٿ کان ٿورڙو پرڀرو وڏي خبرداري سان رکي ڇڏيو هو“. ”اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته توهان اڃان به سٺو/بهتر ڪري رهيا آهيو“. آرٽسٽ ڳالهايو، جيڪو ان وقت پنهنجا جوتا لاهي چڪو هو. هن جي پيرن ۾ جوراب نه هيا. سج جي روشنائي سان تڙ ڪندي هن پڇيو،” اهو ته ٻڌايو ته توهان کي ٿيو ڇا هو“؟
”ٿڪاوٽ“، اسپيلبائنڊر اعتماد سان چيو. ”تمام گهڻا جهاز، تمام گهڻا شهر، تمام گهڻو ميڊيا جو ڏيک، تمام گهڻا پريزنٽيشن، مان پنهنجي مقصد جي حاصلات جي ڊوڙ ۾ پاڻ کي بلڪل هيٺين سطح تائين پهچائي ڇڏيو ته جيئن ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي اڳواڻي/ليڊرشپ تي زور ڏين/وڌائن، پنهنجن خوبين/صلاحيتن کي جاڳائن ۽ پنهنجن زندگين جا سورما بڻجي وڃن. مان بهتر سمجهان ٿو“.
پوءِ اسپيلبائنڊر پنهنجو چشمو لاٿو ۽ پنهنجا ٻيئي هٿ انهن ٻنهي شاگردن ڏانهن وڌايا. ”توهان ٻنهين سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي“.
”ادا توهان سان ملي اسان کي به خوشي ٿي آهي“. آرٽسٽ جواب ڏنو. ”توهان جي ڪم منهنجي ڏکئي وقت ۾ تمام گهڻي مدد ملي آهي“.
جڏهن آرٽسٽ اهي الفاظ ڳالهايا، ته هن هڪ ننڍڙي ٻيڙي ڏي ڏٺو، جيڪا انهن کا ٿوري پري مفاصلي تي هُئي ۽ ان ۾ سوار سياح ڪنهن فيسٽيول (خاص ڏهاڙي) جي لباس ۾ هئا. ان سان گڏ مڇين جو هڪڙو ٻيو جُهنڊ اُتان لنگهيو، جيڪو ان صاف پاڻي ۾ ترندي، چٽي نموني سان ڏسي سگهجي پيو. اسپيلبائينڊر انهن تي هڪڙي نظر وڌي، کليل نموني سان مسڪرائي ڏنو ۽ پوءِ وري پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
”توهان کي حيرت ٿي لڳي ته مان هتي ڇو آيو آهيان/ڪئين“؟
هن وضاحت ڪئي.
”جي صحيح“ عورت پنهنجا جوتا لاهيندي چيو ۽ اڇي رنگ جي واري تي پنهنجون ٽنگون موڙي، پنهنجي ساٿيءَ سان گڏ ويهي رهي.
”مان مسٽر رائلي جو صلاحڪار انهن ڏينهن کان آهيان، جڏهن هو 33 سالن جو هيو“. جيئن تمام وڏا رانديگر ۽ غيرمعمولي ڪاروباري ماڻهن جا ڪوچ هوندا آهن. توهان اڪيلا ڪنهن وڏي منزل تي نه ٿا پهچي سگهو. جڏهن اسان پاڻ ۾ مليا هئاسين ته هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري رهيو هو. پر پوءِ آهستي آهستي هو اهو سمجهي ويو ته ماڻهو جيترو گهڻو سکندو ويندو آهي، هو ايترو ئي وڌيڪ حاصل ڪندو ويندو آهي. اصل ۾ وڌڻ (گروٿ) اُها راند آهي، جيڪا روزاني کيڏڻي پوندي آهي. تعليم سچ ته انتشار جو حل آهي. جيئن جيئن توهان بهتر ٿيندا ويندو، تيئن تيئن بهتر حاصل ڪندا ويندو. زندگي جي هر شعبي ۾...مان ان کي مائينڊ سيٽ 2*3* مائنِڊسيٽ چوان ٿو. پنهنجي آمدني ۽ اثر کي ٻيڻو ڪرڻ. پنهنجي سيڙپ کي ٻن مرڪزي شعبن ۾ ٽيڻو ڪرڻ... توهان جي شخصي مهارت/سورمائي ۽ توهان جي پيشوارڻه قابليت آهي“. ”مون کي اهو ڏاڍو وڻيو“، آرٽسٽ پنهنجي نڪتل پيٽ کي کنيدي چيو.
”مسٽر رائلي، اڳ ۾ سمجهي ويو هو ته غيرمعمولي بڻجڻ لاءِ توهان کي ورلڊ ڪلاس سپورٽ جي ضرورت آهي. اسان سالن کان وٺي تمام سُٺا دوست آهيون. اسان هڪٻئي سان شاندار خوشي ورهائي آهي، جيئن هن جي ذاتي ساحل تي پنج ڪلاڪ تمام طويل مانجهاندو، جتي سبزيون، ميوا، تازا جهينگا باهه تي سيڪيل ۽ شاندار فرينچ شراب، جهڙيون گهڻيون شيون پيون هيون“.
اسپيلبائنڊر پنهنجون ٻانهون هوا ۾ ڦهلايون/کوليون. هن جبلن جي اوچين چوٽين ڏي نهاريو، هو ڪجهه گهڙيون خاموشي ءَ جي ور چڙهي ويو.
”۽ اسان هڪٻئي جي گهرن غمن جا به ساٿي /سان غم ۾ به شريڪ رهيا آهيون. جڏهن منهنجو جگري يار پنهنجي 50 پنجاهوين سالگرهه جي موقعي تي ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو/ور چڙهي ويو .ائين لڳي پيو ته هن وٽ هر اها شي هئي، جيڪا ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي. پر سٺي صحت کان بغير، هن کي احساس ٿيو ته، هن وٽ ڪجهه به نه آهي. ان هڪ ڳالهه هن کي بدلائي ڇڏيو. شايد توهان کي خبر هوندي ته صحت ماڻهو جي سر تي اهو تاج آهي، جنهن کي فقط مريض ئي ڏسي سگهي ٿو. هڪڙي روايتي چوڻي آهي ته ”جڏهن اسان نوجوان هوندا آهيون ته پنهنجي صحت کي دولت لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا آهيون، ۽ وري جڏهن پوڙها ٿي ويندا آهيون ته پنهنجي سڄي دولت کي فقط هڪ ڏينهن جي صحت تي قربان ڪرڻ لاءِ نه ٿا ڪيٻايون“. توهان ڪڏهن قبر ۾ اميرترين ماڻهو ٿيڻ پسند نه ڪندو“.
”هن جيتوڻيڪ هن کي شڪست ڏيئي ڇڏي هُئي“‏، اسپيلبائنڊر تمام تڪڙي اضافو ڪيو ۽ ان دوران، هن جو ڌيان، انهن سياحن ڏانهن هليو ويو، جيڪي ٿورو پري ئي ٻيڙي ۾ هل هنگامو ڪري رهيا هيا.”ڄڻ هن پنهنجي انهن مڙني شين کي شڪت ڏيئي ڇڏي، جن هن جي خوابن کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي. اسٽون هڪ عجيب ماڻهو آهي. مان هن کي ڀائرن جيان چاهيان ٿو“.
”ڏسو نه مون کي توهان ٻنهين سان هتي ملي ڏاڍي خوشي ٿي آهي“.
اسپيلبائڊر پنهنجي ڳالهه جاري رکي. ”مون کي خبر پئجي وئي هئي ته توهان هتي اچي رهيا آهيو. مسٽر رائلي ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو، ته هو توهان سان گڏجي وڌ کان وڌ پيداواريت، ڪارڪردگي کي برقرار رکڻ ۽ صبح اٿڻ واري نسخي جي ذريعي زندگي کي سنوارڻ جي معاملن ۾ تبديلي ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري رهيو هو. مون کي خوشي آهي ته مون هن کي هڪ استاد جي حيثيت سان جيڪو ڪجهه سيکاريو آهي، ته هو ان کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، ۽ اهو ورهائي رهيو آهي. توهان اهي سڀ ادارڪ ۽ سکڻ جا طريقا سکي ويندو، جيڪي تمام جلدي توهان جي اڳيان پيش ڪيا ويندا/جڏهن اهي شيون توهان جي سامهون اينديون، ته توهان جلدي اهو فلسفو ۽ طريقا سکي ويندو. فائيو اي ايم ڪلب توهان ٻنهين لاءِ انتهائي انقلابي ثابت ٿيندو. مان ڄاڻان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه توهان اجنبين لاءِ يقين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو. پر جيڪو طريقو اسٽون توهان کي سيکاريندو، اهو توهان جي اندر ۾ وڏي تبديلي جو ذريعو بڻجندو. ان معلومات جي ڄاڻ کان پوءِ توهان کي اندارن جاڳائيندو/ اندر ئي اندر ۾ خاص قسم جي تبديلي محسوس ڪندو“.
سپيلبائنڊر پنهنجي اُس وارو چشمو ٻيهر اکين تي چاڙهي ڇڏيو.
”بهرحال مسٽر رائلي مون کي اهو چيو آهي ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته توهان ايندڙ ڪجهه ڏينهن هتي پنهنجي گهر جيان گذاريو. توهان مون کي گهڻو وقت هتي نه ڏسندو، ڇو ته مان گهڻو وقت سنورڪيلنگsnorkeling ، ٻيڙي هلائڻsailing ۽ مڇين جو شڪار fishing ڪندي مصروف رهندس. مڇي مارڻ منهنجن شوقن مان زندگي ۾ هڪڙو اهم شوق آهي. مان ماريشيس هن عظيم ماڻهو جي فقط ڪوچنگ ڪرڻ نه ايندو آهيان، جنهن سان توهان ملڻ وارا آهيو. بلڪ مان پنهنجي منجهيل دنيا کان ڏوري، گهڻن مشڪلن کان ڇوٽڪاري، تباهه ٿيل اقتصاديات، ڪمزو صنعت ۽ ماحولياتي تباهي جهڙن ڪمن کان ڇوٽڪارو به چاهيان ٿو. جن اسان جي تخليقي صلاحيت، توانائي، ڪارڪردگي ۽ خوشي ڦري ورتي آهي. مان هتي پنهنجي پاڻ کي نئين سر ٺاهڻ ۽ توانائي کي بحال ڪرڻ به ايندو آهيان. انتهائي اعليٰ پيداوار جيڪڏهن ڪنهن وقفي جي بغير ٿئي ته اهو انتهائي ڏڪار جو ڪارڻ بڻجي ٿو. آرام ۽ بحالي اهڙن ماڻهن لاءِ ڪا عياشي نه آهي. جيڪي مهارت سان ڪم ڪرڻ جا پڪا ارادا رکن ٿا. اها هن جي ضرورت آهي. مان اهي اصول سالن کان پڙهندو رهيو آهيان...جيتوڻيڪ پاڻ لاءِ اهي مون کان وسري ويا آهن. ۽ پوءِ ان تقريب جي دوران ان جي قيمت ادا ڪئي. مون اهو به سکيو آهي ته تحريڪ ۽ انسپائريشن تنهائي کان متاثر ٿيندي آهي.... ڊجيٽل تبديليون، جنهن مان دنيا جا اڪثر ماڻهو متاثر آهن، ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان جي فطري ذهانت/صلاحيت ان وقت جوڀن ۾ هوندي آهي/سامهون اچي ويندي آهي، جڏهن توهان خوش/مزي سان هوندا آهيو. اسان جا اهڙا/اهي خيال جيڪي دنيا مٽائي سگهن ٿا، ان وقت ذهن ۾ اڀري ايندا آهن. جڏهن اسان آرام ۽ سڪون جي حالت ۾ هوندا آهيون. مان ماريشس کي پسند ڪندو آهيان، تمام گهڻا ماڻهو اڄ به زندگي جي سادن خوشين جو قدر ڪندا آهن. جيئن خاندان سان ماني کائڻ، دوستن سان وهنجڻ ۽ ان کان پوءِ وري روسٽ ٿيل چڪن سان رات جي ماني، جيڪا سپر يو مان خريد ڪري آندي وئي، فوئينقس جي ٺهيل ٿالهه ۾ جنهن کي ٿڌي پاڻي سان ڌوتو ويندو آهي.
”فوئنقس؟“ آرٽسٽ پڇيو.
”هي ماريشيس جو مشروب beer آهي“. اسپيلبائنڊر جواب ڏنو. ”مون کي اهو چوڻ ڏيو ته مان هميشه جڏهن به هن جزيري مان ويندو آهيان ته اڳ جي ڀيٽ ۾ سو دفعا وڌيڪ، طاقتور، تيز، ڦڙتيلو ۽ خوش هوندو آهيان. مان روز مرهه جي زندگي ۾ تمام محنت وارا ڪم ڪندو آهيان. مون کي اميد آهي ته توهان ان کي منهنجي آڪڙ نه سمجهندو. پر مان معاشري کي مٿي آڻڻ ۾ تمام گهڻو پرواهه/خيال ڪيان ٿو ۽ مان پنهنجي ان حصي کي پورائي ڪرڻ ۾ تمام ڪميٽيڊ آهيان/منهنجا ارادا تمام مضبوط آهن. ته هتان کان لالچ، نفرت، فساد جي جڙ کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏجي. هتي اچڻ سان مون کي نئون حوصلو ملندو آهي. جيڪو مون لاءِ انتهائي اهم آهي. مان ان سان جڙيل هوندو آهيان. ان ئي ڪارڻ جي ڪري مان ٻيهر دنيا ۾ ٻيهر واپس وڃي ڪم ڪرڻ جي لائق ٿيان ٿو. اسان سڀ دنيا لاءِ ڪم ڪيون ٿا. ڇا توهان کي خبر آهي.؟. بهرحال، توهان هتان جا مزا وٺو، ٺيڪ؟ ۽ منهنجي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ان جي ساراهه ڪرڻ لاءِ مان توهان جو ٻيهر دلي طور ٿورائتو آهيان. توهان اندازو ئي نه ٿا ڪري سگهو ته اهي شيون مون لاءِ ڪيڏي اهميت واريو ن آهن. تنقيد ته ڪو به ڪري سگهي ٿو. ٻين جي حوصله افزائي لاءِ جرئت کپي. هڪ انتهائي متاثر ڪندڙ رهنما کي ڪڏهن به بي ادب نه ٿيڻ کپي. منهنجي خواهش آهي ته اهو اصول وڌ کان وڌ ليڊرن کي سمجهه ۾ اچي“.
”اڙي ها، آخري ڳالهه“، اسپيلبائنڊر پنهنجي ڪيموفليج واري پاجامي تي لڳل واري کي ڇنڊيندي چيو.
”جي/ڇا“ ڪاروباري عورت با ادب ٿي پڇيو.
”سڀاڻي صبح جو هن ساحل تي اچي وڃجو. توهان جي تربيت جي شروعات تڏهن کان ٿيندي“.
”جي ضرور“ عورت جواب ڏنو، ”ڪهڙي وقت/ڪيڏي مهل“،؟
”صبح جو پنجين وڳي“. جواب مليو. ”پنهنجي صبح جا مالڪ ٿيو، پنهنجي زندگي کي ڪامياب بڻايو“.