تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ جي سماجي ۽ طبي تاريخ

جيئل اوڏ جي ھن تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو ماٿر جي بڻ بڻيادي ۽ اوائلي ويدڪ ۽ سناتن ڌرم جي ڄاڻ، جوهر ۽ سَتي ٿيڻ جي سبب، مذهبن جو تقابلي جائزو، مختلف مذهبن مُردن کي ٿانيڪو ڪرڻ جا طريقا، مشھور شخصيتن جا اصلي ۽ عرفيت وارا نالا، ذاتين جون پاڙون، شھرن جي نالن جي پٽاڻ، وڻ ٽڻ، ٻوٽن جو تعارف، فائدا ۽ حڪيماڻي ڄاڻ جي واکاڻ ڪيل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 92
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جيئل اوڏ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Sindh Ji Samaji aen Tibbi Tarekh

مُردن کي ٿانئنڪو ڪرڻ، تاريخ جي آئيني ۾

پھريون انسان حضرت هابيل بہ پوريو ويو هو، جڏهن ڪابيل پنھنجو ڀاءُ هابيل کي قتل ڪيو ۽ سندس لاش لڪائڻ لاءِ اچي ڦاٿو، تڏهن ٻن ملائڪن ڪانون جي صورت ۾ ٿي جهڳڙو ڪيو ۽ هڪ ڪانو ٻي ڪانوَ کي ماري پوءِ کڏ کڻي ان ۾ پوري ڇڏيو، ڪابيل ويٺي اهو ڏٺو ۽ هن بہ ائين ڪيو.
قديم زماني ۾ جڏهن ماڻھو اڃا باھہ ٻارڻ جو هنر نہ سکيا هئا، تڏهن مردن جي ٿانئڪي لاءِ بہ طريقا اختيار ڪيا ڀلي تہ جهنگلي جانور، مرون کائي وڃينس يا ڳجهن جو ڳاھہ ٿئي، پارسي اڄ تائين ائين ڪن ٿا.
پارسي پنھنجن مردن کي نہ ساڙيندا آهن ۽ نہ وري پورين پر سڄي لاش کي ڏهي هڻي ٽاور آف پيس تي رکن پوءِ اتي ڌاريل ڳجهون لاش جو گوشت پٽي صرف ڍانچو بچائين پوءِ سمورا هڏا هڪ هڪ ڪري اونھي کوھہ ۾ ڪريو پون.
قديم پٿر واري وچئين دور (Middle stone age) ۾ مُردن کي دفنايو ويو هو. تمدن هند ۾ پيج 133 تي ذڪر ڪيو ويو آهي تہ سنٿال دراوڙي ڪل مان آهن جيڪي پنھنجن مردن کي پوريندا آهن.
سبط حسن پنھنجي ڪتاب “ماضي ڪي مزار” ۾ پيج صفحي ۾ بيان ٿو ڪري تہ آواگون عقيدي مطابق انسان جو جسم هڪ عارضي شيءِ آهي، ليڪن ان جي آتما امر هوندي آهي. هوءَ ڪڏهن بہ نہ ٿي مري، بلڪہ پنھنجن ڪرمن مطابق “جوڻ” بدلائي ٿي ۽ نون نون جسمن ۾ وڃي داخل ٿئي ٿي. ان عقيدي مڃڻ وارا پنھنجن مردن کي جلائيندا آهن، خاڪ درياءَ داخل ڪندا آهن.
محمد ادريس صديقي پنھنجي ڪتاب “وادي سنڌ ڪي تھذيب” صفحه 97 _ 99 ۾ بيان ڪيو آهي تہ موهن جي دڙي جي کوٽائي دوران اسان کي معلوم ٿيو تہ وادي سنڌ ۾ دفنائڻ جا ٽي طريقا رائج هئا.

1. مڪمل دفنائڻ
2. جزوي دفنائڻ
3. ساڙي دفنائڻ

1. مڪمل دفنائڻ مان مراد آهي تہ پوري لاش کي دفن ڪيو ويندو هو.
2. جزوي دفنائڻ مان مراد آهي دفن ڪرڻ جو اهو طريقو جنھن ۾ لاش کي کليءَ فضا۾ رکيو ويندو هو ۽ ان جو گوشت پو ست سڙڻ (ڳري وڃڻ بعد) ڪيڙن ۽ ماڪوڙن جي عذا بڻجي ويندو هو ۽ پوءِ ان جون هڏيون بچي وينديون هيون تہ انھن هڏين کي ميڙي پوريو ويندو هو.
3. خاڪستري دفنائڻ يا ساڙي دفن ڪرڻ يعني لاش کي جَلائي، ان جي خاڪ موڪري منھن واري ٿانوَ ۾ رکي دفن ڪرڻ کي خاڪستري دفن چيو وڃي ٿو. آسام ۾ گارو قبيلي وارا لاش کي جلائيندا آهن ليڪن بارش جي زماني ۾ اهو ناممڪن آهي تہ لاش کي جلائي سگهن ان ڪري لاش کي ماکيءَ ۾ رکي ڇڏيندا آهن ۽ بارش ختم ٿيڻ کانپوءِ ان کي جلائي ڇڏين.
مسٽر بئنرجي کوٽائي دوران بہ اهو معلوم ڪيو تہ پراڻي زماني ۾ مردن کي دفن ڪيو ويندو هو. جنھن مان ظاهر آهي تہ جهوني زماني جا بت پرست لاش کي دفن ڪندا هئا ۽ ساڙڻ جو زمانو پوءِ شروع ٿيو. سر جان مارشل بہ مُردن کي دفنائڻ جا ٽي نمونا بيان ڪيا آهن:
I. پوري لاش کي دفن ڪرڻ
II. لاش جي ڪنھن حصي کي پورڻ
III. ساڙڻ کانپوءِ دفن ڪرڻ