تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جيئل اوڏ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

پتر (PITRS)

عمرانيات جو مفڪر اگست ڪونٽ ۽ ايس بي لبڪ ان خيال جا حامي هئا تہ پراڻي دور جا انسان پنھنجي ابن ڏاڏن کي بي پناھہ طاقتن جا مالڪ سمجهندا هئا تنھن ڪري انھن جي روحن جي پرستش عام طور تي ڪئي ويندي هئي ۽ اهڙي رسم اوڏن ۾ اڃا تائين موجود آهي سندن گهرن ۾ پتر ٺھيل آهن، جن ۾ هر روز پترن کي پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ هر تھوار تي بسرين جا چڙا هوا ڏنا وڃن ٿا.

I. The pitrs: The blessed that dwell in the third heaven are called pitrs or fathers.
II. They are besought to give riches off spring and long life of to their sons (10-15) A.V 18, 3.
III. Two hymns of R.V are devoted to their praise (10-15 54). (Vedic methology A.A Maedonell)

پتر سنسڪرت ٻولي جو اکر آهي، جنھن جي معنيٰ آهي Fore fathers ابا ۽ ڏاڏا. ابا ڏاڏا وفات ڪري ويا، انھن کي ساٺ ۽ سنوڻ مطابق دفنايو يا ساڙيو ويو، ان بعد انھن جي روحن کي پتر لوڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي ويئي، پر ڪٿي ابا ڏاڏا اهڙا بہ هوندا جن جي پوئرن پورا ساٺ سنوڻ نہ ڪيا هوندا ڪافي سبب ٿي سگهن ٿا، اهي بد روحن وانگر آسمان ۾ پنھنجي مڪتي لاءِ ڀٽڪندا وتن ٿا.
پتر پير يا ديوتا جو درجو رکن ٿا ۽ ڏکئي وقت ۾ مدد ڪن ٿا. روزگار ڏيڻ ۾ مددگار ٿين ٿا.
شادي ڪرڻ ٻار پئدا ڪرڻ ناهي پر شادي ڪري پٽ جو سنتان پئدا ڪرڻو آهي، جيڪو پنھنجي ابن ڏاڏن جي ڪرمن جو ڇوٽڪارو ۽ سھارو بڻجي ٿو. پٽ جي ڄمڻ سان ايڏي خوشي ۽ شادمانا ڇو ٿا ڪيا وڃن..!؟ اهو قدرتي راز آهي پٽن جي ڄمڻ سان خاندان وڌي ٿو ۽ انھن ذريعي وڏڙن جا گناھہ ڌوپن ٿا. پراڻن شاسترن جھڙوڪ منو سمرتي ۾ چيو ويو آهي تہ جيڪو ٻار برهمڻ شادي تحت پئدا ٿئي ٿو اهو پنھنجي 10 پترن جا گناھہ معاف ڪرائي ٿو سگهي. وواھہ جا اٺ قسم آهن پر سڀ کان اتم وواھہ برهم وواھہ آهي. ڪنوار ۽ گهوٽ نيڪ هجن، مٽن ۽ مائٽن جي راضي سان شادي ٿئي ان شاديءَ کي اتم شادي مڃيو وڃي ٿو.
راڪشس وواھہ کي مذموم (مذمت جوڳو) وواھہ چيو وڃي ٿو، لڙائي ڪري زوري ڪنوار کسي شادي ڪرڻ يا فريب سان شادي ڪرڻ راڪشس قسم آهي.
خفيہ شراب پي هڪ پاڳل عورت سان زبردستي همبستر ٿيڻ پيشاچ وواھہ آهي، هي نھايت مڪروھہ قسم جو وواھہ آهي. پراڻي دور جي ماڻھن کي سناتن ڌرم وارا ماڻھو چيو ويندو آهي. ان وقت ۾ وفات ڪيل ماڻھوءَ کي ساٺ سنوڻ ڪرڻ بعد دفنايو يا ساڙيو ويندو هو ۽ آخري رسمون بہ وڏي ڌوم ڌام سان سرانجام ڏنيون وينديون هيون تہ جيئن ان مئل جو روح پتر لوڪا ۾ پھچي وڃي، پر جيڪڏهن انھن رسمن ۾ ڪا ڪوتاهي رهجي وڃڻ جي صورت ۾ روح سرڳ ۾ وڃي ڪونہ سگهندو ۽ اهو روح ڇوٽڪاري لاءِ ڀٽڪندو رهي ٿو. ان جي پيڙهي ۾ پئدا ٿيندڙ مرد اولاد ئي پنھنجي وڏڙن جا گناھہ معاف ڪرائي سگهن ٿا ۽ انھن جي ذريعي ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو. عام عقيدو آهي تہ باھہ جي ديوي (اگني ماتا) وفات ٿيل جي جسم کي تہ جلائي خاڪ ڪري ٿي ۽ سندس روح دونھي ۽ خاڪ سان ملي پتر لوڪ پھچي وڃي ٿو ۽ سندس گناھہ ختم ٿيو وڃن.
شاسترن ۾ لکيل آهي تہ جيڪو مرد ٻار برهمڻ شادي تحت پئدا ٿي ٿو، سو 10 پترن جا گناھہ معاف ڪرائيندو آهي ۽ 10 ابن ڏاڏن ۽ هڪ پنھنجي پتر سندس ابا ڏاڏا ۽ ڏھہ ان جي ايندڙ جي اولاد ۽ هڪ پنھنجو يعني 21 ايڪويھہ ماڻھن جا گناھہ معاف ڪرائي سگهي ٿو.
Amavasya اماوس نئين چنڊ جي ڏهاڙي کي چيو وڃي ٿو، پترو پڪشا جي موقعي تي هندو مھيني اشوِن ۾ پترن جي پوڄا لاءِ چيو ويو آهي. پترن لاءِ چانور انھن ۾ تر ۽ گهه وجهي چڙهاوا ڏيڻ کپن ۽ اهي چانور پکين جي چوڳي لاءِ رکيا وڃن.
پتر پکين جو روپ وٺي يعني (ڪانوَ ۽ ڪبوتر جو روپ ڌاري) ڌرتي تي اچن ٿا ۽ کاڌي پيتي جي تمنا رکن ٿا. خاص ڪري اهي پتر جيڪي آسمان ۾ ڀٽڪندا رهن ٿا ۽ انھن کي موڪش لاءِ تڙپنا رهندي ٿي اچي ڇاڪاڻ تہ انھن جا فنرل ريچوئلس صحيح نموني ڪونہ ٿيل هئا ۽ اهي سرڳ ۾ وڃي نہ سگهيا ۽ اڃان تائين ڀٽڪندا ٿا وتن. مھاراج ڀاڳبرت جي ڪٿا مشھور آهي تہ هن پنھنجي وڏڙن جي ڇوٽڪاري لاءِ شوا (Shiva) مھاراج جي پوڄا ڪري کيس پرسن ڪري گنگا کي ڌرتي تي آندو، جيڪي رشي ڪپيلا جي غضب ڪري ناس ٿيا هئا ۽ گنگا جي ڌرتي تي اچڻ سان کين نجات ملي.
ڌرمي ڪتاب ستيارٿ پرڪاش صفحي 103 ۾ لکيل آهي تہ گوتر معنيٰ نسب (بڻ بڻياد) اباڻو خانداني سلسلو، شجرو، ڪُلُ جنھن نسب مان پيءُ هجي ان ۾ شادي ڪرڻ منع آهي، جيڪا ڇوڪري ماءُ جي خاندان جي ڇھن پيڙهين ۾ نہ هجي ۽ پيءُ جي گوتر جي نہ هجي ان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ جائز آهي. اوڏن ۾ بہ پنھنجي ٻارڙن جي شادي وقت گوتر جو وڏو خيال رکيو ويندو آهي. پر اڄ ڪلھہ عجيب دور اچي ويو آهي ۽ پاکنڊي سائين بابا جي چوڻ تي ننڊيون وڏيون رشتي داريون ختم ڪري، پاڻ ۾ شاديون ٿي رهيون آهن انھي انڌي روش جو ذمي وار ڪير آهي؟ پاکنڊي سائين بابا يا نئون نسل جيڪو انڌ جي گهوڙي تي چڙهيل آهي ۽ مذمت جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن.
وواھہ: گهوٽ کي هڪ ڏينھن اڳ ۾ هٿن ۽ پيرن تي ميندي لڳائي ويندي آهي ۽ ان موقعي تي ڳيچ ڳاتا ويندا آهن گهوٽ کي مينديءَ جا ست سنوڻ ڪيا ويندا هئا ۽ اها ستن سنوڻ واري رسم ختم ٿيندي ٿي وڃي. اڳ شاديءَ جو ڪاڄ ٽي ٽي چار چار ڏينھن هلندو هئو ليڪن اڄ ڪلھہ هڪ ڏينھن ۾ ئي گهوٽ کي کيتي واري هر تي چاڙهي وهنجاريو ويندو آهي ۽ شادي وارا ڪپڙا پارائي موڙ ٻڌا ويندا آهن، ڪنوار کي تيار ڪري موڙ ٻڌا وڃن ٿا، پوءِ برهمڻ ٻنھي جا پلئہ ٻڌي هٿ هٿ ۾ ڏيئي باھہ جي چونڪ چوڌاري ست ڦيرا ڏياريندو آهي ۽ ويڏي پڙهندو ويندو آهي، ۽ باھہ ٻرندي رهندي آهي جنھن ۾ هڪ ڄڻو گهہ وجهندو رهي ٿو، برهمڻ ويڏي پڙهڻ دوران چانورن جا ڪڻا باھہ ۾ اڇلائيندو رهندو آهي. ان دوران گهوٽ ۽ ڪنوار جا سڀ مٽ مائٽ موجود هوندا آهن پيءُ، چاچو، مامو، ڀاءُ، سڀ واري واري سان ساٺ ۽ سنوڻ ۾ شريڪ هوندا آهن.
برهمڻ (ٻانڀڻ) واري واري سان هر هڪ کي سڏ ڪري گهرائيندو رهندو آهي تہ فلاڻو اچي فلاڻو اچي وغيرہ وغيرہ. ڦيرن دوران پوڙهيون عورتون ڦيري، جا مخصوص ڳيچ ڀر ۾ ويھي ڳائينديون آهن ۽ وڏڙا هدايت ڪندا رهندا آهن تہ ڦيري جا ڳيچ ڳايو اهو ڌرم آهي.
آخر ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جا پلئہ پترن تي وڃي ڇوڙبا آهن ۽ اها ثابتي آهي تہ پتر پير ۽ ديوتائن جو درجو رکن ٿا.
1500 BC پندرنھن سئو سال حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان الڳ واري دور کي (Vedic period) ويدڪ دور سڏيو ٿو وڃي. ان دور ۾ بہ رواج هيو تہ مئلن (ابن ڏاڏن) جي ياد ۾ سالياني ورسي ملھائي ويندي هئي ۽ هينئر بہ اڳ وانگر مئلن جون سالياني ورسيون جوش ۽ خروش سان ملھايون ٿا. پرانن ۾ ذڪر ملي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو تہ مئلن جي ياد ۾ روحن جي ثواب لاءِ خير ۽ خيراتون ڪيون وڃن ۽ اهي وفات ڪيل (ابا ڏاڏا) انھن خير خيراتن لاءِ منتظر رهن ٿا.
Pitrs must be performed on daily basis.
سناتن ڌرم ۾ سختيءَ سان هدايت ڪئي ويئي آهي تہ هر هڪ مرد (گهر جي ڀاتي) تي لازم آهي تہ هو پنھنجي پترن جي شيوا ڪن. اوڏن وٽ بہ گهرن ۾ پتر ٺھيل آهن ۽ روزانو سج لٿي مھل انھن کي مرد پاڻي ڏيندا آهن. پاڻي ڏيڻ لاءِ گلاس / لوٽو پترن لاءِ الڳ هوندو آهي. عيد برات تي انھن کي چانورن، بُسرين جا چڙهاوا ڏبا آهن. پتر پير جي حيثيت رکن ٿا.