ڊڀُ (Magical Dharbai Grass)
هن جون پاڙون زمين ۾ اٽڪل 50 کان 60 فٽ تائين وڃن ٿيون، ڊڀ ايترو تہ سخت جان آهي جو پھاڙن کي چيري بہ اڀري اچي ٿو. پاڻيءَ جي ڏينھن ۾ اڀرندو آهي، هي گاھہ جڏهن ڦٽي ٿو تہ زمين تي وڇايل ٿئي ٿو ۽ گاھہ جا سلا اڀا ٿين ٿا جيڪي تمام تيز هوندا آهن اگهاڙي پيري هلندڙ ماڻھن جي پيرن ۾ اهي گهري ويندا آهن ۽ زخمي ڪري سور ڪرائيندا آهن.
نياڻي جو ٻار پٽ جي ڀيت ۾ اڳي وڏو ٿي ويندو آهي ان ڪري ان کي بہ ڊاڀوڙي سان مشابھت ڏيندا آهن يعني جلد وڌڻ واري. ڊڀ گاھہ کان علاوہ دوا طور بہ ڪم آندو وڃي ٿو هن کي گهوٽي پاڻيءَ ڪڍي ان ۾ ٿورو آفيم گهي (ملائي) مصري وجهي پوءِ مريض کي پيئارجي تہ وبائتي دستن ۽ قئي کي روڪي ٿو هن کي فقط گهوٽي پئجي تہ گهاتو رت صاف ڪري ٿو، صفراءُ جو جوش گهٽائي ٿو. هن کي هيڊ ۽ چانورن سان ملائي لپري ٺاهي سخت سوڄن تي ٻڌڻ مفيد آهي.
مالھہ:
نار جو هڪ عضوو هرلي جي ڍينگي تي ويڙهيل لوڙ جا ٻہ لڙھہ (جي ارڙين ذريعي ڳنڍيل ٿين) جنھن ۾ پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪنگيريون ٻڌجن. ارٽ ۾ ٽڪ کي ڦيرائڻ واري ڏوري . ڏوري (وڏو رسو ٿيندو آهي) جنھن ۾ ڪنگريون ٻڏل هونديون آهن جيڪي ڀرجي ٻاهر پاڻي آڻينديون آهن. اها مالھہ ڊڀ جي پتن مان ٺھندي آهي.
هن جا پن چپٿرا ڊگها 3 يا 4 فوٽ کن ٿيندا آهن وچ ۾ سنھيون سنھيون ڏانڊيون ٿينديون آهن جن جي ڇيرن ۾ ننڍا ننڍا سنگ ٿين. هن جي پن جي ڌار ڏاڍي تيز ٿئي ۽ هٿ کي زخمي ڪري وجهي. هن جا ٿٻ سدائين بيٺا هوندا آهن جڏهن هي وڏو ٿيندو آهي تہ ڏاٽي سان ڪپي ٿر ڏانھن پاکڙن جو ٿڙهن جي اندر وجهي ڀرتي ڪندا آهن. مون ڊڀ جي پراڻن ۽ ڳريل ڳار ۾ انبن کي پال ڪندي ڏٺو، هندو وڏن مٽڪن۾ انبن کي پال ڪندا هئا ڪارپيٽ جو زمانو ڪونہ هو، انبن کي صاف ڪري (ڪچين انبڙين کي صاف ڪري) مٽن ۾ وجندا هئا، ڊڀن ۾ ويرهي اندر هڪ اڌ ننڍو صوف ۽ هڪ ڦار مٺي گدري جي مٽ ۾ وجهندا هئا (خوشبوءِ لاءِ) ان بعد جڏهن مٽ کي کوليندا هئا تہ ڇا تہ انب جو رنگ ۽ خوشبو ۽ مٺاس، اڄوڪا انب انھن سان ڀيت نہ ٿا ڪري سگهجن.
ڊڀ مان نوڙيون وٽي غريب ماڻھو کٽولا واڻيندا آهن ۽ ڊڀ جي ڪتر ڪري مٽيءَ جي گاري سان گڏي ڪچين جاين کي ليپو ڏيندا آهن جيڪو نڪي ڦٽڻدو ۽ نڪو برسات جي ڪري ترت لھندو آهي. سائو هوندو آهي تہ کين مينھون ۽ ڳئون، ڍڳا ۽ گڏھہ کائيندا آهن.
مالھہ: ڊڀ مان نار جون مالھون ۽ رسا ٺاهيندا لاڙڪاڻي ۾ مالھائي شيخن جي ذات ملي ٿي جن جا مراد واهڻ ڀرسان پنھنجا ڳوٺ آهن. جن جو پراڻي وقت ۾ اهوئي ڪم هو تہ ڊڀ ڪٽي انھن مان کوهن جو مالھائون تيار ڪندا هئا ۽ انھن تي ذات ئي مالھائي شيخ پئجي ويئي. ڪانن مان شيخ پترون ٺاهيندا آهن، پترن ٺاهڻ ڪري انھن جي ذات بہ پترائي شيخ اٿن.
ڊڀ جو ڊگهو پتو سنھن ڪنڊن سان ٿئي ٿو، ٿورڙي بہ تڪڙ ڪبي تہ هٿ کي زخمي ڪرڻ جي طاقت رکي ۽ بليڊ وانگر تيز آهي، پن سڪڻ کانپوءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿيو پوي.
ڊڀ نقصان ڏيندڙ ريڊيئيشن (Radiation) کان بچائي ٿو ۽ اوس پاس ۾ رهندڙ ناڪاري روحاني طاقتن سان مقابلي ڪرڻ جي سگهہ رکي ٿو. هي دوائن طور بہ ڪم اچي جنھن جو ذڪر اڳ واٽ ٿي چڪو آهي. عبادت لاءِ هن گاھہ مان چادرون، مصلا، ۽ آسن ديسي آڏاڻن سان ٺاهيا وڃن ٿا، گاھہ جا تندن مان ڊڀ جو منڊيون ٺاهڻ جو ڪم بہ ٿئي، هنن کي آڱر مان پائڻ جو رواج تاملن ۾ عام جام ٿئي. ۽ انھن ۾ اهو خيال آهي تہ آڱر ۾ منڊي پائڻ سان هر مشڪل ڪم آسان ٿيو وڃي. ويدن جي پڙهڻ وقت يا ويدن جا گيت ڳائڻ وقت منڊي سڄي هٿ جي چوٿين آڱر ۾ پائڻ گهرجي.
عبادت ڪرڻ وارا شينھن ۽ هرڻ جي کلن تي ويھي تپسيا ڪن ٿا پر هتي ٻڌايو ٿو وڃي تہ ڊڀ جي ٺھيل آسڻ تي ويھي تپسيا ڪرڻ تمام بھتر آهي ۽ منتر جلدي ۾ پنھنجو جادوئي اثر ڏيکارن ٿا ۽ منتر سڌ ٿيو وڃن ٿا. روايتون بيان ٿيون ڪن تہ ڊڀ گاھہ پاڪائي ۽ صفائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ هو بچائي ٿو انھن جاين کي جتي مذهبي پوڄا ۽ پاٺ ڪيا وڃن ٿا. يقين سان ڊاڀا گراس ڍال جو ڪم ڏئي ٿو. ۽ ناڪاري روحاني اثرن کان ڍال جھڙو بچاءُ ملي ٿو. تامل ناد ۾ اهڙا آڏاڻا تمام گهڻا آهن جيڪي ڊڀ مان آسن، فراسيون ۽ چادرون ٺاهن ٿا.
اٿر ويد جي صفحي 19/32 تي جادوئي بنچ آف ڊاڀا گراس جو ذڪر ٿيل آهي تہ هن گاھہ ۾ ڪيتري شڪتي آهي. اوڏن ۾ رسم آهي تہ جڏهن وفات ڪيل کي قبر ۾ لاهي پورڻ بعد ان کي پاڻي ڏيڻ جي رسم ڪئي ويندي آهي. پوريل جي قبر طرف منھن ڪري ٻڪن سان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ ٻڪ ۾ ڊڀ جو گاھہ ڦاسايل جو هڪ بنچ تريءَ ۾ هوندو آهي.
ان کان علاوہ جڏهن فوتيءَ جو سکو ڍاڙ (Ritual Ceremony) ڪرايو ويندو آهي تہ برهمڻ هڪ ڪانن جو 8/10 ڏاڪڻ واري ڏاڪڻ ماڊل طور ٺاهيندو آهي ۽ سموري ٺھيل ڏاڪڻ کي ڊڀ جي پتن سان ويڙهيو ويندو آهي اهڙي طريقي سان جيئن سائيڪل جي فريم تي شوقين پلاسٽڪ جي پني شوق خاطر چڙهائيندا آهن. ۽ انھن جو عقيدو آهي تہ مئل ماڻھو جو روح ان ڏاڪڻ تي چڙهي وينڪٽ پھچي وڃي ٿو.
ڊڀرو، ڪنڊياري ۾ هڪ شھر جو نالو آهي، ڊڀرو، ڊڀن واري زمين، ڊڀن وارو هنڌ _ جتي گهڻا ڊڀ هجن.