تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جيئل اوڏ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

نم (Neem, Margosa or Indian Lilac)

هن وڻ کي سنڌي ۾ نم، عربي ۾ نيم فارسي ۾ ٽيب، هندي ۾ نيم رُڪ چيو ويندو آهي، هي تمام مشھور وڻ آهي سندس پن ۽ گل گهوٽي پيارجن تہ گهٽاتي رت کي صاف ڪري، آتشڪ بادفرنگ جي ڦٽن، کل جي خارش ڦٽ ڦرڙين، جذام، ڪوڙھہ، چٽيءَ جي داغن کي صاف ڪري ٿو. صفرا ۽ بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍي ٿو. دماغ ۾ رحم جي رطوبت وائي بادي کي تحليل ڪري ٿو، سندس ڇوڏا ڪٽي سفوف ڪري کائڻ، سنڌن جي پراڻي سور فقرس عرق النساءِ ٻرهل يرقان لاءِ مفيد آهن. نمورين جو تيل کل ۽ پيٽ جا ڪيئان ماري ڇڏي ٿو. بھار جي موسم ۾ نمن ۾ اڇي رنگ جو ٻور ٿيندو آهي جنھن کي ٿر واسي “نيٻوجهر” چون اهو ٻور ڪيترين بيمارين ۾ ڪم اچي ٿو. روزاني گهوٽي پيئڻ سان جهونو تپ، ڦٽ ڦرڙيون ختم ٿيو وڃن. ٻور مان نموريون ٿين نموريون جڏهن پچن تہ ٻار ان جي ڳر شوق سان چوسين ان بعد پڪل نموريون پکي بہ کائن خاص ڪري، ڪان، بلبل، طوطو ۽ هڙيا وغيرہ. نم جو ڏندڻ تمام سٺي شيءِ آهي، سنڌي ڪامورو ۽ ويشنو ماڻھو هر روز نم جو ڏندڻ ڏيندو آهي، پر هاڻي تہ دنيا ئي اور ٿي ويئي آهي، هر هڪ جي هٿ ۾ ٽوٿ پيسٽ ۽ برش نظر ٿو اچي ۽ ڏندڻ ڏيڻ کي عيب ٿا سمجهن، سڪل ڏندڻ کي رات جو پاڻي ۾ پسائي صبح جو استعمال ڪبو آهي. هونءَ بہ وڻ جي ڪٽائي سنڌ ۾ زورن تي آهي وڻ پوکيون تہ ڪونہ پر واڍيءَ تي زور گهڻو آهي، ڪيترا قيمتي وڻ جيڪي شھرن جي سونھن هئي انھن کي بہ ڪونہ بخشيو ويو آهي. وڻ ڇانوَ ڏين ٿا، خاص ڪري سخت گرمي جي موسم ۾ مال متاع وڻن جو پاسو وٺي ڇانوَ ۾ ويھن ٿا توهان اهو نظارو ڏسو تہ ڪيترو تہ مزي دار آهي، هر قسم جو جانور گڏ ويٺ و هوندو آهي، ٻڪريون، رڍون، مينھون، ڳئون گڏ ويٺل نظر ايندا ۽ پاڻ ۾ وڙهن ڪونہ وڳن جي صورت ۾ ويٺل هوندا هئا هي صروت حال اڳ ۾ هئي جڏهن پاڻ ۾ پيار ۽ محبت هئي هاڻي اُهي وٿاڻ بہ ڪونہ رهيا آهن، امن ڪونھي هر مال گهر جي اندر ٿو رهي، مال ٻاهر ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. نم جي ڇانوَ گهاٽي ٿئي، ان ڪري نم شوق سان پوکي ويندي هئي. نم جا پن سڪائي ڪڻڪ جي ٻج ۾ ملائي ڇڏيندا هئا جيئن سُري ۽ ٻين جيتن کان بچاءُ ٿئي. ڪتابن جي بچاءَ لاءِ ڪتابن جي المارين مٿان نم جا سڪل پن رکيا ويندا هئا تہ جيئن جيت ۽ سري کي ڪتاب محفوظ رهن ۽ ڪاٺ بہ محفوظ رهي. نم جو وڻ تيز وڌندڙ آهي ۽ ڊيگهہ ۾ تمام وڏو وڌي ٿو 20 کان 15 ميٽرن تائين 66 کان 49 ڊگهو وڻ نظر ايندو. 35 کان 40 ميٽرن تائين ڊگهو نم جو وڻ بہ نظر ايندو. پرشن ۾ هن کي آزاد درخت هند بہ چيو وڃي ٿو. ان ڪري تہ هن کي ڪوبہ جيت جڻيو تنگ نہ ٿو ڪري هن جي ڪوڙاڻ جي ڪري بيمارين کان بچيل آهي. ڪن ڪن وڻن مان خاص رس بہ ٽمندي ڏٺي ويئي آهي ۽ ان رس کي حڪيم هٿ ڪري دوائن ۾ استعمال ڪندا آهن. سڪل نمورين کي عورتون ڪٺي ڪري ڏنڊي ڪونڊي ۾ پيھي پائوڊر ٺاهي مٿي جي جوئن کي مارڻ ۾ ڪم آڻين ٿيون. نم جي وڻ جو هر هڪ انگ ڪم جو آهي ۽ ڪمائتو آهي ڪاٺين مان شهتير، پٽيون ۽ در دروازا ٺھن ۽ ڪٻٽ ٺھن، ميز ڪرسيون ٺھن نم جو قيمتي ڪاٺ آهي ڊريسنگ ٽيبليون بہ هن مان ٺھنديون آهن.

نم جي وڻ جا مجموعي فائدا:

1. صحت لاءِ فائدا:
• پيٽ جي بيمارين لاءِ: نم جا پن چٻاڻڻ سان هاضمي جو نظام بھتر ٿئي ٿو ۽ پيٽ جا ڪيڙا ختم ٿين ٿا.
• شگر جي ڪنٽرول لاءِ: نم جي پنن جو قهوو خون ۾ شگر ليول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار آهي.
• ڏندن جي سنڀال: نم جون ٽاريون استعمال ڪرڻ سان ڏند مضبوط ٿين ٿا ۽ مھارن جي بيمارين کان بچاءُ ٿئي ٿو.

2. ماحولياتي فائدا:
• هوا کي صاف ڪري ٿو: نم جو وڻ آلودگي جذب ڪري ماحول کي بھتر بڻائي ٿو.
• ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي گهٽائي ٿو: هي وڻ آڪسيجن جي فراهمي کي وڌائي ٿو.
• ڌرتي کي ٿڌو رکي ٿو: نم جي ڇانو گرميءَ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڪري ٿي.

3. زراعت لاءِ فائدا:
• قدرتي جراثيم ڪُش: نم جي پنن جو رس پوکن لاءِ نامياتي ڀاڻ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
• نقصان ڏيندڙ جيتن کان بچاءُ: نم جو تيل زراعت ۾ جيتن کي مارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.

4. روزاني استعمال:
• وارن لاءِ فائديمند: نم جي تيل سان مٿي تي مالش ڪرڻ سان وار مضبوط ٿين ٿا ۽ خشڪي ختم ٿئي ٿو.
• خوبصورتي لاءِ: نم جو پائوڊر چمڙي لاءِ ماسڪ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
• طبي دوائن ۾ استعمال: ڪيترن ئي هربل دوائن ۾ نم جا جزا شامل ڪيا ويندا آهن.