مھاڳ: جيئل اوڏ: سنڌ جو دراوڙ روح
موجودہ ڪتاب ۾ وري سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جي پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي. مطلب تہ سندس چارئي ڪتاب تاريخي ۽ تحقيقي مواد سان سٿيل آهن. جنھن ۾ هن عام رواجي سرڪاري سرپرستي توڙي غير معياري طور بيان ڪيل تاريخ توڙي تحقيق جا بخيا اُڊيڙي،ذاتي طور معياري توڙي حقيقي جاچ پڙتال ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ مغز ماري، پيرين پنڌ ڪري انھن ماڳن، مڪانن، شخصيتن توڙي جنسي وکرن جي وستار ڪئي آهي. جنھن مان لڳي ٿو تہ جيئل اوڏ جو جيءُ نہ رڳو پنھنجي ماتر ڀوميءَ لاءِ تڙپي ٿو، پر پنھنجي ويڙهيچن سان گڏ ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪتل ڊڀ ڊاھہ، گند گاھہ ۽ سلي سلي توڙي وڻ راھہ سان بہ ريجهي رهي ٿو. پنھنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان اهڙو ڪار وهنوار ۽ هلت چلت بکي کيس (The son of soil)، قطار جي تہ ڪو داءُ وڌاءُ ڪونہ ٿيندو.
اعجاز سولنگي