تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جيئل اوڏ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

سنڌ جا شھر، ڳوٺ ۽ واهڻ (سندن نالن جي جوڙجڪ)

توهان ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪوچ يا ٽرين ذريعي سفر ڪريو واٽ تي تمام گهڻا شھر ۽ ڳوٺ اوهان کي ملندا ڪٿي شھر جي نالي سان “ڪوٽ، ڪٿي “پور”، ڪٿي “آباد”، ڪٿي “ديرو”، ڪٿي “ڳڙهي”، ڪٿي “ٿاڻو” تہ ڪٿي “ٽنڊو” جھڙا نالا پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا.
وري ٻھراڙين جا نالا عجيب طرح سان جڙيل آهن، جھڙوڪ واهڻ، ٿرڙي، وانڍ، ڀاڻ ۽ پڙ. هي نالا صدين کان هلندا پيا اچن.
سميرين 3500 قبل مسيح تائين ڪيترائي شاندار شھر آباد ڪيا جن ۾ اداب (ADAB)، ڪلاب (KULLAB)، لگاش (LAGASH)، لارسا (LARSA)، نيپور (NIPPUR) ۽ اُر (UR) شھر شامل هئا.
سنڌ ۾ ڪيترن شھرن ۽ ڳوٺن جا نالا ذاتين تي ۽ مھاڻين جي نالن تي بہ ٻڌل آهن اتر سنڌ ۾ ڳوٺن جا نالا تقريبن هڪڙي ئي سٽاءَ ۾ رکيل آهن. پر لاڙ واري حصي خاص ڪري ٿر ۾ ڳوٺن جا نالا رکڻ جو سلسلو بلڪل نرالو آهي. ٿر ۾ هڪڙا نالي پٺيان هار، يار ۽ آر گڏڻ سان هوندا آهن. جيئن سينھار، ڪاريھر، صوڀيار، مالھيار، ڪوڙهيار، واوڙيار ڏيوهار، ويڙهار، ککڻھار، کلڻھار، ڇيڻھار، جکنار، ۽ چيلھار وغيرہ. ٻين نالن جي پٺيان “ري” پيل هوندو آهي مثلن ٻلھاري، الياري، جڳھاري، ڪھياري، وينجهہ ياري، سنگاري، پتگاري، ميھاري، سونھاري ۽ پڙهياري وغيرہ.
ٽيان نالا وري پٺيان “ٻھہ” گڏجڻ سان آواز ڏيندا آهن، جيئن تہ: گجڻ ٻھہ، هميرا ٻھہ، ويسرٻھہ، ۽ سونل ٻھہ وغيرہ.
چوٿان وري ڪن ڳوٺن جي نالن ۾ پٺيان “لس” پيل هوندو آهي مثال گنگالس ٻنڌڻالس، چوڻالس، ۽ واريالس وغيرہ.
پنجون ڪن ڳوٺن ۾ پٺيان “ئي” هوندي آهي، مثال طور دونھائي، هٿڙائي، ڀونگرائي، ڀونريائي. ڪن ۾ “ئو” پڇاڙي هوندي آهي جيئن تہ: ڳالھائو، ويھائو، اوڍائو، ڪٿي وري “يو” جو آواز هوندو آهي مثال طور سينگاريو، بگهاڙيو، ٽانڪاريو، ڊينگاريو وغيرہ.
گهڻن ڳوٺن ۾ “سر” پوئتان هوندو آهي جھڙوڪ ؛ ڪڙڪاسر، لڪڙا سر، رام سر، سومرا سر، راڻا سر، وغيرہ. ٿر ۾ اڪثر ڳوٺ تڙن، پارن ۽ ويرين جي پٺيان سڏبا آهن مثلاََ تڙ احمد، مينگهي جو تڙ، آدم جو تڙ، دلن جو تڙ، صالح جو تڙ، متاري جو تڙ، وغيرہ. ان کان سواءِ ڪيترن نالن ۾ “مٺڙيو” نالو ڳنڍيل هوندو آهي. جيئن: مٺڙيو ڀٽي، مٺڙيو سوٽھڙ، مٺڙيو هاليپوٽا، مٺڙيو چارڻ وغيرہ.
ڪٿي وري “لو” اکر پوندو آهي مثلاََ ڀوريلو، رنگيلو، ٻاورلو، شولو، ڄاريلو وغيرہ.
اهي شھر جن جي آخر يا پٺيان پور شامل آهي: شڪارپور، خيرپور ميرس، خيرپور جوسو، شھدادپور، ميرپور، غوث پور، ڪرم پور، خان پور، دولت پور، انڙ پور، ٻڍاپور، راڻي پور، محراب پور، نور پور، احمد پور، فتح پور، نصر پور، چوهڙ پور، بقاپور.
تعلقي گمبٽ ۾ هڪ ڳوٺ گهل پور نالي بہ آهي جيڪو ڳوٺ جو عجيب نالو آهي جنھن جي تاريخ هيٺين ريت آهي.
گهل پور جي بابت لکيل آهي تہ ساهتي ۾ سھتا قوم قديم زماني کان وٺي آباد هئي اهي اسلامي دور کان اڳ هندو ڌرم جا پوئلڳ هئا، مسلمانن جي دور ۾ هڪ مسلمان حاڪم ان تي راضي ٿي جاگير انعام ڏنس، ساڳي وقت ان مسلمان حاڪم چيس تہ اٿي گهوڙو ڊوڙاءِ ۽ جنھن هنڌ تنھنجو گهوڙو ٿڪجي بيھي، اهو تنھنجي جاگير جو دنگ ٿيندو. مڙس هو حريص ۽ لالچي سو وٺي گهوڙو هليو تہ ڦان ٿي ڪري پيو پر تڏهن بہ ان کي گهليندو رهيو جنھن هنڌ اها گهل گهلان ٿي ان تي ئي “گهل پور” نالو پئجي ويو. اهو شھر اڄ تائين تعلق گمبٽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ واقع آهي.
محمد بن قاسم ثقفي شيراز کان سڌو تيز، مڪران آيو، اُتي قيام ڪري پنھنجن پنجن ڏينھن جي مسافري طئہ ڪري ڪنير پھتو اتان ٻن ڏينھن جي مسافري ڪري مڪران جي مرڪزي شھر “فيز پور” کي فتح ڪيو جنھن جو جو سن آهي 92 هجري. (خلافت امويه ۽ هندوستان، قاضي اطھر مبارڪ پوري صفحو 105)
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ جڏهن نبي سائين جن جڏهن مديني ڏانھن هجرت ڪئي ان وقت سنڌ ۾ راءِ سھيرس بن ساهسي جي حڪومت هئي، هن پنھنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهايو هيو:
1. برهمڻ آباد
2. سيوستان
3. انسڪلندہ
4. ملتان
صوبي اسڪلندہ ۾ “چچ پور” ۽ “ديوہ پور” وغيرہ جا علائقا شامل هئا. صوبي ملتان ۾ بہ “برهم پور” جو علائقو شامل هيو. (تاريخ سنڌ، حصو پھريون: عجاز الحق قدوسي صفحو 6)
رگ ويد ۾ بہ “پور” (شھر) جو ذڪر ملي ٿو تہ: اندرا املھہ کي قتل ڪري ان جا ست شھر برباد ڪيا ۽ اگني (باھہ) جي مدد سان هڪ ئي حملي ۾ دشمن جا 90 نوي “پور” شھر تباھہ ڪيا.
مھاڀارت جنگ جيڪا پانڊن ۽ ڪورن وچ ۾ لڳي، ان وقت دهليءَ جو نالو هستناپور هيو. مھاڀارت هندن جي مقدس ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي تہ “راج ڪمارين سميت هستنا پور ۾ پھچي ڀيشم سندن وواه وچتر ويريہ سان ڪرڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو جيڪو هستناپور تي راڄ ڪندو هو.”
1. مھا ڀارت، ليکڪ چڪرورتي گوپال آچاريہ صفحو 14
2. پاڪستان مين تھذيب ڪا ارتقا _ سبطِ حسن
رگ ويد مان آڳاٽن سنڌي رهاڪن جي جيڪا خبر پئي سگهي ٿي تنھن کان ڪوبہ انڪار ڪري نہ سگهيو تہ آڳاٽن سنڌين وٽ آرين جي ڪاھہ 1500 سئو ق.م وقت چوپائي مال جا ڌڻ هئا ۽ بچاءَ لاءِ وٽن قلعا “پورا” هئا. لفظ پورا اڳتي هلي شھرن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. حقيقت ۾ “پورا” مٽيءَ يا پٿرن جا بند هئا، جيڪي هنن مھراڻ ۾ آبڪلاڻي کي روڪجڻ لاءِ پنھنجن شھرن لاءِ ڏنا هئا.” تاريخ تمدن سنڌ _ رحيم داد مولائي شيدائي
شڪارپور: هن شھر جو بنياد 1026ع هجري مطابق 1217ع ۾ اتر سنڌ جي ڪوري حڪمرانن دائود پوٽن وڌو.
مرک پور: تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دور حصو پھريون ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ جڏهن بہ لڙائيءَ کي روڪڻ جو بندوبست ٿي ويو ٿي تہ پنھورن وري انھيءَ باھہ کي ڀڙڪائي ٿي ڇڏيو.
هنن جڏهن ٻيو دفعو لڙائيءَ جي تياري ڪئي تڏهن سرائين جي “مرک پور” واري فوج کين بريءَ طرح سان شڪست ڏئي، سندن ڪيترن ئي زمينن تي قبضو ڪري ورتو. مرک پور دادو شھر جو هڪ محلو آهي ۽ شھر جي اولھہ ۾ آهي.
هينري پاٽنجر پنھنجي ڪتاب “سنڌ بلوچستان جو سير سفر” 23 جنوري 1810ع شڪارپور ۾ رهڻ دوران لکي ٿو تہ: جڏهن اسان پنھنجي جاءِ تي موٽي آياسي تہ اتي ڪيترا ملتان ۽ شڪارپور جا واپاري اسان سان ملڻ آيا. ان مضمون پڙهڻ سان معلوم ٿيو تہ پراڻي دور ۾ بہ شڪارپور ڪيتري نہ شاهوڪار هئي ۽ ان جو وڻج واپار تمام ڏيساور ملڪن سان هلندڙ هو.
فتح پور: سن 925 ھہ سن 1519ع ۾ جڏهن مرزا شاھہ بيگ ارغون قنڌهار مان شال ۾ آيو ۽ آس پاس جا ماڻھو پاڻ سان ڪري سيويءَ تي ڪاهيائين تڏهن سيويءَ جي قلعي جا ماڻھو سڀ ڀڄي فتح پور ويا جو شھر اتان 50 ڪوهن تي هو، شاھہ بيگ فتح پور تي ڪاھہ ڪئي. ڪئپٽن ايسٽوڪ پنھنجو ڪتاب نئين مصر جا پراڻا ورق ترجمو ڪيل ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ ۾ بيان ٿيل آهي تہ 11 آگسٽ 1839ع انسان ڏھہ ميل مٿي خيرپور ۽ فتح پور ڏانھن سفر ڪري ويا سي جيڪي تمام سھڻا ڳوٺ هئا.
ڊاڪٽر ايس.پي ڇٻلاڻي پنھنجي ڪتاب “سنڌ جي اقتصادي تاريخ” ۾ لکي ٿو تہ: سلطان فيروز شاھہ تغلق دهليءَ جي شھنشاھہ جڏهن سنڌ کي 62_1361ع ۾ پوري رح سان فتح ڪري ورتو، تڏهن سنڌ جي حڪومت جون واڳون پنھنجي هڪ نائب نصير خان کي سونپي پاڻ دهلي موٽي ويو.
ڊي ائنول جي چوڻ موجب نصرپور جي شھر انھي نصير خان سنڌو درياءُ جي هڪ شاخ سانگڙا جي ڪپ تي ٻڌايو. رپورٽن مطابق منجهس ان وقت 3000 هزار ڪورين جا خاندان آباد ٿيل هئا.
مرزا شاھہ بيگ ارغون جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مرزا شاھہ حسن نصرپور ۾ اچي تاج پوشي جي رسم ادا ڪئي ۽ هن سنڌ تي 1512ع کان 1554ع تائين حڪومت ڪئي.
سن 720ھہ 1320ع کان پوءِ جڏهن سومرن جو راڄ هو ۽ دودي گاديءَ تي هو، تڏهن هن ٿرڙي ۽ محمد طور مان نڪري نصرپور تائين پنھنجو ملڪ وڌايو (قديم سنڌ _ مرزا قليچ بيگ) تاريخ سنڌ ۾ ايڇ.ٽي لئمبرڪ لکيو آهي تہ: نصرپور اهو شھر ارڙهين صديءَ جي پھرين اڌ ۾ وچئين سنڌ جي مکيہ پڙي هو پر 1758ع ۾ سنڌو درياھہ جي رستي مٽ کانپوءِ وري سنئين لڱئين نہ ٿي سگهيو.
مصنف ادارڪي بيگ لاري پنھنجي ڪتاب بيگ لارنامي ۾ لکي ٿو تہ جڏهن مرزا محمد باقي کي خبر پئي تہ مرزا جان بابا ونگ کان وٺي نصرپور تائين ملڪ ۾ ڦرلٽ ڪري نصرپور جي آس پاس جوڻيجن ماڻھن سان اچي شامل ٿيو آهي، تڏهن نئين مان وڏو لشڪر ساڻ ڪري نصرپور ۾ آيو ۽ دريا جي ڪناري سان لاڳو کاهي کوٽائي، ان کاهي جي اندر ڇانوڻي ڪري ويٺو ان وقت مرزا محمد باقي جي طرفان حبش خان نصرپور جو حاڪم هو. صفحو 27
نصيرپور جي علائقي ملڻ بعد خان زمان پنھنجو هيڊ ڪوارٽر نصرپور ۾ اچي ڪيو، شھر جي آس پاس جا ماڻھو اڳي ئي خان زمان جي نالي جي واقف هئا، تنھنڪري جيڪي لچا لانبڙ ۽ بدمعاش هئا، سي ساڌو ۽ چڱا مڙس ٿي پيا.
ڪوٽ: ڪوٽ جي لغوي معنيٰ قلعو ۽ ڳڙھہ آهي، هن لفظ کي سنڌي کان علاوہ اردو ۽ پشتو، پنجابي ۽ ڪشميري ٻولي ۾ بہ “ڪوٽ” چيو وڃي ٿو. اهي شھر ۽ ڳوٺ جن جي پٺيان ڪوٽ اچي ٿو.
1. ڪنڌ ڪوٽ
2. حبيب ڪوٽ
3. سلطان ڪوٽ
4. رتو ڪوٽ
5. اسلام ڪوٽ
ڪوٽ لفظ اڄ تائين استعمال ٿيندو اچي ٿو ۽ سنڌ جي وڏن زميندارن، جاگيردارن ۽ پيرن جي رهائش گاهن جي چوڌاري آيل مضبوط ۽ ڊگهن چار ديوارن کي انھي نالي سڏيو وڃي ٿو.
ديرو: ديري جي لغوي معنيٰ مڪان يا جاءِ آهي، اهي شھر ۽ ڳوٺ جن جي پڇاڙي ۾ ديرو اچي ٿو:
1. نئون ديرو
2. بنگل ديرو
3. غئبي ديرو
4. پنجوديرو
5. ٺارو ديرو
6. رتوديرو
7. خيروديرو
8. مٺوديرو
9. صوڀو ديرو
ٿاڻو: ٿاڻي جي لغوي معنيٰ آهي ٿاڪ يا جاءِ. اهي ڳوٺ يا شھر جن جي نالي اڳيان ٿاڻو اچي ٿو، هي شھر ۽ ڳوٺ تقريبن ڪوهستاني علائقي سان واسطو رکن ٿا، جيئن ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو احمد خان ۽ ٿاڻو عارب وغيرہ.
آباد: جي لغوي معنيٰ آهي پاڻي سان رکڻ وارو وسايل ۽ سرسبز زمين جو ٽڪرو، سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ هن لفظ کي بنگالي ۾ آباد پشتو ۾ اباد، پنجابي ۾ آباد، ڪشميري ۾ بہ آباد چيو وڃي ٿو. اهي شھر ۽ ڳوٺ جن جي نالي پٺيان آباد اچي ٿو،
1. حيدرآباد
2. جيڪب آباد (پھريون نالو خان ڳڙھہ، پوءِ جيڪب آباد ٿيو)
3. نصيرآباد
4. خدا آباد
5. فريد آباد
6. وزير آباد
7. سعيد آباد
8. جيمس آباد
حيدرآباد: جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهندي وطن ڏي ٿي وريو، تڏهن چيو وڃي ٿو تہ هيو هڪ ننڍي قديي قلعي نيرون ڪوٽ ۾ ٿورو وقت ترسيو هيو. انھي قلعي واري هنڌ تي ڪلھوڙي گهراڻي جي حڪمران غلام شاھہ ڪلھوڙي سن 1768ع ۾ حيدرآباد جو شھر ٻڌايو.
ڳڙهي: ڳڙھہ جي لغوي معنيٰ ڪوٽ ۽ قلعو آهي. جن شھرن جي نالن ۾ ڳڙهي اڳ ۾ اچي ٿي سي هي آهن:
1. ڳڙهي ياسين، (تعلقو ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جو مشھور شھر آهي.)
2. ڳڙهي خيرو (تعلقو ڳڙهي خيرو ضلعي جيڪب آباد ۾ آهي).
3. ڳڙهي چاڪر (ميرپور ماٿيلو جي ڀرسان آهي).
4. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو، نئين ديري جي ڀرسان آهي ڀٽن جو ڳوٺ.
5. ڳڙهي چنڊ
جي: اهي شھر يا ڳوٺ جن جي نالي جي پٺيان “جي” اچي ٿي سي هي آهن: گوسڙجي، باگڙجي، مديجي، ڦلجي هي ريلوي اسٽيشنون بہ آهن. گوسڙجي ۽ باگڙجي سکر ۾ مديجي شڪارپور ۽ ڦلجي دادو ضلعي ۾ آهي.
ٽنڊو: ڪنھن مکيہ ماڻھو جو ٻڌايل ننڍو ڳوٺ ننڍو شھر انھيءَ ماڻھو جي نالي سڏيو ويندو آهي.
خان واهڻ نالي ساهتيءَ جو پر رونق شھر سھتا قوم جي هڪ با اثر زميدار خان سھتي جو ٻڌايل آهي. اوائل ۾ هي شھر “خان جو واهڻ” يا خان جاڀاڻ ڪري سڏبو هو، پر پوءِ وقت گذرندي ان جي نالي ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ “خان جو واهڻ” مان بدلجي “خان واهڻ” سڏجڻ لڳو ۽ اڄ سوڌو انھيءَ نالي سان مشھور آهي.
ٽنڊو باگو مير باگي خان جو اڏايل ۽ ٽنڊو غلام علي مير غالم علي خان جو ٻڌايل آهي. سنڌ ۾ تمام گهڻا ٽنڊا آهن ڪجهہ ٽنڊن جا نالا ڏجن ٿا:
ٽنڊوڄام، ٽنڊو آدم، ٽنڊو الھيار، ٽنڊو باگو، ٽنڊو ولي محمد، ٽنڊو ٺوڙهو، ٽنڊو شھبازي، ٽنڊو مستي، ٽنڊو نذر علي، ٽنڊو سومرو، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو سومرو. ٽنڊو آدم ضلع سانگهڙ ۾ آهي 18 صدي ۾ مير آدم خان بنياد وڌو.
واهڻ: اهي ڳوٺ جن جي نالي جي پٺيان واهڻ پيل آهي سي هيٺ ڏجن ٿا. واهڻ جي لغوي معنيٰ “ٻھراڙيءَ جو ڳوٺ آهي”.
1. مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ آهي هينئرلاڙڪاڻي جو هڪ محلو آهي.
2. وسريو واهڻ ٺيڙهي ڀرسان آهي.
3. وڏو واهڻ
4. ڇتو واهڻ
5. احسان واهڻ
6. حسن واهڻ
7. خان واهڻ
8. حبيب واهڻ
9. دريشن واهڻ
10. علي خان واهڻ
11. جادو واهڻ
12. علي واهڻ روهڙي ڀرسان
وانڍ: ٻن ٽن گهرن جي بستي، پوٺن ۽ ويران پاسن تي ڇنا اڏي رهندڙ ماڻھن کي وانڍ چيو وڃي ٿو. مال جي سانگي ڪکانوان گهر، جهوپڙيون، منھہ، ڀونگيون ۽ لانڍيون اڏي رهندڙ ماڻھن جي بستي کي وانڍ چئبو آهي.
1. دولت جي وانڍ
2. ڪوڙي جي وانڍ
3. احسان جي وانڍ
4. ڊولي جي وانڍ
5. نارائڻ جي وانڍ
6. آچر جي وانڍ
7. خانوءَ جي وانڍ
8. ابراهيم جي وانڍ
9. شير جي وانڍ
10. گلڻ جي وانڍ
11. لعل چند جي وانڍ
12. بال ڪرشن جي وانڍ
13. چاڪر جي وانڍ
هي وانڍون ميرو خان تعلق ۾ آهن. عزت جي وانڍ نئين ۾ ۽ فيروز جي وانڍ رتيديري ۾ آهي.
ٿرڙي: آڳاٽو ڦٽل ننڍو (جو دڙي جي صورت ۾ هجي، جهونو دڙو (ڦٽل ڳوٺ) ٿرڙي جادو شھيد، تعلقي جوهي ۾ ديھہ جو نالو آهي. تعلقي ميروخان ۾ ٿرڙي ڌُپ، تعلقي ميھڙ ۾ ٿرڙي محبت ۽ تعلقي شڪارپور ۾ ٿرڙي نظام آهي. تعلقي وارھہ ۾ ٿرڙي حاجران ۽ ٿرڙي هاشم آهن.
ٿرڙي فيض محمد ناريجو ڏوڪري ۽ ٿرڙي جُٽو لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ آهن.
پڙ: پڙ جي لغوي معنيٰ جاءِ اسٿان آهي. هي اهي سنڌو درياھہ جي ڪناري ٻيلي ۾ ننڍڙا ڳوٺڙا آهن جتي مال وند ماڻھو رهن ٿا ۽ سندن مال سکيو ستابو آهي. جيئن عثمان جا پڙ، ملان جا پِڙَ، اسماعيل جا پِڙ.
پاڻيءَ جي چاڙھہ ڪري اهي ڳوٺ ٻڏي ويندا آهن ۽ مال وهند مال ڪاهي مٿاهين هنڌ اچي ويھندا آهن ۽ جڏهن پاڻي لھي ويندو آهي تہ واپس پنھنجي ماڳن ڏانھن موٽي ايندا آهن.
ڀاڻ: ڀاڻ جي لغوي معنيٰ ماڳ ۽ مڪان آهي هت بہ گهڻو ڪري مالوند ماڻھو رهن ٿا ۽ کيتي باڙي ڪن ٿا. منگي جا ڀاڻ ۽ ڀوري جا ڀاڻ جيڪي ڳوٺ سيھڙ اسٽيشن جي اولھہ ۾ آهن.