وطن جا ڏس
نه اهڙا ڪنهن ڏٺا ماڻهو،
ڪڍن ڀاڪر مان جيڪي مس،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
ٿڌيون ڇائون نمن جا وڻ،
ڌنارن جا چرن ٿا ڌڻ،
چٽا چارا ، گسارا گس،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
جتي هڻ هڻ ۽ هاڄارا،
جتي سورهيه ۽ سوڀارا،
جوانن کي ملن ٿا جس،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
سنهري سنگ جت سٽجن،
بکايل پيٽ جت ڀرجن،
ڪٿي آي نه ڪا هٿ کس،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
جڏهن پويون اَسُرُ ٿيندو،
ته هَر هَر هر ڪوئي جوڙيندو،
ڪڪڙ لائيندا پنهنجا دَسَ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
ترن مهراڻ ۾ ٻيڙيون،
مڙي ڪن سَير ساهيڙيون،
وٺن ڪا چاهه واري چَسُ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
وٺي سرهاڻ ڪن ساريون،
اُٿي دليون ميون ماريون،
جيئڻ جي لاءِ ڪن پو وَسَ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
پپيها ويٺا پي پي ڪن،
چتون چيها جتي چهڪن،
ڳچين ۾ پائي ” بزمي“ هَسَ،
اهي منهنجي وطن جا ڏَسَ.
( گل ڦل نومبر 1985ع)