هندن جو ڌرم
پروفيسر مئڪڊونلڊ پنھنجي (Sanskrit Literature) نالي ڪتاب جي صفحي ست ۾ لکي ٿو تہ : “هندو يورپين جي گڏيل نسل ۾ اهي هندوئي آهن جن دنيا ۾ سڀ کان اعليٰ ڌرم پيدا ڪيو، باقي ٻين قومن نہ پنھنجي دماغ مان بلڪ هندن کي اڌارو ڌرم خريد ڪيو آهي.” لوئي جئڪرليٽ پنھنجي Bible in India نالي ڪتاب جي صفحي 8 تي لکي ٿو تہ “هندوستان ئي دنيا کي ڌرم جو رستو ڏيکاريو. هندوستان ئي پنھنجن ٻچن کي دنيا جي مغرب توڙي مشرق ڏانھن موڪلي، اتي جي ماڻھن کي، ڀاشا، قانون، اخلاق، ساهتيہ ۽ ڌرم جو سبق سيکاريو.”
اسين هن هنڌ صاف ٻڌائڻ ٿا گهرون تہ اڄ ڪلھہ هندوستان جي عام لوڪن جو جيڪو ڌرم آهي، تنھن کي هندن جو ڌرم ڪري نہ سمجهڻ گهرجي ۽ هندو ڌرم جي بنياد جي هاڻوڪين چالو رسمن يا ڳالھين رستي پريکيا وٺڻ نہ گهرجي. دنيا جو لاثاني ۽ بي نظير هندو ڌرم ڌارين قومن جي ميلاپ سبب اڄ گندگيءَ سان ڀرجي چڪو آهي نہ تہ هندن جو ويدڪ ڌرم، اهو ڌرم آهي جنھن رستي هندن جي رشين ۽ منين انساني زندگيءَ جي پيچيدار مسئلن ۽ ايشور جي غير محدود اصولن کي سولائيءَ سان سمجهو. اهو هندو ڌرم آهي جو هندن کي نہ فقط دنيا جي انسان ذات بلڪ حيوانن تي بہ ديا ڏيکارڻ جو اپديش ٿو ڪري، اهو هندو ڌرم آهي جو پنھنجن پوئلڳن کي حڪم ٿو ڪري تہ ڀوڄن کائڻ کان اڳ مھمانن ۽ پسون پکين جو پيٽ ڀريو اهو هندو ڌرم ۽ هندو قوم آهي جنھن ۾ پيدا ٿيل ڀڳوان گوتم ٻڌ، هماليه جي اوچي پھاڙ تان دنيا جي ماڻھن کي آٿت ڏيندي چيو هو تہ “مان اڪيلو مڪت ٿيڻ نٿو گهران.. مان دنيا جي ڪنھن بہ انسان کي ڌرم جي راھہ ۾ پٺيان ڇڏي ڪين ويندس.. جيستائين هن بدن جي نسن ۾ هڪ بوند بہ رت جي موجود آهي تيستائين دنيا جي هڪ هڪ پراڻيءَ جي آتمڪ آزادگيءَ لاءِ جنگ ۽ جهد ڪندو رهندس.”
هندو ڌرم ۾ دنيا جي ٻين ڌرمن کان ڪھڙي خاص خوبي آهي، تنھن نسبت جيڪڏهن باريڪ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي تہ ڪتاب جي صورت بہ بدلجي ويندي، انھيءَ ڪري اسين هن هنڌ هندو ڌرم تي مختصر روشني وجهڻ واجب ٿا سمجهون.
دنيا جو ڪھڙو بہ ڌرم يا مذهب وٺو انجو مقصد فقط سرڳ ۽ بھشت جي سکن هٿ ڪرڻ تائين محدود ملندو. قرآن شريف يا بائيبل جي هڪ هڪ سٽ جو اڀياس ڪريو اوهانکي انھن ٻنھين مذهبن جي حد سرڳ يعني بھشت تائين پھتل نظر ايندي. انھن ٻنھي پاڪ ڪتابن ۾ ڏيکاريل آهي تہ جيڪڏهن اوهان کي بھشت ۽ جنت جا ڀوڳه هٿ ڪرڻا هجن تہ اوهانکي فلاڻو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، مگر هندو ڌرم سرڳ ۽ بهست جي حد پار ڪري انھيءَ ميدان ۾ قدم ٿو رکي جنھن جو نالو ٻين مذهبن جي پيشوائن کي ياد نہ هو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ هندو ڌرمي ڪتابن ۾ سرڳ جو بہ بيان اچي ٿو پر انھن شاسترن سرڳ کي هيٺين درجي جي حد ثابت ڪيو آهي. هندو شاستر تہ هر ڪنھن انسان کي اهوئي اپديش ڏيئي رهيا آهن تہ کين سرڳ جي سکن کان پار ٿي آتمڪ مڪتيءَ تائين پھچڻ گهرجي. اهوئي سبب آهي تہ هندو شاسترن ۾ فقط آتما جي اڌار ۽ سڌار جو ئي وستار سان بيان ٿيل آهي.
هڪ طرف هندو ڌرم، انسان کي سرڳ جي نفساني سُکن کان مٿي گِهِلي کيس ايشور ۾ بنھہ لين ٿي وڃڻ تائين پھچڻ جو رستو ٿو ڏيکاري تہ ٻئي طرف هندو ڌرم، دنيا جي ٻن مذهبن کان اڳتي وڌي کين انھيءَ اصولن جي سمجهاڻي ٿو ڏئي جي دنيا جي هستيءَ نابود نہ بلڪ قائم رکڻ ۾ مدد ٿا ڪن. هندو شاسترن جي ڏيکاريل معنيٰ موجب ڌرم لفظ جي معنيٰ آهي “ڌارڻ ڪرڻ” يعني اهي اصول جن تي هلڻ سان دنيا جي هستي قائم رهي تنھن کي ڌرم ڪري چئجي. اهوئي سبب آهي جو هندو شاسترن دنيا جي هر هڪ انسان کي اهوئي اپديش ڏنو آهي تہ هو وقت بوقت اهڙيءَ ريت پنھنجي هلڻ جا رستا اختيار ڪري جنھنڪري سندس آتمڪ آڌار تہ ٿئي، پر دنيا جي سماج قائم رهي. انھيءَ مد نظر تي هندو ڌرم هر هڪ ماڻھوءَ لاءِ هڪ طرف اهي اصول گهڙيا جي دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ هر وقت مفيد ثابت ٿين، ٻئي طرف اهڙا بہ اصول مقرر ڪيا جي جدا جدا ملڪن لاءِ جدا جدا وقتن جي مدنظر تي تبديل ٿي سگهن. انھيءَ بيان جي سچائي انھيءَ مان ثابت آهي تہ هندو شاسترن ۾ شروعات ۾ ئي اها آزادگي ڏٺي ويئي آهي تہ ديش ۽ ڪال يعني وقت جي مد نظر تي ڀل اوهين اهڙا ڪم ڪريو جن مان انسان ذات کي فائدو پھچي سگهي. انھيءَ لاءِ هندو جاتيءَ اندارن هزارن بلڪ لکن ورهين کان وٺي وقت بوقت رَشِيِن ۽ مَنِين جدا جدا وقتن جي حالتن پٽاندڙ هندو سماج کي اهو رستو ڏيکاريو جنھن ڪري دنيا جا زبردست ۾ زبردست انقلاب بہ جن جي خوفناڪ سپاٽي ۾ اچي يونان، گريس، ايران، عربستان، مصر ۽ چين چِٿجي ويا، اهي دنيا جي صورت بدليندڙ انقلاب بہ هندو سماج جي بنياد کي لوڏي ڪين سهگيا. هيڏانھن دنيا جي ٻن مکيہ مذهبن جي تواريخ ۽ اصولن جو اڀياس ڪريو يا نہ پر هندو شاستر دنيا کي لڪير جو فقير رکڻ نٿا گهرن. هنن تہ هر ڪنھن ماڻھوءَ کي اها آزادگي ڏيئي ڇڏي آهي تہ اوهين ڪھڙا بہ ڪرم ڪريو پر انھن جي ڪرڻ سان دنيا جي ٻين ماڻھن جي هستيءَ کي لوڏو نہ اچڻ گهرجي ۽ ٻئي پاسي اوهانجو آتمڪ آڌار تي وڃي پوءِ ڀل هڪ ڪم هڪ صدي اڳ چڱو ثابت ٿيل هجي ۽ اڄ خراب ثابت ٿئي تہ اهو بلڪل نہ ڪرڻ گهرجي. مٿي ڏيکاريل بيان موجب هندو ڌرم ۾ ٻين ڌرمن کان ٻي وڌيڪ خوبي اها آهي تہ جو منجهس وڏي آزادگي مليل آهي ۽ سندس بنياد انھن اصولن تي بيٺل آهي جي زماني جي سپاٽي ۾ خراب نٿا ٿي سگهن. هندو ڌرم ۾ ٽين خوبي اها آهي (جا دنيا جي ٻين ڌرمن ۾ اصل نہ آهي) جو ڪو بہ هندو ڌرمي شاستر دنيا جي ماڻھن کي اهو تنگدليءَ جو اپديش نٿو ڪري تہ فقط هندو ماڻھو ئي بھشت ۾ وڃڻ يا مڪت ٿيڻ جا لائق آهن. هندو ڌرم، اهو پوتر ۽ آزاد ڌرم آهي جنھن نغاري تي ڏونڪو هڻي دنيا کي چيو آهي تہ اوهين ڪھڙو بہ سٺو رستو اختيار ڪيو، نيٺ اوهان کي هڪ ساڳيءَ منزل تي ئي پھچڻو پوندو. هيڏانھن هندو ڌرم جو اعليٰ اصول دنيا جي صفحه هستيءَ تان هزارن صدين کان اهوئي اپديش ڏيئي رهيو آهي تہ ڀل کڻي اوهين ڪھڙي بہ مذهب يا ڌرم جا هجو، جيڪڏهن اوهان جا ڪرم سٺا آهن تہ اوهانکي سرڳ جو سک اوس ملندو. هن مان ثابت آهي تہ هندو ڌرم دنيا جو ڌرم آهي ۽ ٻيا ڌرم يا مذهب فقط ڪن محدود حدن ۽ ماڻھن لاءِ فقط ابتدائي تعليم ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن. هن ڳالھہ جي ٻي ثابتي اها بہ آهي تہ دنيا جو اتھاس ڪڏهن بہ اهڙي ساک نٿو ڏئي تہ ڪڏهن بہ ڪنھن بہ زماني ۾ ڪنھن هندو راجا يا هندو رشيءَ زبردستيءَ سان ڪنھن سماج يا ملڪ ۾ هندو ڌرم جو بنياد وڌو. انھيءَ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ رگويد موجب هر هڪ هندو کي حڪم ٿيل آهي تہ “سڄيءَ دنيا کي آريا بڻايو.” پر اهو حڪم هر گز ٿيل نہ آهي تہ اڻ آريا ڪافر آهن، انھن کي قتل ڪريو يا زبردستي بہ پنھنجي مذهب جي دائري ۾ داخل ڪريو. بيشڪ هندو ڌرم جي اپديشڪن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هندو ويدڪ ڌرم جي ڌڄا ڦهرائي، پر نہ تلوار جو زور يا ڌن جي لالچ ڏيکاري، بلڪہ پريم سان هندو ڌرم جو جلوو ظاهر ڪري. دنيا جو مغرور پھاڙ هماليه اڄ بہ هندو ڌرم جي ڌڄا کي پنھنجي پيشانيءَ تي رکي دنيا کي هندو ڌرم جي هستيءَ کان واقف ڪري رهيو آهي، پر ڀارت جي پيرن جي خاڪ کي اکين تي رکڻ پاڻ کي پاڪ ڪندڙ هندي وڏو سمنڊ فخر وچان آسمان ۾ لھرون اڇلائيندي اهائي ساک ڏيئي رهيو آهي تہ ڪي صديون اڳ جڏهن باقي دنيا اڌ اگهاڙي ويس ۾ جهنگن ۾ خاڪ ڇاڻي نيم سڌريل حالت ۾ ڀٽڪي رهي هئي تڏهن مون مھاساگر جي ڇاتيءَ کي چيري هندو رشي، دنيا جي جدا جدا قومن کي، هندو ڌرم جي پوتر پريم جي پينگهي ۾ جهولائي رهيا هئا ۽ کين هندو ڌرم ۾ سمايل آتما جي پريم جون پِڪون پياري سڄيءَ دنيا کي هڪ قطار ۾ بيھاري رهيا هئا.
هندو ڌرم جو بنياد، ويدن جي گيان تي ٻڌل آهي، چئنين ويدن جي اڀياس ڪرڻ سان ڪنھن بہ ودوان ماڻھوءَ کي هندو ڌرم جا هيٺ ذڪر ڪيل مکيہ ڏھہ ٿنڀا نظر ايندا، يا ائين کڻي چئجي تہ هندو ڌرم جو ست ۽ تت هيٺ ڏيکاريل اصولن ۾ سمايل آهي.
1. سچي گيان جو بنياد، يا جيڪي ڄاتو وڃي ٿو، سو سڀ پرميشور آهي.
2. ايشور هميشہ دائم قائم، بي انت روشني وارو، نراڪار، شانت سروپ، هر هنڌ هر وقت حاضر نياءُ ڪاري، دياوان، اجر، امر، اڪال مورت، غير محددو ۽ اننت آهي ۽ انھيءَ هڪ جي ئي پوڄا ڪرڻ گهرجي.
3. ويدن جي معنيٰ گيان آهي، ۽ هر ڪنھن انسان جو فرض آهي اهو گيان حاصل ڪري ٻين ۾ وراهي.
4. سچ گرهڻ ڪري، ڪوڙ کي تياڳي
5. ڪم اهو ڪيو وڃي جنھن جي ڪرڻ لاءِ وويڪ موڪل ڏئي.
6. دنيا جي هر ڪنھن انسان سان ڌرمي، نيتڪ بدني ۽ روحاني ڀال ڀلائڻ گهرجن.
7. هر ڪنھن انسان سان پريم، سچائي ۽ نياءُ سان هلڻ گهرجي پوءِ ڀل کڻي هو ٻئي رستي تي هلندڙهجي.
8. وديا جو پرچار ۽ اوديا جو ناس ڪرڻ
9. فقط پنھنجي ڀلي لاءِ نہ، پر ٻين جي ڀلي ۾ پنھنجو ڀلو سمجهڻ گهرجي.
10. هر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجيءَ سماج جي قانون تي هلڻ گهرجي.
ياد رکڻ گهرجي تہ دنيا ۾ اڄ جيڪي بہ مکيہ مذهب موجود آهن، انھن سڀني جو آڌار هندو ڌرم جي مٿي ڏيکاريل ڏهن اصولن تي آهي، دنيا جو ڪو بہ مذهب مٿي ڏيکاريل هندو ڌرم جي ڪنھن بہ اصول کان منڪر نٿو ٿئي ۽ جنھن صورت ۾ هندن جا ويد دنيا جي سڀني پاڪ ڪتابن کان پروفيسر مئڪس مولر جي چوڻ موجب وڌيڪ جهونا آهن، تنھن صورت ۾ اها ڳالھہ ازخود ثابت ٿي ٿئي تہ دنيا ۾ اڄ ڪلھہ جيڪي بہ ڌرم يا مذهب آهن سي هندو ڌرم جي ٿڙ جون سايون سبز ٽاريون آهن، يعني هندو ڌرم تي دنيا جي مذهبن جو پيدا ڪندڙ ٻج آهي. دنيا جي مذهبن جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿيندو تہ هندن جو ويدڪ ڌرم ٻين مذهبن وانگر دل جي ڪمزور، يا انسانيت ۾ بي وسي يا ڪنھن هڪ پيغمبر يا ماڻھوءَ تي دارومدار رکڻ، يا ڪنھن ڪن ماڻھن کي پنھنجي نجات يا مُڪتيءَ جو ڀروسو سمجهڻ وغيرہ وغيرہ ڪمزوريءَ جا اصول نٿو سيکاري. هندو ڌرم هڪ هندوءَ کي ڄمندي شرط اهوئي اپديش ٿو ڏئي تہ “هي انساني چولي ۾ آيل جيو! تون ساکيات ايشور جو جزو ۽ انھيءَ ڪري شڪتيمان ۽ آزاد آهي.” مطلب تہ هندو ڌرم جي نظر ٻين سڀني ڌرمن کان بلڪل نرالي آهي.
Hibbert Journal نالي هڪ اخبار ۾ Vital Value in the Hindu God Idea جي وشيه تي لکندي مسٽر ٽلي سيگر صاف قبول ٿو ڪري تہ “هندن جا ڌرمي ويچار هاڻوڪي عيسائي مت کان گهڻو گهڻو سڌريل آهن..” شيگل چوي ٿو ته: “انھيءَ ڳالھہ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي تہ پراچين هندن کي سچي ايشور جو گيان هو. هندن، ايشور نسبت اهڙا تہ ويچار ظاهر ڪيا آهن جي هوند انساني ڀاشائي ظاهر ڪري سگهي.” ريورنڊ برائيس پنھنجي (Sketch of the State of British India) ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: “هندن جي اتھاس ۾ اهڙو وقت بہ هو جڏهن سندن ڌرم جو مکيہ مقصد فقط ايشور هو.” هيءُ جو ڪي تعصب غير هندو، اڄ ڪلھہ جي ڪن هندن کي وهم ۾ ڦاٿل ڏسي، سڄي هندو قوم تي اهو الزام مڙهي رهيا آهن تہ هندن جا ايشور گهڻا آهن. اهڙن جاهل ماڻھن کي مسٽر وارڊ منھن ٽوڙ جواب ڏيندي چوي ٿو تہ “اهو سچ آهي تہ هندو فقط هڪ ايشور کي مڃين ٿا، رواجي هندو بہ بحث مھل اهائي چوڻي ڪم آڻيندو آهي تہ “برهم هڪ آهي ٻيو ڪي ڪين آهي” چارلس ڪولمن پنھنجي Mythology of the Hindus نالي ڪتاب ۾ لکي ٿو تہ “هندن جي پوتر گرنٿن يعني ويدن ۾ ايشور کي سروشڪتيمان، غير محدود يعني بي انت، دائم قائم، ويچار جي حد کان ٻاهر سونڀو، نراڪار، نروڪار، ستيه، برهما (پيدا ڪندڙ) وشنو (پالنا ڪندڙ) ۽ شو (ناس) وغيرہ صفتن سان ظاهر ڪيو ويو آهي.” ڪرنل ڪئنڊي ساک ٿو ڏئي تہ “هر هڪ جنھنکي پنھنجي ڌرم جي اصولن جي واقفيت آهي سو هڪ ئي ايشور ۾ وشواس رکي ٿو.” جارج جيرنا پنھنجي (Theagony of Hindus) جي 53 صفحي تي لکي ٿو تہ ويدن ۾ ظاهر ڪيل ويچار ڏسي اسين بي ڌڙڪ چونداسين تہ ويد فقط هڪ ايشور کي مڃين ٿا ۽ اهو ايشور ودين موجب سرو شڪتيمان، بي انت سونڀو، پرڪاش ۽ وشو جو مالڪ آهي.” مستر مارس پنھنجي Religions of the world جي صفحي 44 تي لکي ٿو تہ “هر هڪ هندو پنھنجي اڳيان ايشور کي ملڻ جو ئي مقصد ٿو رکي نہ نہ هر هڪ هندو پاڻکي اندران ٻاهران اهڙو پوتر رکڻ ٿو گهري جيئن هو نيٺ ايشور ۾ وڃي لين ٿئي” مسٽر ڪولبروڪ پنھنجي Asiatic Researches نالي ڪتاب جي حصي 8 جي صفحي 385 ۾ لکي ٿو تہ “هندو شاسترن جي اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ هندو جاتي فقط هڪ ايشور کي مڃي ٿي.” پروفيسر مانيئر وليمس پنھنجي (Indian Wisdom) نالي ڪتاب جي صفحي 226 تي لکي ٿو تہ اسان کي قوي شڪ آهي تہ ڪو هندو منو سمرتيءَ جي زماني ۾ مورتن جي پوڄا ڪندا هئا.” پنھنجن وڏن جي نالي تي براهمڻن کي شراڌ کارائڻ جي جنھن رسم کي غير هندو ڪراهت جي نظر سان ڏسن ٿا، يا جنھن رسم تي هندن مٿان ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي، انھيءَ شراڌ جي رسم تي لکندي يورپ جو مشھور ودوان پروفيسر مئڪسمولر پنھنجي (India, What can it teach us) نالي ڪتاب جي صفحي 242 تي لکي ٿو تہ “هندن جي شراڌن واري رسم ۾ پنھنجي مري ويل وڏن کي عزت ڏيڻ واري اصول ۾ هڪ پوتر اخلاق ڀريل آهي مان ايتري قدر چوڻ کان بہ نہ رهي سگهندس تہ اسان ڪرستانن ۾ شراڌ جي رسم چالو نہ هئڻ سبب اسان کي وڏو نقصان رسيو آهي. جيتوڻيڪ ڪي غير قومن هندن جي انھيءَ رسم کي وهم ۽ انڌ شرڌا جي نالي سان سڏينديون، پر هر هڪ سمجهو ماڻھو هندن جي انھيءَ رسم اندر لڪل پنھنجن وڏن بلڪ ننڍن نسبت پريم جي اڳيان ڪنڌ نمائيندو ۽ قبول ڪندو تہ اها شراڌن جي رسم ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيڻ گهرجي.” اسين هن هلندڙ بيان بلڪ اڳئين بيان ۾ صاف ڏيکاري آيا آهيون تہ هندو ڌرم ۾ دنيا جي ٻين ڌرمن کان وڌيڪ ۽ خاص خوبي اها آهي جو هو (هندو ڌرم) وگيانڪ ڌرم آهي. پراچين سمي ۾ هندوستان اندر ڌرم ۽ سائنس يعني وگيان گڏوگڏ هلندا رهيا. دنيا جي جدا جدا ڌرمن جي اڀياس ڪندڙ ڄاڻن جو چوڻ آهي تہ دنيا جا ٻيا ڌرم (هندو ڌرم کانسواءِ) اڄ ڪلھہ جي سائنس جي بنھه برخلاف آهن. پراچين هندو قوم جو ڌرم، سائنس ۽ فيلسوفيءَ تي ٻڌل هو.ميجر ڪننگ هام پنھنجي (History of The Sikhs) نالي ڪتاب جي صفحي 25 تي لکي ٿو تہ “مشرق (هندو قوم) ۾ ڌرم ۽ فيلسوفيءَ جو پاڻ ۾ ايترو تہ گھرو لاڳاپو هو جنھن جھڙو نہ ڪڏهن گريس ۽ نہ ڪڏهن سڄي يورپ ۾ ٿيو.” فرانس جي هڪ مھاودوان جو چوڻ آهي تہ “هندو ڌرم جا سڀ اصول اڄ ڪلھہ جي سائنس موجب سچا ثابت ٿيل آهن”.