ڪِرڙ (Capparis Decidua)
پُسي (ڪرڙ جا گل ۽ ٻور) رَڌي کائبي آهي. ٿر وارا شوق سان کائين. اونھاري جو هن ۾ پھريائين پُسي ٿئي جنھن کي ٿر ۾ “ٻاٽو” چون مارو ماڻھو ان جي ڀاڄي ڪن. پُسي مان پوءِ ان مان ڪي ڪچا ساوا ڦل ٿين جن کي ٿر وارا “ڪيريا” چون، جي چونڊي ڀاڄي ۽ اچار ڪري ڪم آڻي. پچڻ بعد اهي ساوا ڏيلھا ڳاڙها ٿيو پون انھن کي “پڪا” چون جي چونڊي ماڻھو کائيندا آهن. پکي خاص ڪري بلبل، هڙيا، ليلون،پڪا جام کائيندا آهن. غريب ماڻھو پُسي، ڪچا ڪيريا ۽ ڏونرا چونڊي آڻي شھرن ۾ وڪرو ڪندا آهن. پسي رڌي کائجي تہ رت بلغمي ۽ صفرا جي دستن کي بند ڪري ٿو، معده کي تقويت ڏي ٿو، آنڊن ۽ معده جي ڪيئين کي ماري ٿو، ڪاٺي جو ٻورو ڪاڙهي پياريو تہ کنگهہ جلندر، يرقان، آنڊن جو ڦٽ، رحم جي رطوبت ۽ معده جي رطوبت لاءِ مفيد آهي. ڪرڙ جو ٻونگر گهوٽي ناسور ۽ بواسير تي مرهم ڪجي، مفيد آهي! هن وڻ جي ڪاٺي مضبوط ۽ کاري ٿيندي آهي ان ڪري اڏوهي ۽ سُرو نہ لڳندو، جاين لاءِ پٽيون، ڪرڙ کان پوءِ دنگ آهن. چونرن، لانڍين ۽ ڇنن لاءِ ڪاٺي تمام سٺي آهي. ٿاڌل جا موالي ڪرڙ جي ڪاٺيءَ مان ڏنڊا ٺھرائيندا آهن. هي وڻ اتر آفريڪا، مڊل ايسٽ، ڏکڻ ايشيا ۽ ٿر ضلعي ۾ جام ڏسڻ ۾ ايندو. ٿر پارڪر سنڌ ۾ ڏونرن جي ڀاڄي رڌبي آهي جيڪا تمام مشھور ڊش آهي. ڪرڙ (Capparis Decidua) نہ رڳو قدرت جو انمول تحفو آهي، پر انسان، ماحول، ۽ زراعت لاءِ بہ انتھائي اهم آهي. ان جا غذائي ۽ طبي فائدا، ماحول سان هم آهنگ هجڻ ۽ زراعت لاءِ مددگار هجڻ ان کي هڪ اهم وڻ بڻائين ٿا. جيڪڏهن ان جي پوک وڌائي وڃي تہ اهو نہ رڳو غذائي ۽ طبي لحاظ کان فائدو ڏيندو، پر ريگستاني علائقن جي بھتريءَ لاءِ بہ مددگار ثابت ٿيندو.